Sunday, September 26, 2021

ڪتاب مڪلي ۽ مانجهي (مھاڳ: پاران امداد حسيني)

poetry-book-makli-aen-manjhi-dr-muhammad-ali-manjhi
poetry-book-makli-aen-manjhi-dr-muhammad-ali-manjhi

گگن سڄو ئي گونج ( ڪتاب جو مھاڳ: امداد حسيني)

جيئن شاعر کي تخليق ڪرڻ لاءِ موڊ کپي، تيئن شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ اُن تي لکڻ لاءِ به موڊ کپي. ايئن اڪثر ٿيندو آهي ته شاعر، لکندي لکندي ڪجهه سٽون اهڙيون به لکي ويندو آهي، جيڪي هن جي وهم گمان ۾ ئي نه هونديون آهن ۽ اهڙين سٽن سرجڻ تي خود شاعر به حيران رهجي ويندو آهي! بلڪل ائين شاعريءَ کي پڙهندي پڙهندي ڪي سٽون توهان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون آهن ۽ توهان کي لکڻ تي اُڀارينديون آهن. منھنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيئن شاعريءَ ۾ آگ لهرائڻ ڪار نه آهي، بلڪل ائين شاعريءَ تي لکڻ به آگ لهرائڻ ڪار نه آهي.

مانجهي جڏهن کان پنھنجي شاعريءَ جو مسودو ’مڪلي ۽ مانجهي‘ مون وٽ ڇڏي ويو هو، تڏهن کان، ڪڏهن ڪڏهن، مختلف وقتن تي اسڪرپٽ کڻي ٿي ويٺس، پر ڪجهه به لکڻ جو موڊ نه پئي ٺھيو ۽ هڪ ڏينھن ’سنجها‘ ۾ ڇپيل مانجهيءَ جي هڪ غزل جي هن شاعر تي اکيون کپي ويون:

جي اها زندگي آ ته مون بس ڪئي،

هيءَ ته ڪا زهر جي لپ لڳي ٿي پرين.

اهڙيون سٽون شاعر کان لکجي وينديون آهن، بلڪه ايئن چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته اهڙيون سٽون شاعر تي لهنديون آهن توڻي جو اهو غزل جو شعر آهي ۽ غزل جي صنف ۾ قافيو ۽ رديف به هوندو آهي. پر سٺو غزل اهو ئي آهي جنھن ۾ نه رڳو قافئي بازي نه هجي، ۽ سڄو ڌيان رديف کي نڀائڻ تي ئي نه هجي. بلڪه قافيو، رديف، بحر، وزن، ڇند، لفظن جو جڙاءُ جو سٽاءُ، تخيل... اهو سڀ ڪجهه غير شعوري طور تي ، ايئن فطري طور تي شعر سان سلهاڙيل هجي، جيئن انڊلٺ ۾ رنگ هوندا آهن ۽ اها ڳالهه صرف غزل جي صنف سان ئي نه، پر هر صنف سان لاڳو سمجهڻ کپي. اياز جڏهن ٺيٺ سنڌي غزل جي ڳالهه ڪئي هئي، تڏهن ان جو مطلب اهو قطعي نه هو، ته فارسي لفاظيءَ کي ڇڏي، سنڌي لفاظيءَ ۾ ڪاهي پئجي!

شاعريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا صنف وڌيڪ مقبول ٿي ويندي آهي، جيئن وائي، ٽيڙو/هائيڪو يا نثري نظم. ان جا مختلف ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. اڄڪلهه غزل جي صنف مقبول ٿي رهي آهي. غزل جا ڌار مجموعا اچي رهيا آهن. ويجهڙ ۾ نوابشاهه ۾ وسيم سومري جي غزلن جي مجموعي ’دل جون لهرون‘ جو مھورت ٿيو. غزلن جي حوالي سان نصير مرزا شيخ اياز جي غزلن تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، هن بنيادي ڳالهه اها ڪئي ته ’اياز وٽ صرف زبان آهي‘ رسول بخش پليجو به ساڳي ڳالهه ڪندو آهي ته ”اياز وٽ فن آهي“. بھرحال، مون پنھنجي تقرير ۾ نصير کي چيو ته هو ان تي تفصيل سان لکي.

