Tuesday, October 26, 2021

اعتراف (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)

اعتراف


آئون اعتراف ٿو ڪريان ته... 

(ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)

آئون اعتراف ٿو ڪريان ته ’سنڌ سنواريون‘ نالي ٺاهيل تنظيم مان هٿ ڪڍڻ منھنجي وڏي غلطي هئي، مون ۽ ڪجهه دوستن 1987ع ۾ پھرين مرحلي تي ٺٽي ضلعي جي حد تائين ’سنڌ سنواريون‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي هئي، جنھن جو مقصد نياڻين جي تعليم کي ٻهراڙين ۾ ڦهلائڻ هو. اڳتي هلي ان تنظيم کي پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سڄي سنڌ ۾ ڦھلائڻو هو، ان تنظيم جو مقصد هو ته شھرن جي ماسترياڻين (Female Teachers)کي قائل ڪجي ته اهي ڳوٺن ۾ وڃي پڙهائين، اُتي تيستائين پڙهائين جيستائين ان ڳوٺ مان ڪا هڪ نياڻي ماسترياڻي نٿي ٿئي. اسان جي ٿوري ڪوشش سان اهو سلسلو سٺي نموني هلي پيو ۽ ڪيتريون نياڻيون رضاڪاراڻي نموني پنھنجون بدليون ڪرائي، ڳوٺن ڏانھن ويون ۽ انھن جي وڃڻ سان 12 ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم شروع ٿي. ڪيترائي ڇوڪرين جا اسڪول وري کلي ويا پر ٻن سببن جي ڪري اهو سلسلو ڪجهه سال اڳتي هلي بند ٿي ويو. هڪ ته گهڻي ڪم ۽ صحت جو خيال نه ڪرڻ ڪري مون کي السر جي بيماري ٿي پئي، ٻيو ته (سڀ کان وڏو سبب) نياڻين جي تعليم دشمنن رنڊڪون وڌيون، نتيجي ۾ اسان مايوس ٿي ويھي رهياسين ۽ هڪ انتھائي اهم ڪم مان هٿ ڪڍيوسين. سو آئون اعتراف ٿو ڪريان ته اهو رضاڪاراڻو تنظيمي ڪم ڇڏڻ غلط هو. تعليم دشمنن سان مقابلو ڪرڻ گهربو هو، جيڪڏهن اهو سلسلو هلي ها ۽ ان جو دائرو سنڌ تائين ڦھلجي وڃي ها ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان قابل قدر ڪم ٿي چڪو هجي ها.

 (اربع 9 جولاءِ 2014ع تي ’عوامي آواز‘ اخبار ۾ ڇپيل)

-----

 نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

(زرار پيرزادو)

غلطيءَ جي اعتراف جي اهميت


·        هن ئي اخبارجي صفحي تي هڪ سلسلو هلي رهيو آهي جنهن جو نالو آهي ’مان اعتراف ٿو ڪريان ته.....‘


·        انهيءَ سلسلي جو مقصد اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ جيڪو انتھاپسند ماحول چوٽ چڙهيل آهي جنھن ۾ ڪير به برداشت ڪرڻ ۽ پنھنجي غلطي مڃڻ لاءِ تيار ناهي تن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته غلطي مڃڻ به هڪ وڏو انساني گڻ آهي.


·        ٻيو ته غلطي کي مڃي ڪري به ڪي ڪامرانيون ماڻي سگهبيون آهن، ۽ غلطي مڃي ڪري ڪيتريون ئي ناراض دليون کٽي به سگهبيون آهن ۽ اعتراف سان ڪيتريون ئي جنگيون ۽ ڪيتريون ئي دشمنيون هڪ لحظي ۾ ختم ڪري سگهبيون آهن. پنھنجي غلطين سان مستقبل جي نسل جي رهنمائي به ڪري سگهجي ٿي ته جيئن اهي گهٽ ۾ گهٽ ساڳيون غلطيون نه ورجائجن.


·        مطلب ته غلطي مڃڻ ڪو عيب ناهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنھن ماڻهوءَ ڪا غلطي ڪئي ئي نه هجي ائين هجي ها ته انسان کي غلطيءَ جو پتلو چئجي ئي نه ها.


·        اها به حقيقت آهي ته غلطيون اهو ئي ماڻهو گهڻيون ڪري سگهي ٿو جيڪو ڪم ڪندو هوندو، ڪم نه ڪبو ته غلطيون به نه ٿينديون ته ڇا غلطين جي ڀوَ کان ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏجي؟ سو ڪم ۽ ڪم هلندي ٿيندڙ غلطي هڪ ٻئي جا لازمي جز آهن.


·        پر هي سلسلو هلائيندي هڪڙو عجيب تجربو ٿيو آهي ته ڪيترائي سياستدان، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ اعتراف ڪرڻ کان لھرايو وڃن ٿا ۽ اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ اعتراف ڪرڻ ڪو جرم هجي.


·        ڪڏهن ڪڏهن ائين به محسوس ٿئي ٿو ته اعتراف ڪرڻ واقعي به ڪو دل جگر جو ڪم آهي ۽ هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه به ناهي.


·        هڪڙي سينيئر اديب چيو ته مان هر دور ۾ پاڻ کي سوڀارو آهي. ڪي ماڻهو ٻه ٽي ڏينھن سوچڻ جي مھلت وٺڻ باوجود چوندا آهن ته کين ”ڪا اهڙي غلطي سجهي ئي نٿي ڪي اعتراف کي پنھنجي ڪسوٽي ٿا سمجهن ۽ چون ٿا ته پاڻ اعتراف نه ڪرايو“


·        اها ئي اعتراف نه ڪري سگهڻ جي ڪيفيت جو پڙهندڙ واري اعتراف ڪندڙ ماڻهن کي ڪيئن ٿا ڏسن سو معاملو وري صفا توقع جي ابتڙ آهي پڙهندڙ اصل ۾ سچ پڙهڻ چاهين ٿا ۽ سچ کي پسند ڪن ٿا.


·        سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنھن به ماڻهو پنھنجي غلطيءَ جو ايمانداراڻي نموني اعتراف ڪيو آهي تنھن جي گهڻي ساراهه نٿي ٿئي پر جيڪو ماڻهو اعتراف ۾  ڪنجوسي ٿو ڏيکاري تنھن کي بلڪل به پسند نٿو ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment