Sunday, October 11, 2020

صحبت جا سندِيان (بشير ٺينگي جي ياد ۾)

صحبت جا سندِيان
(بشير ٺينگي جي ياد ۾)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


          ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ ۾ ايڏيون ته ڪرشماتي خاصيتون ۽ خوبيون هونديون آهن، جو هر ماڻهو ڏانهنئس ڇڪجي ويندو آهي. ساڻس ناتي تي فخر محسوس ڪندو آهي. بشير سچ پچ انهن ئي شخصيتن مان هو  جنھن ۾ اُهي خوبيون به هيون ۽ جنهن جي  ناتي تي فخر به ڪري سگهجي. هو منهنجي ننڍپڻ جي خاص دوستن مان ھو. فهم، فضيلت، نهٺائي، نوڙت، پيار، پنهنجائپ ۽ سچائي ته وٽس ڪمال جي هُئي. هن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ جيڪي يادون ڇڏيون سي وسارڻ جهڙيون ئي ناهن. ڪاش! هو پنهنجي ڄمار اڃا ڪجهه ماڻي سگهي ها. اسان جي دوستي هاءِ اسڪول جي زماني ۾ تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو ھُئس ۽ بشير اچي ڇھين ۾ داخل ٿيو. با اخلاق، محنتي، ڪچهرين جو ڪوڏيو، سدائين مُرڪي ملندڙ ۽ ڳالهائيندڙ، بشير ننڍڙي ڄمار ۾ ئي ميچوئر ھو. شايد غربت ۽ حالتن کائنس ٻاراڻو تڪڙو ئي کسي ورتو ھو.


ٺٽي ضلعي جي تاريخي شھر سونڊا ويجهو،ڳوٺ غلام محمد ٺينگا ۾ چاچي  ستابي (ذات ٺينگو) جي گهر ۾ 23 فيبروري 1965ع ( منهنجي جنم تاريخ ۽ مهينو ساڳيو آهي ) تي جنم وٺندڙ بشير پنهنجي زندگيءَ جي شروعات به اسان وانگر غربت سان ڪئي. سندس پيءُ اڻ پڙهيل، مالوند ۽ بنھه سادو انسان هو. ايتري قدر جو   رپين کان وڌيڪ نوٽن کي سڃاڻي به نه سگهندو هو. مينھون چارڻ ۽ انھن لاءِ گاھ پَٺو ڪرڻ ئي سندس ڪرت هئي. بشير ته پڙهيو به پنهنجي دلچسپيءَ سان هو. محنتي به گهڻو هو. پڙھڻ سان گڏ چوپائي مال جي سنڀال ڪرڻ سان ۽ روزانو سوير مٿي تي کير کڻي، بٺيءَ تي پھچائي پوءِ اسڪول ايندو هو. ايئن ننڍي هوندي کان ٿي سڄي گهر جي گذرسفر جو وسيلو به پاڻ ئي هو. ڪڏھن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جا سنڌي نوجوان اهڙي ريت محنت ڪري پڙهن ته شايد وڏي تبديلي اچي وڃي. بشير پرائيمري تعليم پھرين اپريل 1971ع کان 31 مارچ 1976ع تائين پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾، مئٽرڪ 1981ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهرڪ مان ۽انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مڪليءَ مان پاس ڪئي. غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. 17 اپريل 1986ع تي پرائيمري استاد مقرر ٿيو. مون کي بنھه چٽيءَ طرح ياد آهي ته پرائيمري استاد جو آرڊر وٺڻ کان پوءِ هو جڏھن مون سان مليو هو تڏهن ڏاڍو خوش هو ڇاڪاڻ ته هن (اسان سڀني) لاءِ اها وڏي نوڪري ھئي.

اسان کان اڳ ۾ جهرڪ هاءِ اسڪول ۾ادبي ۽ سياسي سرگرميون ڪڏهن به نه رهيون هيون. آئون پرائيمري واري دور کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هئس. هاءِ اسڪول ۾ ايندي ئي مون ڪتابن پڙهڻ سان گڏ ٻاراڻيون ادبي ،  سياسي ۽ سماجي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. آئون پنھنجي دوستن سان جيڪي ڪچھريون ڪندو ھُئس، ڪچھرين جا موضوع ڪتاب، ادب، سياست ۽ سماج هوندا هئا. ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ لاء ِسوچيندا هئاسين. قومي ۽ طبقاتي آزاديءَ متعلق بحث ڪندا هئاسين. اسين موڪلن ۾ به پنڌ ڪري، وڃي هڪٻئي سان ملندا ۽ ڪچھريون ڪندا هئاسين. اُن زمائي ۾ آئون مطالعي کي گهڻو وقت ڏيندو هُئس ۽ بي مقصد ڪچھرين کان بنھه ڪنارو ڪندو هئس. پر بشير سان جڏھن به ڪچھريءَ ۾ ويھبو هو ته سڀ ڳالهيون وسري وينديون هُيون. سڄا سارا ڏينھن گذري ويندا هئا. اُن دور ۾ مطالعو ڪرڻ ۽ دوستن ۾ ڪتابن ڏيڻ ۽ وٺڻ جو رواج به گهڻو هو، ڪتاب پڙهي پوءِ ان تي تبصرا ۽ بحث ٿيندا هئا. حقيقت ۾ تڏهن سڄي سنڌ ۾ ڪتابن پڙهڻ جو هڪ خوبصورت دور هو. لکيل پڙهيل ماڻهن جون ڪافي دوستيون ئي ڪتابن جي بنياد تي هونديون هيون. جنرل ضياء جي دور ۾ گهڻين ڳالهين سان گڏ، سياسي ۽ سماجي ادارن وانگر ڪتابن / مطالعي جي دنيا کي به نشانو بڻايو ويو . اُن دور جي ئي پڇاڙڪي عرصي ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ اهڙيون دوستيون ختم ٿيڻ شروع ٿيون. وڏي سازش سان نيون دلچسپيون ۽ رجحان پيدا ڪيا ويا. تمام وڏي رٿابنديءَ وسيلي ماڻهن جي ذهنن ۽ سوچن جي رخ کي تبديل ڪيو ويو. نيون ڳالهيون ڦھلايون ويون ۽ پوءِ ته چڱن ڀلن ماڻهن جي واتان ٻڌو ويو ته: ”يار! گهڻو ئي پڙهيوسين، وغيره وغيره پر وريو سريو ڪجهه به ڪو نه..........“. جن سياسي طور ڪجه به نه ڪيو سي به چوڻ لڳا ته”وڏيون قربانيون ڏنيوسين.... گهر جا نه گهاٽ جا رهياسين سو هاڻي پنهنجي به ڪبي“. يا ”اسان ڪو سماج ۽ قوم جو ٺيڪوکنيو آهي......“. ”ايمانداري ڪري سدائين بُک تي رهياسين هاڻي ٻچن جي ڪبي“ (مطلب ته بدمعاشي ڪبي) اهي نا اُميدي، نراسائي ۽ خود غرضيءَ واريون ڳالهيون ڏاڍيون خطرناڪ پيدا ٿي پيون ۽ عملي طرح ثابت به ٿيون. اُتان کان ئي سماج ۾ وڌيڪ خرابيون ڦھلجڻ لڳيون.

جڏهن کان ڊڪٽيٽر جنرل ضياء چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم  ڪري، ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري مارشل لا نافذ ڪيو. سڄي سنڌ وانگر تڏهن کان اسان جي اسڪول ۾ به ٻاراڻيون سياسي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿيون. اُن دور ۾ ڪجهه کاٻي ڌُر جي سنڌ دوست ساٿين سان تعلق هئڻ ڪري ،آئون ڪتاب، پمفليٽ، پوسٽر وغيرہ کڻي اچي اسڪول جي شاگردن ۾ ورهائيندو هئس.

