لاکو پير - لطف اللہ
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
سنڌي ٻولي، ادب ۽ ادبي تاريخ ۾، خاص ڪري جن آڳاٽن شاعرن جو احوال ملي ٿو، انھن ۾ سومرن جي دور ۾ ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ پوءِ اسماعيلي داعين جا گنان، تنھن کان پوءِ سمن جي دور جي ڪن شاعرن جن ۾ حماد جمالي ، اسحاق آھنگر، وسايي ڀٽري، مريد بلوچ ۽ ٻين شاعرن جي شاعري مان ڪن جو ھڪ يا ٻہ يا ڪن جا ڪي وڌيڪ بيت ملن ٿا. ايئن بہ ڪونھي تہ انھن شاعرن ڪو ھڪ يا ٻہ بيت ئي چيا ھوندا، سندن مليل انھيءَ ھڪ يا ٻن بيتن جي پڙھڻ سان انھن ۾ استعمال ٿيل ٻولي، فن ۽ سٽاءُ ۽ فڪري سگھ کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو تہ ھو وڏا شاعر ھئا ۽ سندن ٻي بہ گهڻي شاعري ھوندي پر اھا ڪن سببن جي ڪري اسان تائين پھچي نہ سگهي. رڳو مختصر عرصي ۾ ارغوني ڪاھ، حملي، قبضي ۽ پوءِ ھفتن جا ھفتن ڦُرلُٽ، شھرن کي باھيون ڏيڻ، ھزارين ماڻھن کي قتل ڪرڻ ۽ وري بہ تڪڙو ئي سندن ڪرتوتن، نااھلي وغيرہ جي ڪري جڳ مشھور پورچوگيز ڌاڙيلن جو اچڻ ۽ سنڌ جي عظيم علمي مرڪز ٺٽي ۾ ھزارين ماڻھن جو قتل عام ڪرڻ ، سڄي شھر کي باھيون ڏيڻ، آسپاس جي علائقن ۾ بہ ساڳيو وحشت جو عمل ڪرڻ، ويندي ويندي لاھري جهڙي سھڻي ۽
مالامال بندر کي ساڙي رَک ڪري ڇڏڻ، اھڙي صورتحال ھر ڪنھن جي سمجهڻ کان پري آھي. اھڙي صورتحال ۾ ڪھڙو علمي ذخيرو وغيرہ بچي سگهيو ھوندو. جن ماڻھن کي ٿورو گهڻو ياد ھوندو سي بہ تلوارن جو بَک بڻجي ويا. ارغونن کان پوءِ بہ سوين سالن تائين حالتون بنھ ڏکوئينديون رھيون. انھن حالتن ۾اھڙين حالتن ۾ ڪن ٿورن شاعرن جا قلمي نسخا بچي سگهيا. ٻين
ڪيترن ئي شاعرن جو بنھ مختصر ڪلام اسان کي شاھ لطيف جي گنج ۾ ملي ٿو. شاھ لطيف جي گنج يا ٻين قلمي نسخن، خاص ڪري جڳ
مشھور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران شاھ لطيف جي ڪلام جي عالمي معيار
جي تحقيق کان پوءِ ترتيب ڏنل ‘رسالي جو ڪلام‘ ۾ شامل شاعرن جي مختصر شاعري پڙھڻ
سان ئي ڄاڻ ملي ٿي تہ اھي ڪيڏا وڏا شاعر ھئا. انھن ئي شاعرن ۾ لاکو لطف الله بہ شامل آھي.رسالي جي ڪلام ۾ ملندڙ ھن
جي چئن بيتن کي پڙھي سندس شاعريءَ جي ٻولي، فن ۽ فڪري سگھ کي ڏسي وڌيڪ اندازو ڪري
سگهجي ٿو. منھنجي خوشنصيبي آھي جو منھنجي ڳوٺ ساپا موريءَ (دُبيار) جي بنھ ويجهو
ئي سندس درگاھ آھي، جتي ھر سال ميلو لڳندو آھي. درگاھ جي مجاور چاچي محمد عمر جو
ڏوھٽو محمد ادريس خاصخيلي ننڍي ھوندي اسان
سان گڏ پڙھڻ جي ڪري، اُتي منھنجو وڃڻ گهڻو ٿيندو رھندو ھو ۽ ساڻن ڪچھري بہ ٿيندي
رھندي ھئي.