هر زنده ٻوليءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ جو پنھنجو مخصوص مزاج آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪھڙو شڪ آهي ته سنڌي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي. ان جي مخصوص مزاج کي قائم رکندي، ان جي شاهوڪاري Explore ڪرڻ شاعر جو بنيادي فرض آهي:

مليا کليا پوءِ روئي پيا،

ڪھڙين سارن ساريا ماڻهو.

ان ريت هر صنف جو به پنھنجو مخصوص مزاج آهي. بھرحال، صنف ڪھڙي به هجي ان ۾ رس- چس جو هجڻ ضروري آهي:

سڏڪي سڏڪي نيٺ سمهي پئي،

ٻارن وانگي منھنجي جاڳ.

مانجهيءَ جي به هڪ ’خواب جي نگري‘ آهي ۽ اهي جاڳندي جا خواب ئي آهن. جيڪي پنھنجي مرضِ سان ڏسي سگهجن ٿا ۽ ايئن ڏات کي پرڀائي شاعر کي به حيران ڪري ٿي ڇڏي.

خواب نگريءَ مان کڙندي واس زلفن جا ڀري،

ڏات تنھنجي رات ’مانجهي‘ پرهه پرڀائي ڪٿان!؟

سنڌي ٻولي هڪ سُريلي ٻولي آهي ۽ شايد دنيا جي واحد ٻولي آهي، جنھن ۾ تجنيس جو گڻ آهي، ان ريت شاعريءَ ۾ اندرين قافين جو سٽاءُ به موجود آهي ۽ تصغيري پڇاڙيون به هڪ مخصوص ميٺاج پيدا ڪن ٿيون:

ڄاڻ مينھڙا وٺا، ڄاڻ مارو ڪَٺا،

هو ڏسو کنوڻيون کنوڻيون سانوڻيون.

شاعري ۾ قافيو به هڪ لفظ آهي، پر ان لفظ جي هڪ خاص اهميت پڻ آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي کي پنھنجو حسن آهي. ان ڪري قافئي جو خاص خيال رکڻ جڳائي. ان ريت بحر وزن/ ماترڪ ڇند، ردم، يا سُر/ آهنگ جو به خاص خيال رکڻ گهرجي. ۽ ان ڏس ۾ مشق/ رياض ۽  مطالعو لازمي آهي. سڄي دنيا جا موضوع غزل ۾ سمائي سگهجن ٿا، پر ان جو واس- ون شيراز، دهلي/ لکنؤ بدران سنڌ جي مٽيءَ جو هئڻ گهرجي:

کڻي واس ڪيڏا وريون هي هوائون

اسر جو ٺٽي جون ٺريون هي هوائون.

شاعر کي سدائين اهڙين سٽن جي ڳولا ڪرڻ جڳائي، جيڪي سڀني پارين سھڻيون هجن:

مھڪي يار مٽن جي خوشبو،

ڳاڙهن يار ڳٽن جي خوشبو.

خوشبو سان گڏ ”مانجهي“ رنگ جي ڳالهه اجهو هيئن ٿو ڪري:

شام شفق چورائي ويئي،

لالي تنھنجي لال چپن تان.

پر شايد ايئن، يعني سڀني پارين سھڻين سٽن سان مُکاميلو تڏهن ئي ٿئي ٿو، جڏهن اهڙيون سٽون خود شاعر جي تلاش ۾ هجن:

تنھنجون ڳالهيون مصريءَ ڳڙيون،

مٺڙيون مٺڙيون ليارن لڙيون،

سانوڻ مينهڙا ساٿ اوهان جو،

ڪانئل پيرون لامون لڙيون.

ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته شاعر ماٺ ڪري ويٺو هجي ۽ اهڙيون سٽون هن جي ذهن جو در اچي کڙڪائين! قطعي نه، شاعر کي بھرحال، اهڙي تلاش جاري رکڻي آهي:

سينڌ ڪڍين ٿي سج اڀري ٿو،

تون ڄڻ پھرين پھرين وانگي.

مانجهي جي مجموعي ’مڪلي ۽ مانجهي‘ ۾ غزل، گيت، وايون، نظم ۽ ٽيڙو آهن. مانجهي سنڌ جي سورن کان ڀليءَ ڀت واقف آهي. ڪراچي، سنڌ جو سر، سنڌ جي گادي- ان ۾ سنڌين سان ڪھڙو قھر ٿيو؟ مانجهيءَ ان جو ذڪر انتھائي دل ڀڄائيندڙ انداز ۾ ڪيو آهي:

ڪانڌ ڪٺو، پٽ به ڪٺا،

جهولي خالي جوءِ

ڍويو ويٺي ڍوءِ

لاش مٺي! لالن جا.

اها وستي جيڪا وينگس جھڙي حسين هئي، جنھن جا رستا روز پاڻيءَ سان ڌوپندا هئا، اهي ئي رستا سنڌين جي رت سان رڱياويا:

وينگس جهڙي وستيءَ کي،

پيو رت سان وهنجاري.

هاڻي ته سڄي سنڌ ۾، ڪراچي کان ڪشمور تائين اها رت- راند جاري آهي ۽ اسان جا پنھنجا به اسان جي رت سان پنھنجا هٿ رڱي رهيا آهن.

’وائي‘ به هڪ سريلي صنف آهي. اسان وٽ جديد وائي سر نه، پر گهڻي ڀاڱي گهاڙيٽي جي آڌار تي لکي وئي آهي. جڏهن ته وائي لکبي نه، پر چئبي آهي. گهاڙيٽي جي آڌار تي لکيل وائيءَ لاءِ به اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته هر وائي پڙهندي، ايئن نه لڳي ته ڪو (گهاڙيٽي جي ڪري) ساڳي وائي پڙهي رهيا آهيون. چوڻ اهو ٿو چاهيان ته وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ به تجربا ڪرڻ گهرجن ۽ جهونگار سان به پاڻ کي هيرائڻ گهرجي:

ڄيرا ڄڀيون ڄاڻ،

دانائي جي دوزخ ۾،

 ****

سڀ جهيڙا ساڃاهه سان،

آ! ته ٿيون اڻڄاڻ

دانائيءَ جي دوزخ ۾.

مانجهي’اڻ ڄاڻ ان ٿيڻ‘ واري ڳالهه به ساڃاهه/ سمجهه ۽ ڄاڻ سان ئي ڪري ٿو. ۽ ان ۾ چٿر جو جيڪو چڀڪو آهي، اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو. مانجهي نراس جو نه، آس جو شاعر آهي:

ايندا ايندا ها ها ايندا،

گهايل تيسين گهار اَلالا

عشقي صاحب هڪ ڀيرو لا، الا، الوميان.... جھڙن لفظن کي ڀراءُ جا لفظ چيو هو. مون تڏهن به ساڻس اختلاف ڪيو هو. خاص طور ڪلاسيڪل وائيءَ/ ڪافيءَ ۾ جيئن انهن کي ورتايو ويو آهي. مثلن ’مان واريان‘ آهي، جيڪو ٻن پدن جي وچ ۾ چئبو آهي، ۽ جيڪڏهن رڳو ڀراءُ طور تي ئي آڻڻو آهي ته پوءِ اتي ’لا لا الا‘ به ٿي پيو سگهي. انهن لفظن جي به هڪ خاص اهميت آهي ۽ مانجهي مٿين سٽن ۾ ان اهميت آهر ئي انهن کي ورتايو آهي. البت انهن / اهڙن لفظن جو اجوڳو واهپو يقينن ڀراءُ وارو ئي هوندو آهي ۽ عشقي صاحب به ان ڪري ئي ايئن چيو هو.

