پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري جي اهميت بابت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي راءِ
ٻہ سال اڳ ڊاڪٽر محمدعلي مانجهي پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري هئڻ جي اهميت کي محسوس ڪندي پنهنجي فيس بڪ تي اڳي اسڪولن ۾ ڪتابن جي ڪاٺ واري پيتي ياد ڏياريندي جيڪو مختصر ليک لکيو هو اهو سنڌي ٻوليءَ جي رسالي ´امرتا` ۾ سندس تعارف شامل ڪري ڏنو ويو هو سو جيئن جو تيئن هتي ڏجي ٿو.
اڳ ۾ شهرن کي ڇڏي ٻهراڙين جي پرائمري اسڪولن ۾ ڪا سهولت نه هوندي هئي. ڪٿي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا بلڊنگ هوندي هئي ته پنجن ئي درجن پڙهائڻ لاءِ فقط هڪ روم هوندو هو، ته ڪٿي هڪ روم به نه، رڳو هڪ جهڳي يا ڇنو. پنجن ئي درجن جي سڀني مضمونن کي پڙهائڻ لاءِ استاد به هڪ هوندو هو.
ٻارن لاءِ ڀڳل ٽٽل بينچون، استاد
لاءِ هڪ يا ٻه ڪرسيون، هڪ ميز، بجلي ته پري جي ڳالهه پر بنيادي سهولتون به نه
هونديون هيون. صفائي ٻار پاڻ ڪندا هئا، ته پاڻي به پاڻ ئي ڀريندا هئا.
ٻارن کي هٿن ۾ ميٽ لڳل پٽيون يا
پٿر/ ٺڪر جون سليٽون ۽ پينون. استاد وٽ پڙهائڻ لاءِ گهربل مددي سامان به ماڳهين
نه. هڪ ڪاٺ جو ڪارو بورڊ سامهون واري ڀت تي لڳل هوندو هو، جنهن تي استاد ڪلاڪن جا
ڪلاڪ لکندي/ سمجهائيندي بيٺل رهندو هو. ان استاد جي گهڻو ڪري هٿن تي ته ڪڏهن ڪپڙن
تي به گهڻو ڪري چاڪ جي دز يا مس جا چٽا ضرور لڳل هوندا هئا، جن کي هو ڏسي خوش خوش
پيو ٿيندو هو.
ان کان سواءِ اسڪول ۾ هڪ ڪاٺ جي
گولن وارو فريم جنهن وسيلي انگ پڙهائبا هئا هوندو هو. ڀت تي لٽڪيل ڪجهه نقشا، يا
استاد پاران سهڻي لکت سان ٺاهيل گهڻ ڄاڻ چارٽ به موجود هوندا هئا.
ها ٻي هڪ اهم شئي جيڪا هر پرائمري
اسڪول ۾ هوندي هئي، سا هوندي هئي سرڪار جي تعليم کاتي پاران ڏنل ڪتابن سان ڀريل
ڪاٺ جي پيتي، جيڪا هر استاد اسڪول جي اهڙي ڪنڊ ۾ سنڀال سان رکندو هو، جو اها مينهن
توڙي واءُ کان سدائين محفوظ رهندي هئي. اها ڪاٺ جي پيتي به ڪمال جي هوندي هئي،
ڇاڪاڻ ته اها مختلف مضمونن ۽ موضوعن تي مشتمل ڪتابن سان ڀريل هوندي هئي، يعني
منجهس سائنسي، سماجي، اخلاقي، علمي ۽ ادبي شاهڪار ڪتاب هوندا هئا. جيڪي استاد ٻارن
کي پنهنجي پنهنجي ڄمار ۽ درجي جي حساب سان پڙهڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڏيندو رهندو
هو. ٻار اهي ڪتاب دلچسپيءَ سان پڙهي ۽ پوءِ وري سنڀال سان واپس ڏيندا هئا. اهي
ڪتاب جيڪو به پڙهندو هو سو ڏينهن جا ڏينهن انهن مان پنهنجي دلچسپيءَ وارا احوال
وري ٻين سان ونڊيندو رهندو هو.
اسان جي هڪ ڪمري واري اسڪول ۾
رکيل انهيءَ ڪاٺ جي پيتيءَ مان وٺي جيڪي ڪتاب مون پڙهيا، سي مون کي اڄ به بنهه
چڱيءَ ريت ياد آهن، جن ۾ هئا: اسان جو پيارو دين، سنڌ جي جاگرافي، قديم سنڌ جي
تاريخ، تارن جو اڀياس، سائنس، وڏي ڳالهه ته تعليم کاتي پاران ڇپايل شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جو رسالو به موجود هوندو هو، جيڪو مون ڪيترائي ڀيرا وٺي پڙهيو هو. ان سان
گڏ 1- قائد اعظم محمد علي جناح، عبدالله عباسي، 2- گل ڦل- پرمانند ميوارام، 3- تن
۽ تندرستي، مرزا قليچ بيگ، 4- مختصر ڪلام مصري شاهه، بي اي عزيز، 5- وير واڍو ۽
هلهليو پکي اسلم اي ميمڻ ”مسافر“، 6- مريد علي جو ترجمو ڪيل گرم جون آکاڻيون ۽ ٻيا
به ڪتاب.
وقت گذرڻ سان پوءِ اها پيتي
اسڪولن مان آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳي. گهڻو پوءِ آئون جڏهن پرائمري اسڪول لُڊاڻي ۾
استاد مقرر ٿي ويس ته اتي به اها ڪاٺ جي پيتي ته هئي پر ڪتاب غائب هئا. تڏهن مون
پنهنجي مختصر پگهار مان ڪتاب وٺي اچي اها پيتي هوريان هوريان ڀري هئي ۽ پوءِ
ٻهراڙيءَ جي ٻارن ڪتاب ڇا پڙهيا جو واهه واهه، پر وڏن لاءِ به وڏي دلچسپي ٿي پئي.
ها پر 1985ع ۾ آئون جڏهن پرائمري
اسڪول ٻائو پورنداس (جتي گرونانڪ جي پٽ سريچند جو اسٿان ۽ تمام وڏو مندر اڃا موجود
آهي) ۾ بدلي ٿي آيس ته اتي به اها پيتي موجود هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڪتاب بچيل هئا.
افسوس جو هاڻي اها ڪتابن سان ڀريل ڪاٺ جي پيتي اسڪولن مان غائب ٿي چڪي آهي. ٿي
سگهي ٿو ته ڪنهن اسڪول ۾ پيتي هجي پر منجهس ڪتاب ڪونه هوندا. هن جديد دور ۾ ٻئي
قسم جي ڪا لائبريري هجي نه هجي پر ڪتابن واري ڪاٺ جي پيتي ضرور هئڻ گهرجي، ته جيئن
استاد ۽ ٻار ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ ڪي ٻيا ڪتاب به پڙهي سگهن. ان کوٽ جو پورائو
سرڪار به ڪري سگهي ٿي ته سڄاڻ سرنديات به ڪري سگهن ٿا.
No comments:
Post a Comment