لاکو لطف الله، جيڪو لاکي پير جي نالي سان مشھور آھي، اُن
جو تعلق ھالن جي مشھور مخدومن جي صديقي
خاندان سان آھي. لاکو پير مشھور بزرگ مخدوم نوح سرور جو پوٽو ھو. مٿس نالو بہ لطف الله رکيو ويو. سندس ڏاڏي مخدوم نوح جو
نالو بہ لطف الله ھو. سنڌ جي بزرگن ۾ مخدوم نوح ۽ سندس خاندان جو ھڪ الڳ درجو ۽ سڃاڻپ
آھي. ھن خاندان ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريا آھن. مخدوم محمد امين
عرف پکن ڌڻي، مخدوم غلام محمد مغموم، پير ميان غلام محي الدين ‘ميرل’، مخدوم غلام
حيدر صديقي، مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ، مخدوم محمد امين فھيم تمام وڏا
شاعر ۽ ليکڪ ٿي گذريا آھن. ھن مھل بہ مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان
‘عاطف’ بہ شاعر اديب ۽ عالم آھن.
لاکي پير جي شاعريءَ وانگر سندس زندگيءَ جو احوال بہ ھاڻي
ڪٿي ڪو تفصيلي نٿو ملي. مون جڏھن ٽيھارو سال اڳ ‘ترخان ۽ مغل دور جو سنڌي شاعر
لاکو پير’ مضمون لکيو ھو تڏھن منھنجي سامھون رڳو ٻہ مضمون ھئا جن ۾ ھڪ قاضي شوڪت
جو مختصر مضمون جيڪو ‘تاريخ درگاھ ھالا’ ۾ آھي ۽ ٻيو بہ اھڙو ئي محترم شعبان بخت
جو مختصر مضمون جيڪو رسالي ‘فردوس ھالا’ جي مخدوم نوح نمبر جي سال 1956ع ۾ ڇپيل
آھي. اُن کانسواءِ ٻيون رڳو روايتون ئي ھيون ۽ اڄ بہ آھن. خوشيءَ جي ڳالھ اھا آھي
تہ تازو 2010ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ‘لاکو پير ــ لطف الله’ ڪتاب ڇپيو
آھي. ڪتاب جو مصنف انھيءَ خاندان سان تعلق رکندڙ پير محمد عالم قريشي صديقي سجاولي
آھي. ھن ڪتاب جي تصحيح ۽ ضميمو مخدوم خاندان جي مشھور اديب مخدوم سائين جميل
الزمان صاحب جن لکيو آھي. مون اڳ ۾ بہ
پنھنجي مضمون ۾ لکيو ھو: “ھالا ۾ رھندڙ
مخدوم خاندان، علمي ادبي خاندان آھي. ٿي سگهي ٿو تہ لاکي پير لطف الله بابت وٽن ڪو
مواد اڃا بہ ھجي”. اھا ڳالھ ھيترن سالن کان پوءِ وري بہ ورجايان ٿو.
لاکي پير لطف الله
جي پيدائش ۽ نالو:
لاکي پير جي پيدائش جي تاريخ جي اڃا تائين ڪا پَڪي خبر پئجي نہ سگهي آھي. پير محمد عالم لکيو آھي:
“لاکي پير جي پيدائش جي تاريخ جي اڃا خاطرخواھ خبر پئجي نہ سگهي آھي، باقي اھا
خاطري آھي تہ مخدوم نوح جي رحلت کان پوءِ پيدا ٿيا آھن. جنھن ڪري مٿن مخدوم نوح جو
نالو رکيو ويو ھو.”(1) مخدوم نوح سرور جا ٻارنھن پٽ ۽ ٻٽيھ پوٽا ھئا. مخدوم نوح
998ھ ۾ فوت ٿيو. ظاھر آھي تہ لاکي
پير جي پيدائش ان کان پوءِ ٿي ھوندي، جو مٿس سندس نالو رکيو ويو. پير محمد عالم
سندس پيدائش بابت وڌيڪ لکيو آھي: “لاکو پير امين محمد (مخدوم نوح جو پوٽو)جو پنجون
نمبر فرزند آھي. چار فرزند مخدوم نوح جي حياتيءَ ۾ پيدا ٿيا. ان ڪري پنجين نمبر پٽ
تي نالو (لطف الله) رکيو ويو جو وڌ ۾ وڌ ھڪ ھزار ھجري ٿي سگهي ٿو.”(2) پير عالم
موجب “اندازو آھي تہ پاڻ سن 1070 کان 1075ھ جي ڌاري رحلت فرمائي ھوندائون.”(3)
ذڪر ٿي چڪو آھي تہ لاکي پير جو اصل نالو ‘لطف الله’ ھو،
جيڪو سندس ڏاڏي مخدوم نوح جو نالو ھو پر ننڍي ھوندي کان ئي لاکو / لاکي پير جي نالي سان مشھور ٿيو. نالي ۽
عرفيت جي باري پير محمد عالم لکي ٿو: “پاڻ ننڍپڻ ۾ نھايت سلڇڻا، ماٺيڻا ۽ لاکيڻا
ھئا، سو سڀئي کين لاکو پير سڏيندا ھئا، جو پوءِ سُتت ئي تحقيق جي دائري ۾ اچي
‘لاکو پير’ ئي سڏجڻ لڳو جو اڄ تائين سڏجي ٿو.”(4) ھتي ھيءَ ڳالھ بہ چٽي ڪرڻ ضروري
آھي تہ مقامي ماڻھو گهڻو ڪري کيس‘لاکو پير’
تہ ڪي وري ‘لاکو لطف الله’ بہ سڏيندا آھن.
ننڍپڻ:
لاکي پير جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ ھن تعليم ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنھن
ڪنھن کان حاصل ڪئي؟ ھن مھل تائين اھو احوال نہ ڪنھن ڪتاب مان ملي ٿو نہ ئي اُن
بابت ڪي خاص روايتون ملن ٿيون.سندس ننڍپڻ بابت جيڪي ڪجھ روايتون ملن ٿيون، اُھي
ڪتاب جي مصنف ڏنيون آھن. انھن روايتن مان سندس تعليم بابت ڪا بہ خاص معلومات نہ ٿي ملي پر
اھو معلوم ٿئي ٿو تہ لاکو پير ننڍي ھوندي پکين ۽ ٻين جانورن جي شڪار جو گهڻو شوقين
ھو. ھالا ڪنڊئَ ۾ پکين جي شڪار وغيرہ ڪرڻ مان اھو معلوم ٿئي ٿو تہ پاڻ جوانيءَ جي
شروع تائين اُتي ھئا. ٿي سگهي ٿو سندس
خاندان وٽ تعليم وغيرہ بابت ڪو احوال موجود ھجي، ڇاڪاڻ تہ ڪتاب ‘لاکو پير لطف
الله’ جي ضميمي ۾ مخدوم سائين جميل الزمان
صاحب لکي ٿو: “حضرت لاکي لطف الله جي
اولاد تي ھي ڪتاب انتھائي اھم دستاويز آھي. مون کي پير محمد ھاشم بہ ڪافي احوال
ڏنو ھو، جيڪو مون وٽ موجود آھي ۽ ڪنھن مناسب وقت تي منظرِ عام تي آڻبو.”(5)
جهرڪ ويجهو ماجيراءِ واري علائقي ۾ اچڻ:
معلوم ٿئي ٿو تہ لاکو پير شڪار جو شوقين ھئڻ ڪري ننڍي ھوندي
ھالا ڪنڊيءَ جي ٻيلن ۾ پکين ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪندو رھندو ھو.اُنھيءَ مان اھا
بہ سُڌ ملي ٿي تہ ھو جوانيءَ جي شروع وارن ڏينھن تائين ھالا ۾ پنھنجي خاندان سان
ئي رھيو. تنھن کان پوءِ جهرڪ ويجهو آيو. ھو ھتي ڪيئن ۽ ڪڏھن آيو، اھا ڳالھ بہ اڃا
ايتري چٽي نہ آھي. ھتي رڳو ھي معلوم ٿئي ٿو تہ ھو پنھنجي گهر ھالا کان حج جي نيت
سان روانو ٿيو ۽ جڏھن جهرڪ ويجهو ھتي پھتو تہ اڳتي وڃڻ بدران سدائين لاءِ ھتي رھي
پيو.
ھتي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ ضروري آھي تہ پراڻا ھالا سنڌو درياھ
جي ڪنڌيءَ تي ھو ۽ پوءِ اھو درياھ جي پالوٽ جي ڪري آھستي آھستي لُڙھي ختم ٿي ويو
تہ وري پھريائين ھڪ ڳوٺ نوان ھالا ويجهو اَڏيو ويو. انھيءَ زماني ۾ درياھ ھالا کان
ٿيندو ھڪ شاخ اولھ ۾ ڇڏيندو، وڏو وھڪرو نصرپور کان وھندو اڳتي ٽنڊي محمد خان واري
علائقي مان وري ٽن شاخن ۾ ورھائجي ويندو ھو، جن مان ھڪ اھم شاخ مُلان ڪاتيار ۽ جهرڪ جي ڏکڻ کان ڦرندي
پوءِ وري اولھ ڦرندي مشھور آڳاٽي ماڳ مجيراءِ جي ٽڪرئَ جي ڏکڻ يعني لاکي پير جي قبرستان
جي بہ ڏکڻ کان ٿيندي، سونڊا کان ڦرندي، ٺٽي طرف رواني ٿيندي ھئي. ٺٽي پھچڻ کان
پھرين وري بہ ٻن ڀاڱن ۾ وھايل ھوندي ھئي. انھيءَ زماني ۾ لاريون، موٽرون يا ريلون
وغيرہ نہ ھئڻ ڪري اچ وڃ جا وسيلا فقط خشڪي ۽ درياھي يا سامونڊي ھوندا ھئا. ان وقت
ھالا ۽ نصرپور وارن علائقن وارا ماڻھو جهرڪ، ٺٽي يا ويندي سمنڊ
وسيلي ٻين ملڪن تائين وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ رستي سھنجائيءَ سان پھچي سگهندا ھئا.
مطلب تہ جهرڪ وارو ھيءُ علائقو درياھي رستي سان ھوندو ھو.
چيو وڃي ٿو تہ جوانيءَ ۾ لاکو پير حج جي ارادي سان ھالا کان
ٻيڙيءَ وسيلي روانو ٿيو. ٻيڙي جڏھن ھن علائقي وٽان گذري تہ درياھ جي لاٿ جي ڪري گپ
۾ ڦاسي پئي. گهڻا زور ڏيڻ کان پوءِ ٻيڙي ڪناري تي آندي ويئي.ھن علائقي ۾ رات پوڻ
ڪري جڏھن پاڻ ھتي ترسيو تہ ھتي جي تڌڪار ۽ ماحول کيس ايترو تہ پسند آيو جو پنھنجي
ساٿين کي چيائين تہ : “الله پاڪ جو حڪم ھتي
رھڻ لاءِ ٿيو آھي. تنھنڪري اڳتي وڃڻ بدران ھتي ئي رھبو ۽ اسان جو حج ھتي ئي آھي”. ھتي
ٻيڙي ڦاسڻ ۽ پوءِ رھڻ بابت ٻي بہ روايت مشھور آھي، جيڪا پير محمد عالم پنھنجي ڪتاب
۾ ھن ريت لکي آھي: “پاڻ مراقبي ۾ ويٺو ھو، مراقبي کان فارغ ٿي فرمايائون: ابا ھتي
ڪنھن درويش جو آستانو آھي، جيڪو اسان کي اڳتي ڇڏي نٿو، ھاڻي في الحال اڳتي ھلڻ جو
ارادو لاھيو، ٻيڙي کي ڪنڌيءَ تي لنگرانداز ڪريو تہ رات درويش سان ملي موڪلائي صبح
جو ساجهر ھلنداسين. اھا ڳالھ ٻڌي ناکئي ٻيڙي ساحل ڏانھن ڦيرائي تہ ٻيڙي ھلي اچي ڪپ
سان لڳي. لاکو پير لھي درويش جي آستاني تي آيو. اھو بزرگ لال ڇتو سيد جي نالي سان
سڏبو ھو، ان وقت کان بہ چار صديون اڳ جو بزرگ ھو. ڪرامتن ۾ بي نظير ھو.”(6)
ھتي اچڻ کان پوءِ واري دور جي باري ۾ بہ ڪي روايتون ملن
ٿيون، جن ۾ (i) ھتان ڪي سال گم ٿي وڃڻ، (ii)
خواجہ خضر وٽ وڃي رھي، کانئس فيض حاصل ڪرڻ، (iii) کيس گهڻيون مينھون ملڻ ۽ اھڙيون
ٻيون روايتون. ملندڙ روايتن مان ھيءَ ڳالھ معلوم ٿئي ٿي تہ ھتي رھڻ کان پوءِ بہ
لاکي پير سنڌ جي مختلف علائقن جا سير سفر ڪيا، جن ۾ درساڻو ڇنو ــ ڪراچي، مڪران تہ
ٻئي پاسي ڪڇ ڀُڄ ۽ حيدرآباد دکن جا علائقا اچي وڃن ٿا. انھن مان ڪن ھنڌن تي سندس تڪيا
۽ مريد اڄ بہ موجود آھن. ھونئن تہ سندس ڪيترائي مريد آھن پر انھن مان خاص مريدن /
خليفن جو ھيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
1. درس خيرو:
ھي ذات جو شورو ھو. سندس تربت گنجي ٽڪر واري علائقي ۾ آھي.
