Sunday, May 9, 2021

اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم (ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب) مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

(ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب)   اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم 

مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي ”مانجھي

 

    نوجوان شاعر واحد ’سوز‘ ملاح ڪجهه وقت اڳ` مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو. مون کيس ڪنھن ٻئي دوست کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ گهڻو ئي چيو پر پاڻ نه مُڙيو. هڪ ڏينھن نيٺ اچي مسودو منھنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به کڻي هائوڪار ڪئي. جنھن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ’سوز‘ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ’سوز‘ سنڌ ساڻيھه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنھنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي. 

     سندس هيءُ مجموعو ’گيڙؤَ رَتا خواب‘ جيڪو منھنجي سامهون آهي، سو مون هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيو، هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جو سبب هيءُ آهي ته سندس شاعريءَ جي ٻولي، سادگي ۽ رواني پڙهندڙ کي سمورو ڪلام پڙهي پورو ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي. واحد ’سوز‘ جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ’گيڙوءَ رَتا خواب‘ ۾ 20 نظم، 55 غزل، 50 چؤ سٽا، 20 وايون ۽ 20 پنجوڙ (سندس لفظن ۾) آهن. سندس سموري شاعري پڙهڻ سان جيڪو تڪڙو تاثر اُڀري ٿو، سو هيءُ آهي ته سندس شاعري پڙهندڙ تي بار پر هلڪي لاڙي هوا جي خوشبوءِ محسوس ٿي ٿئي. سڀني صنفن جو موضوع ۽ انهن جو تسلسل ۽ حال حقيقت چٽي آهي. ڪٿي به ڪا مبالغا آرائي ناهي، دقيق لفظن ۽ فلسفن جي دقت ناهي، بلڪه هڪ احساس ۽ سرور بخشي ٿي. جڳ مشھور عالم ۽ نقاد هوريس پنھنجي هڪ مقالي ’شاعريءَ جو فن‘ ۾ چوي ٿو ته: ”ڪو شاعر جيڪو عظمت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر لفاظي ۾ پئجي وڃي ٿو، ٻيو شاعر پنھنجي موضوع جي يڪسانيت ۾ نمونا پيدا ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڳالهه اهڙيءَ ريت پيش ڪري ٿو جو وڻن ۾ مڇي ۽ درياهه جي لھرن تي رڍون ٻڪريون ڏيکاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن فن غالب آهي ته معمولي غلطيءَ سان به زبردست نقص پيدا ٿي پوندا آهن“.

واحد ’سوز‘ جي چڱي ڳالهه هيءَ به آهي ته هيءُ عظيم شاعر ٿيڻ جي چڪر ۾ نه اچڻ جي ڪري، گهڻين خامين کان بچي سادگيءَ سان پنھنجا احساس اظھاري رهيو آهي. منھنجي خيال ۾ سچاين ۽ نج پڻي جو ملهه ئي ناهي. هوريس شاعريءَ جي فن تي بحث ڪندي لکيو آهي ته: ”اهو ڪافي ناهي ته شاعري حسين هجي، جيڪڏهن اها ٻڌندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي چاهي ته منجهس اهو جادوئي اثر به هئڻ گهرجي، جيئن مسڪرائيندڙ چھرا انهن طرف ڦرندا آهن ته ڏسندڙ به مسڪرائيندا آهن. ايئن جيئن اھن سان همدردي ڏيکاري ويندي آهي، جيڪي روئندا آهن، جيڪڏهن اوهين مون کي رئاڙڻ گهرو ٿا ته پھرين توهان کي به ان جو غم محسوس ڪرڻ گھرجي“.

منھنجي خيال ۾ اهو سڀ تخليقڪار جي فن تي به ڇڏيل آهي ته هو ڪھڙي ڏانءَ سان پنھنجي ڏات کي پيش ڪري ٿو. ٽالسٽاءِ فن جي لاءِ ٽن ڳالهين کي ضروري ڄاڻايو آهي جيڪي هن ريت آهن:

 

v  ٻين تائين پھچائي ويندڙ احساسن جي انفراديت

 

v  اها چٽائي / سچائي جنھن سان اهو احساس پھچايو ويو آهي.

 

v  فنڪار جو خلوص يا سگهه/ اُڏام جنھن سان تخليقڪار ان احساس کي، جيڪو هو پھچائڻ گهري ٿو، سو خود محسوس ڪري.

 

هر اديب يا شاعر کي پنھنجو ماحول، طور طريقا ۽ حالتون هونديون آهن ته اهڙي ريت وري نوعيتون به مختلف هونديون آهن. اسين ڏسنداسين ته سقراط، افلاطون ۽ ارسطو توڙي جو هڪ خطي ۾ رهندڙ ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا ۽ سندن زماني ۾ به ايڏو فرق نه هو، تنھن هوندي به سندن حالتون مختلف رهيون ۽ انھن ئي حالتن سندن نظرين ۽ تخليقن کي متاثر ڪيو. ائين جڏهن اسين مختلف قومن جي تخليقڪارن جو مطالعو ڪنداسين ته منجھن اهي فرق نمايان نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو سندن تخليقن جي سگهه، انداز ۽ اُڏام مختلف رهي آهي. اهڙي ريت ئي قدر به مختلف هوندا آهن، هر زماني جي قدرن ۾ به فرق هوندو آهي. وڪٽر هيوگو جنھن جو نظريو رهيو ته رومانوي فن جديد فن آهي پر زماني بدلجڻ سان حالتون ۽ تاريخي عمل تبديل ٿي ويا ۽ اُهي وري فن تي اثر انداز ٿيا. مطلب ته زمانو، ماحول ۽ حالتون وڏيون تبديليون آڻينديون آهن، اُهي هر اديب شاعر ۽ فنڪار کي متاثر ڪن ٿيون. جيڪو تخليقڪار جنھن زماني ۽ ماحول ۾ رهندو کيس قدر به اهڙا ئي ملندس. گڏوگڏ جيترو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هوندو تخليل، ڏات ۽ ڏانءُ به اوترو ئي سگهارا هوندا.

سنڌ جي مشھور شاعر، عظيم استاد ۽ اعليٰ انسان سائين محمد خان مجيديءَ جي شھر سان تعلق رکندڙ واحد ’سوز‘ ملاح جي شاعريءَ جي خاص ڪري ٻولي ۽ انداز جا اهي ئي اولڙا پسي سگهجن ٿا. سندس شاعريءَ جي نج سنڌي ٻولي، سنڌ ساڻيھه سان پيار، خير جو خواهشمند، اندر جي احساسن جو سادگيءَ سان اظھار وغيره چٽا آهن. سنڌ ساڻيھه خاص ڪري لاڙ جي رَتـڙين چانورن جي سُڳنڌن کان ويندي اُتي جي حالتن، جذبن ۽ احساسن جي سُرهاڻ واحد ’سوز‘ جي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ موجود آهي. هيءُ پنھنجي شاعريءَ ۾ حقيقتن کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ٿو، جو سندس پيغام پڙهندڙن جي ذهنن تائين بنھه آسانيءَ سان پھچندي دير ئي نٿو ڪري. چٽو بيان، ٻوليءَ جي سادگي، ننڍا وزن، تجنيس ۽ رواني سندس شاعري جون خوبيون آهن.

وڏيون ڳالهيون ۽ ڳوڙها فلسفا ڀلي نه هجن پر واحد ’سوز‘ جي شاعريءَ ۾ هيءَ حقيقت پڌري پٽ آهي. سندس شاعريءَ جي هر اسم جو موضوع پنھنجو ڏيھه، پنھنجا ڏيھي، عام زندگي، پيار ۽ امن آهي ۽ ها امن ۽ انسانن جي ويرين سان نفرت به سندس شاعريءَ ۾ چٽي آهي، جيئن هيٺين سٽن ۾ آهي:

 

ڪيو تنگ طالبانن آ،

سڏائي پاڻ کي مسلم،

ڪري هُو ڍنگ تبليغي

پيا هر شھر ۾ پکڙي،

ٻڌي بم چيلھه پنھنجيءَ ۾...

