Showing posts with label Literary Personalities. Show all posts
Showing posts with label Literary Personalities. Show all posts

Tuesday, October 24, 2023

لاکو پير - لطف اللہ (ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽِماھي رسالي ’مھراڻ‘ نمبر 3/2023 ۾ ڇپيل تحقيقي مقالو)

 لاکو پير - لطف اللہ

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 سنڌي ٻولي، ادب ۽ ادبي تاريخ ۾، خاص ڪري جن آڳاٽن شاعرن جو احوال ملي ٿو، انھن ۾ سومرن جي دور ۾ ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ پوءِ اسماعيلي داعين جا گنان، تنھن کان پوءِ سمن جي دور جي ڪن شاعرن جن ۾ حماد جمالي ، اسحاق آھنگر، وسايي ڀٽري،  مريد بلوچ ۽ ٻين شاعرن جي شاعري مان ڪن جو ھڪ يا ٻہ يا ڪن جا ڪي وڌيڪ بيت ملن ٿا. ايئن بہ ڪونھي تہ انھن شاعرن ڪو ھڪ يا ٻہ بيت ئي چيا ھوندا، سندن مليل انھيءَ ھڪ يا ٻن بيتن جي پڙھڻ سان انھن ۾ استعمال ٿيل ٻولي، فن ۽ سٽاءُ ۽ فڪري سگھ کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو  تہ ھو وڏا شاعر ھئا ۽ سندن ٻي بہ گهڻي شاعري ھوندي  پر اھا ڪن سببن جي ڪري اسان تائين پھچي نہ سگهي. رڳو مختصر عرصي ۾ ارغوني ڪاھ، حملي، قبضي ۽ پوءِ ھفتن جا ھفتن ڦُرلُٽ، شھرن کي باھيون ڏيڻ، ھزارين ماڻھن کي قتل ڪرڻ ۽ وري بہ تڪڙو ئي سندن ڪرتوتن، نااھلي وغيرہ جي ڪري جڳ مشھور پورچوگيز ڌاڙيلن جو اچڻ ۽ سنڌ جي عظيم علمي مرڪز ٺٽي ۾ ھزارين ماڻھن جو قتل عام ڪرڻ ، سڄي شھر کي باھيون ڏيڻ، آسپاس جي علائقن ۾ بہ ساڳيو وحشت جو عمل ڪرڻ، ويندي ويندي لاھري جهڙي سھڻي ۽

Wednesday, August 4, 2021

Sunday, October 25, 2020

ماهوار ڪلچرل هيريٽيج، مئي - جون 2011ع ۾ مشهور سنڌي گلوڪار، فنڪار ۽ اديب زرينا بلوچ تي ڊاڪٽر جو ڇپيل مضمون (زرينا بلوچ جي ورسئَ جي مناسبت سان)

ماهوار ڪلچرل هيريٽيج، مئي - جون 2011ع ۾ مشهور سنڌي گلوڪار، فنڪار ۽ اديب زرينا بلوچ تي ڊاڪٽر جو ڇپيل مضمون، زرينا بلوچ جي ورسئَ جي مناسبت سان

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


Sunday, October 11, 2020

صحبت جا سندِيان (بشير ٺينگي جي ياد ۾)

صحبت جا سندِيان
(بشير ٺينگي جي ياد ۾)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


          ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ ۾ ايڏيون ته ڪرشماتي خاصيتون ۽ خوبيون هونديون آهن، جو هر ماڻهو ڏانهنئس ڇڪجي ويندو آهي. ساڻس ناتي تي فخر محسوس ڪندو آهي. بشير سچ پچ انهن ئي شخصيتن مان هو  جنھن ۾ اُهي خوبيون به هيون ۽ جنهن جي  ناتي تي فخر به ڪري سگهجي. هو منهنجي ننڍپڻ جي خاص دوستن مان ھو. فهم، فضيلت، نهٺائي، نوڙت، پيار، پنهنجائپ ۽ سچائي ته وٽس ڪمال جي هُئي. هن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ جيڪي يادون ڇڏيون سي وسارڻ جهڙيون ئي ناهن. ڪاش! هو پنهنجي ڄمار اڃا ڪجهه ماڻي سگهي ها. اسان جي دوستي هاءِ اسڪول جي زماني ۾ تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو ھُئس ۽ بشير اچي ڇھين ۾ داخل ٿيو. با اخلاق، محنتي، ڪچهرين جو ڪوڏيو، سدائين مُرڪي ملندڙ ۽ ڳالهائيندڙ، بشير ننڍڙي ڄمار ۾ ئي ميچوئر ھو. شايد غربت ۽ حالتن کائنس ٻاراڻو تڪڙو ئي کسي ورتو ھو.

سچ سوديندڙ آريسر

 سچ سوديندڙ آريسر

ڊاڪٽرمحمد علي مانجھي

سنڌ جيڪي وڏا ۽ غير معمولي انسان پيدا ڪيا آهن، عبدالواحد آريسر انهن مان  هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نٿو سگهجي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نه  سگهجي، آريسر  انهن مان  هڪ  هو. هو  هڪ گهڻ خوبيو ۽ منفرد انسان  هو. سچائي ۽ ثابت قدميءَ سان  قومي سياسي جدوجهد، فڪر، دانش، اڏولپڻو، منڊي وجھندڙ تقرير، اندر ۾ پيهي ويندڙ تحرير،  وسيع مطالعو، ڏاهپ،  سادگي، سچائي، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جو خزانو هجي يا انهن سون سريکن لفظن کي بنھ نفاست ۽ احترام سان استعمال ڪرڻ جو فن،  اهي سموريون خوبيون آريسر ۾ سمنڊ جي گهيرائي وانگر سمايل هيون. ها هُو هڪ قومي سياسي اڳواڻ هو، ان چٽي حقيقت کي هڪ پاسي رکي ڏسبو ته آريسر صاحب هڪ تاريخدان ۽ مفڪر هو.

Wednesday, September 2, 2020

ڪوي جماليات جو شاعر

ڪوي“ جماليات جو شاعر”

(سنڌي ادبي سنگت ڍوري ناري پاران 9 آڪٽوبر 1996ع تي ڪويءَ سان رچايل رهاڻ لاءِ لکيل)

”ڊاڪٽر محمد علي مانجهي“  

  

    جان سيبسٽن چيو  آهي ته: ”شاعري، سماج مان ڦُٽي نڪرندڙ سونهن آهي.“ ها، هن سماج مان ڦٽي نڪرندڙ سونهن سوڀيا، احساسن، اڌمن، پيڙائن وغيره جي سچي ۽ سهڻي اُپٽار به شاعريءَ ۾ ئي سُٺي نموني سان ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ شاعري ڌرتيءَ جي سمورن لقائن، منظرن، عملن، احساسن، ڪيفيتن، ڪرت ڪار وغيره جو سچو ۽ سهڻو آواز آهي.

ڪنهن ڪيترو نه سچ چيو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن قوم جو مهذپڻو ڏسڻو آهي ته انهيءَ قوم جي شاعري پڙهي وڃي.“اهڙي ئي ڪنهن ڏاهي  هينئن به چيو آهي ته: ”جيئن ڪو ٻار مٽيءَ مان گهرڙا ٺاهيندو آهي ته شاعر لفظن مان احساسن جا گل اُڀاري انهن مان تازا هار ٺاهي ٿو جيڪي هو انسانذات کي آڇي ٿو.“

Saturday, August 15, 2020

غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاھ

غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاھ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

qalam-jo-be-taj-badshah-ghulam-rabani-aagro-book-review-ddoor-bh-odha-supreen-by-dr-manjhi

جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو، انهن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. سائين ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جو ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي ڄمار جي آخري دور تائين يعني 2010ع تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي، هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو. اُن سان واهه جو نڀايو. پوءِ اهو سنڌ جي قلندر شهباز تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽويءَ تي هجي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009ع ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته: ”کيس ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري، هو اچي نٿو سگهي.“ 

Sunday, July 19, 2020

گھايل مَنَ جا گيت (خاموش عباسئَ جي شاعري، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

گھايل مَنَ جا گيت - خاموش عباسئَ جي شاعري


(جنم: 1935ع - وفات: 1996ع)
ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘

   سنڌ ملڪ جو ننگر ٺٽي وارو علائقو سدائين سُکيو ۽ سَرهو رهيو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب، تمدن، انساني ارتقا، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي لحاظ سان گهڻو اهميت ڀريو رهيو آهي. ننگر ٺٽي جو هڪ من موهيندڙ ماڳ اهڙو به آهي، جنهن ڏانهن اسان جي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي نگاهه نه وئي  آهي، سو آهي چِليا جتي سنڌو سڀيتا جا قديم آثار  اڄ به تحقيق ۽ سمجهڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. سنڌ ساڻيهه جي ٻين ڪن روح ڇڪيندڙ هنڌن وانگر هن ماڳ جي مٽيءَ ۾ هزارين سالن جي مھڪ سمايل آهي.

Saturday, July 18, 2020

تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي (مقالو: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي

(ڏاهو، محقق، تعليمدان ۽ عالم)


  ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سُونھان سُڌيون  ڏين، ديواني  درياهه  جون،
ڪوڙ  اوڏائي  ڪينڪي، رڳو  سچ  سُڌين،
عِجز   جو   اڌ   رات   کي   وڻج  وهائين،
ساٿ نباهيو   نِين، ثابت  اِنهيءَ  سير مان
                                                        (لطيف) 
سنڌ ملڪ جي تھذيب ۽ قديم آثارن جو ذڪر ٿيندي ئي سنڌ ۾ ڪجهه وڏن نالن ۾ سائين تاج صحرائي صاحب جو نالو بنهه نمايان نظر اچي ٿو، سنڌو تهذيب، قديم آثار، خاص ڪري کير ٿر جو اوڀاريون پاسو ۽ منڇر جو ذڪر ٿيندي ئي تاج صحرائي هڪ ماهر ۽ ڄڻ ته اُتي جي انسائيڪلو پيڊيا طور ذهن تي تري  اچي ٿو.

Friday, July 17, 2020

ريجهو مل (روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)


ريجهو مل

(روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)

ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘


سنڌ ملڪ ساڃاهه وندن، سرجڻهارن، صوفين، سنتن امن پسند ۽ سماج سڌارڪ انسان جو ديس آهي. هتي جي مٽيءَ ۾ وڏي مڻيا آهي. عقل، فهم، امن، آشتي ۽  انسانيت جا هتي اعلا مثال ملن ٿا. علم ۽ فن جي ديوي به هتي سدائين رقص ڪندي رهي آهي. هتي جي خمير سدائين کٿوريءَ خوشبوئون پکيڙيون آهن. هن ملڪ جي چپي چپي تي شاعر، صوفي، سنت ۽ سماج سڌارڪ سدائين ڪنول جي گلن وانگر کڙندا ۽ ڏيھه واسيندا رهيا آهن. سندن فڪر، فهم، امن، انسانيت ۽ پيار جا پيغام، سدائين پُئاڻيءَ جي ٻوٽي وانگر سڄي تَرَ کي واسيندا رهيا آهن.

Friday, July 10, 2020

غزل جو شاعر گوپ ڪمل

غزل جو شاعر- گوپ ڪمل

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


گوپ ڪمل جو نالو شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ڪافي مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري گھڻي وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر نڪرندو آهي ته سندس نالو ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.