لاکي پير جي پٽ ميين مٺڻ جي مزار جي ڀر ۾ آھي، جتي سندس ساليانو ميلو لڳندو آھي. ميين
مٺڻ جي ڀر ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي قبرون آھن، جن ۾ لاکي پير جا سجادہ نشين بہ رکيل
آھن. انھن جا نالا ھيٺين ريت آھن:
1. پير ميان محمد
حفيظ بن پير ميان بھاءُ الدين
2. پير ميان ربڏنو بن
پير ميان محمد حفيظ
3. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
4. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
5. پير ميان ڀاون
علي بن پير ميان عبدالواحد
6. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان ڀاون علي
7. پير ميان ربڏنو
بن پير ميان عبدالواحد
8. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان پير ڏنو
2. عمر فقير ڀنڊ
جوکيو:
اصل لس ٻيلي جو ويٺل، پوءِ لڏي اچي ڪاٺوڙ ڪراچيءَ ۾ ويٺو. لس
ٻيلي کان پوءِ ڪراچيءَ ويجهو جنھن ھنڌ عمر فقير ڀنڊ جوکئي ھڪ ڇنو ٺھرايو، اُتي
لاکو پير اچي رھندو ھو. اُھو مڪان اڄ بہ ‘درساڻو
ڇنو’ جي نالي سان مشھور ۽ روينيو رڪارڊ ۾ درج ٿيل آھي.عمر فقير، ڌاڙيلن سان وڙھندي
مارجي ويو،لاکي پير جي چوڻ تي کيس آڻي اُتي دفن ڪيو ويو، جتي ھاڻي لاکو پير
قبرستان آھي. ھي واقعو لاکي پير جي حياتيءَ ۾ ٿيو.لاکي پير جي ميلي تي سندس خاندان
جا ماڻھو اڃا تائين گهڻا ايندا آھن.
لاکي پير جو اولاد:
لاکي پير جا ٽي پٽ ھئا. پھريون پير ابراھيم سجادہ نشين ٿيو،
جنھن جي قبر لاکي پير جي مقبري اندر آھي. ٻيو پير مٺڻ جنھن جي قبر گنجي ٽڪر تي آھي.
جتي 10 محرم تي سندس ساليانو ميلو لڳندو آھي. ٽيون محمد رمضان، جنھن جي قبر سونڊا
شھر ڀرسان ٽڪريءَ تي آھي.
لاکي پير جا سجادہ نشين:
1. پير ميان
ابراھيم بن مخدوم لطف الله عرف لاکو پير
2. پير ميان فتح
محمد بن پير ميان ابراھيم
3. پير ميان محمد
امين بن پير ميان فتح محمد
4. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان محمد امين
5. پير ميان محمد
شاھ بن پير ميان عبدالواحد
6. پير ميان بھاءُالدين بن پير ميان محمد شاھ
7. پير ميان محمد
حفيظ بن پير ميان بھاءُ الدين
8. پير ميان ربڏنو بن
پير ميان محمد حفيظ
9. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
10. پير ميان ڀاون
علي بن پير ميان عبدالواحد
11. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان ڀاون علي
12. پير ميان ربڏنو
بن پير ميان عبدالواحد
13. پير ميان
عبدالواحد بن پير ميان پير ڏنو
14. پير ميان محمد
ھاشم بن پير ميان پير ڏنو
نوٽ: مٿئين عبدالواحد جو پٽ ڪونہ بچيو، ان ڪري سندس ڏوھٽي
پڳ ٻڌي.(7)
درگاھ:
ٺٽي ــ حيدرآباد روڊ تي، ٺٽي کان 44 ۽ جهرڪ شھر کان 6
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھڪ قديم قبرستان آھي. سنڌوءَ جي آڳاٽي وھڪري جي ڪنڌيءَ تي
اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھزارين قبرن تي مشتمل ھن قبرستان ۾ لال
ڇتي، شيخ جکري ۽ ٻين جون قبرون موجود آھن. ھيڊي پٿر تي سھڻي چٽسالي اُڪريل ڪيتريون
ئي قبرون اڃا بہ جيئن جو تيئن آھن. مختلف ڀاڱن ۾ ورھايل ھن قبرستان جي اُتر اوڀر
طرف ھڪ قبائين مزار آھي، جيڪا لاکي لطف الله جي آھي. ھن مقبري جو نمونو ڪلھوڙن جي
دور جي مقبرن وانگر آھي. قبو ۽ ڀتيون ھالا جي ڪاشيءَ سان سينگاريل آھن. مقبري جي
ڪاٺ واري در تي سھڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آھي.در جي مٿان فارسيءَ ۾ لکيل ڪاٺ جي تختي
لڳل آھي، جنھن جو فوٽو ڏنو ويو آھي. مانواري اديب ۽ محقق علي احمد بروھي پنھنجي
ڪتاب (.................................) ۾ لکيو آھي: “اُتر ــ اوڀر طرف ھڪ قبائين
مزار آھي، جنھن کي لاکو پير سڏيو وڃي ٿو. ھي
مقبرو ڏيکاءَ جي لحاظ کان حيدرآباد وارن ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي مقبرن وانگر آھي.
