Friday, June 16, 2023

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سنڌي ٻوليءَ جي لکت بابت پنھنجو ترتيب ڏنل، تازو ڇپيل ڪتاب سيد سردار علي شاھ، وزير تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ کي ڏيندي

 

dr-muhammad-ali-manjhi-with-syed-sardar-shah

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجهي                                                                            

 

گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي تہ ’شاھ جو ڪلام‘ کي سڀ کان اول گڏ ترتيب ڏيندڙ ،سنڌي گرامر تي پهريون دفعو ڪم ڪندڙ، سنڌي لغتون جوڙيندڙ’ڪئپٽن جارج اسٽئڪ‘ جو نالو سڀني کان اتم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ِ جاکوڙيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ سڀ کان اول راءِ جارج اسٽئڪ ڏني، مشهور عالم رچرڊ برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان جارج اسٽئڪ ورتو هو. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس خدمتن کي اسان هيٺين ريت ورهائي سگهون ٿا:


1.  سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن ڪئي هئي. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽئڪ جو ئي هٿ هو، هن پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش

سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ تي عمل ڪرڻ جي ڏينھن (29 آگسٽ) جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي