سچ سوديندڙ آريسر
ڊاڪٽرمحمد علي مانجھي
سنڌ جيڪي وڏا ۽ غير معمولي انسان پيدا ڪيا آهن، عبدالواحد آريسر انهن مان هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نٿو سگهجي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نه سگهجي، آريسر انهن مان هڪ هو. هو هڪ گهڻ خوبيو ۽ منفرد انسان هو. سچائي ۽ ثابت قدميءَ سان قومي سياسي جدوجهد، فڪر، دانش، اڏولپڻو، منڊي وجھندڙ تقرير، اندر ۾ پيهي ويندڙ تحرير، وسيع مطالعو، ڏاهپ، سادگي، سچائي، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جو خزانو هجي يا انهن سون سريکن لفظن کي بنھ نفاست ۽ احترام سان استعمال ڪرڻ جو فن، اهي سموريون خوبيون آريسر ۾ سمنڊ جي گهيرائي وانگر سمايل هيون. ها هُو هڪ قومي سياسي اڳواڻ هو، ان چٽي حقيقت کي هڪ پاسي رکي ڏسبو ته آريسر صاحب هڪ تاريخدان ۽ مفڪر هو.
هن ٻين وانگر تاريخ جي مطالعي
کي حاڪمن، وزيرن، عملدارن، حڪومتن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ، درٻارن وغيره تائين محدود نه
رکيو، پر هو تاريخ جي پاتالن ۾ پيهي ڌرتي، ڌرتيءَ ڌڻين ۽ عام ماڻهن جي سچن داستانن
۽ اصل حقيقتن تائين پهتو ۽ پوءِ اُهي داستان ۽ حقيقتون ئي سندس تقريرن ۽ تحريرن جا
لازوال موضوع بڻيا. هن سدائين چٽي سچ کي پيش ڪيو.
آديسي آڻين،
اُهڃاڻيون الماس جون
(شاھ)
سندس فڪر ۽ فهم، تقريرون
۽ تحريرون صدين جي تاريخ آهن. هُو حال کي جنهن انداز سان پرکي پروڙي ۽ قوم کي
ڏسيندو رهيو، سو اڄ جو سچ آهي ۽ وٽس
مستقبل جو اهو سُهڻو سپنو صبح جي ڪِرڻن وانگر رهيو، جنهن جي تعبير جا اسين سڀ
متلاشي آهيون. هُو سنڌ جو سچ ۽ سگهارو آواز رهيو. آريسر هميشه اندر ۽ ٻاهر هڪجھڙو، سج وانگر چٽو رهيو.
سموريون سچايون بنهه سادگيءَ ۽ چٽي نموني سان چئي ڏيڻ جي ڪمال اخلاقي جُرئت جو
آريسر صاحب هڪ اعليٰ مثال هو. سندس سياسي جدوجهد ۽ سچائيءَ جي ساک ته پورو زمانو ڏيندو، پر آئون هيءَ ڳالھ ضرور چوندس ته هُو سنڌ جو تاريخ شناس
۽ مفڪر هو. هُو تاريخ جو هڪ اهڙو عالم هو،
جيڪو تاريخ جي ڪنهن به موضوع تي جڏهن ڳالهائيندو هو، تڏهن چڱا ڀلا ماڻهو به دنگ
رهجي ويندا هئا. اسان وٽ تاريخ جو گهڻو ڪري هڪ رُخو مطالعو ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ
ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ کانسواءِ رڳو لُڙ هوندو آهي، پر آريسر صاحب پاتالن ۾
پيهي به ڏٺو، ته فضائن ۾ به ڀڻي ڏٺو. هن پنهنجي ڪتابن ۾ به سنڌ جي سچن
ڪردارن ۽ اصل تاريخي حقيقتن ڏانهن سنڌ جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. هيءُ تاريخ جو اهو
سونهون هو، جنهن محنت ۽ محبت سان تاريخ
جون صداقتون اسان کي ٻڌايون ۽ پڙهڻ لاءِ ڏنيون.
سونهان سُڌيون ڏين، ديواني دريا جون،
ڪوڙ اوڏا ئي ڪين ڪين، رُڳو سچ سودين،
ساٿ نڀايو نين، ثابت انهيءَ سير
مان.
(شاھ)
هُو سچ جو سوداگر هو،
هُو ڪُوڙ ۽ ڪچ کان ونئون ويندڙ شخص هو.
تاريخ تي ڳالهائيندي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هو، ڄڻ ته گَهري سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ جو هيءُ اهو
سڄاڻ ناکئو هجي، جنهن معلم کي مڙيو ئي معلوم هجي.
شاھ لطيف فرمايو آهي ته:
مُعلم سُکاڻين
کي، اُڀو ڳرهي حال،
اورئان انگريچيءَ پورئو،
پرئان پورچوگال،
وچ ۾
واگهيرن جي چارئي
پهر چال،
هيءُ مڏ پهچي مال، جو
پاڻ پرائو چاڙهيو.
سائين جي. ايم سيد کي
پنهنجو رهبر ۽ امام سمجھندڙ، عبدلواحدآريسر وري ابوالڪلام آزاد ۽ فرانز فينن جو به
مداح هو ته جواهر لال نهرو کي به پسند ڪندو هو. هُو مفڪر، عالم ۽ اديب ته هو ئي پر سچو، يگانو ۽ منفرد انسان هو. سياست، ادب،
شاعري، تاريخ، خاص ڪري قومن جي تاريخ جي ته کيس اٿاھ ڄاڻ هئي، جيڪا سندس لکيل سڀني
ڪتابن جي پڙهڻ سان به پرکي سگھجي ٿي. مون
پنهنجي پياري دوست ياري (يار محمد) جلالاڻيءَ سان گڏجي، جڏهن شاھ عنايت
شهيد ادبي فورم جو بنياد رکي، پريس ڪلب ٺٽي جي تعاون سان پريس ڪلب ۾ شاھ عنايت شهيد ادبي ڪانفرنسون ڪرڻ شروع ڪيون
ته، آريسر صاحب اسان سان لڳ ڀڳ هر ڪانفرنس يا پروگرام ۾ گڏ رهيو. 2005ع ۾ فورم پاران پهريون ڀيرو پريس ڪلب ٺٽي ۾ جيڪا شاھ عنايت شهيد ادبي
ڪانفرنس ڪئي هئي، تنهن ۾ جيڪا هن تقرير ڪئي، ٻڌندڙ اڄ تائين به ان کي ساريندا
رهندا آهن. اها تقرير نه رڳو شاھ عنايت شهيد جي تحريڪ ۽ شهادت جي حوالي سان اهم
هُئي، پر مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي حوالي سان به هڪ يادگار تاريخي تقرير هُئي ۽ تقرير
به آريسر صاحب جي لفظن ۽ انداز ۾! مون کي ياد آهي ته جڏهن آريسر صاحب تقرير ختم
ڪئي ته ڪيتري دير تائين تقرير جي سحر ۾ سڄي هال ۾ ويٺل ماڻهو ساڪن بڻجي ويٺا رهيا
۽ ڪمپيئرنگ ڪندڙ مائيڪ تي اچي ڪجھ ڳالهائڻ بدران ڪيتري دير تائين گهوريندو
ئي رهيو ۽ آئون ته سچ پچ اڄ تائين ان ئي سحر ۾ آهيان. مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن ۾
رهندي به سندس ذهن جي سگھ ۽ ياداشت به ڪمال جي رهندي هُئي، جڏهن ڪن مهلن/
لمحن تي سندس جسم به ساٿ نه ڏيئي سگهندو
هو، تڏهن به هُو اسٽيج تي اچي جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو، تڏهن منجهس ڄڻ ته صدين
جي سگھ سمائجي ايندي هُئي ۽ پوءِ حسين ترين تشبيهون، استعارا، پهاڪا، چوڻيون ۽
حوالا سندس زبان جي سيج تي سجي پوندا هئا ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جا چونڊ لفظ رقص ڪرڻ
لڳندا هئا ۽ پوءِ سندس سُخن ڀرئي آواز جي انداز جي خوشبوءِ ٻڌندڙن جي حواسن کي خماري ڇڏيندي هئي. ان ڏينهن
شام جو جنهن مهل اسين ياري جلالاڻي وٽ
ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، اُتي جڏهن جھوڪ
واري جنگ جو ذڪر ڇڙيو، تڏهن پاڻ شيخ اياز جي هيءَ وائي ٻڌائي سڀني کي عجيب ڪيفيت ۾
وجھي ڇڏيو هو؛
بادل ٿا برسن
جيڏا وري جھوڪ ۾
شاهه عنايت اُڀ مان ڇمڪي
ٿو ڇن ڇن
نه تو
سونگي سنڌڙي، نه
تو ڏاڍي ڏن
مٿن مٿي
هٿڙا ، سدا شهيدن
آهن اسان سان اڃا، مري
جي نه مرن.
آريسر صاحب ٺٽي ۾ گھڻي
وقت کان ياري (يار محمد) جلالاڻيءَ وٽ سدائين ايندو ئي رهندو هو، جنهن سان سندس محبت ۽ گھڻي حُجت جو رشتو رهيو. آريسر
ٺٽي جڏهن به آيو، يارو
سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي سندس حوالي ٿي ويندو هو، هُو ڄڻ ته هڪٻئي جا عاشق هئا.
ياري جلالاڻيءَ جي ڪري ئي منهنجي آريسر صاحب سان وڌيڪ گھڻي ويجهڙائي ٿي ۽ اتي ئي اسان دير دير تائين
يادگار ڪچهريون ڪيون. ياري جلالاڻيءَ جي
لاڏاڻي (26 مئي 2009ع)
کانپوءِ به آريسر وقت ڪڍي ياري جي جڳهه تي ياري جي پُٽ منصور
جلالاڻيءَ وٽ آخر تائين اچي رهي، ڪچهريون ڪندو رهندو هو، جي ڪنهن ڏينهن انجنيئر اوڀائي خشڪ وٽ
ڇاندو پاڻي ڪري ڪجھ دير ٿڪ ڀڳائين ته به رهندو وري به وڃي سامهون ياري جلالاڻيءَ
جي جڳهه تي هو. مون کي ياد آهي ته 2008ع
جي هڪ چانڊوڪيءَ رات جو ياري (يار محمد) جلالاڻيءَ جي جڳهه جي اڱڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. اُن
رات ڪچهريءَ جو خاص موضوع سنڌ تي ارغونن جون ڪاهون، پوءِ سندن قبضو ۽ پوءِ سندن ۽
ترخانن جي حڪمرانن وارو دور هو.
1521ع واري سنڌ تي ان حملي /جنگ، جنهن ۾ دولھ دريا خان جهڙي عظيم سپھ
سالار جو وڙهندي وڙهندي نيٺ پوءِ دوکي سان
شهيد ٿيڻ، ۽ پوءِ ٺٽي/ سنڌ تي ڌارين جو قبضو ٿي وڃڻ ۽ پوءِ ٺٽي شهر جي ڏکوئيندڙ
حالت بڻجڻ تي آريسر صاحب اُن رات
ڳالهائيندي، جيڪا تاريخي حقيقتن جي منظر ڪشي ڪئي، سا ايئن ڪئي جو اسين ڄڻ ته اُهي
سمورا منظر اکين سان ڏسي رهيا هئاسين، جن ۾ اسان جو دوست دريانو مل ته ڪيتري دير
تائين ڄڻ ته پنڊ پهڻ بڻجي ويو هو. اُتي مون ياري (يار محمد) جلالاڻي کي چيو هو ته
آريسر اُهو روح آهي، جيڪو اُن جنگ ۾ به وڙهيو هو ۽ اڄ تائين لڳاتار ڪنهن نه ڪنهن
محاذ تي وڙهي رهيو آهي. هُو هڪ اهڙو اَسُکيو ۽ تڙپندڙ رُوح هو، جيڪو حق، سچ،
انصاف، انسانيت، قوم، امن ۽ ڌرتيءَ جي آجائي لاءِ جهيڙيندو، رُلندو ۽ هر وستيءَ
واهڻ سين هڻندو رهيو. سادگي، سچائي، انسان دوستي، قوم دوستي، علمي، ادبي وڏائي ۽
تاريخي سچائيءَ سان گڏوگڏ سندس ان ڳالھ جي به سڀڪو گواهي ڏيندو ته هو سدائين سفر ۾
رهيو، سندس اهو سفر ڌرتيءَ جي سُک، شادابي، امن ۽ آجائيءَ جي حاصلات لاءِ هو. ان
طويل سفر دوران هو پنهنجو پيغام در در پهچائيندو ۽ قوم کي بيدار ڪندو رهيو.
سَامين سَمر
سُور، گُوندَر گَبرِيَن ۾،
جوڳين جَڙِئا
جِيءَ ۾، پيغامن جا پُور،
آديسي اَسُور،
وَڄائي واٽ ٿيا.
(شاھ)
عبدالواحد آريسر وسيع مطالعو ۽ سگهاري سوچ
رکندڙ سنڌ جو سگھارو ذهن هو. شاعري، ادب، علم، آرٽ، تاريخ ۽ حقيقتن کي سمجهڻ جي
جيتري منجهس سگھ هئي، ته اوتري وري پنهنجي ڪمال بيانيءَ سان سمجهائڻ جي سگھ به
هُئس. بنهه ڳوڙهيون ڳالهيون به اهڙي سادگيءَ ۽ سُهڻي ٻوليءَ سان سمجهائيندو هو، جو
لفظ لفظ ٻڌندڙ جي انداز ۾ پيهي ويندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري شاھ عنايت
شهيد ادبي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن شام جو اسين پريس ڪلب ٺٽي تي يار محمد
جلالاڻي وٽ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته اُتي آريسر صاحب ڳالهين ڳالهين ۾ شيخ اياز جي هڪ غزل جا ڪجھ بند ٻڌايا هئا ته
اُتي موجود اسان جي هڪ اديب دوست رڙ ڪري چيو ته، اهو نظم مون پڙهيو ته ڪيترائي
ڀيرا آهي پر سمجهيو اڄ آريسر صاحب جي زباني آهي.
مخدوم بلاول، دولھه
درياھ خان، شاھ عنايت شهيد، هوشو، هيمون ڪالاڻي ۽ روپلي ڪولهي جھڙا ڪردار آريسر جا
آئيڊيل رهيا. مخدوم بلاول، دولهه دريا خان ۽ شاھ عنايت ته سندس فڪري مرشد هئا. هُو
اڪثر چوندو هو ته ڪنهن به جدوجهد جي شروعات يا مقصد حاصل ڪرڻ وقت يا ڪنهن سفر تان
موٽڻ مهل سڀ کان پهرين اسان کي دولھ دريا خان جو سلام ڀرڻ گهرجي.
سڄي ڄمار سوين سختيون سهي، سچائي، ثابت
قدميءَ ۽ مثالي نموني سان اڏول بيهي آريسر
صاحب سنڌ سان اهڙو عشق ڪيو، جنهن جو مثال هو پاڻ ئي هو. کيس ڪابه لالچ، ڊپ يا سختي
پنهنجي راھ تان تِر جيترو به ٿيڙهي نه سگهي، اُن ڳالھ سان هر ساڃاھ وند متفق ٿيندو
ته سنڌ جو هيءُ سپوت نه ڪڏهن جُهڪيو، نه ٿڙيو، نه ٿڪو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي ڪڏهن نا
اُميد ٿيو. هن جي لاڏاڻي واري ڏينهن 03 مئي 2015 تي اڳئين ڏينهن ڇپيل سندس لفظ
عوامي آواز اخبار ۾ شھ سُرخي سان هيئن ڇپيا هئا:
”قومي جدوجهد مان مايوس
ناهيان.“ ( آريسر)
اها آهي حوصلي، همت ۽
سچائي جي انتها. هُو آخري پساهن تائين سنڌ جي هر محاذ ۽ مورچي تي اڏول بيٺو رهيو.
هو ڪارين راتين ۾ رهي روشنين جو ڳولائو رهيو. هيءُ هڪ اهڙو بي داغ سنڌ جو عاشق هو، جنهن جو سياسي اختلاف
رکندڙ به احترام ڪندا هئا ۽ اڄ به ڪندا
آهن. هُو ڀٽن ڀر وائوڙي (انڙ آباد) جهڙي ننڍڙي ڳوٺ مان پنهنجو
سفر شروع ڪري جنهن منزل تي رسيو، اُهو به هڪ ڪارنامو آهي. وائوڙي جيڪو هن جديد دور
۾ به هر سهولت کان وانجھيل آهي، پر سٺ سال پوئتي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته ان
ڳوٺ ؟ علائقي جي ڪهڙي صورتحال هوندي ۽ اُن اڙانگي هنڌ تان اڙانگا سفر ڪري آريسر
سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين ڪيئن پهتو هوندو!
آريسر هڪ اههڙو مفڪر هو، جيڪو
سڄي زندگي فقيراڻي حال ۾ گذاري تاريخ ۾
شاهوڪار بڻجي ويو. قلم ۽ ضمير جو بادشاھ آريسر معاشي لحاظ کان مفلسيءَ ۾ رهندي فڪر
۽ دانش جو شهنشاھ رهيو. هُو هڪ مفڪر هو، هن سنڌ ۾ پنهنجا اڻ ڳڻيا فڪري شاگرد پيدا
ڪيا. سڄي زندگي سچائي، عشق، فڪر ۽ مقصد سان سنجيده رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس
فڪر سان سلهاڙيل ماڻهن ۾ به پختگي، سچائي ۽ سنجيدگي رهي آهي.
حقيقت ۾ آريسر هڪ رويو هو، سندس لاڏاڻي سان
سنڌ جي هڪ خاص رويي جي پڄاڻي ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اُن وريي جو ڪو به صاحب نه
آهي، پر هيءَ به حقيقت آهي ته آريسر سڄي ڄمار جاکوڙيندي، جنهن ڦُلن ڇانئي واٽ جو
ڏس ڏنو، پنهنجو ساهه ڏيئي ان راهه کي روشن ڪري ويو. 3 مئي تي جڏهن اسين سڀ
سندس آخري ديدار ڪري رهيا هئاسين، تڏهن مون
محسوس ڪيو ڄڻ فضا ۾ شيخ اياز جون هي سٽون ٻُري رهيو هيون:
جئه جَنَني
جنم – ڀومي !
تنهنجي گود
امرتا آڇي،
مٽيءَ کي
مريادا آڇي ،
تنهنجي لاءِ مري
مون ماتا،
جنم جنم
جا مارڳ پاتا،
جَئه جَئه جَنني جَئه
جَئه جِيجي!
جَئه جَئه ڌرتي، جَئه
جَئه ڌرتي!
جَئه جَنَني،
جنم – ڀُومي !
(شيخ اياز)
دريا دريا هن جو من هو،
صحرا صحرا نيڻ هيا،
پل جو پانڌيئڙو آيو هو،وڃڻو هن کي ڏور هيو. (اياز )
(حوالو: ڪتاب: هُو جو
سراپا عشق هو)
No comments:
Post a Comment