مقبرو ھالا جي ڪاشيءَ سان سينگاريل آھي ۽ ڪاٺ جو دروازو مِيرن جي مقبرن جي دورازن
جهڙو آھي، اُڪر ٿيل دروازن جي مٿان ڪاٺ جي تختي تي فارسيءَ ۾ اسلامي عقيدي جي لکت
موجود آھي.” (8)
مقبري جي ڀر ۾ ھڪ جهوني مسجد بہ آھي. مسجد مقبري جي اڏاوت
کان آڳاٽي لڳي ٿي. ھن مقبري جي ويجهو 16 چوڪنڊيون ٿنڀن واريون ڇٽيون آھن. اُھي
گهڻيون آڳاٽيون آھن، جن ۾ ڪيتريون ئي قبرون آھن. ڇٽين تي ٿيل اُڪر بابت علي احمد
بروھيءَ لکيو آھي: “انھن ڇٽين تي ٿيل اُڪر مڪليءَ ۾ موجود مرزا عيسيٰ خان ترخان جي
مقبري جهڙي آھي.اھا ھڪجهڙائي ان ڳالھ جو ثبوت آھي تہ ھن قبرستان تي اُڪر وارو ڪم مرزاعيسيٰ
خان ترخان جي مقبري جي اڏاوت واري ساڳئي دور جو آھي.”(9) ڪجھ فاصلي تي ڏکڻ طرف ھڪ
ٻي مزار بہ آھي، جنھن ۾ پٿر ۽ ڳاڙھيون سِرون لڳل آھن. ان ۾ ٻہ قبرون جن ۾ ھڪ لال
ڇتي ۽ ٻي شيخ جکري جي قبر آھي.
لاکي لطف الله جي شاعري:
لاکو لطف الله سنڌ جي انھن شاعرن مان آھي، جن جي شاعري تمام
گهٽ ملي سگهي آھي. ڳوٺ جي ويجهو ھئڻ سبب ھن قبرستان ۽ آسپاس ۾ اچڻ ۽ اُتي ايندڙ ماڻھن
سان ملڻ ۽ ڪچھريون ٿينديون رھيون آھن. ميلي واري رات اچي سدائين ٿيندڙ سماع ۽ لاکي
لطف الله جا بيت ٻڌبا ھئا. ننڍي ھوندي جوکيي فقير کان بہ لاکي جا ڪجھ بيت ٻڌبا ھئا.
اُھي بيت ڪنھن بہ نوٽ نہ ڪيا ۽ نہ ئي ڪنھن کي ھاڻي ياد آھن. اُھي بيت جوکيي فقير سان
گڏ اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويا.
لکيل ۽ مسند مواد ۾ ھن وقت فقط شاھ لطيف جي آڳاٽن رسالن ۾
لکيل بيت ئي باقي وڃي پچيا آھن. لاکي پير جا اھي بيت جڳ مشھور عالم، اديب ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنھنجي شاھڪار تحقيق کان پوءِ ‘رسالي جو ڪلام’ ۾
تفصيل ۽ بيت ڏنا آھن سي ھن ريت آھن:
لاکو لطف الله: سُر
سھڻي، فصل 4، بيت 1
لطف الله: سُر
ليلان، فصل 4، بيت 15
لاکو: سُر بسنت
بيت 2 (10)
سُر سھڻي:
کــڙڪــن ڪــجــايــاس، ٻـيــلي پـــاس ٻُـــرن جــي،
ڇــڻڪن جي ڇــيڄ ڪيا، تن واري ويـھ وڌياس،
‘لاکـــو
لـطــف الله’ چــئــي، اچــي آب گـهــڙيــاس،
سرتيون ڪنھن سڀاڳ لاءِ، سڪڻ آئون سکياس،
وســــان ٿــي ويـيـاس، مــليـس جـــان ميـھــار
کي. (11)
سُر
ليلان:
مَ چئو ماٺِ جُڳاءِ، ڪَرھ مَ ڪميڻين جيئن
ليــلان‘ لـطـــف الله’ چئي، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ
تہ ڍڪــي ڍول سنــداءِ،
اَوڳـڻ اڳيـان پويان. (12)
سُر بسنت:
انگــوريــون ۽ ڪيتڪيـون، ڦــوليون ڦــڳڻ مانــھ
رِءُ لالــڻ ‘لاکـــو’ چـــوي، ســي آءٌ ڪــريــان ڪـانـھ
جي سڄڻ ھُئي مون ٻانھ، ڦـل پَسيو ڦـولي ھينئون
.
