Wednesday, September 2, 2020

ڪوي جماليات جو شاعر

ڪوي“ جماليات جو شاعر”

(سنڌي ادبي سنگت ڍوري ناري پاران 9 آڪٽوبر 1996ع تي ڪويءَ سان رچايل رهاڻ لاءِ لکيل)

”ڊاڪٽر محمد علي مانجهي“  

  

    جان سيبسٽن چيو  آهي ته: ”شاعري، سماج مان ڦُٽي نڪرندڙ سونهن آهي.“ ها، هن سماج مان ڦٽي نڪرندڙ سونهن سوڀيا، احساسن، اڌمن، پيڙائن وغيره جي سچي ۽ سهڻي اُپٽار به شاعريءَ ۾ ئي سُٺي نموني سان ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ شاعري ڌرتيءَ جي سمورن لقائن، منظرن، عملن، احساسن، ڪيفيتن، ڪرت ڪار وغيره جو سچو ۽ سهڻو آواز آهي.

ڪنهن ڪيترو نه سچ چيو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن قوم جو مهذپڻو ڏسڻو آهي ته انهيءَ قوم جي شاعري پڙهي وڃي.“اهڙي ئي ڪنهن ڏاهي  هينئن به چيو آهي ته: ”جيئن ڪو ٻار مٽيءَ مان گهرڙا ٺاهيندو آهي ته شاعر لفظن مان احساسن جا گل اُڀاري انهن مان تازا هار ٺاهي ٿو جيڪي هو انسانذات کي آڇي ٿو.“