ڪوي“ جماليات جو شاعر”
(سنڌي ادبي سنگت ڍوري ناري پاران 9 آڪٽوبر 1996ع تي ڪويءَ سان رچايل رهاڻ لاءِ لکيل)
ڪنهن ڪيترو نه سچ چيو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن قوم جو مهذپڻو ڏسڻو آهي ته انهيءَ قوم جي شاعري پڙهي وڃي.“اهڙي ئي ڪنهن ڏاهي هينئن به چيو آهي ته: ”جيئن ڪو ٻار مٽيءَ مان گهرڙا ٺاهيندو آهي ته شاعر لفظن مان احساسن جا گل اُڀاري انهن مان تازا هار ٺاهي ٿو جيڪي هو انسانذات کي آڇي ٿو.“
شاعر هن سماج کي سونهن بخشي ٿو،
پاڻ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون ڀوڳي آزارن جي اوناهين ۽ پاتالن مان ڪيئي سُندر سُهائيون
اُڀاري آڻي ٿو ۽ اُڀ جي ڪهڪشائن جي سونهن ۽ ميٺاج چِڪائي ڪري پنهنجي سٽ سِٽَ ۾
ماکيءَ جهڙي مٺاس سموئي ٿو. سچ پچ ته هڪ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ڌرتيءَ جي سونهن
۽ سواد اوتي ٿو. شاعريءَ ۾ ئي هن حسين دنيا جا سڀ رنگ، رس ۽ چس آهن. شاعر هن ڌرتيءَ
جي سمورن احساسن جا سريلا آواز آهن. اهڙو ئي سونهن ۽ ماکيءَ جي مٺاس بخشيندڙ شاعر
ڪوي به آهي. ڪوي ڀرپور رومانس جو شاعر آهي. هڪ ڀيري مون منهنجي دوست مظفر بخاريءَ
کان پڇيو ته ”توکي ڪويءَ جي شاعري ڪيئن لڳندي آهي؟“ مون کيس چيو ته: ”چوڏهينءَ جي
رات جڏهن ڪِنجهر جي پاڻيءَ تي چنڊ پنهنجي چانديءَ جهڙي روشنيءَ جي پوڻين جي ورکا
ڪندو آهي ۽ ساري ڪِنجهر ڪنهن نوورنيءَ جي گج جي ٽڪن جيان چمڪندي آهي ۽ ان جي ڇر
ڇاتيءَ تان جڏهن آڙيون اُڏرنديون آهن، اهڙي منظر ۽ اهڙيءَ ويل ڪنڌيءَ تي پنهنجي
محبوب کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ سان جيڪو احساس اُڀرندو، ڪويءَ جي شاعري ٻڌڻ/ پڙهڻ سان مون کي اهڙو احساس ملي ٿو.“
هيءَ حقيقت آهي ته ڪوي شاعريءَ جي سيڄ وڇائي جنهن به صنف کي
ڇهي ٿو تڏهن هو احساسن جوڳاڙهو کهنبو اوڍائڻ به واهه جو ڄاڻي ٿو. هو چوي ٿو ته:
”تارن سيج وڇائي آ
ڪينجهر سانجهيءَ جي کهنبي ۾
ڪيڏو ڏس شرمائي آ.“
ڪويءَ جي شاعري سچ پچ ته محبوب جي ڳراٺڙين جهڙي آهي، ڇاڪاڻ
ته کيس به پنهنجي پيار جون ڳالهيون ڳراٺڙين وانگر محسوس ٿين ٿيون. جنهن جو اّظهار
هو هينئن ڪري ٿو:
”ڳالهيون ڄڻ ته ڳراٺڙيون
مرڪون موتيءَ جيئن.“
لڳ ڀڳ هر ماڻهو سونهن کي پسند ڪري
ٿو پر هر ماڻهو هر شيءِ پنهنجي پنهنجي اک (زاويه) سان ڏسي ٿو، هر ماڻهوءَ جي پسند
۽ پسند جو انداز به الڳ هوندو آهي. ڪويءَ جي شاعريءَ ۾ سونهن جي پسند ۽ اُن کي
اظهارڻ جو انداز به ڏاڍو سهڻو آهي.اچو ته سندس هي سٽون پڙهي ڏسون:
چَپَ چنبيليءَ گلڙا
چُمين ساڻ ڇڻن
جهوريو وجهن
جيءَ کي.
يا ٻي هنڌ چوي ٿو:
چندن واسيا مينڍڙا
مور نه تن مَٽِ“
هڪ شاعر جي اک قدرتي جماليات کي
جمالياتي انداز سان ڪيئن ڏسي ٿي اچو ته ڪويءَ جي سٽن کي پڙهي ۽ پاڻ به محسوس
ڪريون:
”ڏسو گلن جي ڳلن تي
موهيڙن جيئن ماڪ.“
ڪوي پنهنجي تعلق جو اظهار به عجيب
انداز سان ڪري ٿو، وٽس پيار ۽ انهيءَ جي تعلق جو معيار به ٻين کان مختلف آهي، هو
ڪٿي به پنهنجي چاهت جي چنڊ کي ڪو ويڻ وغيره نٿو ڏي، ڇوته ڪوي ٻن انسانن جي وچ ۾
محبت ۽ هم آهنگيءَ سان گڏجي رهڻ جا جيڪي حق آهن، انهن جي ڳالهه ڪري ٿو. حقيقت ۾ جڏهن
مينهن وسندا آهن تڏهن ئي ڪنجهرٿيندا آهن۽ ڪنجهر هوندي ڪنجهر تي اڪيلائيءَ جي احساس
کي ڪويءَ هيئن اظهاري ٿو:
”هيل ڪينجهر ڪپر
ڪا نه ٽڪرائي
ڪائي چنچل لهر.“
۽ کيس انهيءَ ڳالهه جو به تمام
گهڻو احساس آهي ته:
جاني جوڀن ڏينهڙا
باقي ڏينهن ٻه چار.
ڏات جي ديوي ته ڪويءَ تي مهربان
آهي ئي پر ڏانءُ جي ڪاريگري به واهه جي اٿس، سندس هي سٽون ته پڙهي ڏسو:
”ڪيڏا ڪوسا چَپَ هئا
ڪيڏا ڳل سڙيا“
ڪوي ڄڻ ته شاعريءَ جي انگ انگ کي
ڇُهي ٿو، ڪو به انگ هُن جي ڏات جي ڇُهاءَ کان اَڇتو نٿو رهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو
ته ڏات ڪويءَ کي هميشه پيار ڪيو آهي. ڪڏهن ڏات جي ديويءَ کي پاڻ مذاق ڪري ڪاوڙائي
ٿو ته ڪڏهن وري منٿون ڪري ٿو. تڏهن ئي ته کيس ماحول ۾ بانسريءَ جون صدائون محسوس
ٿين ٿيون.
هيءَ جا وري هاڻ
الا ڪنهن جي ڪاڻ.
بن ۾ ڀڻڪي
بانسري.
پاڻ جنهن به صنف ڏانهن لڙي ٿو ته
اها سانوڻ جو روپ ڌري سندس آڌر ڀاءُ ڪري ٿي ۽ پوءِ ڪيئي رنگ کڙي پون ٿا، سندس اندر
سَوين سُر بڻجي ٿو پوي ۽ تڏهن گرنار گونجڻ ۽ پربت لرزڻ ٿو لڳي، اُڀ آسائتو ٿي ٿو
پوي ۽ ڌرتي سندس آجيان ٿي ڪري.
لڳو ڏکڻ واءُ
ٻانهون رات پکيڙيون
آءُ پرين آءُ.
جڏهن به ڪو شاعر داخلي ۽ خارجي
احساسن جو سهڻي نموني سان سنگم ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار ڪري ٿو يعني پنهنجي درد
کي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن سان سلهاڙي ٿو وجهي ته اُهو شاعر امر ٿي
پوي ٿو.
”توڪي ڏٺا چنڊ
لنگهندي ٿرين ٿاڪ تان
جيڏين خالي جنڊ.
يا هيٺيون شعر ته ڏسو:
ڪينجهر تنهنجي ڪڇ ۾
ڪنول ڪوماڻا
ڪنهن کي ڏيندِي هيج مان
آيل اولاڻا.