ــــــــــــــــــــ
انگوريون ۽ ڪيـتڪيـون، ڦــوليون ڦــڳـڻ ھيل
لالــڻ رِءُ ‘لاکــو’ چــوي، سـي آءٌ ڀــانـئيــان سيــل
جي سڄڻ ھوئن
ٻيل، تہ ڦل پَسيو ڦولي ھينئون. (13)
پيرمحمد عالم پنھنجي ڪتاب ‘لاکو پير - لطف الله’ ۾ ماستر
عبدالرحمان دل صاحب پاران ڇپايل ڪتاب ‘مخدوم جو سُر سالڪ’ ڏيئي، اُن ۾ ڇپيل چاليھ
بيتن جو ذڪر ڪندي ھن سوال اُٿاريو آھي تہ: “ھي بيت ماستر عبدالرحمان دل ڪٿان ھٿ
ڪيا، ان ڳالھ جو ڪوبہ اتو پتو ڪونہ آھي.”(14) پير محمد عالم اڳتي لکيو آھي تہ: “ھن سندس ڪتاب
۾ سُر سٺھيون (60) ڄاڻايو آھي. باقي اوڻھٺ
سُر ڪھڙا آھن؟ ڪنھن جا چيل آھن؟ ان جي ڪابہ خبر نہ آھي.”(15) ڏٺو وڃي تہ پير محمد
عالم، اھا درست ڳالھ ڇيڙي، سوال اُٿاريو
آھي. ھتي اھا ڳالھ چٽي ڪرڻ بہ ضروري آھي تہ پير محمد عالم کي جيڪو سُر ملي سگهيوانھيءُ
سُر / ڪتاب کان سواءِ ٻيا ڪتاب ملي نہ سگهيا ان ڪري سندس مطالعي ۾ ماستر
عبدالرحمان دل جو فقط ھڪ ڪتاب رھيو ۽ ھن جي مطالعي ۾ ٻيا ڪتاب نہ رھيا. انھيءَ سلسلي ۾ اسان گهڻي
جاکوڙ کان پوءِ سندس اھي سمورا ڪتاب نہ رڳو وڃي ھٿ ڪري ڏٺا (16) پر انھن سمورن ڪتابن کي اسڪين ڪرائي محفوظ
ڪيو. ماستر عبدالرحمان دل جا اھي 60 نہ پر 66 سُر
(ننڍا ننڍا ڪتاب)ڇپيل آھن. سندس ڪتاب جيڪي ڇپيل آھنا، ان ڏس ۾ ڪنھن بہ محقق
جو ڪو بہ ڪم ٿيل نظر نٿو اچي. اُميد تہ سگهوئي ان بابت ڪم ڪيو ويندو. ھن وقت پڙھندڙن
خاص ڪري محققن جي دلچسپيءَ لاءِ ھتي رڳو انھن سُرن / ڪتابن جي (ڇپيل) فھرست ڏجي ٿي:
سُر جو نالو |
نمبر |
سُر جو نالو |
نمبر |
سُر جو نالو |
نمبر |
پرھ ڦٽي |
45. |
سسي آبري |
23. |
سُر ڪاموڏ |
1.
|
سامي |
46. |
سريراڳ |
24. |
ليلا چنيسر |
2.
|
ليلا |
47. |
سر بلاول |
25. |
سامونڊي |
3.
|
پرين |
48. |
ڪيڏارو |
26. |
مومل راڻو |
4.
|
چرخو |
49. |
ھير رانجهو |
27. |
يمن ڪلياڻ |
5.
|
ڪنڊو |
50. |
بسنت بھار |
28. |
حسيني |
6.
|
راڻو |
51. |
مارئي |
29. |
کنڀات |
7.
|
جکرو |
52. |
بيراڳ |
30. |
سورٺ |
8.
|
راميسري |
53. |
ڌناسري |
31. |
سھڻي |
9.
|
ڪوھياري |
54. |
رامڪلي |
32. |
ڏھر |
10.
|
ڏياچ |
55. |
سينھن ڪيڏارو |
33. |
سارنگ |
11.
|
ميگھ ملھار |
56. |
ڍول مارئي |
34. |
ڪلياڻ |
12.
|
توڏي |
57. |
ديسي |
35. |
گهاتو |
13.
|
نوري |
58. |
ڪاتار |
36. |
رپ |
14.
|
طالب |
59. |
ٽيھ اکري |
37. |
کاھوڙي |
15.
|
سالڪ |
60. |
جيتسري |
38. |
بروو |
16.
|
عاشق |
61. |
جمن |
39. |
آسا |
17.
|
حبيب |
62. |
توحيد |
40. |
پرڀاتي |
18.
|
آديسي |
63. |
چنڊ |
41. |
معذوري |
19.
|
جوڳي |
64. |
راڳ |
42. |
ڪاپائتي |
20.
|
عارف |
65. |
ڪارائيڙو |
43. |
پورب |
21.
|
ھنگلاج |
66. |
ملير |
44. |
ڪارايل |
22.
|
مٿين 66 سُرن
مان 9 سُر ‘مخدوم جو سُر’ ڪري ڏنا ويا آھن، جيڪي ھن ريت آھن:
1.
مخدوم جو سُر نوري (49ھون) بيت 03 ۽ ھڪ وائي. (ھن سُر وارا ٽيئي بيت ۽ ۽
وائي ميين عنات جا آھن ۽ بيتن ۽ وائي ۾ سندس ئي نالو ڏنل آھي.