گيت به شاعريءَ جي آڳاٽي ۽ سريلي صنف آهي. اڄ جڏهن بَردي سنڌيءَ کي ’گيتن جو بادشاهه‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن به رڳو موضوعي ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان لکيل گيتن جي آڌار تي. ڇاڪاڻ ته اهي گيت نه ڳائي چيا ويا آهن ۽ نه ئي پوءِ ڳاتا ويا آهن. اهو لقب به ايئن آهي جيئن وفا ناٿن شاهيءَ کي ’شھنشاهه غزل‘ چوڻ! چوڻ اهو ٿو چاهيان ته شاعريءَ بابت غيرسنجيدگيءَ، غير ذميواريءَ جو رويو، ترڪ ڪرڻ گهرجي. اهڙن لقبن القابن سان نه ته ڪو ’بادشاهه‘ ٿي ٿو وڃي ۽ نه ئي ڪو ’شهنشاهه‘! بلڪه ايئن هو پاڻ بي ريا تنقيد جي زد ۾ اچي ٿا وڃن. هونئن اسان جي دور ۾ ڪجهه شاعر اهڙا آهن، جن ڳائي/ جهونگاري شاعري ڪئي آهي، جيئن: طالب الموليٰ، سعيد ٽکڙائي، حسين بخش خادم، نياز همايوني، گورڌن محبوباڻي، استاد بخاري...! ڳائڻ/ جهونگارڻ شاعريءَ جو هڪ مکيه گڻ آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي هڪ سُريلي روايت آهي.

مون کي ته ياد ناهي، پر مانجهي پاڻ ٻڌائيندو آهي ته مون کيس، ردم، لئه، ماترڪ ڇند يا بحر بابت هن جي پڇيل سوال جي جواب ۾. ’ارچڪ مرچڪ‘ وارا ٻول ٻڌايا هئا. هتي ان حوالي سان اهو ضرور چوندس ته ’ارچڪ مرچڪ‘ هڪ عجيب گهاڙيٽو آهي هر سٽ 16 ماترائن جي. چار ڀيرا فعلن، انهيءَ گيت جا سنڌ ۾ به Version آهن. هتي رڳو اهو ٻڌايان ته هڪڙو ٻڌيءَ تي ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو اڪيءَ تي. اهو نه رڳو عالمگير ردم/ گهاڙيٽو آهي، بلڪه اهو هن پوري ڪائنات جو ردم آهي. ٻول ٻارن پاڻ تخليق ڪيا آهن، يا وڏن ٻارن لاءِ تخليق ڪيا آهن؟ يا انهن ٻولن کي ڪا معنيٰ به آهي يا نه؟ هتي ان سان بحث نه آهي، پر اهي ٻول اسان جو ٻار تڏهن سکي ٿو. جڏهن هو ڳالهائڻ سکي ٿو! پر اسان جو هاڻوڪو نسل اهي ٻول نٿو سکي! ان ڪري نصير مرزا جي لفظن ۾:

جيون ۾ ردم ڪونهي

ان جو هن کي غم ڪونهي.

پر نصير بنان ردم جيون جي ڳالهه به ردم ۾ ڪري ٿو سو مانجهيءَ منھنجي اها ڳالهه ’ارچڪ مرچڪ‘ واري ڳالهه الائي ڪيئن هيئين سين هنڊائي؟ پر اهو به هڪ اتفاق (حسين) ئي آهي جو نصير جون اهي سٽون به ’ارچڪ مرچڪ‘ واري ردم ۾ ئي آهن، يعني ٻڌيءَ (14 ماترائن) تي ٻڌل آهن. مانجهيءَ جي هڪ نظم، جنھن مون کي وڌيڪ متاثر به ڪيو آهي، جو ردم به ساڳيو آهي- ۽ مون اهو ئي ڄاتو ته هن منھنجي ڳالهه ڪافي حد تائين سمجهي ورتي آهي. اهو نظم آهي:

’هُوءَ ناري ڄڻ ڪو نظم‘ آهي

جنھن جا انگ استعارا آهن،

۽ مرڪون لاڙي محاورا

تن تشبيھون

****

پير ته پايل پايل

ماٺ به مڌر مڌر موسيقي

****

گهور به گيتن جھڙي

گيتن جھڙي، ميتن جھڙي

جيون جي جيتن جھڙي

هوءَ ناري ڄڻ ڪو نظم آهي!

۽ ايئن مانجهيءَ جي نه رڳو نظمن ۾، پر پوري شاعريءَ جو پنھنجو هڪ مخصوص ردم آهي. يا هي نظم:

ڪنواري ڌرتي تي سرتي!

ريشم  جھڙي  رات  لٿي  آ.

۽ ان جون هي سٽون:

لوڙهي پويان يار کڙو آ،

ٻاهر  هو  سنسار کڙو  آ.

نظيران، شهناز، آميءَ ۽ ڦاپيءَ جي ڪردارن تي لکيل نظم اسان جو خاص طور تي ڌيان لهڻي، جيڪي سنڌ جي غربت ۽ عرب شيوخن جي هوس جو بک ٿي ويون ۽ انهن جو خون لئي مٽي ڪيو ويو. مون انهيءَ سانحي تي شايد اهو پھريون نظم پڙهيو آهي ۽ اهو هڪ ڀرپور نظم آهي. انهن ڪردارن جي مائٽن جو وات ته نوٽن سان بند ڪيو ويو، پر هڪ شاعر جي آواز کي دٻائڻ ناممڪن آهي. مانجهيءَ جي سيني ۾، پنھنجي ديس ۽ ديس جي ڏک ۾، هڪ لڇندڙ دل آهي.

’ٽيڙو‘ هن مجموعي ’مڪلي ۽ مانجهي‘ ۾ سڀ کان پھرين ڏنا ويا آهن، پر مان انهن تي سڀ کان آخر ۾ لکي رهيو آهيان. منظوم چوڻين کي ڇڏي ’ٽيڙو‘ جي صنف شاعريءَ ۾ مختصر ترين صنف آهي:

                                        منڊين ڪيڏا منڊ،

                                       الا! سپرينءَ اکڙيون

                                          نيرا گھرا سمنڊ.

ان ٽيڙؤَ جي وچين سٽ ۾ جيڪو ”الا“ آيو آهي. اُهو اتي نه رڳو لازمي آهي، بلڪه ان کي اتي هڪ خاص معنيٰ پڻ آهي. اهو ’ٽيڙو‘ پڙهي مون کي به پرين- سپرينءَ جا نيرا گھرا نيڻ ياد اچي ويا ۽ پنھنجون هي سٽون هانو تي هُري آيون:


ڪاش ملي منھنجي ڪوتا کي،


نيرن نيڻن جي گھرائي.


قافئي جي نر- ماد، مونث/ مذڪر جو فرق سمجهڻ به ضروري آهي. اعرابن سان اهڙن اچارن کي واضح ڪيو ويندو آهي. مثلاً ’سانجهه‘ مونث آهي ۽ ’مانجهه‘ مذڪر آهي. ٽيڙو ۾ صرف ٻه قافيا گهرجن ٿا ۽ اهي تز هئڻ گهرجن، جيئن هن ’ٽيڙؤَ‘ ۾ آهن:

اڪيلڙي هيءَ ڪُونجَ،

ڪرلائي ڪنهن لاءِ ٿي،

گگن سڄو ئي گُونجَ.

هونئن ’ٽيڙو‘ لاءِ قافيو ضروري به نه آهي، نه ئي قافئي جو اهو مقرر سٽاءُ لازمي آهي، نه ئي ٽيڙؤَ لاءِ 11+13+11 ماترائن جو هئڻ لازمي آهي. جيتوڻيڪ اهو هڪ معياري گهاڙيٽو آهي ۽ اهو گهاڙيٽو اسان جي دور جي هڪ وڏي شاعر نارائڻ شيام مقرر ڪيو آهي:

             ڏس ته پکين جا ڏانو

             اڏامندي هڪٻئي مٿان،

             ڪيئن نه ڪن ٿا ڇانوَ.

نارائڻ شيام ان صنف کي، پنھنجي پارس صفت هٿن سان ڇھي، سون ڪري ڇڏيو ۽ اها صنف ’تصويرون‘ جي عنوان سان ڇپي، ڇو ته ان ۾ ڪونه ڪو چتر هو:

             ساز رکيل ڀت ساڻ،

              بند اکيون چُپ ڳائڻو

                راڳن سان رهاڻ!

اياز ان صنف جي، مخالفت ڪئي، پر پوءِ پاڻ ئي ’هائيڪن‘ جو هڪ مڪمل مجموعو ڏنائين. اياز ته عروض تي به هائيڪي لکڻ جو تجربو ڪيو آهي. ان صنف تي جيڪي تجربا ٿيا آهن ان تي الڳ سان لکڻ جي ضرورت آهي. هتي رڳو اهو ٻڌايان ته ان صنف کي ’ٽيڙو‘ نالو مون ڏنو آهي ۽ جنهن کي اسان جي دور جي هڪ ٻئي وڏي شاعر هري دلگير به پسند ڪيو آهي. اڄ ’ٽيڙو‘ جي صنف سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنفن مان هڪ آهي ۽ ان جي تجلا به گج جا تجلا آهن:

نازن سان ناري

تڙ تي تجلا گج جا

پوياڙيءَ پيڃاري!

مانجهيءَ جي ’ٽيڙو‘ ۾ نت نوان موضوع به آهن:

بُک سان ناهي ڀيٽ،

گيت نه ٿيندا ڪي گرهه

تولئه بُکيا پيٽ!

هونئن ته پوري شاعري، پر خاص ڪري ’ٽيڙو‘ هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا توهين هاسيڪاري پين پنو کڻي، هڪ هنڌ ٺھي ٺڪي ويھي نٿا لکي سگهو. ’ٽيڙو‘ به شاعر جي ذهن جي آسمان تي ائين ٽمڪي پوندو آهي، جيئن آسمان تي ”ٽيڙو“ ٽمڪي پوندا آهن. ڪو ڏيک، وارتا، ڪو مک، ڪي نيڻ، ڪا ڪيفيت، ڪو احساس، ڪو تخيل.... ’ٽيڙو‘ جيان ٽمڪي پوندو آهي- بلڪل ايئن جيئن ڪنھن جي سار سُھائو ڪري ويندي آهي ۽ اک ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا آهن:

جيڏل جُهونگاري،

ساري ڪنھن کي سڪ مان

هنجون ٿي هاري!

****

جُهومي جُهونگاريوءِ،

چٽ چٽيندي چولي تي

ڪو سانوڻ ساريوءِ

مانجهيءَ جيڪي منظر ڏسي، لفظن ۾ Paint ڪري، اسان کي ڏيکاري ٿو، اُهي اسان مان گهڻن لاءِ نوان ٿي سگهن ٿا، اهي اسان جي چت تي هميشه لاءِ چٽجي ٿا وڃن:

ڳيچ ڪنھن لاءِ ڳاتئي

ساري تڙ تي سانوري

گهڙي کي ٻَک پاتئي!

۽ يقيناً شاعريءَ ۾ اهڙن منظرن ڏسڻ (پڙهڻ) لاءِ اسين اڻھئي واجهائيندا رهنداسين!

 

امداد حسيني (ڄام شورو)

27.8.2001

No comments:

Post a Comment