2011ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئيءَ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن مون کي منهنجي پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو ’هسيا ڪالا ڊراما گروپ‘ 1992ع کان وٺي اُتي ڪم ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترا اديب ۽ شاعر دُبئيءَ ۾ رهن ٿا، جن ۾ آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، امداد علي، گوپ ڪمل ۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي به تڏهن آءٌ ساڻن ملي نه سگھيو هوس.

Wednesday, July 8, 2020

محمد خان مجيدي، جوئي آھيان سوئي سنڌ

’محمد خان مجيدي‘

 جوئي آھيان سوئي سنڌ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

شاعري انساني اندر جي بنھه لطيف جذبن ۽ ڪيفيتن جو تمام سھڻو اظھار آھي. مختلف ڪيفيتن جي اثرن جي ڪري جڏھن انسان جي اندر جي بنھه نفيس احساسن جي تارن ۾ لرزش اچي ٿي ۽ انھئَ لرزش سان جيڪي به‌ احساس اُٿن ٿا ۽ اُھي اظھار جو بنھه سھڻو روپ ڌارين ٿا تڏھن شاعري بڻجي پون ٿا. رڳو انسان جي اندروني ڪيفيتن جا نه پر ٻاھريان لقاءَ به‌ شاعرئَ جا مٺا موضوع رھيا آھن. مختلف منظرن ۾ لقائن جي ڏسڻ پسڻ ۽ ڀوڳڻ سان جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون، اُنھن ڪيفيتن جو اظھار به سھڻي شاعري آھي.

Saturday, June 27, 2020

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



جنين پيئي باس، گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي   سڀ لباس،  لوچي   لاهوتي  ٿيا
                                                           (شاهه لطيف) 

          سنڌ ساڻيهه جي علم، ادب، تهذيب، سُونهن ۽ سچ جون گواهيون ڏيندڙ،  قديم شهر ٺٽو ننگر، عالمن، اديبن، شاعرن، تاريخدانن، وڻجارن، ٻيڙيائتن، سورهين ۽ سچارن جي لحاظ کان گھڻو مشهور رهيو آهي. انهئَ لحاظ کان هن خطي ۾ ڏاڍا وڏا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، انهن ۾ شيخ حماد جمالي، ڄام تماچي، ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان، وسايو ڀٽرو، شهيد مريد، ابوالحسن سنڌي، مخدوم رحمت الله ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، صوفي شاهه عنايت شهيد، صوفي شاهه اسماعيل، سيد عبدالڪريم ٺٽوي، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، غلام علي ”مداح“ ٺٽوي،۽ ٻيا به ڪيترا نالا اچي وڃن ٿا.

Monday, June 22, 2020

Saturday, June 20, 2020

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وطن دوستي

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وطن دوستي  


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

makhdoom muhammad hashim thattvi, article written by dr. muhammad ali manjhi
ڇماهي تحقيقي جرنل ”بلاول“ (ڊسمبر 2012)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس

سنڌ ساڻيهه تي سمن جي آخري حڪمران ڄام فيروز جي دور ۾ جڏهن ارغون ۽ ترخان هن ملڪ تي حملو ڪري قابض ٿيا، تڏهن تمام گهڻي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ سان گڏ، سنڌ جي علم، ادب ۽ ٻوليءَ جو به وڏو نقصان ٿيو. آڳاٽن سنڌي ڪتابن جو ذخيرو تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. شهرن جي بازارن سان گڏ درسگاهن ۽ ڪتبخانن کي باهيون ڏئي رک ڪيو ويو. تڪڙو ئي حڪومتي ڪار وَهنوار ۽ درسگاهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي ٻولي رائج ڪئي ويئي ۽ اُن جي واڌ ويجهه لاءِ حڪومت پاران معاوضا وغيره  ڏيئي همٿايو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌيءَ بدران دفتري ٻولي ته فارسي بڻائي ويئي پر درسگاهن ۾ به فارسيءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو، تنهنڪري هوريان هوريان اڪثر درسگاهن ۾ به فارسي پڙهڻ ۽ پڙهائجڻ لڳي.