2. مخدوم جو سُر طالب (59ھون) بيت 30
3. مخدوم جو سُر سالڪ (60ھون) بيت 40. (نوٽ: پير
محمد عالم کي فقط ھي سُر ملي سگهيو، جنھن جو ھن ذڪر ڪيو آھي.)
4. مخدوم جو سُر عاشق (61ھون) بيت 40
5. مخدوم جو سُر حبيب (62ھون) بيت 52
6. مخدوم جو سُر آديسي (63ھون) بيت 48
7. مخدوم جو سُر جوڳي (64ھون) بيت 50
8. مخدوم جو سُر عارف (65ھون) بيت 40
9. مخدوم
جو سُرھنگلاج (66ھون) بيت 53
ھر سُر جي آخر ۾ ھي فُٽ نوٽ
ڏنل آھي:
“وڌيڪ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ وٽ مخدوم لطف الله شاھ عبداللطيف کان اڳ جو آھي.”
ڪتاب ۾ ان کان پوءِ ھر سُر ۾ جيڪو صفحو ڏنل آھي اُن جو سِرو ھن ريت آھي: “ماستر جو ڪلام ماستر مخدوم جي پٺيان ھلڻ
جي ڪوشش ڪئي آھي.”
ايئن پوءِ ھن
پنھنجا اوترائي ٺاھيل بيت ڏنا آھن، جيترا اُن سُر ۾ آھن. سندس سڀني سُرن (ڪتابڙن )
کي جانچڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ ھن ڪٿي بہ اھو احوال يا حوالو نہ ڏنو آھي تہ
پاڻ مخدوم جي نالي ڏنل انھن سُرن جا بيت ڪٿان ھٿ ڪيا. ماستر عبدالرحمان دل پاران
مخدوم جا سُر ڪري ڏنل بيت مخدوم لاکي لطف الله جا آھن يا ناھن، انھيءَ باري ۾ اُميد تہ ڪوشش ڪري انھن بيتن جي اصل حقيقت بہ
سگهوئي سامھون آندو ويندو. ھتي ھيءَ وضاحت ڪرڻ بہ ضروري آھي تہ مٿين 66 سُرن مان 9
سُر مخدوم لطف الله جي نالي سان باقي سمورا سُر ‘سيد جو سُر’ جي سِري سان ڏنل آھن.
ھر سُر جي آخر ۾ ھيءَ عبارت ڏنل آھي:
“وڌيڪ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وٽ، شاھ عنايت ۽ شاھ
عبداللطيف جو ساڳيو ڪلام ھلي رھيو آھي.”
آخر ۾ ھيءُ نتيجو سامھون اچي ٿو تہ لاکو پير - لطف الله سنڌيءَ
جو تمام وڏو شاعر ھو پر سندس شاعري بنھ گهٽ ملي آھي. ھيستائين فقط اُھي بيت ئي لاکي
پير - لطف الله جا سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘رسالي جو ڪلام’ ۾
ڏنا آھن. اُھي بيت اسان مٿي ڏيئي چڪا آھيون.
ڏنل فھرست جو عڪس
ڪجھ سُرن / ڪتابن جي پھرين صفحن جا عڪس
حوالا
1. سجاولي پير محمد
عالم قريشي صديقي، لاکو پير – لطف الله، ثقافت
کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع، ص- 14
2. ساڳيو حوالو، ص-
15
3. ساڳيو حوالو،
ص- 15
4. ساڳيو حوالو، ص- 16
5. ساڳيو حوالو، ص- 128
6. ساڳيو حوالو، ص- 18
7. ساڳيو حوالو،
ص- 125
8. Brohi Ali Ahmed, “History on Tombstones – Sindh and Baluchistan,
Sindhi Adabi Board Jam Shoro, 2005, P-39
9. Same Ref. P-40
10. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ‘شاھ جو رسالو جلد
ڏھون، ‘رسالي جو ڪلام’ علامہ قاضي رسالو ‘تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، 1996ع، ص57
11. ساڳيو حوالو، ص 110
12. ساڳيو حوالو، ص
186
13. ساڳيو حوالو، ص
235
14. سجاولي پير
محمد عالم قريشي صديقي، ‘لاکو پير – لطف الله’ ص- 45
15. ساڳيو حوالو، ص 45
16. ھنن ڪتابن جي ھٿ ڪرڻ ۾ پنھنجي دوست، مانواري محقق ڊاڪٽر
مخمور بخاريءَ جي مدد رھي. انھيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد چنڙ ، ريجنل ڊاريڪٽر
ڪاليجز بہ سھڪار ڪئي.
No comments:
Post a Comment