ڪوي چنڊ کي پنهنجو قاصد سمجهندي
ڪوبه سنيهو نه ٿو ڏي پر هو ته چنڊ کي پاڻ ۽ هن ڌرتيءَ جيان گهايل ٿو سمجهي. ان
سلسلي ۾ سندس وائي پڙهجي:
ڪيڏا گهرا چاڪ
آهين چوڏهين چنڊ کي.
شاعريءَ ۾ جن به ڳالهين جو هجڻ
ضروري هوندو آهي، سي سموريون ڪويءَ وٽ موجود آهن. وٽس محاورن، لفظن تجنيس، استعارن
۽ تشبيهن جي سُٺي ۽ سھڻي نواڻ آهي.
چنڊ بيواه جي لاٿل ڪنهن ٻولي جيان،
رات خالي وياڪل ڪنهن جهولي جيان.
ڪويءَ وٽ شاعريءَ جي ڪينواس ۾
رنگن ڀرڻ جو ڏانءُ به نرالو آهي. سندس سمورا رنگ صبح جي پهرين ڪرڻن جيان آهن ڏٺو
وڃي ته شاعريءَ ۾خيالن سان لفظن جو تسلسل شاعريءَ ۾ روانگي پيدا ڪري شاعريءَ کي
اصل احساس سان سلهاڙي ٿو. جتي ڪويءَ تسلسل کي برقرار رکڻ چاهيو آهي ته اتي واهه جو
نباهيو آهي. منظرن جي لحاظ کان ڪٿي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ناسجي رهيو
آهي.
شايد ليونارڊو هڪ هنڌ چيو هو ته
”فن لاءِ ضروري آهي ته فنڪار هنن ڳالهين جو خيال ضرور رکي؛ هنڌ (Place) آسپاس (Circumstance) مهل (Time) ۽ اُتي ڇا ٿيو؟“ ها جيڪو انهن ڳالهين
کي مَدِ نظر رکي فن جي دنيا ۾ وکون وڌائي ٿو، فن اُن تي عاشق ٿي پئي ٿو ۽ فنڪار
محبوب.ـ“ پنهنجي محبوب ٿورو ڌيان ڏجي ته کي عاشق بنائڻ ۽ عاشق کي
محبوب بڻجڻ واري منزل هڪ تمام پراهين منزل آهي. جنهن جا مثال دنيا ۾ تمام ٿورا ملن
ٿا، تنهن هوندي به ڪويءَ وٽ پنهنجي ڏات جي ڪنوار سان سيج سجائڻ جوڏانءُ آهي. سندس
خيالن جي اُڏام به ايتري اوچي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن هو چنڊ ستارن سان رهاڻيون ڪندي لڳندو
آهي، ها پر هو فرد کي دنيا کان الڳ نٿو سمجهي، ڌرتيءَ ۽ آسپاس سان سلهاڙيل محسوس
ڪري ٿو. جڏهن به سونهن جي اُجاڙ ٿئي ٿي ته ڪويءَ جو اندر اُڀامي پئي ٿو ۽ اهڙين
حالتن جو جائزو وٺندي احساسن جي اُپٽار به ڪماليت سان ڪري ٿو. هيٺين سٽن ۾ اسان جي
ملڪ جو هڪ درد سمايل آهي جيڪو خاص ڪري سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي حالتن
ڏانهن ڄڻ ته هٿ کڻي چيل آهي:
اڃان مينديءَ رنگڙو
هٿ ڪو نه ڇڏيوءِ
ور نه وريم
ووءِ
آءٌ ڪيئن
جيئنديس اُن ري.
يا ٻئي هنڌ چوي ٿو:
الا جنهن جا شهر مان
مٺا شال ورن.
مٿين سٽن ۾ شهرن جي حالتن ۽ شهرن
کان خوف ۽ بيزاريءَ جو ڀرپور اظهار آهي. وٽس سندس محبوب ۽ فطرت جي سونهن کي پيش
ڪرڻ جو انداز به منفرد آهي. ائين کڻي چئجي ته وٽس هر رنگ پنهنجو آهي.
