Showing posts with label Antiquities / History. Show all posts
Showing posts with label Antiquities / History. Show all posts

Friday, June 13, 2025

ٿرڙو ٽڪري ۽ پٿرن تي اڪريل قديم لکت

ٿرڙو ٽڪري ۽ پٿرن تي اڪريل قديم لکت

سنڌ ساڻيھه قديم دؤر ۾ تھذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو آهي. اهڙيون گهڻيون ئي شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن. قديم آثارن جي لحاظ کان سنڌ، دنيا جي اُنهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جتي نه رڳو گهڻا هنڌ آهن، پر آڳاٽي ۾ آڳاٽا ماڳ به آهن ته سنڌو تھذيب جي دؤر ۽ پوءِ وارن ماڳن جا آثار به آهن. اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن مان مليل هتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، اڏاوت ۽ آڳاٽي لکت ڏسي دنيا حيران آهي. سنڌ جي بنھه قديم ماڳن ۾ ٿرڙو (بُٺي/ٽڪري) به هڪ اهم ماڳ آهي، جتي پٿر جي دؤر کان وٺي مختلف آڳاٽن دؤرن جا نه رڳو آثار پکڙيا پيا آهن، پر هتي پٿرن تي اُڪريل قديم لکت به چِٽي موجود آهي.

سنڌ جي ڇوڙ وارن پٽن جي ويجهو، سنڌوءَ جي آڳاٽي اولهائين وهڪري جي وچ ۾ گُجي جي ويجهو، ٿوري گهٽ مستطيل بيھڪ رکندڙ هيءَ ٽڪري بناوت ۽ پٿر جي نموني جي لحاظ کان بنھه مختلف آهي. مڪلي ٽڪريءَ جي ويجهڙ ۾ ننڍيون وڏيون ٽڪريون ته ٻيون به آهن، پر هيءَ ٽڪري ٻين سڀني ٽڪرين کان گهڻو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته هِن ٽڪريءَ جي سڄي مٿاڇري تي گهڻي آڳاٽي انسان جا اڻڳڻيا ڇڏيل نشان پکڙيا پيا آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب هن ٽڪريءَ تي

Thursday, August 29, 2024

ماجيراءِ/ مجيرا جي ماڙي (سنڌ ساڻيھ جو هڪ قديم ماڳ) ريسرچ پيپر: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

  ماجيراءِ/ مجيرا جي ماڙي

(سنڌ ساڻيھه جو هڪ قديم ماڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ساڻيھه آڳاٽي سڀيتا جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار رهيو آهي. پنھنجي سيني تي  مختلف دورن جي ڪيترن ئي ماڳن جا آثار سنڌ اڃا سانڍيندي اچي. انهن ماڳن ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن، جيڪي مختلف دورن تي مشتمل آهن. انهن مان هر دور  سوين يا هزارين سالن تي به مبني رهيو آهي. اهڙن ماڳن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌئَ سان گھڻي زماني تائين آباد رهندڙ درياهي بندر ۽ شھر جهرڪ کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ اُڀي ٽڪريءَ جي مٿاڇري (مَنھه) تي ’ماجِيراءِ جي  ماڙي‘ نالي سان هڪ قديم ماڳ به آهن.

ماجِيراءِ جي آثارن واري هن ماڳ کي هتي جا مقامي ماڻهو ’مَجِيرا/مَجِيران جي ماڙي‘ يا ’مَجيرا جي بُٺي‘ (ٽڪري) سڏين ٿا. هتي جي ماڻهن وٽ هن ٽڪريءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون/لوڪ روايتون مشھور آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته ماجيراءِ

Wednesday, March 13, 2024

حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس - جي تازي شماري ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب جو ڇپجندڙ تحقيقي مضمون (ڪوٽ گل مير)

(ڊائريڪٽوريٽ جنرل نوادرات ۽ آثارِ قديمہ، ثقافت سياحت آثارِ قديمہ ۽ آرڪائيوز کاتو، حڪومتِ سنڌ) - پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي رسالي جي تازي شماري ’حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس‘  ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب جو ڇپجندڙ تحقيقي مضمون (ڪوٽ گل مير)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪوٽ گُلمِير

سنڌ ساڻيھه تهذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور رهيو آهي. سندس اهڙي شاهوڪاريءَ جون شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ موجود آهن. توڙي جو ڪيترائي آثار مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي چڪا آهن، پر جيڪي باقي وڃي بچيا آهن، انهن جي سنڀال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙن آثارن ۾ ’ڪوٽ گل مير‘ به آهي.

