Sunday, March 26, 2023

لوياڇ (سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ ماڳ)

لوياڇ

(سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ ماڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ جي جابلو علائقي جي بہ پنھنجي سُونھن آھي. ھتي بہ ٿر وانگر ڏاڍيون سھڻيون جابلو ماٿريون، تل، تراھيون، ٽُئيون، ڍورا، ڍوريون، کوھ ۽ کوھريون آھن. مينھن وٺي کان پوءِ وھندڙ انھن ڍورين ۽ نئين کانسواءِ مستقل وھندڙ ڪوبہ درياھ، واھ وغيرہ  نہ آھي مطلب تہ ھتي جي حياتي بہ اَبر آسري ھوندي آھي. وٺي کانپوءِ

Monday, March 13, 2023

ڪِنجهر / ڪينجهر (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)

 ڪِنجهر / ڪينجهر

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي






شاھ لطيف جي شاعرئَ ۾ فڪر جي آزادي (ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

شاھ لطيف جي شاعرئَ ۾ فڪر جي آزادي

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

وڏو طالع تو، جيئن لڳين پير پنهون جي،

سسئي ان  ستون  کي  رويو  رويو  رو،

ويٺي هتِ م  هو،  هلين  ته  هوت  لهين.

( آبري 7 \ 7)

سنڌ ساڻيهه جو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اهو عظيم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ظاهري ۽ انسان جي اندروني آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي. هن انهيءَ آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي، جنهن سان سماج ۾ معياري تبديلي اچي سگهي. هن انهيءَ کي محسوس ڪيو ته گهڻن زمانن کان سنڌ نه رڳو غلاميءَ ۾ پيڙهجندي رهي آهي پر سنڌي سماج اندروني ۽ نفسياتي طرح غلام ۽ مونجهارن جو شڪار رهيو آهي. ڏٺو وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي سماج جي (هر لحاظ کان وڏي) بحراني دور ۾ پيدا ٿيو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سورهين عيسوي صديءَ ۾ سمن جي دور جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي وقت ۾ ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي حملو ڪيو، دغا ۽ دوکي بازئَ سان هزارين ڪونڌر ڪهي ملڪ تي قبضو ڪري ظالمانه حڪومت مڙهي. ارغونن هٿان سنڌ جي هن فتح کي “خرابئ سنڌ” ڪوٺيندي، اُن زماني جي عالمن ان مان ابجد جي حساب سان سنڌ جي بربادئَ جي تاريخ (927هه موجب 1520ع) ڪڍي هئي. تاريخ معصومي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن موجب يارهين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ويهين  تاريخ تائين شهر کي لٽيندا ۽ قتل عام ڪندا رهيا. پوءِ لڳ ڀڳ مُني صدي ارغونن

Sunday, March 12, 2023

”ساڄن ملي تِن کي“ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”لاڙي لفظن جي موتين مالھا“ تي لکيل ڪجھ لفظ)

”ساڄن ملي تِن کي“ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”لاڙي لفظن جي موتين مالھا“ تي لکيل ڪجھ لفظ)

      پاران: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ منصور ٿلهو ڪافي وقت کان سنڌ جي لاڙ وارن پٽن، سو به خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي علائقي تي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. چوڏهن پندرهن سالن کان انهئَ پسمنظر ۾ سندس ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيا ليک ڇپجندا ۽ پڙهندڙن تائين پهچندا رهيا آهن. ”مٽي ۽ مهاڻا“، ۽ ”ريڙهي مياڻ“، سندس ناول آهن ۽ ايئن ”سوکي بندر ۽ سامونڊي سور“ خوبصورت سفرنامو آهي، پر سچ پچ ته اهي ٽيئي ڪتاب ڄڻ هن علائقي جي ماڻهن جي سماج ڪٿا آهن، دردن جا داستان آهن ۽ تاريخ آهن. منصور لڳاتار ڪڏهن لارين، ڪڏهن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن پيرين پنڌ ڪري، اُتي وڃي سامونڊي علائقن جي شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، کارين، ڍورين ۽ ڍورن جون ياترائون ڪري، پنهنجي ڪتابن لاءِ ماڻڪ موتي ميڙيا آهن.

Saturday, March 11, 2023

سنڌو لکت جا اُھڃاڻ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”سنڌو ماٿرئَ جون لکت واريون نشانيون“ جو مھاڳ

سنڌو لکت جا اُھڃاڻ (منصور ٿلھي جي ڪتاب ”سنڌو ماٿرئَ جون لکت واريون نشانيون“ جو مھاڳ

      پاران: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي