Friday, June 13, 2025

ٿرڙو ٽڪري ۽ پٿرن تي اڪريل قديم لکت

ٿرڙو ٽڪري ۽ پٿرن تي اڪريل قديم لکت

سنڌ ساڻيھه قديم دؤر ۾ تھذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو آهي. اهڙيون گهڻيون ئي شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن. قديم آثارن جي لحاظ کان سنڌ، دنيا جي اُنهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جتي نه رڳو گهڻا هنڌ آهن، پر آڳاٽي ۾ آڳاٽا ماڳ به آهن ته سنڌو تھذيب جي دؤر ۽ پوءِ وارن ماڳن جا آثار به آهن. اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن مان مليل هتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، اڏاوت ۽ آڳاٽي لکت ڏسي دنيا حيران آهي. سنڌ جي بنھه قديم ماڳن ۾ ٿرڙو (بُٺي/ٽڪري) به هڪ اهم ماڳ آهي، جتي پٿر جي دؤر کان وٺي مختلف آڳاٽن دؤرن جا نه رڳو آثار پکڙيا پيا آهن، پر هتي پٿرن تي اُڪريل قديم لکت به چِٽي موجود آهي.

سنڌ جي ڇوڙ وارن پٽن جي ويجهو، سنڌوءَ جي آڳاٽي اولهائين وهڪري جي وچ ۾ گُجي جي ويجهو، ٿوري گهٽ مستطيل بيھڪ رکندڙ هيءَ ٽڪري بناوت ۽ پٿر جي نموني جي لحاظ کان بنھه مختلف آهي. مڪلي ٽڪريءَ جي ويجهڙ ۾ ننڍيون وڏيون ٽڪريون ته ٻيون به آهن، پر هيءَ ٽڪري ٻين سڀني ٽڪرين کان گهڻو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته هِن ٽڪريءَ جي سڄي مٿاڇري تي گهڻي آڳاٽي انسان جا اڻڳڻيا ڇڏيل نشان پکڙيا پيا آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب هن ٽڪريءَ تي

پٿر جي دؤر جي آثارن کان سواءِ هتي موجود ڪوٽ سنڌ جي ڪن بنھه قديم ڪوٽن مان هڪ آهي. ڪوٽ جي آثارن جي ويجهو ئي موجود هڪ پٿر تي اُڪريل قديم لکت، هن جي قدامت جي پڪي شاهدي آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي قديم ماڳن وانگر، هزارين سالن کان اڄ تائين پنھنجا آثار سنڀالي رکندڙ ٿرڙي جو ذڪر سڀ کان پھرين ميرعلي شير قانع ٺٽويءَ جي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ ملي ٿو، (1) پر هن جي باري ۾ ڪو تفصيلي احوال ڏنل ناهي. گهڻو پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ هن ماڳ جو ڪجهه احوال ملي ٿو. اُن دؤر ۾ سڀ کان پھرين هڪ انگريز عملدار مسٽر ڪارٽر هتي اچي، هي ماڳ ڏسي، جانچي، هن ماڳ ۽ هتي موجود لکت جو مختصر احوال درج ڪيو. تنھن کان پوءِ قديم آثارن جي ماهرن، هينري ڪزنس ۽ اين.جي مجمدار ٿرڙي جون کوٽايون ۽ کوجنائون ڪيون. مجمدار، مسٽر ڪارٽر جي ڪيل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ هتي اچي، هن ٽڪريءَ بابت سٺي نموني سان تحقيق ڪئي. مسٽر مجمدار ٿرڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ پنھنجي شاهڪار ڪتاب ’Explorations in Sind‘ ۾ هن ماڳ جو تحقيقي احوال ’Tharro Hill Near Gujo ‘ جي عنوان سان ڏنو آهي. سندس راءِ موجب هتان مليل ٺڪراٺو تاريخ واري دؤر کان اڳ (500 ق.م) جو آهي. هو لکي ٿو ته:

”مسٽر ڪارٽر هن ماڳ تي اڳ ئي اچي چڪو هو. مسٽر ڪارٽر جو بيان آهي ته، ’گجي جي ويجهو ٿرو، پوئين پٿر جي دؤر جو هڪ شھر آهي. هن هتان پٿر جي پوئين دؤر جا اوزار لڌا هئا.‘ ٿرڙو هڪ ننڍي ٽڪري گجي کان ڏکڻ اوڀر طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اها ٽڪري ميداني سطح کان 30 ۽ ڪٿي 35 فوٽ تي آهي ۽ چوٽي تراکڙي اٿس.“ (2)

رپورٽ موجب ڪٿي ڪٿي کيس ڪاپر جي دؤر جا اُهڃاڻ به مليا. کوٽائيءَ مان کيس هڪ هنڌ ٻڌ ڌرم جون مورتيون وغيره به مليون.
سندس راءِ آهي ته، اِهي ڪاهوءَ جي دڙي واري دؤر جون آهن. قديم آثارن جي کاتي پاران به ڪن وقتن تي هتي ڪجهه کوٽايون ڪرايل آهن. ويجهڙ ۾ قديم آثارن سان تمام گهڻي دلچسپي رکندڙ ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري صاحب هن ماڳ جي گهڻي اهميت محسوس ڪندي،
’اينٽيڪئيٽيز ڊپارٽمينٽ‘ پاران پھريون ڀيرو نه رڳو قومي شاهراهه کان نڪرندڙ رستي واري هنڌ تي 2010ع ۾ ڏسڻو بورڊ (Singh Board) هڻائي، ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو، پر هتي موجود لکت واري پٿر کي لوهي جهنگلو ڏياري، محفوظ ڪرايو ۽ پڻ کاتي پاران هڪ چوڪيدار به مقرر ڪيو ته جيئن هن ماڳ جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچاءُ ٿي سگهي.

هيءَ ٽڪري هن وقت زرعي زمينن ۽ جهنگ ۾ گهيريل آهي. ٽڪريءَ تي ڪا به آبادي نه آهي، البت ڏاکڻي ڇيڙهي کان هيٺين ڀاڱي ۾ شيخ برادريءَ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ موجود آهي.

پراڻن وهڪرن کي نظر ۾ رکي معلوم ٿيندو ته هيءَ ٽڪري هڪ ’ٻيٽ‘ وانگر رهي آهي. آڳاٽي زماني کي ڇڏي، چوڏهين صدي عيسويءَ تائين به هِيءَ ٽڪري وهڪرن جي وچ ۾ رهي آهي. ڏٺو وڃي ته آڳاٽي زماني ۾ سنڌوءَ جو اولهائون وهڪرو، ڪينجهر وارن پٽن کان اڳتي نڪري، چليا ويجهو ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو، هڪ شاخ ٺٽي شھر جي اوڀر کان ڦرندي ڏکڻ طرف ويندي هئي، جيڪا ’بگهياڙ‘ جي نالي سان مشھور هئي. ٻي شاخ اوڀر طرفان چليا واري علائقي وٽان الڳ ٿي، موجود ’سُھڻيءَ (سُونھي) جي لٺ‘ واري ٽڪريءَ کان اڳتي نڪرندي هئي. اُها شاخ ’ساريجي بُٺيءَ‘ کان ٿيندي، اُتر طرف وڏي پکيڙ واري شڪل ۾، ’کُڏي ڍنڍ ‘واري هنڌ وٽان وڪڙ ڪندي، ’جهول ڍنڍ‘ وٽان وڏو ڦيرو کائي، اولهه ڏکڻ ڏانھن مڙي ويندي هئي، اُنهيءَ وهڪري کي ’ڪلري‘ سڏيو ويندو هو. اُهو وهڪرو مڪليءَ جي اُتر کان وهندو، اولهه طرف ويندو هو. هي وهڪرو ’هاليجي ڍنڍ‘ وٽ پھچي، ٿورو اڳيان ٿيندو هو ته هن مان وري ٻيو هڪ وهڪرو الڳ ٿي، پوءِ اڳتي نڪري گهاري کان ٿيندو ڀنڀور ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اُنهيءَ وهڪري مان وري هاليجيءَ وٽان ئي ٻيو وهڪرو نڪري گُجي وٽان لنگهي، ڏکڻ ڏانھن نڪرندو هو. ٿرڙو ٽڪري اُنهيءَ وهڪري جي وچ (ٻيٽ) ۾ هئي. اُهو وهڪرو، ٿرڙي کان ٿورو اڳيان وري به ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو، هڪ ڀاڱو اُتر طرف مڙي وڃي ’هالاٺ‘ واري وهڪري سان ملندو هو ۽ وڏو وهڪرو وري اولهَه ڏکڻ طرف ڦرندو وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو، اُنهيءَ وهڪري تي به ڪي شھر ۽ وستيون آباد هيون. هنن وهڪرن جا نشان اڄ تائين به ڀَڏن جي شڪل ۾ پکڙيا پيا آهن.

ڪلريءَ وارو وهڪرو گهڻن زمانن تائين موجود رهيو. پنڌرهين صدي عيسويءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن هي وهڪرو بنھه گهٽجي ويو هو، تڏهن پاڻيءَ جي اُن کوٽ ۽ زرعي نقصان کي ڏسي، اُنهيءَ وقت ۾ ملڪ جي وڏي وزير ۽ سپھه سالار دولهه درياخان ساڳئي وهڪري واري هنڌ تان هڪ وڏو واهه کوٽائي، ساڳين زمينن ۽ پٽن تائين پاڻي پھچايو. هتي هيءَ حقيقت بيان ڪرڻ به ضروري آهي ته ڪلريءَ وارو وهڪرو سانوڻيءَ جي مند ۾ گهڻو پوءِ تائين به چڱي نموني سان وهندو رهندو هو، جنھن جو اوڻيھين صدي عيسويءَ ۾ هتي پھتل انگريزن به ذڪر ڪيو آهي. اهڙو احوال جنرل هيگ به پنھنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي‘ ۾ ڪيترن هنڌن تي ڏنو آهي. (3)

ايڇ ٽي ليمبرڪ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ ۾ ٿرڙي جو ذڪر ته مجمدار جي حوالي سان ڪيو آهي پر انھيءَ احوال ۾ هُن، صفحي 151 تي هيئن لکيو آهي:

”جنھن ٻئي هنڌ بابت اسان کي پڪ آهي ته اُهو به سنڌو تھذيب جي ڏينھن ۾ سمنڊ تي يا سمنڊ جي تمام ويجهو هو، سو آهي ٺراهه (ٿرڙو)، ’گجي جو ڪوٽ‘ پڻ اندر هو. اهو هنڌ ٺٽي کان ڏهاڪو ميل اولهه طرف آهي.“

پر افسوس جو هو اڳتي هلي مختلف حوالا ڏيندي به ٿرڙي جي اصل بيھڪ واري هنڌ ڏَسڻ ۾ ڀُل ڪري ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هو، هن ماڳن تائين شايد پھچي ئي نه سگهيو هو، هُن رڳو مطالعي جي آڌار تي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن ڪري جتي هن شيخ ابو تراب جو ذڪر مير علي شير قانع جي حوالي سان ڪيو آهي، اتي هو گجي جو ذڪر به ڪري ٿو ۽ وري ساڪري جي حوالي سان ٿرڙي جو ’ٺراه‘ (THARRAH) قلعي جي نالي سان ذڪر به ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ هن اُن قلعي واري ماڳ کي ڀنڀور کي ويجهو سمجهي ڀل ڪئي آهي. البت سندس احوال ۾ هيءَ ڳالهه به ڪيل آهي ته، هتي جھاز ايندا هئا. هو لکي ٿو ته:

”گجي ۾ جتي شيخ ابو تراب پنھنجا ڪارناما ڪيا هئا، اڃا تائين جيڪي ڳالهيون ٻُڌجن ٿيون، تن ۾ هڪڙي اهڙي به ڳالهه آهي، جنھن مان لڳي ٿو ته سندس وقت ۾ جھاز سمنڊ کان ٺري (يعني ٿرڙي) تائين ايندا هئا.“(4)

اڳتي هلي قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر اسمھ ابراهيم به هن ٽڪريءَ ۽ خاص ڪري لکت جي حوالي سان اهم ڪم ڪيو آهي، جنھن پنھنجي مقالي ۾ هتي جو چڱو آڳاٽو احوال ڏنو آهي. ويجهڙ ۾ مانواري محقق بدر ابڙي به پنھنجي ڪتاب ’ڪوهستان جو سفر‘ ۾ ٿرڙي جو تمام سٺو احوال ڏنو آهي.

نالو:

’ٿَرڙي‘ جي نالي کي مختلف ڪتابن ۾ مختلف نمونن سان لکيو ويو آهي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته هن ٽڪريءَ جو ذڪر مير علي شير قانع جي ڪتاب ’تحفت الڪرام‘ کان پوءِ وري انگريز دؤر جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، جنھن ۾ هن ماڳ کي ‘Tharro Hill’Tharo ‘يا ’Tharro‘ ۽ پوءِ ’Tharrah‘ به لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي جيڪو ٻڌايو يا لکي ڏنو ويو، هنن اهوئي لکيو. انگريز دؤر جي لکيل ڪتابن جو جڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، تڏهن هن ماڳ کي وري ڪن محققن ’ٿرو‘، ڪن ’ٺارو‘، ڪن ’ٺراهه‘، ته ڪن وري ’ٺَرو‘ لکيو آهي. ائين ڪن ٿورن سنڌي، اُردو ۽ فارسيءَ جي ليکڪن هن ٽڪريءَ کي ’ٿَرو‘ يا ’ٿَرِي‘ به لکيو آهي. مطلب ته هن ماڳ کي مختلف ڪتابن ۾ مختلف نالن سان لکيو ويو آهي، ڪٿي ته وري بيھڪ ۾ به چڱو فرق ڏيکاريل آهي. لوڪ روايتن ۾ وري ٿرڙي کي گهڻو ڪري، ’ٿُرون جو قلعو‘ سڏيو ويو آهي. ڪن مانوارن محققن وري هن هڪ ئي هنڌ واري ماڳ کي ’ٿرو‘ ۽ ’ٺارو‘ جي نالن سان ٻه الڳ الڳ ماڳ لکڻ جي به غلطي ڪئي آهي. شايد اُنهن سببن جي ڪري ئي هن ماڳ کي ڳولي لھڻ ۾ گهٽ محققن کي ڪاميابي حاصل ٿي، ۽ شايد اُن ڪري ئي ٿرڙي بابت تحقيق ۽ مشھوري به جيتري ٿيڻ گهرجي ها اوتري ٿي نه سگهي آهي.

هن ٽڪريءَ کي مقامي ماڻهو ’ٿَرڙو‘ يا ’ٿَرڙي واري بُٺي‘ (ٽڪري) چوندا آهن ۽ رڪارڊ ۾ به ’ٿرڙو‘ جي نالي سان ئي درج ٿيل آهي، اِن ئي نالي سان هيءُ ماڳ مشھور آهي. هاڻي ڏسجي ته ٿرڙي جي معنى ڇا آهي ۽ ٿرڙو چئجي ڇا کي ٿو. ڏٺو وڃي ته، ’ٿرڙو‘ يا ’ٿرڙ‘ جي معنيٰ آهي، کنڊر، ڦٽل شھر يا پراڻو دڙو. جامع سنڌي لغات ۾ ٿرڙ جي جيڪا معنيٰ ڏنل آهي، سا هن ريت آهي: ”ٿرڙ = ڊٺل شھر، آڳاٽو ڦٽل شھر، ڀَنُ، کنڊر، جهونو دڙو“ ائين جامع سنڌي لغات ۾ ساڳئي صفحي تي ٻيو لفظ ’ٿرڙي‘ ڏنل آهي، جنھن جي معنيٰ به لڳ ڀڳ ساڳي لکيل آهي: ”آڳاٽو ڦِٽل ننڍو ڳوٺ، جو دڙي جي صورت ۾ هجي، دڙو، ننڍي ڀٽ.“ (5) مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي، چئي سگهجي ٿو ته هن ماڳ جو اصل نالو ڪو ٻيو هوندو، پر قديم دڙي يا ڦٽل آثارن جي نسبت سان گهڻن زمانن کان هن ماڳ جو نالو ئي ’ٿرڙو‘ پئجي ويو آهي، هاڻي اِنهيءَ نالي سان ئي نه رڳو مشھور آهي، پر گهڻي زماني کان رڪارڊ ۾ به اِهو نالو ئي درج ٿيل آهي.

بيھڪ:

ٿرڙي واري ٽڪري، ٺٽي کان اولهه طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ مُک روڊ تي موجود گُجي شھر کان 3 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ديھه شيخ حاجي ترابي، تپي گجي، تعلقي ميرپورساڪري ۽ ضلعي ٺٽي ۾ آهي. جنھن ديھه ۾ هيءَ ٽڪري آهي. اُن جي اوڀر ۾ ديھه هالڪي، اوڀر ڏکڻ ۾ ديھه تارڪي، ڏکڻ ۾ ديھه مَڙهو، اولهه ۾ ديھه ٻاٻڙا ۽ اتر ۾ گجو آهي. ٿرڙو ٽڪري زميني سطح کان ڪٿي 30 ته ڪٿي 35 فوٽ اوچي آهي، نقشي جي لحاظ کان هيءَ ٽڪري لڳ ڀڳ مستطيل شڪل جي آهي، پر سندس وچ وارو ڀاڱو سوڙهو آهي. اٽڪل 16 ايڪڙن تي مشتمل هِي ماڳ 24`43’39.9”N 67`45’09.2”E تي موجود آهي.

وڃڻ لاءِ رستو:

گجي شھر جي بس اسٽاپ جي اولهائين ڇيڙهي تي ڪلري واهه ۽ ڪراچي واهه اُتر کان ڏکڻ طرف روڊ پار ڪن ٿا. اُتان کاٻي پاسي کان ڪلريءَ جي ڪَڙ سان هڪ ننڍو رستو ڏاکڻي ڀرسان نڪري ٿو، اُهو رستو ڦيرو کائي، اولهه طرف واهه سان گڏوگڏ شيخ ابو ترابيءَ تائين وڃي ٿو.
شيخ تراب کان پھرين اُنهيءَ روڊ مان هڪ ڪچو رستو سَر ڏکڻ طرف نڪري ٿو، جيڪو سڌو هن ٽڪريءَ تي موجود قديم ٻُڌي مندر جي آثارن جي اوڀر ۾ مٿاهينءَ تي هڪ قديم ڪوٽ وٽان مٿاڇري تي پھچي ٿو.

آڳاٽي زماني ۾ ٿرڙو درياهي رستن سان ڳنڍيل هو. سنڌوءَ جي مُھڙ وارن علائقن کان به هيستائين اچ وڃ ٿي سگهندي هئي ته هتي پھچي، اڳتي سمنڊ ۾ داخل ٿي، دنيا جي ڏور ڏيھن تائين به سَھنجائيءَ سان سفر ٿي سگهندو هو. اِيئن هتان کان ٻيڙين رستي چليا يا جنگشاهي وارن علائقن تائين پھچي، ٻن مختلف خشڪيءَ رستن سان گهڻين ولاتن تائين وڃي سگهبو هو. مطلب ته ٿرڙو هن وقت کان آڳاٽن دؤرن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۽ ڏور ڏيھن سان سُٺي نموني سان ڳنڍيل هو.

