Saturday, August 15, 2020

غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاھ

غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاھ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

qalam-jo-be-taj-badshah-ghulam-rabani-aagro-book-review-ddoor-bh-odha-supreen-by-dr-manjhi

جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو، انهن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. سائين ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جو ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي ڄمار جي آخري دور تائين يعني 2010ع تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي، هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو. اُن سان واهه جو نڀايو. پوءِ اهو سنڌ جي قلندر شهباز تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽويءَ تي هجي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009ع ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته: ”کيس ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري، هو اچي نٿو سگهي.“ 

ان ڏينهن فون تي ڳالهه ٻولهه دوران قلندر ۽ خاص ڪري اُن دور جي حالتن تي هن جيڪو ڳالهايو، سو سچ پچ وسارڻ جهڙو نه آهي، اهو حقيقت ۾ صوفي ازم ۽ قلندر جو عالماڻو تجزيو هو. ڪاش! آئون اهو سمورو رڪارڊ ڪري سگهان ها. اهو سچ آهي ته سندس وسيع مطالعي ۽ ذهني سگهه  جي بلنديءَ کي ٻُڌي آئون دنگ رهجي ويس. اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رباني صاحب جو وسيع مطالعو ۽ تجربو ڪمال جو هو. مون کيس جڏهن به ڪنهن موضوع تي کيس ڳالهائيندي ٻڌو يا پڙهيو ته هميشه مون کي فخر محسوس ٿيو ته سنڌ ساڻيهه ۾ هيڏي وڏي علمي معيار جا اديب به آهن. 2009ع ۾ ثقافت کاتي پاران سائين محمد ابراهيم جويي جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ملهايل شاندار پروگرام ۾ ساڻس بنهه مختصر ڪچهري ٿي. اُتي ڳالهين ڳالهين ۾ سندس ننڍپڻ جو ذڪر نڪتو. هن پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون ٻڌائيندي چيو ته سندس پيءُ استاد هو. پاڻ پرائيمري تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئائين. هو ڏاڍن ڏکن ۽ تڪليفن سان پڙهيو هو، هو اُن ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيتري دير تائين ڪندو رهيو. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪو به شخص تڪليفن سان ڪو ڪم سِکندو يا ڪندو آهي، اهو ئي سگهارو انسان بڻبو آهي. اُن ڏينهن هن وڏا ساهه ڀريندي وري وري ٻڌايو هو ته ڪيئن نه هو سردين گرمين ۾ پنڌ ڪري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. بنهه گهٽ سهولتن هوندي به مختلف هنڌن تي تعليم پرائيندو رهيو. مون سوچيو ڪاش! اسان جا نوجوان هنن عظيم شخصن مان سبق سکي، پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.

غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5 نومبر 1933ع تي ڳوٺ آگري تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ڀونرن جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سن 1951ع ۾ نوشهري فيروز مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي. شروعات ۾ ٻن سالن تائين نئين زندگيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. جنهن جو اُن وقت ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سائين ابراهيم جويو جي صلاح ۽ مدد سان سنڌي ادبي بورڊ جو اسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 76-1970ع تئين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪيائين. ادبي بورڊ جي نوڪريءَ دوران 1959ع کان 1964ع تائين ٻارڙن جي رسالي ’گل ڦل‘ جو ايڊيٽر به رهيو. 1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن رباني صاحب کي پرو-وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، 1979ع  تائين خدمتون سر انجام ڏنائين. وري 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ وفاقي وزارت تعليم ۾ کيس اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هو ملڪ جي ممتاز علمي ۽ ادبي اداري ڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو پهريائين ڊائريڪٽر، پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ آخرڪار چيئرمين رهيو. وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر واري عهدي تي به رهيو. تنهن کان پوءِ 1997ع ۾ وري سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿيو. رباني صاحب ملڪ جي ٻين به اهم ادبي ۽ علمي ادارن جيئن اقبال اڪيڊمي لاهور، اداره ثقافت اسلاميه لاهور، اردو لغت بورڊ ڪراچي، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، نيشنل بُڪ ڪائونسل آف پاڪستان اسلام آباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. فلم سينسر بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ ان جي اپيليئيٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. فلمي ايوارڊن جي نيشنل ڪاميٽيءَ ۽ ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي ڪاميٽيءَ تي جج جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين.