 

اها حقيقت آهي ته چيلهه تي بم ٻڌي ڪھڙا ڪلور ڪن ٿا، انھيءَ کان ساري دنيا واقف آهي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب ’گيڙوءَ رتا خواب‘ ۾ نظم، غزل، چؤسٽا، وايون ۽ پنجوڙ (جنھن صنفن کي هن پاڻ نالو ڏنو آهي) شامل آهن. پڙهڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ نظميت سان سينگاريل نظمن جي روزاني وغيره چڱي نموني موجود آهي. هن غزلن ۽ چوسٽن سان به نڀايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه به ڳڻڻ جھڙي آهي ته سندس ڪن واين جي وراڻي ڏاڍي وڻندڙ ۽ سُريلي آهي. مثال طور:

 

سنڌ سموري گهر گهر ووڙيم

      ***

    دل ڪنواريءَ ديس ۾

      ***

   اسان جو پنڌ اوڏانھن آ

      ***

   رات ڪاوڙجي ويئي

يا هيٺيون وايون:

     تعبير نه سگهيا جي ماڻي،

ڪئين ڪجن سي ڪيڏانھن هاڻي،

                    گيڙوءَ رتا خواب اکين ۾.

       ***

   اُبتو لکيم، سُبتو لکيم،

    درد وري ڀي درد رهيو.

        ***

هتي سندس شاعري جي ڪن خوبين جا مثال ڏيڻ به ضروري آهن:  

بيان ۽ ٻوليءَ جي سادگي:

 

هانڀارو  هر  هنڌ   لڳي   ويو،

ٿر مارن کان ڀاڳ رسي ويو

       ***

اڃا ياد آهن اڪن تي ڦلارون،

اڃا ياد آهن پکين جون اُڏارون،

اڃا ياد آهن نماڻيون نھارون،

اڃا ياد آهن پرين هي بھارون..

     ***

چري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليڙون ڪري آخر،            دلين  ۾  زهر نفرت   جو   ڇڏيو   ناحق   ڀري  آخر.

 

سندس ننڍن وزنن تي سرجيل شاعري نه رڳو پڙهڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر دلچسپ به محسوس ٿئي ٿي جيئن سندس هي بند پڙهي ڏسجن:

 

  اسان دلبريءَ ۾ ڌڪا خوب کاڌا،

اسان عاشقيءَ جي رکي پت پرين آ.

اسان ’سوز‘ آهيون دعاڳو اوهان لئه،

اوهان جنوريءَ کان ڊسمبر خوشيءَ ۾...

             ***

هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،

مُلائم نرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،

هجي ’سوز‘ ڌرتيءَ سندو چاهه جنھن ۾،

اهڙو ئي ڌرم هٿ اوهان جو کپي ٿو.

             ***

تجنيس:

مڪلي، موهن ڪينجهر منڇر،

ڀنڀور، ڀتون ۽ ديبل بندر،

ڪُن ڪلاچي سمنڊ سمورو،

سنڌ امن جي ڌرتي....

 

***

 

سُک جو جوڙيون ڏيھه سڄو هت،

آزاد امن جا ڳيرا اُڀ ۾،

شام صبح بي خوف اُڏن لک،

چيٽ ڪتيون چانڊاڻ چمن ۾.

 

سندس خيال به نه رڳو وڻندڙ آهن پر نفيس به آهن:

 

حياتي سور جھڙي آ،

تتل تندور جھڙي آ،

ڪڏهن ڄڻ ٽوهه کان ڪوڙي،

ڪڏهن انگور جھڙي آ.

 

   ***

 

اسان وقت سان گڏ ڀريا پير آهن،

رُڳو وار اُس ۾ اَڇا ٿيا ته ناهن،

منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،

وقت وڃي ڪاهيندو اڳتي.

   ***

درد مليو دل روئي وٺجي،

ڳوڙهن سان منھن ڌوئي وٺجي،

هڏڪي تيز ٿئي ٿي جنھن دم،

دلبر جو نالو ئي وٺجي.

  ***

سڀني حقيقتن کي هڪ پاسي رکي هيءَ ڳالھه چئي سگهجي ٿي ته ”رب، رسول کان پوءِ تون ئي ويساهه ڀٽائي“ جھڙي سٽ جي شاعر واحد ’سوز‘ ملاح پنھنجي شاعريءَ جي رياض کي جاري رکندي، اڃا به اڳتي اُڀرندو ۽ سندس گيڙوءَ رتا خواب ضرور ساڀيان ٿيندا.

 

 ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘

مڪلي ٺٽو

08 جون 2016ع

 

 

No comments:

Post a Comment