هِي ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، اُن جي درست تاريخ ۽ دور جي سُڌ

Friday, June 16, 2023

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجهي                                                                            

 

گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي تہ ’شاھ جو ڪلام‘ کي سڀ کان اول گڏ ترتيب ڏيندڙ ،سنڌي گرامر تي پهريون دفعو ڪم ڪندڙ، سنڌي لغتون جوڙيندڙ’ڪئپٽن جارج اسٽئڪ‘ جو نالو سڀني کان اتم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ِ جاکوڙيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ سڀ کان اول راءِ جارج اسٽئڪ ڏني، مشهور عالم رچرڊ برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان جارج اسٽئڪ ورتو هو. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس خدمتن کي اسان هيٺين ريت ورهائي سگهون ٿا:


1.  سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن ڪئي هئي. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽئڪ جو ئي هٿ هو، هن پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش

Sunday, March 26, 2023

لوياڇ (سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ ماڳ)

لوياڇ

(سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ ماڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ جي جابلو علائقي جي بہ پنھنجي سُونھن آھي. ھتي بہ ٿر وانگر ڏاڍيون سھڻيون جابلو ماٿريون، تل، تراھيون، ٽُئيون، ڍورا، ڍوريون، کوھ ۽ کوھريون آھن. مينھن وٺي کان پوءِ وھندڙ انھن ڍورين ۽ نئين کانسواءِ مستقل وھندڙ ڪوبہ درياھ، واھ وغيرہ  نہ آھي مطلب تہ ھتي جي حياتي بہ اَبر آسري ھوندي آھي. وٺي کانپوءِ

Sunday, August 8, 2021

THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN (Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi)

THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN

(DOOLAH DARYA KHAN JO KOT AEEN HAVELI)

Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi


Owing to his valuable capabilities and political vision, the true son of soil, an intellectual as well as great warrior Shaheed Doolah Darya Khan alleviated from his status Commander-In-Chief and Ameer-ul-Umrah (Prime minister) of Sindh during the tenure of highly reputed Emperor of Sama dynasty Jam Nizam-ud-Din alias Jam Nindo Samoo. 

Thursday, July 23, 2020

سنڌ جو ڪيڏارو

سنڌ جو ڪيڏارو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
Dr Manjhi Research Paper Sindh jo kedaro

   سنڌ ساڻيھ جي ڪيڏاري جي تاريخ بنھ آڳاٽي رهي آهي. هي ڪي مهينن ۽ سالن جا داستان نه پر هزارين سالن جون حقيقتون آهن. هتي سنڌ جي ڪيڏاري بنھه ڊگهي تاريخ تي مختصر نموني نظر وجهڻ بنھه ضروري سمجهون ٿا. پر تنهن کان پهرين ڏسون ته ڪيڏاري جي معنيٰ ۽ مطلب آهي ڇا؟ سنڌي لغات ۾ ڪيڏاري جي معنيٰ هن ريت ڏني ويئي آهي: ”ڪيڏارو: جنگ، لڙائي، ويڙھ، قتل عام. شاھ جي رسالي ۾ هڪ سُر جو نالو“(1) مانواري محقق ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاھ جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معني آهي جنگ جو ميدان. هندستاني گوين موجب ”ڪيداري“ هڪ راڳڻي جو نالو آهي“.(2)

Sunday, July 12, 2020

جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو

جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
  history of Sindh
هئَ ڳالهه ڪجھ ڏينهن، مھينن يا سالن جي نه پر هيءَ حقيقت سوين سالن کان هڪ ڊگهو سلسلو آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هئَ هڪ ڪَڙي حقيقت آهي ته گهڻي زماني کان افغانن جون سدا سائي ۽ سُکي ستابي سنڌ تي ڪاهون ۽ حملا ٿيندا رهيا آهن. سن 1485ع کان انهن ڪاهن ۽ حملن جا ته تاريخي دستاويز موجود آهن. اُهي ڪاهون جيڪي هُنن سن86/1485ع کان شروع ڪيون اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار جاري آهي. منگولن جي ڏينهن ۾، 1485-86 /890 ھ ۾ خراسان جي سلطان حسين مرزا بايقرا سنڌ جي دنگ تي چڙهائي ڪئي پر کين ڪا خاص سوڀ نصيب نه ٿي. سن 1487ع / 892 ھ ۾ هرات ۾ ان جنگ جي فتح جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو.

