Thursday, August 29, 2024

ماجيراءِ/ مجيرا جي ماڙي (سنڌ ساڻيھ جو هڪ قديم ماڳ) ريسرچ پيپر: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

  ماجيراءِ/ مجيرا جي ماڙي

(سنڌ ساڻيھه جو هڪ قديم ماڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ساڻيھه آڳاٽي سڀيتا جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار رهيو آهي. پنھنجي سيني تي  مختلف دورن جي ڪيترن ئي ماڳن جا آثار سنڌ اڃا سانڍيندي اچي. انهن ماڳن ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن، جيڪي مختلف دورن تي مشتمل آهن. انهن مان هر دور  سوين يا هزارين سالن تي به مبني رهيو آهي. اهڙن ماڳن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌئَ سان گھڻي زماني تائين آباد رهندڙ درياهي بندر ۽ شھر جهرڪ کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ اُڀي ٽڪريءَ جي مٿاڇري (مَنھه) تي ’ماجِيراءِ جي  ماڙي‘ نالي سان هڪ قديم ماڳ به آهن.

ماجِيراءِ جي آثارن واري هن ماڳ کي هتي جا مقامي ماڻهو ’مَجِيرا/مَجِيران جي ماڙي‘ يا ’مَجيرا جي بُٺي‘ (ٽڪري) سڏين ٿا. هتي جي ماڻهن وٽ هن ٽڪريءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون/لوڪ روايتون مشھور آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته ماجيراءِ