قدامت:

چئي نه ٿو سگهجي ته ٿرڙو ٽڪري سمنڊ جي گهيري مان ڪڏهن آزاد ٿي، پر اُن کان پوءِ جا جيڪي آثار هتي ملن ٿا، اُنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هن ٽڪريءَ تي هزارين سالن کان انسان رهندو آيو آهي ۽ هيءَ ٽڪري سندس استعمال ۾ رهندي آئي آهي. هتي ڪيترائي اهڙا اُهڃاڻ ٽڙيل پکڙيل موجود آهن، جيڪي آڳاٽن سنڌي ماڻهن جي ڪِرت ۽ اُنهن سان لاڳاپيل شين جون شاهديون ڏين ٿا. خاص ڪري هن ٽڪريءَ تي پٿر جي دؤر جا ڪيترائي اوزار پڌرا پکڙيل آهن، ڏيھي ۽ پرڏيھي ماهرن جي تحقيق موجب اهي نئين پٿر جي دؤر جا اوزار آهن. مطلب ته 9000 کان 3000 ق. م جي وچ ڌاري هن ٽڪريءَ تي نه رڳو ماڻهو موجود هئا پر انساني ارتقائي مرحلن جون اوساريون کڻڻ ۾ مصروف هئا. قديم آثارن جي کاتي پاران سنڌ ۾ اوڻهين صدي عيسويءَ ۾ کوٽاين جي شروعات ڪئي وئي، ته هن علائقن ۾ به کوجنا ٿيڻ لڳي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته اين.جي. مجمدار کي هتي کوٽائيءَ دؤران پٿرن جا ڪيترائي اوزار مليا هئا. هو لکي ٿو:

”مندر واري هنڌ کان ڏکڻ طرف 1600 * 800 فوٽن جي هڪ جاءِ تي پٿر جي اوزارن سان لاڳاپيل چقمقي پٿر جام پيل آهن. هن جاءِ تي ننڍن دڙن جو هڪ چڱو تعداد آهي، جن جي اوچائي پنج يا ڇھه فوٽ ٿيندي.“(6)

مجمدار اڳتي لکي ٿو ته:

”امڪان آهي ته ٿرڙو ٽڪري، پٿرن جا اوزار ٺاهڻ جو هڪ صنعتي علائقو هو، هي ڪو انساني رهائش جو هنڌ ڪونه هو.“ (7)

مجمدار جي هن بيان مان پڌرو آهي ته هتي پٿر جي ٺھڻ جو ڪارخانو موجود هو. جديد تحقيقون به اهو ئي ٻڌائن ٿيون. ايم. ايڇ پنھور صاحب لکيو آهي:

”گجي ويجهو ٿرڙو ٽڪري، شاهه حسين (ٺٽي ضلعي)، ڪافر ڪوٽ، ٻُڌ جي ٽڪر (ٽنڊو محمد خان) جون کوٽايون ٻُڌائن ٿيون ته ٽي هزار ق.م. ۾ اُنهن ماڳن تي پٿر چيرڻ جا ڪارخانا موجود هئا.“ (8)

ڏٺو وڃي ته ڪنھن به ماڳ جي قدامت ۽ انساني تاريخ بابت هيءَ تمام وڏي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته تڏهن پٿر چيري، اُنهن مان اوزار ٺاهڻ اُن زماني (انسان جي اوائلي دورن) جي هڪ جديد ترين صنعت هئي، جيڪا هن ٽڪريءَ تي موجود هئي.

محققن پاران ٿرڙو ٽڪريءَ مان ملندڙ ٺڪراٺو به گهڻو آڳاٽو ڄاڻايو ويو آهي. مجمدار کي هن ٽڪريءَ تي ٺڪر جا ڪيترائي ٿانوَ مليا، جن ۾ پاٽيون، گهگهيون، لوٽا وغيره شامل آهن. هو اتي موجود ڪوٽ ۽ اُن اندر ڪوٺين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”هر هڪ ڪوٺيءَ مان ٺڪر جا ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٿانوَ مليا آهن. لڌل پاٽين جن کي هيٺان ترو لڳل آهي، جن جي اوچائي 5، 16 انچ آهي. پوئين دؤر جو نمونو سنڌو سڀيتا جي ٽامي واري دؤر سان تعلق رکي ٿو. کوٽائيءَ دؤران ڪي به هڏا وغيره ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اُهي شيون ڪھڙي ڪم اينديون هيون. اهي ٿانوَ چٽساليءَ بنا، سادا، لسا ۽ ڳاڙهي رڱ جا آهن. سندن دؤر وغيره به پڪ سان معلوم ڪري نه ٿو سگهجي، پر اندازو آهي ته جنھن دؤر ۾ پٿر جون اهي ڏنگيون ڦڏيون ڀتيون ٺاهيون ويون هونديون، هن جو اُن دؤر سان تعلق آهي، جيڪو تاريخ کان اڳ وارو دؤر چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پٿرن جا اوزار جن ۾ لوٽا، اکريون وغيره ٽڪريءَ تي پکڙيون پيون آهن.“ (9)

هن ٽڪريءَ تي ٻُڌ دؤر جا آثار به ملن ٿا. ٻُڌ مندر ۽ ٻيون شيون اُن حقيقت جي گواهيءَ لاءِ اڄ به موجود آهن. مجمدار هن ٽڪريءَ جي احوال ۾ ٻُڌ دؤر جي آثارن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”هتي ننڍن دڙن مان هڪ گول دڙي کي فقط ڇھه انچ مٽي هٽائي، ڏٺو ويو ته چيڪي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ گولو لڌو، اُن کي ڀڳو ويو ته اُن مان ٻُڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ مڃتا جون ڪيتريون ئي ٽڪيون ظاهر ٿيون. اُنهن اڻ پڪل ٽڪين ۾ ٻه قسم ڏسڻ ۾ آيا، جن مان هڪ قسم جي ٽڪيءَ ۾ گوتم ٻُڌ کي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ته ٻئي قسم ۾ مندرن جي قطار ڏيکاريل آهي. ٻنهي قسمن جي ٽڪين ۾ لکت ستين ۽ اٺين صدي عيسويءَ جي اتر هندستان جي ٻُڌ جھڙي آهي. هي ٽڪيون هوبھو ميرپورخاص مان لڌل ٽڪين جھڙيون آهن.“ (10)

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سٺ واري ڏهاڪي ۾ به سنڌ جي، خاص ڪري هن علائقن جي سَروي ۽ ڪن هنڌن جون کوٽايون ڪرايون ويون. کاتي ۾ مقرر اُن وقت جي عملدار ڊاڪٽر محمد شريف صاحب سنڌ جي مختلف ماڳن جي ڪرايل کوجنا جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ موجود قديم ماڳن جي رپوٽ سميت هڪ فھرست پيش ڪئي، جيڪا ’پاڪستان آرڪيالاجي نمبر 8، 1972ع‘ جرنل ۾ شايع ٿيل آهي.(11)

اُن سروي جي بنياد تي ٺاھيل فھرست ۾ هن ماڳ جي تھذيبي دؤر کي هڙپا جي دؤر جو ماڳ ڄاڻايو ويو آهي. سڀني ماهرن جي رپوٽن کي نظر ۾ رکي ڏٺو ويو آهي ته هن ٽڪريءَ تي موجود آثار اُن کان به اڃا گهڻو آڳاٽا آهن. قدامت جي لحاظ کان هتي جيڪي دؤر ملن ٿا، اهي آهن: (i) پٿر وارو دؤر (ii) تاريخ کان اڳ وارو دؤر (iii) ٻُڌ دؤر ۽ (iv) مسلم دور. هيءَ حقيقت آهي ته قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ٿرڙي جي قدامت جو احوال، ڏاڍي سھڻي ۽ دلچسپ نموني سان ڏنو آهي.(12) جيڪو آخر ۾ جيئن جو تيئن ڏنو ويو آهي.

ٿرڙي ۾ پٿرن تي اُڪريل لکت:

موهن جي دڙي مان مليل سنڌو لکت سڄي دنيا لاءِ اهم ۽ دلچسپيءَ جو وڏو سبب رهي آهي. اُن کان پو ِءِ سوراشٽر، ڪڇ، گجرات ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن مان به لکتون مليون آهن. اِيئن کير ٿر جي جبلن، سوئي وهار، جهرڪ، ٿرڙي ۽ پوءِ ڀنڀور مان مليل لکتون به اهم آهن. اُنهن مان هتي اسين ٿرڙي ۾ موجود اُنهيءَ لکت جو ذڪر ڪنداسين، جيڪا هتي پٿرن تي اُڪريل آهي.

1. ٿرڙي ٽڪريءَ جي مختلف هنڌن تي پٿرن تي اُڪريل لکت ملي ٿي. هتي ملندڙ اُنهن لکتن ۾ خاص ڪري اُترئين ڀاڱي ۾ موجود قديم ڪوٽ جي آثارن ويجهو اولهه ۾ هڪ پٿر تي اڪريل لکت اهم ليکي وڃي ٿي. هتي لکت کان پھرين هن ڪوٽ بابت مختصر ذڪر ڏجي ٿو، جيئن وڌيڪ چٽائي ٿئي. ٿرڙي ڪوٽ بابت گهڻن محققن جو خيال آهي ته هن ٽڪريءَ تي ڪوٽ سڪندر اعظم جي دؤر جو آهي. اها حقيقت هيئن چئي وڃي ٿي ته سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه دؤران جڏهن يوناني فوجون هتي پھتيون هيون، تڏهن هن ٽڪريءَ تي ڪجهه عرصو رهڻ دؤران اُنهن هي ڪوٽ تعمير ڪيو هو. انهيءَ ڪوٽ جي آثارن کان اولهه طرف ڪجهه ئي سؤ فوٽن تي هڪ اهڙو پٿر پيل آهي، جنھن تي قديم لکت چٽي نموني سان اُڪريل آهي. لڳ ڀڳ بيضوي شڪل جھڙي اُن پٿر جي ماپ ڊيگهه ۾ 8 ۽ ويڪر 5 فوٽ آهي. (ڏسجي فوٽو 1 ۽ 2)

هتي ڏسجي ته ڇا هيءَ لکت اصل ۾ تھذيب کان اڳ جي لکت آهي يا سنڌو تھذيب جي شروع واري زماني جي لکت آهي يا اُنهيءَ زماني جي ڪا واپاري لکت آهي؟ يا وري ڪنھن قديم عقيدي جي، علامتي نشانين تي مشتمل لکت آهي يا وري ڪي ٻيا اُهڃاڻ ڏنل آهن؟ ۽ اهم ڳالهه ڏسجي ته هن لکت ۾ لکيل ڇا آهي؟ اُنهيءَ ڳُجهه کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪن محققن پنھنجا پنھنجا رايا ڏنا آهن. قديم آثارن جي ماهر مجمدار پنھنجي ڪتاب ۾، هن لکت بابت جيڪو احوال ۽ رايو ڏنو آهي، سو ترجمي سميت هتي ڏجي ٿو:

“At Three places on the rocky surface of this hill are carved a number of symbols. At one these spots no less than six signs have been engraved, but at the other two only a single sign is found. Among these ‘the man,’ ‘the bow and arrow’ and ‘the intersected rectangle’ are reminisent of similar ones occurring on the seals of Harappa and Mohen-jo-Daro, although the available evidence is not enough to establish a prehistoric date for these symbols or trace their connection with the pictographic script of the Indus Valley.” (13)

ترجمو: ”هن ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ٻن هنڌن تي اسان کي پٿر تي اُڪريل (لکت واريون) نشانيون ملن ٿيون، اُنهن مان هڪ (پٿر) تي اُڪريل علامتون ڇھن کان گهٽ ڪونه آهن ۽ ٻين ٻن پٿرن تي هڪ هڪ علامت ڏسجي ٿي. اُنهن علامتن مان هڪ گهوڙي سان گڏ ماڻهو تير ۽ ڪمان سان آهي. ٻيو هڪ چوڪنڊو آهي، جنھن جي ڪنڊن مان نڪتل ليڪون وچ تان ڪاٽن ٿيون. اُهي اهڙي قسم جون علامتون آهن جن کي هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان لڌل مھرن تي ڏٺو ويو آهي. هنن مليل علامتن مان ڪا به وضاحت نه ٿي ٿئي ته هنن علامتن کي تاريخ کان اڳ واري دؤر سان يا سنڌو تھذيب جي تصويري الف-بي سان سلھاڙي سگهجي.“

مطلب ته مجمدار جي راءِ موجب، ٿرڙي مان مليل پٿر تي اُڪريل لکت جو پڪ سان تعين نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪو چٽيءَ ريت سنڌو تھذيب واري لکت سان تعلق قائم ڪري سگهجي ٿو، تنھن هوندي به سندس لکت موجب اُها لکت موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جھڙي ئي آهي. هتي هيءَ چِٽائي به ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته هن پٿر تي لکت واريون اُهي علامتون ڇھه نه پر ست آهن. (ڏسجي فوٽو 3 ۽ 4)

مشھور محقق ۽ قديم آثارن جي ماهر مانواري ڊاڪٽر اسمھ ابراهيم صاحبه هن لکت بابت ڏاڍي دلچسپ، نئين ۽ سائنسي انداز سان تحقيق ڪئي آهي. سندس اها تحقيق(The Archaeological Review) جي شماري 2000- 2001 ۾ (The Monograms: An exciting Discovery at Tharro HillFortress) جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر اسمھ لکي ٿي:

”سنڌ ۾ قديم ماڳن جي سَروي دؤران هتي اسان کي اهڙا ڪيترائي دلچسپ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ نقش ۽ نشانيون مليون آهن. اهي پٿرن تي اُڪريل آهن، جن مان آسانيءَ سان قربان گاهن جو تاثر اُڀري ٿو. سمجهي سگهجي ٿو ته اُتي وڌيڪ سوڀون ماڻڻ لاءِ ديوتائن آڏو قرباني ڪري، پنھنجي فتح جي ڪا نشاني ڇڏي وڃبي هئي يا وري پنھنجي حاڪميت هيٺ آيل علائقن سان گڏ پنھنجي سلطنت جي حدن جي نشاندهي ڪئي ويندي هئي.“(14)

ڊاڪٽر اسمھ صاحبه اڳتي لکيو آهي:

”سڪندر اعظم ۽ سندس پونيرن ۾ رواج هوندو هو ته هو ديوتائن جي شان ۾ قربان گاهون تعمير ڪرائيندا هئا. ٿرڙي واري قلعي جي ويجهو لکت جو قصو به ساڳيو ئي آهي، جيڪو (قلعو) فوجي مقصدن لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ هتان ئي سمنڊ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي هئي. پنھنجي فتح جون نشانيون ڇڏڻ لاءِ هنن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون عام هيون يا وري فتح ڪيل علائقن ۾ هو پنھنجا حاڪم مقرر ڪري ڇڏيندا هئا. هتي هن قلعي ۾ قربان گاهه سان گڏ اهڙا نشان اُڪريل آهن، اهي نشان هڪ مونوگرام جي شڪل ۾ واضح طور ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي قديم يوناني ۽ سٿين سڪن تي به اُڪريل آهن.“ (15)

پٿر تي لکت جي اُڪريل اُهڃاڻن سان گڏ هڪ گول ٽڪر ڪوري ڪڍيل نظر اچي ٿو. اُن بابت مقامي ماڻهن پاران چيو وڃي ٿو ته: ”انھيءَ هنڌ تي مھرن جا اُهڃاڻ اُڪريل هئا. انگريزن جي حڪومتي دؤر ۾ جڏهن هتي گورا آيا ته اُهو ڀاڱو هتان ڪورائي ڪڍي کڻي ويا.“ هن ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت آهي، تنھن باري ۾ هن وقت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي ته اُهو ڀاڱو ڪير کڻي ويا، پر پٿر تان اهو ڪوريل ٽڪر چِٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر ڊاڪٽر اسمھ صاحبه جي تحقيق موجب اُهو قربان گاهه وارو هنڌ آهي، جيڪا ڳالهه وڌيڪ مناسب لڳي ٿي.

2. لکت واري پٿر کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ اولهه طرف هڪ پٿر تي تير جو نشان اُڪريل آهي، پر اُها اُڪر پوءِ جي لڳي ٿي.

3. ٽڪريءَ جي اولهه ڏاکڻي ڇيڙهي تي هڪ اهڙو پٿر به موجود آهي، جنھن تي هڪ اهم علامت اُڪريل آهي. (ڏسجي فوٽو 5) هن علامت جھڙو نشان موهن جي دڙي مان مليل مھر نمبر 652، 113 ۽ ٻين مچلڪن وارين مھرن ۾ به ملي ٿو. هيءَ نشاني ڪل 35 لکتن تي ڏسجي ٿي، جن مان 23 موهن جي دڙي، 11 هڙاپا ۽ هڪ لوٿل مان نڪتل مھرن تي موجود آهي.

4. ڏاکڻي ڇيڙهي تي هڪ پٿر تي هڪ اهڙو نشان اُڪريل آهي، (ڏسجي فوٽو 6) جنھن کي مختلف محققن مختلف معنائون ڏنيون آهن. هيءَ نشاني مختلف ملڪن جي قديم لکتن ۾ ملي ٿي، ڪٿي هتي ڏنل نشاني وانگر آهي ته ڪٿي ليڪ جي هيٺين پوڇڙ تي گول ٺاهيل آهي.

5. مٿئين نشانيءَ واري پٿر جي ڀر ۾ ٻئي پٿر تي مڇيءَ جو نشان اُڪريل آهي. (ڏسجي فوٽو 7) مڇيءَ جي شڪل ٿوري گهڻي فرق سان، موهن جي دڙي مان مليل مھرن ۾ ملي ٿي. ڪٿي سادي نموني، ڪٿي پڇ واري ڀاڱي کان ٿورو پھرين آمھون سامھون هڪ هڪ لڪير(کنڀ)، ڪٿي ٻنھي پاسن کان هڪ جيتريون وڌيڪ لڪيرون، ڪٿي منھن تان هڪ لڪير، ڪٿي منھن مٿان هڪ لڪير، ڪٿي وچ واري ڀاڱي ۾ لڪير، ڪٿي وري وچ واري ڀاڱي ۾ اِڻي ڏيکاريل ملي ٿي. ٿرڙي ۾ پٿر تي جيڪا مڇيءَ جي شڪل اُڪريل آهي، سا بنھه سادي آهي ۽ سندس پڇ واري ڀاڱي وٽان هڪ لڪير اُڪيريل آهي. آئون ڀانئيان ٿو ته شڪل آڳاٽي دؤر جي آهي. موهن جي دڙي مان مليل مڇيءَ جون مختلف شڪليون ۽ اُنهن ۾ ڏيکاريل فرق پوءِ جا يعني سڌريل لکت جا آهن، ڏيکاريل اُهي ٿورا گهڻا فرق مختلف ڪمن جا مختلف اُهڃاڻ آهن.

هتي هڪ پٿر اهڙو به هو، جنھن تي هڪ چورس ٺھيل هو، جنھن جي وچ ۾ ٻه لڪِيرن هڪٻئي کي ڪراس وانگر ڪٽيو ٿي، شايد هيءُ اُهو ئي پٿر هو، جنھنجو ذڪر مجمدار به ڪيو آهي، پر اُهو پٿر 1998ع کان غائب آهي.

آئون ڀائيان ٿو ٻين ٽن پٿرن تي اُڪريل علامتون آڳاٽي سنڌو لکت جا اُهڃاڻ آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن مان هڪ لکت موهن جي دڙي مان مليل مھرن ۾ به ملي ٿي.

ڪوٽ:

زرعي زمينن ۽ جهنگ جي وچ ۾ گهيريل هن ٽڪريءَ جي اُتر-اوڀر واري ڪنڊ تي پٿر جون ٿلهيون قديم ديوارون موجود آهن ۽ اندر ڪن ڪمرن جا بنياد به ٺھيل آهن. اُن ڪوٽ کي هتي جا مقامي ماڻهو ’ڪافر ڪوٽ‘ چون ٿا. ڪوٽ جون ديوارون ڪن هنڌن تي 6 ته ڪٿي 16 فوٽن تائين ٿلهيون آهن. اُنهن جي اوچائيءَ جو هن وقت ڪو به اندازو ڪري نه ٿو سگهجي. ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ هيءَ ديوار توڙي جو ناهموار آهي، پر تنھن هوندي به اسان اُن جي ماپ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هن ريت آهي: اتر کان ڏکڻ 624 فوٽ ۽ اوڀر کان اولهه 372 فوٽ ماپ آهي.

ڪوٽ جي ڊٺل ديوارن جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪوٽ جا ٻه ڀاڱا هئا. ٻنھي ڀاڱن جي وچ ۾ ڏنل ديوار جا نشان به چٽا آهن. (ڏسجن فوٽو نمبر 8 ۽ 9) اولهه واري ڀاڱي جي ماپ 272x624 فوٽ آهي. اوڀر واري ڀاڱي جي ماپ 100x624 فوٽ آهي. اوڀاريون ڀاڱو ٽڪريءَ جي بنھه ڪناري تي هئڻ ڪري، ويڪر ۾ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ آهي. ڪوٽ جو اولهه پاسي وارو مُک ڀاڱو آهي. ڪوٽ جي اتر ۽ اولهه طرفن ۾ پٿرن جا ڪيترائي ڍير پيل آهن. (ڏسجي فوٽو 10) اُنهن مان ڪو خاص اندازو نه ٿو ڪري سگهجي ته اُهي ڇا جا آثار آهن. پٿر جا ڪجهه ڍير قبرون لڳن ٿيون، جيڪي اولهه_اوڀر رُخ تي ٺھيل آهن. اُهي قبرون 8 کان 16 فوٽ ڊگهيون آهن.

ڪوٽ بابت ڊاڪٽر اسمھ ابراهيم دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته سڪندر اعظم جو هڪ خاص جٿو سنڌوءَ جو اولهائون وهڪرو وٺي، جهرڪ، ڪينجهر جا پاسا ڏيندو هتي پھتو هو. مختلف حوالا ڏيندي ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي:

”هتي جي ٻي سڃاڻپ هيءَ آهي ته اُهو بندرگاهه، جتي نيارڪس ۽ سندس ساٿي 24 ڏينھن تائين هوائن جي بيھڻ جو انتظار ڪندا رهيا، جنھن جو يوناني لکتن ۾ ذڪر ڪيل آهي ته اُنهن کي اتي پنھنجي ٻيڙين لاءِ مناسب پناهه مليل هئي، اُتي نيارڪس حڪم ڏنو ته مقدوني ماڻهن کي حملن کان بچائڻ لاءِ هڪ قلعو تعمير ڪيو وڃي.“(17)

ڊاڪٽر اسمه ابراهيم موجب هي اهوئي قلعو آهي، جيڪو 1500 مقدوني فوجن 24 ڏينھن ۾ اڏي تيار ڪيو هو. پر قلعي ۾ موجود آثارن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي قلعو ڳچ وقت استعمال ۾ رهيو آهي.

ڪوٽ جي تباهيءَ بابت مقامي ماڻهن کان ڪجهه روايتون به ملن ٿيون، جن ۾ رڳو ڪرامتن جو ڪمال ڏيکاريل آهي، پر اُنهن جي ڪا تاريخي حيثيت نه هئڻ ڪري، هتي ڏيڻ ضروري نه ٿا سمجهون.

مندر:

اُترين ڪُنڊ، جتان اڄڪلهه گجي شھر کان ايندڙ رستو، ٽڪريءَ جي مٿاهين ڀاڱي تي چڙهي ٿو، اُن جي اولهه ۾ يعني ٽڪريءَ جي اُترين وڌيل ڪنڊ تي هڪ وڏي ڊٺل مندر جا آثار، ڪِري پيل پٿرن جي شڪل ۾ موجود آهن. مندر جو گهڙيل لسن پٿرن وارو فرش، اُڪر ٿيل سھڻي نموني سان چٽيل پٿر جا پيلر ۽ پٿرن تي چٽ اُڪيري سينگاريل گول ڇت اڄ به پٽ تي ڪِري پيل موجود آهي. مندر ڪِرڻ ڪري اُهي سموريون پٿرن مان ٺھيل شيون زمين تي پيل آهن ته ڪي وري زمين ۾ ويھجي ويل آهن. (ڏسجن فوٽو نمبر 11 ۽ 12) مندر جي اڳئين ڀاڱي ۾ گولائيءَ ۾ اڱڻ جا آثار به چٽا آهن. وچ ۾ هڪ کڏو کوٽيل آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته: ”ڪنھن زماني ۾ اُتي گورن کوٽائي ڪئي هئي. اُهي آثار اُنهيءَ کوٽائيءَ جا آهن، اُتي وڏي ملڪيت ڍڪيل هئي، جيڪا هو ڪڍي ويا.“ اها کوٽائي ڪنھن ڪئي هئي، سا ته معلومات نه ٿي ملي، پر هن عمارت جي ڊهڻ جو سبب شايد اها کوٽائي به ٿي سگهي ٿي. هن مندر بابت مسٽر مجمدار لکي ٿو:

”اتي هڪ مندر به آهي، جنھن کي هٽ سڏيندا آهن، جيڪو تباهه ٿي سڃاڻپ کان ئي پري ٿي ويو آهي.“ (17) هن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته مجمدار جي اچڻ کان گهڻو اڳ ئي هي مندر ڊهي چڪو هو، رڳو اُهي آثار موجود هئا، جيڪي اڃا تائين موجود آهن. هن ڊٺل آثارن جي باري ۾ مقامي ماڻهن کان ڪي روايتون ملن ٿيون ته:”اهو مندر نه پر ’ٿرون‘ نالي (18) هتي جي بادشاهه جو تختگاهه هو.“ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ”هن تخت گاهه (مندر) کي نيٺ اسلامي لشڪر اچي ختم ڪيو“.

منھنجي خيال ۾ اهي روايتون پوءِ جون جوڙيل آهن. ’ٿرون‘ بادشاهه هئڻ واري ڪھاڻي پنھنجي جڳهه تي پر، هيءَ حقيقت آهي ته ٻُڌ دؤر ۾، ٻُڌ ڀڪشو کي به خاص حيثيت حاصل هوندي هئي، جيڪا هتي رهندڙ ڀڪشوءَکي به هوندي. گهڻين روايتن جي بنياد تي چٽيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته آخري زماني ۾ هتي ضرور ڪا جنگ لڳي آهي، ڇاڪاڻ ته مندر جي اولهه طرف ۽ ٽڪريءَ جي اولهه واري ڀاڱي ۾ سڙيل سرون ۽ پٿر ملن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اُن ئي نتيجي ۾ هن مندر جي پاسي وارا وهار جا ڀاڱا تباهه ٿي ويا هئا، پر هي مندر شايد اُن زماني کان پوءِ ڪن ٻين سببن جي ڪري ڊهي پيل ڏسجي ٿو.

هيءَ به حقيقت آهي ته هن وقت ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ڪوٽ، مندر ۽ اُن جي ڀر وارن آثارن کانسواءِ ٻئي ڪنھن به اڏاوت جا سڄي ٽڪريءَ تي ڪي به نشان نظر نه ٿا اچن.

قبرستان:

مندر کان اولهه پاسي ٽڪريءَ جي اُتر واري ڪنڊ تي هڪ قبرستان آهي، جيڪو گهڻو پوءِ جو آهي. قبرستان جي قبرن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي تيرهين يا چوڏهين صدي عيسويءَ جون قبرون آهن. انھن قبرن ۾ پٿر جي هڪ خوبصورت چوڪنڊي ٺھيل آهي، جنھن ۾ چٽساليءَ واري پٿر سان ٽي قبرون آهن، جن کي مقامي ماڻهو ’بيبين‘ يعني عورتن جون قبرون چون ٿا، پر مٿن اهڙي ڪا به لکت وغيره نه آهي، جنھن سان ڪا خاص ڄاڻ ملي سگهي. اُن چوڪنڊيءَ جي اولهه ۾، چٽساليءَ واري پٿر سان سھڻي نموني سان سينگاريل محراب آهي. فقط هڪ در ڏکڻ پاسي کان آهي. هن چوڪنڊيءَ کان اُتر ۾ سؤ فوٽن تي ٻيو به ٿلهو آهي، جنھن تي ٻه قبرون ثابت آهن، جن تي نفيس چٽ اڪريل وڏا وڏا پٿر رکيل آهن ۽ باقي ٽن قبرن جا رڳو پکڙيل پٿر آهن. هن قسم جون ٻيون به ڇھه قبرون موجود آهن. 8 قبرون اهڙيون به آهن، جن تي سيرانديءَ واري پٿر تي پڳ ٺھيل آهي. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي اٺ ئي قبرون ڪن سالارن يا جوڌن جون آهن. قبرن جي پٿرن تي فنڪارن جو موهيندڙ فن اڄ به ڏسندڙن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو. توڙي جو هن ڀاڱي ۾ ڪجهه قديم قبرون به آهن ته ٻيون گهڻيون پوءِ، يعني مسلمانن جي دؤر جون به آهن. ايئن هتي اٽڪل ٻه سؤ کن قبرون آهن. (ڏسجن فوٽو نمبر 13، 14 ۽ 15) هن قبرستان بابت مجمدار لکي ٿو:

”ٽڪريءَ جي اتر پاسي تعمير ٿيل مسلمانن جا مقبرا ڪجهه وڌيڪ توجھه گهرن ٿا. ڇاڪاڻ ته اُنهن مان ڪن تي ڏاڍي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل آهي، جيڪي ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي جوڙيل تاريخي عمارتن کان وڌيڪ آڳاٽا آهن. ’ٿرڙو‘ ٽڪريءَ مٿان ٺھيل دلچسپيءَ لائق تاريخي يادگار ٺھيل آهن. تعمير 14 صديءَ جي ڀانئجي ٿي. چوڪنڊي نموني تي 18 x 28 فوٽ ماپ جو ڪوٽ آهي، جنھن ۾ ٻه قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي مٿان کليل آهن، منجهن داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي. ڪوٽ واري چوڌاري ڀت 6 فوٽ مٿي آهي. جنھن مٿان ڪنگرن سان اولو آهي. اُن کان هيٺان ڇھه بار ڪمايل پٿر هڻي، ڪچي پٿر جي ڀت کي ڍڪيو ويو آهي. لنگهه (دروازي) جي چوڌاري چونٺا، گولا استعمال ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتي سڄي اڏاوت ۾ فقط پٿر ئي استعمال ٿيل آهي. لنگهه، محراب ۽ اُن سان گڏ مقبرا ڏاڍي نفاست ۽ ڪاريگريءَ سان، سھڻي نموني سان سينگاري ٺاھيل آهن. پٿرن تي ٿيل اُڪر ۾ گل ۽ ٻوٽا چٽيل آهن. باقي ٻي اڏاوت بنا چٽساليءَ يا بلڪل سادي آهي. سمجهه ۾ اِيئن اچي ٿو ته اها ڪنھن پراڻي دؤر سان واسطو رکي ٿي، ساڳي قسم جا عام رواجي نموني تعمير ٿيل مقبرا حاجي ترابيءَ جي قبي جي ڀرسان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“ (19)

شيخ تراب درگاهه ۽ قبرستان:

شيخ ابو تراب جو اصل نالو ربيع بن صبيح سعديرح ۽ تبع تابعين مان ڄاڻايو وڃي ٿو. سندس وفات جو سال 171هه آهي، پر ڪن ماخذن ۾ 160 ۽ 161هه به ڄاڻايل آهي. سندس مقبرو اٺين صدي هجريءَ ۾ اڏايو ويو، خانقاه تي ڪتبو ڄام علاؤالدين جي حڪم سان 782هه ۾ لڳايو ويو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ به هن مقبري جي چڱي مرمت ڪرائي وئي. سندس مريد گهڻا آهن، جيڪي هن درگاهه تي ايندا رهندا آهن. ساليانو ميلو ربيع الاول جي پھرين آچر جي شام سائي سومر جي رات ۽ ڏينھن تي لڳندو آهي، جنھن ۾ هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. مقبرو تمام گهڻو جهونو آهي. استعمال ٿيل سِرن جي سائيز به غير معمولي آهي. درگاهه جي آسپاس قبرون، ڪي پڪين سِرن سان ته ڪي پٿر سان ٺھيل آهن، پٿر هيڊسرا ۽ ڳاڙهسرا استعمال ٿيل آهن.(ڏسجن فوٽو 16 ۽ 17)

لڳ ڀڳ چاليھن ايڪڙن تي پکڙيل هن قبرستان جي ڪيترين ئي قبرن تي سھڻي نموني سان تراشيل پٿر رکيل آهن، جن تي نفيس نقش نگار چِٽيل آهن. ڪيترين ئي قبرن جا خوبصورت پٿر اصل قبرن تان ڪِري پکڙيا پيا آهن. ڏيڍ سؤ کن قبرون اڃا به اهڙيون آهن، جن جا چِٽساليءَ وارا پٿر موجود آهن. گهڻي جانچ کان پوءِ ڪنھن به قبر تي ڪو اهڙو آڳاٽو پٿر نظر نه آيو، جنھن تي ڪا تاريخ وغيره درج ٿيل هجي. قبرن تي رکيل هيڊي رنگ جي پٿر تي چٽسالي تمام سھڻي، نفاست ۽ هنرمندي سان ٿيل آهي. ڪن پٿرن تي گهوڙن، گهوڙي سوارن ۽ پيادن جون تصويرون اُڪريل آهن. عورتن جي قبرن تي زيورن جا مختلف سھڻا نمونا اُڪريل آهن. هتي
هڪ مٿاهين هنڌ تي ٻه قبرون آهن، جن تي هڪ اهڙو به پٿر رکيل آهي، جھڙو شايد ئي ڪٿي هجي. سھڻي چٽساليءَ سان اُڪريل هن پٿر تي هڪ گهوڙي سوار اُڪريل آهي ته گڏ ئي عورتاڻا زيور به چٽيل آهن. پٿر تي اهڙا سھڻا نقش نگار ٺاهيندڙ اُهي فنڪار، سنڌ جي ڪھڙي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا، اُنهن جا نالا ڪھڙا هئا، اها سُڌ هاڻ ڪٿان به نه ٿي ملي، نه ئي ڪو اُنهن پاڻ پنھنجو اهڙو اهڃاڻ ڇڏيو آهي، جنھن سان سندن باري ۾ ڪا معلومات ملي سگهي. هاڻي اُهي پٿر جا عظيم ڪاريگر ته نه رهيا آهن، پرسندن فن اڄ به موجود آهي، جيڪو ڏسندڙن کي موهي ٿو وجهي.

شيخ ترابيءَ واري قبرستان جو احوال مانواري ليکڪ علي احمد بروهيءَ پنھنجي ڪتاب ’History on Tombstones in Sindh and Baluchistan‘ ۾ سٺي نموني سان ڏنو آهي.(20) مانواري محقق سائين احسن جوکئي به پنھنجي ڪتاب ’وليون واس ورنيون‘ ۾ هڪ مضمون ’شيخ ابو تراب قديم مقبرو ۽ لڳ تاريخي اُهڃاڻ‘ ڏنو آهي. (21)

ملندڙ شيون:

هن ٽڪريءَ جي مٿاڇري کي جانچي ڏسجي ٿو ته هتي قديم زماني ۾ پٿر ڇلڻ/گهڙڻ يا ڪَٽڻ جو ڪم ڪيو ويندو هو. مٿانھَن هنڌن تي ڪِٿي ڪِٿي ته تيز ڇُرين جھڙا پٿر به ملن ٿا، ننڍا ننڍا چاقو ۽ بليڊ ته گهڻا پکڙيل ڏسجن ٿا. آڳاٽا گهڙيل ڪجهه وڏا پٿر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ننڍڙا ننڍڙا چقمقي پٿر به پيل آهن ته ڪارسرن ۽ ڪجهه اڇسرن پٿرن جا گهڙيل ٽڪر به نظر اچن ٿا. چڪاسڻ سان هتي پٿر واري دؤر جا آثار ملن ٿا. قديم آثارن جو ماهر مجمدار لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ ۾ هِيءُ ماڳ ڏوري اچي جڏهن ڏٺو هو، تڏهن پٿر۽ ٺڪراٺو وغيره گهڻو هو. اُن کانپوءِ اهڙن ماڳن جو گهڻو نقصان ڪيو ويو آهي. جڏهن مجمدار آيو هوندو تڏهن ضرور گهڻيون شيون موجود هونديون، جيڪي هاڻي نه رهيون آهن. مجمدار هن ماڳ تي جيڪو ڪجهه ڏٺو، سو سمورو احوال پنھنجي ڪتاب ‘Exploration of Sind’ ۾ ڏنو آهي، سو هن ماڳ بابت اهم ماخذ آهي.

