لوياڇ
(سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ ماڳ)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ولھاريون ٿي پونديون آھن. ھيٺاھيون مٿاھيون مھڪي ۽ چھڪي پونديون آھن. سنڌ جي انھئَ جابلو ڀاڱي ۾ ڪيترائي قديم، تاريخي ۽ جاگرافيائي لحاظ سان وڏي اھميت وارا ماڳ ۽ مڪان آھن.
سنڌ جي انھئَ جابلو ڀاڱي جو سلسلو اولھ - اُتر کان ڏکڻ طرف
اچي ٿو. جن جون ڪجھ ٽڪريون سمونڊ اندر بہ آھن. اھي جابلو سنڀيرون ھالار جبل جون
آھن. ان کان سواءِ کيرٿر جو سلسلو بہ وڏو آھي، ان سان سلھاڙيل ڏاڙھيارو ۽ پٻ جبل بہ
آھن. جن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا جبل مختلف نالن سان آھن. کيرٿر جبل جو اھو علائقو ،
جنھن جي وڏي چوٽي، جتي ڪتي جي قبر (ڏاڙھيارو) آھي سا سامونڊي مٿاڇري کان پنج ھزار
فوٽ مٿانھين آھي ۽ ٻہ ٻيون بہ چوٽيون آھن اُتي ئي کيرٿر جا ٻہ مٿانھان سھڻا ۽ کيتيءَ
لائق پٽ بہ آھن.
سنڌ جي انھئَ جابلو ڀاڱي جو ٽڪريون ۽ ماٿريون نہ رڳو سھڻيون
پر ھر لحاظ کان اُجريون آھن. جتي جون
راتيون پرينءَ جي نھٺن نيڻن جهڙيون آھن. اُتي وٺي بن تہ برابر سُڃ ۽ اُڃ واڪا ڪندي
آھي. ساوا سُڪي ويندا آھن. ترھا (کوھ) بہ اَرھا ٿي چڪي سُڪي ويندا آھن. رڳو سُڪل
ڪک ئي چوپائي جي گذر لاءِ وڃي بچندا آھن. موت اکيون ڦونڊاري رڙھاٽ ڪندو ۽ ڀوائتا
ٽھڪ ڏيندي ٽاپوليون ڪندو ڀُڻندو آھي. بس وڃي ڪي نين جي پيٽن ۾ کوھ ۽کوھريون
رھنديون آھن. سڀني ساھ وارن جون اکيون انھن ۾ ئي ھونديون آھن. ھا وَٺي کانپوءِ ھي
جبل ٽڙي پوندا آھن. ھر ھنڌ ساوڪون، سڳنڌون، سُٻنڌون، ٻاجهارا ٻول، سينڍون،
سرھايون، واڌايون، ولوڙا ۽ گاڏيلين جا گيت ڇڙي پوندا آھن. ھر ماڳ مھڪي ۽ مرڪي
پوندو آھي. انھن ئي جابلو ماڳن مان لوياڇ بہ ھڪ سھڻو علائقو آھي. لوياڇ لاءِ چون:
“لوياڇ وسي تہ بڻجي موھ ياڇ” يعني موھيندڙ. لوياڇ ٽڪرين جي وچ ۾ مٺي ۽ بوسيري زمين
جو ھڪ اھو ننڍڙو مڪان (علائقو) آھي، جيڪو وٺي کانپوءِ ھڪ سھڻي ڏھر جو ڏيک ڏيندو
آھي.