Wednesday, June 17, 2020

ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل

ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

روزنامي هلالِ پاڪستان جي هفتيوار ادبي صفحي ”ڏات“ (26 اپريل 2006) ۾ ڇپيل مضمون 

شاعري رڳو لفظ بازي ۽ قاعدا، قانون، تور ۽ ماپ به نه آهي، پر شاعري ته اندر مان ڦٽي نڪتل جذبن، احساسن، نڪور سوچن، امنگن جي گونجن، ڪيفيتن، فهم، فڪر، شعور ۽ تخليقي اُڏام آهي. ان جي سمورين سچاين جي اظهار کي لفظن جي سهڻي لباس ۾ سمائڻ جو نالو آهي، جيڪا پنهنجا سمورا تاثرات ڀرپور انداز سان ڏيندي، اندر جي اونهاين ۾ لهي نفيس احساسن جي نازڪ تارن کي ڇيڙي سگھي.

Monday, June 8, 2020

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد احسن جوکيو

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد ’احسن جوکيو‘


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




سنڌ جي جابلو پٽي کٽياڻي ( جتي هاڻي پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري آهي.)  کان ڪجھ ميلن جي فاصلي تي مالوندن جي جوءِ ”لوهيڙن واري“ (خوبصورت برساتي ڍورو جيڪو کٽياڻي جبل کان نڪري اڳتي اچي کڏيجي ئي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍوري جي ٻنهي ڪنڌين سان لوهيڙي جي وڻن جون سهڻيون قطارون آھن ان ڪري اه مٿس نالو پيو.) ۾ 1936ع ڌاري هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد احسان ”احسن“ جوکيو سنڌي،فارسي،عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو، مشهور محقق، عالم، اديب، استاد، سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو صاحب ديوان شاعر 
هئڻ سان گڏ هڪ مثالي استاد، ليکڪ ۽ مثالي انسان هو.

Friday, June 5, 2020

سچ وڏي شئي آهي

سچ وڏي شئي آهي

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                              ڏات   وڏي   شئي   ناهي،
پر  سچ  وڏي   شئي  آهي!
۽     جو     سچ     مچائي،
سو  مچ  وڏي   شي  آهي!
                    (اياز)

سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سالگرهه جي موقعي تي آئون سڄي سنڌ، بلڪ سڄي دنيا ۾ رهندڙ انهن سڀني ماڻهن کي مبارڪ ڏيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪي شيخ اياز جا مداح آهن. جن اياز کي سنڌي، اردوءَ ۾ پڙهيو آهي يا جن سندس ترجمن وغيره جو مطالعو ڪيو آهي. آئون پڪ سان چوان ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ شيخ اياز سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ شاعر آهي. توڙي جو هو ڳايو به گهڻو ويو آهي پر کيس پڙهيو اڃان به وڌيڪ وڃي ٿو.

اياز جي شاعرئَ ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي

اياز جي شاعرئَ ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


Monday, May 11, 2020

مقالاتِ عزيز (Maqalat e Aziz)

مقالاتِ عزيز  (Maqalat e Aziz) 

Written By: Mr. Aziz Jaferani



سھڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪتاب “مقالاتِ عزيز جو عڪس
  
 سنڌ ساڻيھه جي مشھور استاد، عالم ۽ محقق سائين عزيز جعفراڻئَ جو ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. وسيع مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ سائين عزيز جي ڪتاب تي لکڻ کان اڳ ۾ بهتر سمجھان ٿو ته سندس علمي ۽ ادبي زندگئَ جو مختصر نموني سان احوال ڏجي. ڏٺو وڃي ته جن محققن سنڌ جي لاڙ واري علائقي تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، انهن محققن ۾ عزيز جعفراڻئَ جو نالو به اچي ٿو.