ڳالهه ٿي چڪي آهي ته ڪويءَ وٽ نه
رڳو سونهن کي بيان ڪرڻ جو اندازِ بيان الڳ ۽ وڻندڙ آهي پر هو ماڻهوءَ جي سونهن هن
ساري ڌرتيءَ جي سونهن کان الڳ نٿو سمجهي. ڪويءَ کي ته پنهنجي ديس جي هر شيءَ سهڻي
لڳي ٿي تڏهن ئي ته هو چوي ٿو ته:
سانجهيءَ جهڙا سُرمئي گيسو
کينچل ۾ کوليس
الوميان
سندر منهنجو
ديس.
ڪويءَ جي شاعريءَ کي سٺي نموني
پڙهي ڏسبوته محسوس ٿيندو ته هو ڏاڍو تيزيءَ سان بُلندين ڏانهن وڃي رهيو آهي. وٽس
ٽڪاءُ نه آهي پر وڏو وهڪرو آهي، وهڪرو بنهه سنڌوءَ جهڙو وهڪرو.
پاڻ جنهن سونهن جو طواف ڪري رهيو
آهي سا نه ڌارين آهي نه ئي ڪا بنگلن ۾ رهندڙ ڪنهن مٿاهين طبقي جي ميڪ اپ ۽ ماسڪ جي
دنيا جي نخريلي آهي، هوءَ ته هڪ اهڙي سٻاجهڙي ڇوڪري آهي جنهنجي انگن مان جوڀن
ليئاڪا ٿو پائي. هن جي انگن مان ڪنهن مهانگي پرفيوم جي خوشبوءِ نه پر سارين جي نسرجڻ جهڙي جوانيءَ جي سڳنڌ ۽ موهيڙن
مهڪ اچي ٿي. هوءَ ڪڏهن سرنهن جي کيتن ۾ گهمندي نظر اچي ٿي ته ڪڏهن جهار هڪليندي ته
ڪڏهن چيٽن جي لابارن ۾ ملي ٿي ته ڪڏهن سانوڻ جي وسڪارن ۾ جيڏين سان گڏ کل کينچل ۽
ٽهڪن جي گونج ۾ آهي ته ڪڏهن وري تڙ تان پاڻي ڀريندي پاڻيارين سان گڏ ٻيلهڙا کڻندي
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪويءَ جو ان سان پيار آهي هو چوي ٿو ته:
پاڻياريءَ سان پيار
ڪيو مون پاڻياريءَ سان پيار.
ڪوي سچ پچ ته فطرت کي بنهه
ويجهڙائي کان ۽ ڏاڍي موهه سان ڏٺو وائٺو آهي. خوبصورت منطرن جي شاعر ڪوي جڏهن به
ڪو منظر ڏسي ٿو ته کيس سپرينءَ جي سار ڏاڍو ستائي ٿي.
جهُڪي بادلن ٿي چميو پربتن کي
تڏهن ياد تنهنجي ستائڻ لڳي.
ڪوي سماجي اڻ برابري ۽ بي جوڙ
رسمن ۾ ڀوڳيندڙن جي عذابن کي محسوس ڪندي ۽ اُنهي جي اظهار لاءِ رڙ ڪري چوي ٿو:
ڪيئن مان پايان ٻک
مون ور پوڙهو کک.
مون کان ڪجهه
نه اُجهي.
مطلب ته ڪوي پنهنجي آسپاس کان به
ڪو بي خبر ناهي. هن جي خاموشي بي خبري ناهي، هوته سِٽون ٿو خلقي ۽ پني جي اُڀ تي
آڌيءَ جو اُٿي لکي ٿو ته:
آهي مذهب جي خوني چنبي ۾ اڃان،
پرت پنهنجي ڏوهاري ڪنهن گولي جيان.
ڪوي سدائين گهراين ۾ پيهي اسان
لاءِ ڪيئي ڳاڙهين پڪل گولن جهڙا مٺڙا گيت کڻي اچي ٿو ته ڪڏهن وري سج جي ڪرڻن جهڙيون
سٽون سر جي ٿو.
اونداهيءَ جي آغوش مان نڪري ايندس
کڻي سج داتا جون روشن شعائون.
يا
ڪالهه ڪويءَ جي گيت چيا هئا
ايندا رات وهاڻي وانگر.
No comments:
Post a Comment