لوياڇ وڃڻ لاءِ رستو:
لوياڇ وڃڻ لاءِ پھرين سُپر ھاءِ وي کان ٿاڻي بولا خان کان
ٿيندو، ٿاڻي احمد خان کان اڳتي وڃبو تہ گهوڙالَڪي، داءُ لڪ (ڪانڀُو جبل) ۽ ‘کوٿار
جبل’ لنگهي، ٿورو اڳيان وڃبو تہ ‘مٺڙي نئين’ ايندي جتي ‘ٻال پوري’ نالي مندر ۽ ويجهو
ئي ‘آستاني’ نالي بہ ھنڌ ٺھيل آھي. ‘مٺڙي نئين’ اُڪري ڪجھ پنڌ ڪبو تہ وري ھڪ ننڍو ڍورو
‘وات پات’ ايندو جنھن کان پوءِ ھڪ جابلو
پڌراڻو ايندو پوءِ ڪافي پنڌ اڳيان ھلي، ھڪ سھڻو ‘در’ نالي ڍورو ايندو سو اُڪرڻو (پار ڪرڻو)
پوندو، تنھن کانپوءِ جيڪو علائقو ايندو، انھئَ علائقي (مڪان) کي لوياڇ چئجي ٿو.
لوياڇ جي بيھڪ:
لوياڇ وارو علائقو تعلقي ٿاڻي احمد خان جي يونين ڪائونسل ٿاڻي احمد خان ۾ تپي ‘ڀال’ جي ٻن ديھن (i) ديھ لوياڇ ملڪ دودا خان (ii) ديھ لوياڇ ملڪ سردار خان تي مشتمل آھي. من موھيندڙ مڪان (علائقي) جي اوڀر ۾ ‘کوٿار
جبل’ (ان کان اڳيان ڌماچ) آھي. اولھ طرف ‘سرئَ’ جي جابلو ڏند (اُتي جا ماڻھو انھئَ
ٽڪرئَ جي ديوار کي ڏند چون). ڏکڻ پاسي ‘ھنڊي جبل’ ۽ اُتر طرف ‘گر’ نالي قدرتي
پاڻئَ جو تراھ (تلاءُ) آھي ۽ ان کان اڳيان ‘ڪانڀو جبل’ اچي ٿو. مطلب تہ اھڙين جبل
جي ديوارن جي وچ ۾ ھڪ ڊگهي ۽ ويڪري بنھ سھڻي ماٿري ‘ لوياڇ ’ آھي. ھتي جي مٽي ھلڪي
ڳاڙھي رنگ جي، نرم ۽ بوسيري آھي.
نئيون:
ھتي ڍورين کان سواءِ ٻہ نئيون بہ آھن، جن جو مختصر احوال ھن
ريت آھي:
ايسر نئين:
ھيءَ نئين جيڪا ‘راھوجي جبل’ کان ٿيندي لوياڇ جي ڀر مان
لنگهي اڳتي ھلي، ‘مٺڙئَ’ سان ملندي ۽ اڳتي وڃي ٿاڻي عارب خان جي واھين کان نئين بارڻ
۾ پئي ٿي. لوياڇ کان ٿورو اڳيان ايسر نئين تي ٻہ مشھور ڳوٺ ھڪ ‘علي مراد باريچو’ ٻيو ‘ننگر باريچو’ آھن.
ڳوٺ ‘علي مراد باريچي’ وٽ ‘ايسر ’ تي
ڊيم ٺاھڻ جي رٿا جوڙي ويئي آھي.
ساروڻي نئين:
ھيءَ نئين ‘ھِنڊي جبل’ جي اولھ کان شروع ٿئي ٿي، جنھن
۾ اوڀر پاسي کان ‘لُو لُو’ ڍورو بہ پئي ٿو
۽ پوءِ لوياڇ کان نڪري ڌماچ ڏانھن وھندي
رواني ٿي وڃي ٿي. ھن نئين جو وَٺي کانپوءِ
ڏاڍو سھڻو منظر ھوندو آھي. ھيءَ نئين ‘لوياڇ’ وارو ماڳ ڇڏي اڳتي نڪرڻ کان
پوءِ نئين ‘لوياڇ ’سڏجي ٿي. اڳتي ھن ۾ ٻيا بہ ننڍا ڍورا ۽ ڍوريون شامل ٿينديون
آھن. ايئن ھيءَ وڌندي وڏي ٿيندي اڳتي رواني ٿئي ٿي. مختلف ھنڌن تان لنگهندي بنھ
ڊگهو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ جهمپير شھر جي اولھ کان ڦرندي (ھن نئين تي ڊگهي ريلوي پُل
ٺھيل آھي) نيٺ اچي جهمپير شھر جي ڏکڻ کان ڪينجهر (جي اولھائين طرف) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
لوياڇ مان نئين کانسواءِ ھيٺيان ڍورا پڻ وھن ٿا.
ورُ، ڇنڙي، ٿڙو ۽ ٻيا ننڍا ڍورا ۽ ڍوريون بہ آھن.
تلاءُ:
لوياڇ ۾ ھڪ مشھور تراھ (تلاءُ) ‘ شيدوءَ وارو تراھ ’ جي نالي سان مشھور آھي، جنھن ۾
مينھن جو گڏ ٿيل پاڻي ٻارھوئي ھوندو آھي، جيڪو ھتي جي ماڻھن، جانورن ۽ پکي پکڻ جي
پاڻي پيئڻ جو وڏو وسيلو آھي.
ماڻھن جو گذر:
لوياڇ، گذر جي لحاظ سان چراگاھي دور جو ھڪ مثال آھي، ماڻھن
جي گذرجو وڏو وسيلو چوپائي مال تي آھي ۽ وٺي کانپوءِ البت پنھنجا پنھنجا کيٽ بہ
آباد ڪندا آھن، جيڪي سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ئي مينھن تي ٿيندا آھن. ٻيو “ آڻين ۽
چاڙھين ڏٿ ڏھاري سومرا”
چوپايو مال:
ھتي گهڻو ڪري ماڻھو اُٺ ۽ ٻڪريون ڌاريندا آھن، ڳئون بہ
پاليندا آھن، لال ڳاڙھي رنگ جي ھنن ڳئن جو اوھ (ٿڻ) وڏو ٿيندو آھي. منجهن کير بہ
گهڻو ٿيندو آھي.
فصل:
فصل فقط سانوڻيءَ جي مُند وارا ھوندا آھن، جن ۾ جئار، تر، مُڱ، گوار، ڇانھيون، گدرا وغيرہ. زمين زرخيز ھئڻ ڪري، فصل بہ بنھ
ڀلو ٿيندو آھي.
لوياڇ ۾ رھندڙ ذاتيون:
ھتي لالاڻي (برفتن جي نُک) جا ٻہ ٽي ڳوٺ جن ۾ عمر لالاڻي، حاجي جنگُو لالاڻي، اسحاق لالاڻي،
محمود لالاڻي ۽ قادر لالاڻي وڏا ڳوٺ آھن. انھيءَ ذات کانسواءِ شُھدا جن ۾ آدم
شُھدو چڱو وڏو ڳوٺ آھي، ڳوٺ محمد فقير مڱڻھار، ٺارو ڪانڙو کانسواءِ ھتي خاصخيلي ۽
ٻيون ذاتيون بہ رھنديون آھن. ويھارو سال اڳ ھتي شُھدا گهڻا رھندا ھئا، پر معاشي
مجبورئَ ڪري پنھنجا پکا کڻي وڃي، شھرن ڀيڙا ٿيا.
ھي علائقو بجلي، روڊ ۽ اسپتال کان محروم آھي. سڄي علائقي ۾
فقط لالاڻين جي ڳوٺ ۾ ھڪ پرائمري اسڪول آھي. ھتي ڪوبہ ماڻھو گهڻو پڙھيل نہ ھئڻ ڪري،
اسڪول جو استاد ٿاڻي بولا خان يا ٿاڻي احمد خان جو ھوندو آھي، سو پنھنجي مرضيءَ
سان ئي ايندو آھي. انھيءَ ڪري ھي علائقو تعليمي لحاظ سان بنھ وانجهيل آھي. سجاڳي نہ
ھئڻ ڪري ماڻھن جو تعليم ڏانھن ڌيان بہ گهٽ آھي.
