Friday, April 5, 2024
Wednesday, August 4, 2021
ساڻيھ جي سينگارَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي (چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي) پاران اظهارِ خيال
ساڻيھ جي سينگارَ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ جي ياد ۾، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي (چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي) پاران ٻه لفظ
Friday, June 12, 2020
ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو
هُئِج هوشيار خبردار
ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو
![]() |
روزنامي سنڌ ايڪسپريس جي ”سنڊي ميگ“ (2 آڪٽوبر 2016) ۾ ڇپيل
مضمون
|
Monday, June 1, 2020
ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ، چاڪر خان جوکيو (Chakar Khan Jokhio)
ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ،
چاڪر خان جوکيو (Chakar Khan Jokhio)
Sunday, April 26, 2020
سنڌ جو حلالي پٽ مريد جت - The Real Son Of The Sindh- Mureed Jutt
سنڌ جو حلالي پٽ مريد جت
The Real Son Of The Sindh - Mureed Jutt
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
گھگھيليءَ جي گارتان،
ڪريان ڪٽاريءَ گهاءُ،
مرزا صالح ماريان،ٻي نه
ڪـــــــــريان ڪاءِ،ِ
هيءُ بيت
نه رڳو خوبصورت ۽ فڪري لحاظ سان اعليٰ
مقصد رکندڙ آڳاٽي شاعري آهي پر سنڌ جي هڪ حلالي پٽ جو پنھنجن ننگن جي حفاظت ڪرڻ ۽ مٿن
هٿ کڻندڙ ظالمن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هماليا کان هزارين ڀيرا سگهارو وچن آهي.
هيءُ بيت سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائيءَ جي وچن جو هڪ اعلٰيٰ انداز ۽ مثال آهي. مٿيون
سون سَرکيون سٽون سنڌ جي صدين جي تاريخ جي سچائيءَ جي اها صدا آهي، جيڪا اڄ به سنڌ
جي آزاد فضائن جي بيدار ڪندڙ گونج آهي ۽ رهندي. هيءُ بيت قومي غيرت، سچائي ۽ وفا
جو اهو اعليٰ درس آهي جيڪو اسان ۽ اسانجي نسلن لاءِ اُتساهه آهي ۽ رهندو. هي بيت
سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي غيرت جو دستاويز آهي. هيءُ بيت سنڌ وطن جي سچي سپوت
مريد بلوچ جو سنڌ جي ننگن سان اهو وچن آهي، جنھن تي اسين جيترو به فخر ڪريون سو
ٿورو آهي.