ڊاڪٽر مانجهيءَ جو ريسرچ جرنل ڪينجهر (2024ع) ۾ ڇپيل مقالو سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار اساسي شاعر لطف الله قادري
https://sujo.usindh.edu.pk/index.php/Keenjhar/article/view/6828/4424
ڊاڪٽر مانجهيءَ جو ريسرچ جرنل ڪينجهر (2024ع) ۾ ڇپيل مقالو سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار اساسي شاعر لطف الله قادري
https://sujo.usindh.edu.pk/index.php/Keenjhar/article/view/6828/4424
منهنجي سامهون ٺٽي جي شاعر دوست احسان هاليپوٽي جي شاعري جي
ڪتاب ‘ڏات سمنڊ آهي‘ جو مسودو آهي، جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ پاڻ حميد مهراڻوي سان گڏ
اچي ڏيئي ويو، جيئن آئون اُن تي مهاڳ لکي ڏيان. احسان اهڙو ماڻهو آهي، جهن کي آئون
گهڻو مصروف هوندي به موٽائي نه سگهيس. مون کانئس مسودو وٺي رکيو، ڪجھ ورق پڙهي
رکي ڇڏيم، اُن جو سبب اهو هو، جو اياز جي هڪ غزل جا هيٺيان بند منهنجي ذهن تي ائين
ڇانيل رهيا، جو هر وقت ڄڻ گونجي رهيا هئا:
تون ناھ تہ هي چنگ چَڙو چنڊ نه ساءُ،
اي سير مُئي آءُ، هلي آءُ هلي آءُ!
ھُونئن ته تحقيق جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي پر ادب جي دنيا ۾ ترجمي
جو جن به ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي مھارت گھري ٿو. ترجمو ادبي دنيا ۾ ھڪ باقاعده فن ۽ ڏانءُ
آھي جيڪو ھر ڪنھن جي وسَ جي ڳالھ ئي ناھي.
ڪھاڻي ۽ ناول وغيره جو به ترجمو ڏکيو ھوندو آھي پر تاريخي، تحقيقي ۽ سائنسي ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪي سولا نه ھوندا آھن. ترجمي جي دنيا ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري جو نالو بنھ مٿاھين حيثيت رکندڙ آھي. ھن ڪيترائي اھڙا تحقيقي، تاريخي ۽ سنڌو لکت تي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن جن اسان جي
”ساڄن ملي تِن کي“ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”لاڙي لفظن جي موتين مالھا“ تي لکيل ڪجھ لفظ)
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ منصور ٿلهو ڪافي وقت کان سنڌ جي لاڙ وارن پٽن، سو به خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي علائقي تي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. چوڏهن پندرهن سالن کان انهئَ پسمنظر ۾ سندس ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيا ليک ڇپجندا ۽ پڙهندڙن تائين پهچندا رهيا آهن. ”مٽي ۽ مهاڻا“، ۽ ”ريڙهي مياڻ“، سندس ناول آهن ۽ ايئن ”سوکي بندر ۽ سامونڊي سور“ خوبصورت سفرنامو آهي، پر سچ پچ ته اهي ٽيئي ڪتاب ڄڻ هن علائقي جي ماڻهن جي سماج ڪٿا آهن، دردن جا داستان آهن ۽ تاريخ آهن. منصور لڳاتار ڪڏهن لارين، ڪڏهن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن پيرين پنڌ ڪري، اُتي وڃي سامونڊي علائقن جي شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، کارين، ڍورين ۽ ڍورن جون ياترائون ڪري، پنهنجي ڪتابن لاءِ ماڻڪ موتي ميڙيا آهن.
سنڌو
لکت جا اُھڃاڻ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”سنڌو ماٿرئَ جون لکت واريون نشانيون“ جو مھاڳ
نوجوان شاعر واحد ’سوز‘ ملاح ڪجهه وقت اڳ` مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو. مون کيس ڪنھن ٻئي دوست کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ گهڻو ئي چيو پر پاڻ نه مُڙيو. هڪ ڏينھن نيٺ اچي مسودو منھنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به کڻي هائوڪار ڪئي. جنھن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ’سوز‘ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ’سوز‘ سنڌ ساڻيھه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنھنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي.