Thursday, August 6, 2020

سڀ ڪجھ تنهنجي نانءُ ! (نظم)

ڊاڪٽر محمد علي ”مانجھي“

https://peghamesindh.blogspot.com/2020/08/sabh-kujh-tunhnjy-naan-poetry-by-dr-manjhi.html

سڀ ڪجھ تنهنجي نانءُ!

منهنجو سڀ ڪجھ تنهنجي نانءُ!

منهنجي جيون جو هر پل تنهنجي نانءُ!

منهنجي جيڪا گذري، سا ڪيئن گذري،

منهنجا سارا غم، دک، درد، اداسيون،

تڙپائيندڙ تنهائيون،

منهنجون ساريون رولاڪيون،

لوڪ - ڌڪارون،

طعنا ۽ تنڪا،

وِک وِک تي وڍَ هزارين،

رتو رت سموريون راهون،

زخمي زخمي منهنجون آهُون،

۽ دل منهنجي داهون داهون،

پَل پَل جي پيڙا ۽ گھاؤَ گھڻيرا،

منهنجون ساريون محروميون،

۽ جڳ جون تلخيون ۽ تذليلون،

منهنجي ماضئَ کي ڏي ڇڏي!!

منهنجو اڄ، سڀاڻي تنهنجي نانءُ!

 سماڻي جواڻي تنهنجي نانءُ!

 مَن اندر جي اُڀ جا سارا تارا،

جِهرمِر جِهرمِر چانڊوڪئَ چارا،

انگل، اُڌما، آرا،

منهنجا سارا نيڻ اشارا،

دل جي ڌارا تنهنجي نانءُ!

اکڙين جا انگور ڇُڳا،

منهنجي جا به کڄي سا گهُورَ،

سندم سوچن جا ڪچڙا ٻُورَ،

۽ جيوَن جا سڀ سُرور به تنهنجي نانءُ!

 

هر خيال نئين جي کِنوڻ جو کجڪو،

هر خواب نئين جي خوشبوءَ جو،

هر جھونڪو تنهنجي نانءُ!

منهنجون سوچون- لوچون،

منهنجي انگن جا سڀ آرس،

اندر مان جيڪا اُڀري سا تات، تمنا،

۽ سارا جيئڻ جذبا تنهنجي نانءُ!

 

منهنجي هرڪا نيڻ نِهار،

سار ۽ سنڀار،

۽ سڄي عمر جا انتظار،

منهنجي تانگھ ۽ تار،

منهنجي مَن ٻاٻيهي تنوارون،

۽ اُڀ - ڏارون،

منهنجون ٻاڪاريندڙ ٻانهون،

۽ هي ساريون راهون تنهنجي نانءُ!

 

منهنجي هر مُند ملهاري،

کيپ خُماري،

رِم جھم رِم جھم بوند بهاري،

۽ ساريون گھنگھور گھٽائون،

من اندر جا سارا بادل تنهنجي نانءُ!

 

برکا رُت ۽ ڀيڄ ڀِني،

منهنجي سوچن جون گل مُکڙيون،

اندر جي خواهش جا پوپٽ پهرا،

منهنجي مَن جي بَن جون ڀنڀوريون،

بُلبُل، ڪانءُ، ڪبوتر،

کُڙکُٻيتا تنهنجي نانءُ!

 

منهنجي مَنَ جي ڏهرَ تي،

جَي به وٺا وَسڪارا،

جَي به ڦٽا ڪي گوُنج نوان،

ٽڙيل مُکڙيون، کڙيل ڦول نوان،

ڳاڙهيون لال ڳٽوليون،

ڳندول ڳاڱيون،

لال ليار به تنهنجي نانءُ!

 

منهنجي خيالن جي کيٽن جا چيٽ پڪا،

۽ چِٽيون چانڊوڪيون،

منهنجا سارا سانوڻ سيارا،

واهُوندا ۽ واسرڙا،

منهنجي هر مُند به تنهنجي نانءُ!

 

منهنجي جِيون جو گذريو،

 جيڪو به لمحو، جيڪو پَل،

سو سڀ تنهنجي نانءُ!

منهنجا ڏکَ ڇڏي ڏي سارا،

منهنجو هر سُک تنهنجي نانءُ!

منهنجي ڏات ۽ ڏانءُ به تنهنجي نانءُ!

منهنجا سارا گيت به تنهنجي نانءُ!

۽ اڻپورا نظم به تنهنجي نانءُ!

 

۽ جيڪي ڪِين اُماڻي سگھيس توکي،

سي سڀ خط به تنهنجي نانءُ!

 

۽ ڏيئي جيڪي ڪِين سگھيس،

سي ساھ سان سنڀالي رکيل سارا،

تحفا به تنهنجي نانءُ!

منهنجو سڀ ڪجھ تنهنجي نانءُ!

منهنجي جِيون جو هر پَل تنهنجي نانءُ!

منهنجو سڀ ڪجھ تنهنجي نانءُ!

تنهنجي نانءُ!

تنهنجي نانءُ!

No comments:

Post a Comment