گاھ:
لوياڇ ۾ گاھ جنھن کي ڪک چوندا آھن تمام گهڻو ٿئي ٿو، جنھن ۾
اَست، سَڻيھو، لُوت، ڀاڄيرو، لَنبُ، ڀوتار، ڀچٽي، سيڻ، کرڪ، ڪٽڻ،کيھ، مانڌاڻي،
منڌيئڙو، مکڻي، چيھو، مُرٽ، ڳم، ڳنڍير، ڊاماھو، ڊامڻ، واھو وغيرھ انھن گاھن تي
چوپايو مال پلجي ٿو.
وليون:
گولاڙو، واگهيل، بوسيري، ماھوڙي، ٽِ ـ پني ٽوھ، گهوڙاول،
ميک ول، اُبت ڪنڊڙي، مُنڍيري، آڏيري، کار (لاڻي) ۽ جهل وغيرہ.
وڻ ۽ ٻوڙھا:
ڄار، ٻير، ڪَنڊي، لَئو، موئو، ڪرڙ، ورينگڙو، ڦوڳ، ڪونڀٽ،
ڪَھُو، کيرڻ، کير، لوھيڙو، گُگر، ٽانڪار، اَڪ، ٿوھر وغيرہ.
جابلو ٻوٽا ۽ ٻوٽيون:
ھُونئن تہ جبل ۾ ڪيتريون ئي قيمتي ٻوٽيون ٿينديون آھن، پر
ھتي لوياڇ ۾ سون مڪئي، يا سون پات، سنيار، پُوئاڻي يا پُوئي، ڌتورو، ٽرو، ٻُوھ،
لاڻو، اڪيري وغيرہ جام ٿين ٿيون، جيڪي
چوپائي مال جي کاڌي کان سواءِ ڪيترين ئي
دوائن ٺاھڻ جي ڪم ۾ بہ اينديون آھن.
ڏٿ:
وٺي کانپوءِ ٿر وانگيان جبل ۾ بہ ڪيترائي ڏٿ ٿيندا آھن، جن
۾ مونگها، ڳاڱيون، گولون، ليار، چڀڙ، ريڀڙ،
گُگرال، مُنگرال، مڪ، پيرون ۽ ڪانئل پيرون وغيرہ اچي وڃن ٿا.
ساڳ:
وٺي کانپوءِ ڪيترائي اھڙا ٻوٽا ۽ ٻوٽيون بہ ٿينديون آھن، جن
کي جابلو ماڻھو ڀاڄيءَ طور ڪتب آڻيندا آھن جيڪي کاڌي ۾ نہ رڳو لذيذ پر صحت لاءِ بہ سٺيون آھن، انھن ۾ کنڀي، جهل، چڀڙ،
ڪاٺ گدرو، لُلُر، مريڙو، پٽ بصر، ميھا (جهنگلي) کٽالي ۽ لوڻڪ وغيرھ اچي وڃن ٿا.
انھيءَ کانسواءِ ھتي کِپ بہ جام ٿئي، جنھن مان ڇپر ٺاھيا ويندا آھن. ڦڙھا بہ ٿيندا
آھن، جن مان تڏا ۽ تونريون ٺاھيون وينديون آھن.
ٻوليءَ جو لھجو:
لوياڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو لھجو بہ جابلو لھجو آھي، پر انھيءَ
جابلو لھجي جو بہ ننڍو لھجو آھي، جيڪو
ڏاڍو ميٺاج ڀريو، سادو ، سٻاجهو ۽ ھلڪو
آھي. ان لھجي جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
لوياڇ وارو جابلو لھجو |
معيار ي لھجو |
آن بيٺو آئين. |
آئون ويٺو آھيان. |
اسين تِتِ بيٺا آھيون. |
اسين ھتي ويٺا آھيون. |
ڪيڏي ٿو و ِڃين؟ |
ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ |
ماني کاندوس. |
ماني کائيندس. |
آن بہ توسين گڏ اچندوس. |
آئون بہ توسان گڏجي ايندس. |
ھيڏي اچيج ! |
ھيڏانھن اچجان ! |
ڇو اَھي ؟ |
ڇا آھي؟ |
ڇي لاءِ ؟ |
ڇا جي لاءِ ؟ |
ڪائو آھين ؟ |
ڪھڙو آھين ؟ |
No comments:
Post a Comment