ذڪر ٿي چڪو آهي ته غلام رباني آگري ادب ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان شروعات ڪئي. هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان متعارف ٿيو. اها به حقيقت آهي ته غلام رباني آگري جو شمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي معمارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي. هونئن ته آگري صاحب جون ڪهاڻيون هر لحاظ کان شاهڪار آهن، پر مون کي جيڪا ڳالهه سندس ڪهاڻين ۾ شدت سان نظر آئي ، اها آهي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڀٽائي سان اٿاهه عشق. هن پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ۽ ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي ئي سماج مان کنيا آهن. جيڪي سنڌي سماج ۾ موجود رهيا آهن. توڙي جو ڪي سندس تخيل به آهن، پر اُهي به هن ئي سماج جو چٽو عڪس آهن. جيڪا ڳالهه هو پاڻ به مختلف وقتن تي ڪري ۽ لکي چڪو آهي. 1960ع ۾ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ’آب حيات‘ ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”مون پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو اٿم. ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي رڳو خيالي آهن......... هر ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪوشش رهي آهي ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي.“ روح رهاڻ جي سرواڻ محترم حميد سنڌي ساڳئي ڪتاب ’آبِ حيات‘ بابت ’ٻه اکر‘ جي شروع ۾ رکيو آهي ته: ”سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جي واڌاري واسطي پنهنجي هن نوجوان اديب سان انسان جون الاهي اميدون وابسته آهن.“ سنڌ جي عظيم مورخ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو هو ته: ”سنڌي ادب جي دنيا ۾ اڳتي هلي اسان جو غلام رباني هڪ درخشان ستارو ٿيندو.“ ها اها نيڪ تمنا واقعي سچ ثابت ٿي. سندس ڪهاڻيون چيني، جرمني، فارسي، اردو، هندو ۽انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي، مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. اها به هڪ خوشنصيبي آهي ته سندس ڪهاڻين کي جرمنيءَ جي جڳ مشهور اديب، عالم ۽ انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين جي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر اينيمري شمل جرمن ۾ ترجمو ڪيو. غلام رباني ٻاراڻي ادب جي ترقي لاءِ پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هو جڏهن ٻارن جي مشهور رسالي ’گل ڦل‘ جو 1959ع کان وٺي 1964ع تائين ايڊيٽر رهيو. تڏهن پاڻ ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين. غلام رباني مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون، مقالا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. خاص طرح سان ’سنڌي ڪلچر – پس منظر ۽ پيش منظر‘ عنوان سان سندس فڪري مضمون هلال پاڪستان اخبار ۾ قسطوار ڇپيو ۽ مقبوليت ماڻيائين. ’مهراڻ رسالي‘ ۾ سوين مضمون ۽ مقالا لکيائين. جن مان ’شاهه ولي الله جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط‘ ۽ ’قرآن شريف جا ترجما‘ خاص حيثيت رکندڙ آهن.

سندس مشهور ڪتابن ۾ آب حيات –(ڪهاڻيون)، چونڊ آمريڪي افسانا، سراج ميمڻ سان گڏ، ’پيار جي پري‘ – ڪهاڻيون، ’سڏ پڙاڏو‘، ادبي توصيفات، ’باز جو شڪار‘، ’جهڙا گل گلاب جا‘ – ٻه ڀاڱا، جن ۾ شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن. اُن جي پھرين ڀاڱي ۾ هن علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه ۽ پير حسام الدين راشدي صاحب تي شاهڪار خاڪا لکيا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙي فقير ڪنڀر، حافظ عبدالحميد ڀٽِي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، سائين محمد ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي زندگيءَ جو ڀرپور احوال ڏيئي تذڪري جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. سندس ڪتاب ’سنڌ جا بَر بَحر ۽ پهاڙ‘ هڪ اهڙو سوانحي ڪتاب آهي، جو پڙهڻ سان آگري صاحب جي مطالعي، مشاهدي، فڪر، ساڃاهه ۽ تحقيقي معيار جي پرک پوي ٿي. هن ڪتاب ۾ پير سائين روضي ڌڻي غوث بهاوالحق۽ قلندر شهباز تي آگري صاحب تمام گهڻي محنت ڪري، اهڙي معلومات مهيا ڪئي آهي، جو جنهن لاءِ جيتري به کيس آفرين ڏجي اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته نه رڳو انهن متعلق مواد جي کوٽ رهي آهي، پر انهن جي فڪر کي سمجهي اسان آڏو پيش ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي. هو پاڻ ئي لکي ٿوته مون هن ڪتاب جو ورق ورق ڏاڍي توجهه سان لکيو آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ جي اعليٰ شخصيتن جو گهڻي کان گهڻو مستند احوال جمع ڪريان، پر اهڙي ڪا به روايت بيان نه ڪريان، جيڪا غير مصدقه هجي. اهو ڪم سولو ڪونه هو.

سنڌ جا بَر، بَحَر، پهاڙ صفحو (404) سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ڪلچر ۽ ’ماڻهو شهر ڀنڀور جا‘ شاهڪار ڪتاب آهن.

پنجابي ادبي بورڊ لاهور 1986ع ۾ کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس شاندار ادبي خدمتن جو اعترادف ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ’تمغه امتياز‘ به ڏنو ويو. ان کان سواءِ کيس شاندار خدمتن جي عيوض ٻيا به ايوارڊ ۽ اعزاز مليا. هو دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ ايران، چين، بنگلاديش ۽ ڀارت مختلف وقتن تي پاڪستاني اديبن جي اڳواڻي ڪندي گهمي آيو. ان کان سواءِ ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرسن ۽ سيمينارن ۾ به شريڪ ٿيندو هيو.

قلم جي هن بي تاج بادشاهه 18 جنوري 2010ع سومر ڏينهن وفات ڪئي.

 

(مختلف اخبارن ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ ڇپيل)





No comments:

Post a Comment