   ھڪ ڀيري آئون جهرڪ بس اسٽاپ تي ماڻهن ۾ مارشل لا خلاف پمفليٽ ورهائي رهيو هئس ته هڪ مقامي پوليس سپاهي مون کي ڏسي، وڃي جهرڪ ۾ ڪئمپ لڳائي رهندڙ فوج کي اطلاع ڪيو ۽ جڏهن مون کي فوجي جهلڻ لاءِ پهتا تڏهن به ڪاٺ جي ٺھيل هوٽل جي پوئين ڳڙکيءَ مان ڀڄي نڪرڻ ۾ بشير ئي منھنجي مدد ڪئي هئي. حقيقت ۾ بشير کي ذاتي لحاظ کان سواءِ ڪنھن سياسي تنظيم سان ڪا خاص دلچسپي پوري پني هئي پر ايترو ضرور هو ته وٽس سياسي شعور هو. هُن پنھنجي سماج کي خوبصورت ڏسڻ گهريو ٿي. هو پاڻ به بنھه هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ هو تنھن ڪري هيٺين طبقي جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن کي هو پاڻ به ڀوڳي رهيو هو.وڏي ڳالهه ته هو دوستيءَ جو ڏاڍو سچو ۽ مدد ڪندڙ هو هر ڏکئي وقت ۾ دوستن جي ڪم اچڻ جو جذبو وٽس گهڻوهو ۽ نڀائڻ جو جذبو به ڪمال جو هئس. کيس ساريندي مون کي گهڻو ڪري شاھه لطيف جو هيٺيون بيت ذهن تي تري ايندو آهي:


ڇنن توءِ   مَ  ڇن، پاءِ   اُميري  اُن سين،

جي هوءِ اوڳڻ ڏينئي ستي، ته تون ڳڻ ڏيئي ڳنهه

پٺيءَ  لڳي  پن،ھن  سُونھاري  سڱ  کي.

                                                             (شاه لطيف)

 

اهڙا انسان اسان وٽ گهٽ آهن، جيڪي ڇنندڙن سان ڳنڍين ۽ بنا ڪنھن غرض جي ٻئي جي ڪم  به اچن. بشير جي دوستيءَ جو ته ڪو ڇيھه ئي نه هو پر هو عام زندگيءَ ۾ به بي لوث هو.

هو جڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو تڏهن مون کان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي ويندو هو. پڙهڻ کان پوءِ واپس ڪري وري ٻيا کڻي ويندو هو. خاص ڪري 1980ع ۾ هو علمي ۽ ادبي دنيا کي ڏاڍو ويجهو ٿيو. 1980ع  ۾ لکيل سندس اهو خط اڄ به مون وٽ سنڀالي رکيل آهي، جنھن ۾هن لکيو آهي ته: ”پيارا ڀاءِ مانجهي!تنھنجا لکيل لفظ ۽ جملا مون کي ڏاڍا دل سان لڳا آهن. خاص ڪري هي جملا شل سچ ثابت ٿين ته ’اهڙا ڏينھن ضرور ايندا جڏهن ڪو به هَر هاري بُکيو نه رهندو، سندس ٻچا لنگهڻ نه رهندا. ڪو به مزور ڏکيو بُکيو نه هوندو، سندس ٻِچا انگ اگهاڙا نه رهندا“. يا سندس نئين سال تي موڪليل ڪارڊ جنھن ۾ هُن لکيو آهي ته: ”نئون سال مبارڪ مانجهي! ڪاش! ايندڙ نئون سال اهڙو ثابت ٿئي جو جنھن ۾ ڪو به بُکيو ۽انگ اگهاڙو نه رهي.“ اهو سندس خوبصورت سوچ جو عڪس آهي. سچ ته بشير ۾ گهڻيون خوبيون هيون. جنرل ضياء واري دور ۾ جڏهن اسان تي ڏکيا ڏينهن آيا تڏهن به اسان لاءِ بشير ڀرجهلو ٿي رهيو. تمام گهڻي سياسي صورتحال خراب هوندي به هڪ ڀيري هُن اسان کي اُن مسجد ۾ به رهايو هو، جنھن جو مولوي حد کان وڌيڪ سخت هوندي به بشير۽ سندس مھمانن لاءِ ڇپر ڇانءَ بڻيل رهيو. بشير جي اندر ۾ پيار ۽ پنھنجائپ بي انتھا هئي. هو هر ماڻهوءَ کي پھرين ملاقات ۾ ئي پنھنجو ڪري  بڻائي وٺندو هو. اهو ئي سبب هو جو سندس دوستيءَ جو دائرو ڏاڍو وسيع هو.

1980ع خاص ڪري  1981ع کان پوءِ اسان سڀني جون مختلف مشغوليون ۽ مصروفيتون هئڻ سبب بشير سان تمام گهٽ ملاقات ٿيندي هئي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ هو به پنھنجي لکيل پڙهيل اڳوڻي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. ڳوٺ ۾ پنھنجي مائٽاڻي زمين سا پاڻ آباد ڪرڻ لڳو، جيڪا سندس پيءُ گهٽ ڪرائي سگهندو هو. تن ڏينھن ۾ ئي نه ڄاڻ ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان ڪن جاگيرداراڻي سوچ ڌڻين سان وڃي واسطو جُڙيس، اڳتي هلي شايد اُهو ئي سندس المياتي پُڄاڻيءَ جو سبب بڻيو. هڪ ڀيري 1983ع جي شروع ۾ هو مون وٽ دانڌاريءَ ويجهو لُڊاڻي (ڳوٺ) ۾ آيو هو جتي آئون پرائيمري استاد هئس ۽ اُتان اچ وڃ جي ڪا سھولت نه هئڻ ڪري، اسڪول ۾ ئي رهندو هئس. اتي چانڊوڪيءَ ۾ کُلي ميدان ۾ ويھي، سڄي رات ڪچھري ڪئي هئيسين. جِتي اسان نانا محمد رحيم جَت ( تمام وڏي ڄمار جي هن شخص کي سڀئي ڳوٺاڻا نانا سڏيندا هئا.) جي ڪچھريءَ ٻڌي هئي. کان ڪافيون خاص ڪري ڀٽائي جا بيت ۽ وايون ٻڌيون هيوسين. نانا محمد رحيم جنھن کي ڪيتريون ئي لوڪ تاريخي آکاڻيون، لوڪ ۽ اَساسي شاعرن جي شاعري ياد هئي، جيڪا  هو ڪچھريءَ ۾ روزانو ٻڌائيندو رهندو هو. خاص ڪري هيٺين وائي ته ڏاڍي سريلي ۽ سُوز ڀري آواز سان ٻڌائيندو هو:


جي هوند ڏٺائون ووجيڏيون،

                                   حال منهنجو هھڙو جھڙو!


 ****


چڙهي نه سگهان چوٽئين, مارڳ مٿاهون.

هينئڙو ڏندڻ پاڙ جيئن ڇڪي ڇنائون.

هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن ريھي رتاتون.

 

۽ ٻئي رات دانڌاريءَ وڃي اُتي سڄي رات جَتن کان لطيف سرڪار جي شاعري ٻُڌي ۽ سمجهي هئيسين. مون کي ياد آهي ته تڏهن بشير کي علمي ۽ ادبي هلڪي کان پاسيرو ٿي وڃڻ جو شديد احساس ٿيو هو، جو هو پنھنجي ننڍپڻ جي سنگتين سان اچي مليو هو پر هو وري به دنيا داريءَ ڏانھن ڇڪجي ويو. جنھن سماج جي خوبصورت تبديليءَ لاءِ سوچيندا هئاسين، پوءِ هو پاڻ ئي ان سماج جو کاڄ ٿي ويو.

9 جولائي 1988ع جي ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري راتِ جڏهن هو هميشه وانگر پنھنجي گهر جي کُڏ (ڇِت) تي کُلي هوا ۾ سُتل هو. چيو وڃي ٿو ته: ”شايد اڃا رات جا ساڍا ٻارنھن يا هڪ مس ٿيو هو ته ٻن ڪارن ۾سوار هٿياربندن پھرين کيس سڏ ڪيو ، هن جيئن ئي ڪچي ننڊ مان محبوب اکيون کولي سڏ ورنايو، تئين ئي هٿيار بندن، هٿيارن جا مُنھن کولي ڇڏيا“ ۽ هو اسان جي ننڍپڻ جو محبوب ساٿي،خوبصورت جوان، اُن ويل ئي پنھنجي مٽن مائٽن، سنگتين ۽ ساٿين کان هميشه لاءِ ڌار ڪيو ويو. پر آئون پڪ سان چوان ٿو ته هو اسان سان گڏ آهي ۽ رهندو پنھنجي ڪردار، سچائي، سوچ، محبتن ۽ خلوص وسيلي.

 

ڳوليان ۽ ڳنڌيان، وئا ويراڳي. نڪري،

صحبت جا سَنديانِ آئون نه جئندي اُن ري.

                                                      (شاھ لطيف)



(بشير ٺينگي جي ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل)

9 جولائي 2011ع

No comments:

Post a Comment