Friday, July 10, 2020

لاهري / لاڙي بندر (سنڌ جو هڪ اهم بندر)

لاهري / لاڙي بندر (ٻارهين کان سترهين عيسوي صدي- سنڌ جو اهم بندر)


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

لاهري بندرجو ٺهڻ


    ديبل بندر کان پوءِ لاهري بندر سنڌ ساڻيهه جو مکيه ۽ جڳ مشهور بندر رهيو آهي. هِيءُ بندر نائين عيسوي صدئَ ڌاري وجود ۾ آيو، ۽ ڏهين عيسوي صدئَ تائين گھڻو مشهور ٿي چڪو هو. جڳ مشهور سيلاني، عالم، رياضيدان ۽ تاريخدان ابو ريحان البيروني پهريون شخص آهي، جنهن لاهري بندر جو يارهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جي مُک بندر طور ذڪر ڪيو آهي.(1) مختلف دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته هِيءُ بندر يارهين عيسوي صديءَ تائين پنهنجي اوج کي رسيو ۽ سورهين عيسوي صديءَ تائين اوج تي رهيو. البيروني کان پوءِ مشهور سيلاني ابن بطوطه جنهن چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو  ۽ لاهري بندر ڏوري اچي ڏٺائين سو به لاهريءَ جو تمام وڏي بندر طور ذڪر ڪري ٿو.2)

Saturday, June 27, 2020

ساريجي بُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ساريجي ڀُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) 

تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


     
سنڌ ملڪ جي تهذيب دنيا جي آڳاٽين تهذيبن مان هڪ آهي. سڄي دنيا جا تاريخدان، قديم آثارن جا ماهر، اينٿروپالاجسٽ، عالم ۽ ڏاها، بنهه چٽي نموني سان سنڌ ساڻيهه جي آڳاٽي تهذيب جي شاهوڪاريءَ جي ساک ڏين ٿا. سنڌ جتي انسان جي اوائلي دور جا غار، پٿر جي دور جي وسندين جا آثار، ڌاتوءَ جي دورن جا چٽا اهڃاڻ، قديم دور جا ٺڪراٺا وغيره اڄ به سوين هنڌن تي شاهديون ڏيڻ لاءِ ججهي تعداد ۾ موجود آهن، اُتي ڊهڻ ۽ ڊاهڻ جو سلسلو به جاري آهي.

Friday, June 19, 2020

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي چوٿين شماري (ڊسمبر- 2000)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


جاگرافيائي لحاظ سان ڪِنجهر ڍنڍ هڪ اهڙي هنڌ تي آهي جنهن جي آسپاس نه رڳو من موهيندڙ جابلو منظر آهن پر ڏکڻ طرف کان سهڻو سنڌو هڪ وڏو وڪڙ ڪري وهي ٿو. پري پري جي ڪوهستاني علائقن مان برساتي ڍورا ۽ نيون پلر جا پاڻي آڻي ڪِنجهر کي ڀرين ٿا. اڳ ۾ ته جهم (جهمپير) وٽان مٺا چشما به ڦٽي اچي منجهس پوندا هئا پر ماڻهن جي حرڪت جي ڪري هاڻي اهي چشما منهن موڙي ويا آهن.

Monday, June 1, 2020

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS


Dr. Muhammad Ali Manjhi


Makli, The City of Silence (World's Biggest Graveyard)
Makli, The City of Silence (World's Largest Graveyard)
If we have a glance at the area map of Thatta, we will see a spot containing all the historical, cultural, archaeological, and natural beauties, which is named as Makli, a branch of Khirthar Mountain. On the end of these mountains are the names like Kuro, Darrihiaro, and Khirthar which gets a shape of a junction at its end in District Dadu of Toung. Different hills are originated from this junction named Kanbhoo, Soorjannu, Denar, Kohistan and Lakki range a part of this mounding range leads towards Makli as well as towards the South and West of Sindh. Whereas, the end of the Kohistan range reaches in North East of Lakki. Map describes Makli as a remote branch of Khirthar Mountain, which passes from North to Samoi and ends at Pir Patho. 

Saturday, April 25, 2020

( History of Indus Civilization) سنڌو سڀيتا جي صدا

سنڌو سڀيتا جي صدا

History of Indus Civilization


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

        سنڌو سڀيتا دنيا جي قديم ترين سڀيتائن مان هڪ مڃيل شاهوڪار سڀيتا آهي. مُهين جو دڙو، لاکين جو دڙو، آمري، ڪوٽ ڏيجي، ڪاهوءَ جو دڙو، رني ڪوٽ، ڀنڀور، ڪوٽ گل مير، ڪافر ڪوٽ، مجيراءِ، ٻڌڪا، ٿرڙو،  ساريجي لاهري ۽ ڏلهه ته گھڻو مشهور آهن (جن کي ساري دنيا نه رڳو قدر ۽ احترام سان ڏسي ٿي پر دنيا جا ماهر تحقيقون ڪن ٿا) پر سڄي سنڌ ۾ ٻيا به سوين آثار اڄ به موجود آهن جيڪي عظيم سنڌو سڀيتا جا گواهه آهن. عيسوي سن کان پوءِ ويندي انگريز دور تائين جا ڪيترا ئي ماڳ، مڪان، آثار ۽ مقبرا اڃا به موجود آهن جيڪي اسان جي تهذيب، تاريخ، فن،ڪاريگري ۽ اعليٰ ذوق جا اهڃاڻ ۽ گواهه آهن.

سُهڻي / سُونهڻيءَ جي لَٺِ (بُٺي) (Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site

سُهڻي / سُونهڻيءَ جي لَٺِ (بُٺي)

(Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site



ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

Dr Muhammad Ali Manjhi at (Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site)


سنڌ ساڻيهه جي قديم پرڳڻي ٺٽي جو آڳاٽو علائقو چليا قديم آثارن ۽ تاريخ جي لحاظ کان هڪ اهڙو علائقو آهي،جنهن جي ٽڪرين جي ڀاڪر ۾ قديم ’جھول ڍنڍ‘ به موجود آهي ته ڪلريءَ جي پراڻي پيٽ ۾ ’کوهي ڍنڍ‘ به موجود آهي. جتي جھول ڍنڍ ڪناري ڄام تماچيءَ جي ’جھول ماڙيءَ‘ جا آثار به آهن، ته ٻروڙي چاڙهيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان ٽڪريءَ جي ويجهو قديم ’ڪوٽ گل مير‘ جا نشان به موجود آهن. جتي هتان سنڌ جي ڪوهستاني علائقن کان ٿيندو ايران ۽ ٻين ملڪن تائين ويندڙ قديم رستي جا ڦٽل آثار به آهن، ته شاهه لطيف واري پراڻي پيچري جا سَنڌا اڃا به موجود آهن.

Friday, April 24, 2020

پشتو ٽپي ۾ سنڌوءَ جو ذڪر

پشتو ٽپي ۾ سنڌوءَ جو ذڪر


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ٽماهي علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالي ”تخيل“ (مارچ 2016)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


          ٽپو پشتو جي لوڪ شاعري آهي. لوڪ شاعري جنهنجو ڪو به هڪ شاعر نه هوندو آهي. اها سڄي قوم جي شاعري هوندي آهي. اُن ۾ ڪنهن به قوم جي سڀني فردن جا احساس، جذبا، ڪيفيتون، اڌما، امنگون ۽ خواهشون رچيل هونديون آهن. لوڪ شاعري جيڪا صدين جي رچاءَ ۽ رياض کان پوءِ سٽن \ ٻولن جو روپ وٺندي آهي ۽ سڄي قوم جي اظهار جو آواز بڻبي آهي. اُن جي هر سٽ لکين بلڪ ڪروڙين ماڻهن جي ترجماني هوندي آهي.

جهول ماڙي


جهول ماڙي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


        سنڌ ملڪ ماضيءَ ۾ گهڻو سکيو ستابو رهيو آهي، تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان به گهڻو مانائتو ۽ مٿانهون رهيو آهي. اڄ به ڪيترائي قديم ڪوٽ، قلعا، محل، ماڙيون، بهترين رٿابنديءَ تحت جوڙيل شهر ۽ وسنديون، هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ جا چٽا ثبوت ڏين ٿيون. سنڌ ساڻيهه جي ٻين هنڌن وانگر ننگر ٺٽي وارو علائقو به انهيءَ لحاظ کان گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. اڄ به اونگر، ٻڌڪا، جهرڪ، مهاجي راءِ ڪوٽ، سونڊا، سونهري، هيلايا،پليجاڻو، ڪينجهر ڪنارن تي ڪوٽن، قلعن، محلن ۽ ماڙين جا نشان، هيم ڪوٽ،رود مڪان،جنت واريون بٺيون، پليجاڻو، چليا، جهول وارو ٺڪراٺو، جهول ماڙي، مڪلي،ساموئي، هالاٺ، ڪلاڪوٽ، گجو، ڀنڀور، پير پٺي وارو ديول، محمد طور، رڙي، نند ڪوٽ، رتو ڪوٽ، قديم سامونڊي بندرن ۽ ٻين ماڳن مڪانن جا آثار اڃان تائين به ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ موجود آهن.