آسپاس:

هتي ڪجهه وٿيرڪيون ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيون به ٽڪريون موجود آهن. اُنهن مان هتي فقط ٻن ٽڪرين جو احوال ڏجي ٿو:

(i) نوح واري (ٿرڙ) ٻيڙي ٽڪري:

اٽڪل چئن ايڪڙن تي مشتمل پري توڙي ويجهي کان هڪ وڏي ٻيڙي نما ڏسجندڙ هيءَ ٽڪري ’نوح جي ٻيڙيءَ واري ٽڪريءَ‘ جي نالي سان مشھور آهي. اها حقيقت آهي ته هن ٽڪريءَ جي بناوت هوبھو ڪنھن وڏي ٻيڙي جھڙي آهي. ٻيڙيءَ وانگر آڳيل، پاڇيل، وچ وارو ڀاڱو، پاسا وغيره به هوبھو هڪ ٻيڙيءَ جھڙا آهن. هميشه وانگر هن ٽڪريءَ جي تباهيءَ جي باري ۾ به مقامي ماڻهن پاران ڪيئي روايتون جوڙيل موجود آهن. هڪ روايت موجب:”هِي ظالم ڪافرن جو هڪ ٻيڙو هو، جيڪو هڪ درويش جي بد دعا سان پٿرائجي ويو.“ ٻئي روايت موجب چيو وڃي ٿو ته: ”حضرت نوح جي طوفان ۽ ٻوڏ جي وقت، حضرت نوح جيڪا ٻيڙي ٺھرائي، اُن تي سوار ٿي، هن پاڻ سان گڏ ٻِي مخلوق کي به بچايو هو، هي اها ئي نوح واري ٻيڙي آهي، جيڪا لڙهندي اچي هتي نڪتي. طوفان ۽ ٻوڏ گهٽجڻ کان پوءِ ٻيڙي سُڪي تي، هن هنڌ تي بيھي رهي، پوءِ گهڻي مخلوق هتان ٽڙي پکڙي ويئي ۽ حضرت نوح عه ڪجهه مخلوق سميت هتان اڳتي هليو ويو.“(22) هن ڳالهه سان گڏ ڪجهه ٻيون به روايتون ٻُڌايون وڃن ٿيون، جيڪي هتي ڏيڻ ڊيگهه جو سبب بڻبيون. ٻيڙيءَ جي شڪل جھڙي هن ٽڪريءَ تي مٿي چڙهي، هتي جي آسپاس جا حسين منظر ڏسي سگهجن ٿا. اڄ کان اٽڪل ڪي هزار سال پوئتي مڙي ڏسبو، جڏهن هيءَ ٽڪري چؤڦير گھري پاڻيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي ۽ هي هڪ سھڻو ننڍڙو ٻيٽ هوندو هو، تڏهن هتي جو منظر گهڻو موهيندڙ هوندو. اُن زماني ۾ هن ٽڪريءَ تي فقط ٻيڙياتا ئي اچي سگهندا هئا، جيڪي سمنڊ کان آيل وڏا ٻيڙا هتي بيھاري، هتان وري ننڍين ٻيڙين تي بار ڀري، اڳتي اُسهندا هئا. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي فقط هڪ هنڌ تي ڪنھن (ٿوري ايريا ۾) اڏاوت جا قديم اهڃاڻ پٿرن جي ڍيرن جي شڪل ۾ ملن ٿا. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڀوري رنگ جي پٿرن جا به ڪيترائي اوزار ٽڪرن جي شڪل ۾ ملن ٿا، جيڪي شايد آڳاٽي انسان جي استعمال ۾ آندا آهن. ٽڪريءَ تي ڪاٺ جي ٽڪرن جا ڪجهه پنڊ پھڻ به پکڙيل ملن ٿا. گڏوگڏ وڏين مڇين جي ڇلرن ۽ سِپن جا ته تمام گهڻا اڌ ۽ ٽڪر پکڙيل موجود آهن. مختلف هنڌن تي ٽڪريءَ جي ڪنارن ۽ مٿاهن ڀرن جي وڏن پٿرن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته قديم دؤر ۾ هتي انسان جي چڱي اچ وڃ رهي آهي. خاص ڪري ڏکڻ واري پاسي کان پيل ڪن پٿرن ۾ وڏا وڏا سوراخ ڏسجن ٿا، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن هيءَ ٽڪري پاڻيءَ ۾ هوندي، تڏهن هتي ٻيڙياتا پنھنجي ٻيڙين جا پَڳھه سَميٽي، ناتاريون لڳائيندا ۽ ٻڌندا هوندا.

(ii) شاهه حسين واري ٽڪري:

اوڀر طرف هن ٽڪري ۽ مڪليءَ جي وچ تي شاهه حسين واري ٽڪري جي نالي سان به هڪ نرالي ۽ دلچسپ رَوايت آهي. اُن ٽڪريءَ تي جيڪا شاهه حسين جي مزار آهي، سا ته سورهين صدي عيسويءَ جي آهي، پر هن ٽڪريءَ تي هزارين سال آڳاٽا پٿر جي دؤر جا آثار ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
شاهه حسين واري ٽڪريءَ تي پٿرن جا ڪيترائي ننڍا ننڍا اڇا ماربل جي نموني جا ٽڪر ملن ٿا، جيڪي هتي موجود پٿر جا ٽڪر نه پر ٻئي هنڌان آندل لڳن ٿا.

ٽڪريءَ جي ڀرن ۽ هيٺاهين لاهين ۾ ڪيتريون ئي آڳاٽيون قبرون به موجود آهن. ڪن قديم قبرن تي ڪي نالا ۽ ذاتيون به لکيل آهن، سندن ذات ’پتره‘ لکيل آهي. پڪ سان اهو اصل لفظ/ ذات ’ڀَٽرا‘ آهي. ڀَٽرا سنڌ جي قديم ذات آهي. هن تر ۾ سندن وڏيون زمينداريون هونديون هيون. هن ذات وارن جون هتي گهڻيون زمينداريون هئڻ ڪري ڪنھن زماني ۾ هيءَ چوڻي به مشھور هئي:

”اُڀ الله جو، ڀُونءِ ڀَٽرن جي، ڪچ ڪاتيارن جو.“

هاڻي نه اُهي گهڻائيءَ ۾ ڀَٽرا رهيا آهن، نه ئي ڪي سندن اُهي زمينداريون رهيون آهن. هاڻي هتي ڀَٽرن جا باقي ڪي گهر وڃي رهيا آهن. سندن هي قبرستان اڄ تائين به ساڳيو ئي آهي. اجرڪ جي پٽڪي سان نج سنڌي ڏيک ڏيندڙ قداور شخص نور محمد ڀٽرو منجهن هڪ سڄاڻ ۽ غير معمولي شخص آهي. گجي ويجهو اڄ به سندس چڱي زمينداري آهي.

سميٽ (Conclusion) :

 سنڌ جو قديم ماڳ ٿرڙو، ٺٽي شھر ويجهو، گجي کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. آڳاٽي زماني ۾ ته هي ماڳ سنڌوءَ جي اولهائين وهڪري جي وچ ۾ رهيو آهي، پر هن وقت جهنگ ۽ زرعي زمينن جي وچ ۾، زميني سطح کان 30 35 فوٽن جي اوچائي تي موجود آهي.

هتي چئن قديم دؤرن جا آثار ملن ٿا، جن ۾: (...) پٿر جو دؤر (...) تاريخ کان اڳ وارو دؤر (...) ٻُڌ دؤر ۽ (...) اسلامي دؤر.

هن ٽڪريءَ تي پٿر جي دؤر جا پٿر مان گهڙيل اوزار پکڙيل ملن ٿا. قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار ۽ ايم. ايڇ. پنھور جي تحقيق موجب هن ٽڪريءَ تي پٿرن مان اوزارن ٺاهڻ جي صنعت رهي آهي.

هن ماڳ جي اهم ڳالهه هِيءَ به آهي ته هتي مختلف پٿرن تي قديم لکت اُڪريل موجود آهي. اُترئين ڀاڱي ۾ موجود هڪ پٿر لکت آهي، جنھن ۾ (گهٽ ۾ گهٽ ڇھه- ست) علامتي اُهڃاڻ آهن. هن لکت بابت قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر اسمه ابراهيم جي تحقيق آهي ته هِيءَ يوناني لکت آهي.

ٽڪريءَ جي ڏاکڻين ڇيڙهي تي هڪ پٿر تي اُڪريل هڪ علامت موهن جي دڙي ۽ لوٿل مان مليل مھرن واري لکت جھڙي آهي. اُن ويجهو هڪ پٿر تي لکت، جنھن ۾ وچ تي هڪ ليڪ ۽ مٿان هر پاسي گولائيءَ ۾ مڙيل ليڪون آهن. اُن ئي پٿر جي ڀر ۾ پيل پٿر تي مڇيءَ جو نشان اُڪريل آهي.

هتي هڪ اهڙو پٿر به آهي جنھن تي هڪ چورس ٺھيل آهي، جنھن جي وچ ۾ ٻه لڪيرون هڪٻئي کي ڪراس وانگر ڪٽين ٿيون.

هن ٽڪريءَ تي ملندڙ اهي لکتون موهن دڙي مان مليل لکتن سان ملن ٿيون. قديم آثارن جي ماهر مجمدار جو چوڻ آهي ته، ”اهڙي قسم جون علامتون، جن کي هڙپا ۽ موهن جي دڙي مان مليل مھرن تي ڏٺو ويو آهي.“ هو وري هيءَ ڳالهه به لکي ٿو ته، ”هنن مليل علامتن مان ڪابه وضاحت نه ٿي ٿئي ته هنن کي تاريخ کان اڳ واري دؤر سان يا سنڌو تھذيب جي تصويري الف بي سان سلهاڙي سگهجي.“

هتي هڪ قديم ڪوٽ جا آثار به موجود آهن. ڪوٽ بابت ڪن محققن جو خيال آهي ته هي سنڌ جو قديم ترين ڪوٽ آهي. قديم آثارن جي ماهرن ڊاڪٽر اسمه ابراهيم ۽ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري صاحب جي تحقيق موجب هي ڪوٽ سڪندر اعظم جي ڪاهه واري زماني ۾ سندس فوجن پاران هتي رهڻ دؤران ٺاهيل آهي. ٽڪريءَ جي اترين ڀاڱي ۾ ٻُڌي مندر جا آثار به چٽا پيل آهن. گهڻو پوءِ واري دؤر، يعني تيرهين صدي عيسويءَ جي زماني وارو سمن جون سھڻي چٽساليءَ چٽيل قبرون به موجود آهن. اولهه ڀر سان شيخ ابو تراب جي مشھور درگاهه ۽ قديم قبرستان به آهي.

