Sunday, October 25, 2020
Sunday, October 11, 2020
صحبت جا سندِيان (بشير ٺينگي جي ياد ۾)
صحبت جا سندِيان
(بشير ٺينگي جي ياد ۾)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ ۾ ايڏيون ته ڪرشماتي خاصيتون ۽ خوبيون هونديون آهن، جو هر ماڻهو ڏانهنئس ڇڪجي ويندو آهي. ساڻس ناتي تي فخر محسوس ڪندو آهي. بشير سچ پچ انهن ئي شخصيتن مان هو جنھن ۾ اُهي خوبيون به هيون ۽ جنهن جي ناتي تي فخر به ڪري سگهجي. هو منهنجي ننڍپڻ جي خاص دوستن مان ھو. فهم، فضيلت، نهٺائي، نوڙت، پيار، پنهنجائپ ۽ سچائي ته وٽس ڪمال جي هُئي. هن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ جيڪي يادون ڇڏيون سي وسارڻ جهڙيون ئي ناهن. ڪاش! هو پنهنجي ڄمار اڃا ڪجهه ماڻي سگهي ها. اسان جي دوستي هاءِ اسڪول جي زماني ۾ تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو ھُئس ۽ بشير اچي ڇھين ۾ داخل ٿيو. با اخلاق، محنتي، ڪچهرين جو ڪوڏيو، سدائين مُرڪي ملندڙ ۽ ڳالهائيندڙ، بشير ننڍڙي ڄمار ۾ ئي ميچوئر ھو. شايد غربت ۽ حالتن کائنس ٻاراڻو تڪڙو ئي کسي ورتو ھو.
سچ سوديندڙ آريسر
سچ سوديندڙ آريسر
ڊاڪٽرمحمد علي مانجھي
سنڌ جيڪي وڏا ۽ غير معمولي انسان پيدا ڪيا آهن، عبدالواحد آريسر انهن مان هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نٿو سگهجي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نه سگهجي، آريسر انهن مان هڪ هو. هو هڪ گهڻ خوبيو ۽ منفرد انسان هو. سچائي ۽ ثابت قدميءَ سان قومي سياسي جدوجهد، فڪر، دانش، اڏولپڻو، منڊي وجھندڙ تقرير، اندر ۾ پيهي ويندڙ تحرير، وسيع مطالعو، ڏاهپ، سادگي، سچائي، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جو خزانو هجي يا انهن سون سريکن لفظن کي بنھ نفاست ۽ احترام سان استعمال ڪرڻ جو فن، اهي سموريون خوبيون آريسر ۾ سمنڊ جي گهيرائي وانگر سمايل هيون. ها هُو هڪ قومي سياسي اڳواڻ هو، ان چٽي حقيقت کي هڪ پاسي رکي ڏسبو ته آريسر صاحب هڪ تاريخدان ۽ مفڪر هو.