  







حوالا:

(1)     قانع ٺٽوي مير علي شير، ’تحفت الڪرام‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1994ع، ص 664

(2)         Majumdar N. G., Explorations in Sind, (Being a Report of the exploratory survey carried out during the years 1927 – 28 – 29 – 30 and 1930 – 31) Delhi, Manager of Publications 1934, p:20

(3)         Haig M.R. Major General, The Indus Delta Country, Indus Publication, Farid Chambers, Karachi, 1972

(4)     لئمبرڪ ايڇ. ٽي، ’سنڌ هڪ عام جائزو‘، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1981ع ص: 326

(5)     جامع سنڌي لغات، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جلد ٻيو، 1981ع، ص 655

(6)       Majumdar N. G., Explorations in Sind, 1934, P: 22

(7)       Same Ref. P: 22

(8)       Panhawar, M.H, Chronological Dictionary of Sind, Institute of Sindhology, University of Sindh, Jam Shoro, 1983, P 13

(9)       Majumdar N. G., Explorations in Sind, 1934, p:22

(10)    Same Ref. P: 23

(11)    Pakistan Archaeology 8, 1972,

(12)    Majumdar N. G., “Prehistoric poetry- Excavations across the chain of mounds mentioned above led to the discovery of a fairly large number of potsherds, mostly of a light red ware. The bulk of this pottery appears now quite plain, but some specimens bear traces to show that orginally they had painted decoration. One of the painted pieces (Th 54) is illustrated in P1. XVIII , 34. It is part of a vase ornamented with rectangles filled in by cross-lines. The pattern is executed in chocolate on the natural ground of the pottery, and above it there are traces of a redish brown band. This fragment agrees in a point of technical and design with certain potsherds from Amri shown in P1, XVIII. Another interesting shred is Th 53 (P1. XVIII,33) which represents a class of buff ware with buff slip. It belong to a vase having a chocolate ------- and some uncertain ornament pained in this same color below.Th. 53, and another fragment Th. 23, are shown in their profile view in P1,XXXVIII, 24,17. Although it is difficult to judge of a actual shape of the pots of which they form part, it is clear that they confirm to a type of straight shouldered vessels.

Contents of small mounds- A feature that at once attracts, notice on this part of the hill, is a group of over one hundred small isolated mounds, or piles of stones, which at first sight appear to be Muhammadan graves. Since, however, they are oriented north to south in some cases and east to west in others, it was thought worth while to examine their contents. The majority of the mounds are rectangular, and the rest circular in shape. Three of rectangular ones were opened, but after a quantity of Earth and stones had been removed the remains of a chamber in each one of them, none exceeding nine feet in length and four feet in breadth , were laid bare. The chambers are crudely built; their walls which are of roughhewn stones stand only two to three feet high. From each of the chambers were recovered potter articles comprising vases, (1) both large and small, and dishes-on-stand (PI. XVI, 24: ht. 16.5”), the latter recalling the specimens discovered at the chalcolithic sites of the Indus Valley. No bones were found in the course of the digging, and it is difficult to imagine what purpose these definite criteria as to its age, although it is irrigable that it may, along with the rude stone structures with which it was found associated, belong to some prehistoric epoch, like the chart flakes and cores limb about on the top of the hill.

Nature of the site, ___ besides pottery, a collection of flints numbering over two hundred and sixty was made from Tharro. These comprise flakes as well as cores (PI. XIX, 19-22), some of the former being quite of the ‘pigmy’ type. There was no trace, however, of any dwellings in this area and the earth deposit over the natural rock was found to be only a few inches deep. In all likelihood Tharro hill was merely a center of flint knapping industry, and not a regular dwelling site. The future explorer may not, therefore, find it a suitable ground for excavation, but it may be useful to open a few more of the small mounds.

Buddhist Remains, ___ some of these small Munds, it may be noted, contain deposited of a much later period. From one of the circular mounds, only when six inches of earth was revived, there came out a large clod of fine clay which, when broken, yielded over a hundred offertory tablets of the Buddhists. Two types could be distinguished among these tablets of unbaked clay: one figuring a seated Buddha and another a row of chaityas, in either case with the Buddhist creed written in North-Indian characters of the 7th 8th century A.D. The tablets are generally similar to those discovered in the excavations at Mirpurkhas (2) in the Thar and parkar District.

Remains of the Muhammadan Period, ___ The Muhammadan tombs on the northern section of the hill deserve more than a passing mention, as some of them exhibit fine workmanship and probably represent a style of architecture earlier than that of the monuments on the Makli hills at Tatta. The most interesting monument on the Tharoo hill probably dating from the 14th century, is a rectangular enclosure, approximately 28 feet by is feet, within which there are two tombs. It is been to the sky and entered on the south by a door surmounted by a heavy lintel. The entire structure is of stone, and the enclosing wall, which is about 6 feet high, is crowned by a battlemented parapet. Below this Parapet there are six courses of ashlar masonry. The door, the midrib as well as the tomb are beautifully carved with geometric and arabesque patterns, but the rest of the building is severely plain, indicating a comparatively early but the rest of the building is severely plain, indicating a comparatively early age. Similar tombs, but of lesser importance, we also noticed near the Mausoleum of Sheikh Haji Turabi close by. Built into a wall of this building is an Arabic inscription which according to the Tufatn-l-Kiram is dated in 171 A. H. (1) A photograph of the inscription supplied o Mr. Ghulam Yazdani Has, however, elicited the information that it is dated in 782 A. H. equivalent to 1380 A.D., and in the reign of Firoze shah Tughlaq, and that it has nothing to do with the tomb itself of with the memory of the saint which is said to have been a contemporary of the Abbasside Khalifa Mansur. The Tufatu-l-Kiram mentions Bagar, Bhambur, and some other places in western Sind.’ (2) There is no doubt the ‘Tharra’ Is the same as the tharro Hill, and ‘sakura’ indentical with the Taluka now called Mirpur Sakro.

(13)    Majumdar N. G., Explorations in Sind, P 22

(14)    Asma Ibrahim Dr. `The Monograms: An exciting Discovery at Tharro Hill Fortress` The Archaeological Review, Karachi, 2000 2001, p 93

(15)    Same Ref. P: 93

(16)    Same Ref. P: 98

(17)    Majumdar N. G., Explorations in Sind, P: 99

(18)  ٿرون ۽ ڪرون جي باري ۾ جيڪا روايت ٻُڌائي وڃي ٿي، اُن جي ڊيگهه کي ڇڏي، هيئن چيو وڃي ٿو :”ٿرون ۽ ڪرون نالي ٻه ڀائر هئا، جيڪي ڪافر هئا. ٿرون رحمدل ۽ خلق سان چڱايون ڪندو هو. ڪرون وڏو ظالم ۽ خلق آزار هو. هڪ ڀيري هنن ٻنھي ۾ وڏي جنگ لڳي، گهڻي ويڙهاند کان پوءِ ٿرون سوڀ ماڻي ۽ هتي جي حڪومت جو ڌڻي بڻيو.“

(19)    Majumdar N. G. , P: 100

(20)    Brohi Ali Ahmed, History on History on Tombstones in Sindh and Baluchistan, Sindhi Adabi Board, 1980, pp: 26,27,28

(21)   جوکيو احسن، ’وليون واس - ورنيون‘، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2006ع، ص: 91

(22) هن روايت موجب:”جڏهن شيخ ابو تراب هتي اچي ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس تمام گهڻا شاگرد اچي گڏ ٿيا. پوئلڳن ۽ شاگردن جي گهڻائيءَ جو ٻُڌي اُنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافرن جنگ جي تياري ڪئي. ڪافر هڪ وڏي ٻيڙي تي راڪاس ساڻ ڪري، حملي خاطر اُهي جڏهن ٿرڙ ٻيڙيءَ واري هنڌ تي اچي پھتا، تڏهن شاگردن اُها ڪاهه ڏسي، ساري خبر وڃي ابو تراب سان ڪيائون. هن درويش اها ڳالهه ٻُڌي کين چيو ته مون کي ٻيڙي ڏانھن وٺي هلو. تنھن زماني ۾ پاڻ وڏي ڄمار جي ڪري گهڻو ڏسي نه ٿي سگهيو. ٻيڙي ويجهو پھچي چيائين ته منھنجي اکين جا ڇپر هٽايو ته آئون اُنهن کي ڏسان.“ راوين جي چوڻ موجب، ”جڏهن ابو تراب جي اکين جا ڇپر هٽايا ويا.“ چيو وڃي ٿو ته، ابو تراب جي جيئن ئي ٻيڙي تي نظر پئي ته ٻيڙو هڪدم اُنهيءَ هنڌ تي ئي پٿرائجي ويو ۽ ڪافر اهو لقاءُ ڏسي، راڪاسن سميت ٻيڙي تان لھي، ڀڄي ويا.“

(23) ٿرون ڪرون واري روايت ۽ ٿرڙ ٻيڙيءَ واريون روايتون مقامي ماڻهن ۾ گهڻيون مشھو ر آهن. اسان کي اهي روايتون ڏيندڙ: نورمحمد ڀٽرو، ڄمار 55 ورهيه، 1996ع، ويٺل ڳوٺ نورمحمد ڀٽرو، ويجهو گجو شھر، ٺٽو. 

No comments:

Post a Comment