شاھ لطيف جي شاعرئَ ۾ فڪر جي آزادي
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
وڏو طالع تو، جيئن لڳين پير پنهون جي،
سسئي ان ستون کي رويو
رويو رو،
ويٺي هتِ م هو، هلين ته
هوت لهين.
( آبري 7 \ 7)
سنڌ ساڻيهه جو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اهو عظيم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ظاهري ۽ انسان جي اندروني آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي. هن انهيءَ آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي، جنهن سان سماج ۾ معياري تبديلي اچي سگهي. هن انهيءَ کي محسوس ڪيو ته گهڻن زمانن کان سنڌ نه رڳو غلاميءَ ۾ پيڙهجندي رهي آهي پر سنڌي سماج اندروني ۽ نفسياتي طرح غلام ۽ مونجهارن جو شڪار رهيو آهي. ڏٺو وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي سماج جي (هر لحاظ کان وڏي) بحراني دور ۾ پيدا ٿيو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سورهين عيسوي صديءَ ۾ سمن جي دور جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي وقت ۾ ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي حملو ڪيو، دغا ۽ دوکي بازئَ سان هزارين ڪونڌر ڪهي ملڪ تي قبضو ڪري ظالمانه حڪومت مڙهي. ارغونن هٿان سنڌ جي هن فتح کي “خرابئ سنڌ” ڪوٺيندي، اُن زماني جي عالمن ان مان ابجد جي حساب سان سنڌ جي بربادئَ جي تاريخ (927هه موجب 1520ع) ڪڍي هئي. تاريخ معصومي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن موجب يارهين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ويهين تاريخ تائين شهر کي لٽيندا ۽ قتل عام ڪندا رهيا. پوءِ لڳ ڀڳ مُني صدي ارغونن
سنڌ سمن جي حڪومت کان پو
لڳاتار سوين سال غلام رهندي آئي. سوين سالن جي غلامئَ سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن تي
تمام خراب اثر ڇڏيا. سڄي سماج جا ذهن، غلام ذهن ٿي چڪا هئا. اڳتي هلي ارڙهين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ جي حڪومت مغلن کان ڪلهوڙن حاصل ته ڪئي پر افسوس جو اصل آزادي اچي نه
سگھي ڇاڪاڻ ته ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سنڌ ملڪ دهلئَ جي
مغلن جي ماتحت رهيو. سراج ميمڻ صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “ڪلهوڙن جي حڪومت جو دور
ايئن چئجي ته نيم آزادي ۽ نيم غلامئَ جو دور هو. سنڌ آزاد هوندي به، پنهنجي حڪومت
هوندي به، مغل شهنشاهيت جي وفاق ۾ واڳيل ۽ جوٽيل هئي.” (1) هن ملڪ ۾ دهلئَ جي درٻار
جي حڪمن جي پيروي ٿيندي رهندي هئي. اهوئي سبب آهي جو ڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد،
ته ڪڏهن مخدوم عبدالرحمان ۽ سندس ساٿين جي شهادت جهڙا واقعا ٿيندا رهيا. ڪيترائي عالم
۽ تاريخدان سندن دور کي سنڌ جي آزادئَ جو دور نٿا سمجهن. سائين جي ايم سيد لکي ٿو
ته: “ميان يار محمد ۽ نور محمد ڪلهوڙي جو دور نه پر غلام شاهه ڪلهوڙي جي تخت
نشينئَ جو سال (1168هه موجب 1755ع) سنڌ جي آزادئَ جو پهريون سال آهي.” (2) 1755ع
تائين جيڪو دور رهيو، اهو سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان ايذائيندڙ دور رهيو.
تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ تاريخ طاهرئَ ۾ انهئَ سموري دور جا احوال پڙهي لڱ ڪانڊارجي
وڃن ٿا. مذهبي لحاظ سان به اهو دور تنگ رهيو. انهئَ دور ۾ ڪيترن سنڌ جي هندن کي
زوريءَ مسلمان ڪيو ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ ئي “آئون واڻيون نه آهيان”چوڻ تي
ٻالچند کي ان وقت جي مولوين کان فتوائون ڏياري زوري مسلمان ڪيو. هڪ هندو مائئَ کان
جيڪڏهن ڪو پڇي ٿو ته: “ڇا تون ايمان رکين ٿي؟” ۽ هو جواب ۾ چوي ٿي ته: “ها، اسين
ايمان رکون ٿا.” ته ان کي به زورئَ مسلمان ڪيو ٿي ويو.(3) مطلب ته لطيف وارو دور مذهبي
۽ سماجي لحاظ سان ايذائيندڙ دور هو. انهئَ دور ۾ انهن ظلمن، نا انصافين ۽ ڏاڍائين
خلاف ڪوبه عالم، بزرگ ۽ ساڃاهوند ماڻهو ڪجهه به ڪڇي نه سگھندو هو. جيڪڏهن ڪو آواز
اٿاريندو يا وک وڌائيندو هو ته کيس سخت کان سخت سزا ڏيئي، زماني لا وحشت جو مثال
قائم ڪري، ڊپ ۽ حراس پکيڙيو ويندو هو. جيئن اڳتي ڪوبه اهڙو قدم کڻي نه سگھي. لطيف
انهئَ دور ۾ انهن سڀني ڳالهين جي خلاف پنهنجو فڪر ۽ انساني آزاديءَ جو آواز بلند
ڪيو.
مون کي ڪامَ جهلي، سڀڪا پاڻ پلي
آئون وڌڙي نينهن اُڇلي
ويندي آئون پار پريان ڏي،
مونکي ڪامَ جهلي
پسيو دونهيون دوست جيون،
جئُ منهنجو جلي
ڏم ڏيهاڻي ڪيترو پر ۾ ٿو پلي
محبتي ميهار جو سُور مونکي سَلي.
(6\1 وائي)
هو اهو عظيم شاعر، فنڪار ۽ مفڪر هو، جنهن انهئَ خطرناڪ دور
۾ سنڌ جي ماڻهن کي آفاقي فڪر ڏنو. هن فرد کي هڪ سگهارو ٿيڻ ۽ اعليٰ سوچ جو پيغام
ڏنو گڏوگڏ شاهه لطيف سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قوم بنجڻ جو جديد ۽ معياري تصور ڏنو. هن
سنڌ جي پيڙهين ۾ پيهي ڏٺو ۽ سنڌ جي فضائن ۾ اوچيون اڏارون ڏيئي پرکيو ۽ پروڙيو،
ائين هن اصل حقيقتن کي معلوم ڪيو. تڏهن ئي ته چيو ته:
جيڏيون ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي
سک ٿي ستيون ڪين، ڪانڌن پاسي ڪي
هوند مونها ئي اڳي، گھڙو سڀ گھڙا کڻي.
(وائي 1\5 )
شاهه لطيف سنڌ جي دل جي
ڌڙڪي، ساهه پساهه، ذهني ڪيفيتن، احساسن، امنگن ۽ خواهشن کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو. هن
ڄاتو ٿي ته سنڌ جا ماڻهو ڇا ٿا چاهين ۽ ڇا نٿا چاهين. سندن اصل مفاد ۽ نقصان ڪهڙا
آهن؟ اهو ڪهڙو رستو آهي، جنهن وسيلي سلامتئَ سان اڳتي هلي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي
مستقبل کي روشن بنائي سگھن ٿا. لڳاتار ڌارين جي حاڪميت، غلامي، مقامي مفاد پرست
اڻاسي ماڻهن جي گڏيل ڦرلٽ، مذهب جي آڙ ۾ سماجي، اخلاقي ۽ بنيادي انساني حقن جو
نقصان، نفسياتي مونجهارا ۽ دٻاءُ وغيره کان دائمي ڇوٽڪاري لاءِ لطيف حسين سوچ،
آدرشي فڪر، فطري ڏاهپ جا ڏس ڏيئي نئون رستو ڏيکاري، هڪ اهڙو سڏ ڏنو جنهن جي گونج
مستقبل کان به اڳتي وڃي ٿي. هن سنڌ جي ماڻهن کي سدائين لاءِ هيءَ هدايت ڪئي ته:
ڌريان ۽ ڌاريان، مَٽ مئئَ جا نه ٿيا
****
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف سنڌ جي درد کي سڃاڻي ورتو هو، تنهن ڪري
ئي اصل درد جي دوا پنهنجي آفاقي شاعرئَ وسيلي ڏيئي، ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي. پر
اڃان به اڳتي انهئَ درد مان ڇوٽڪارو ڏياري، هڪ اهڙي صحتمندئَ طرف وٺي وڃڻ ٿي
گھريو، جيڪا نه رڳو ان وقت جي وڏي ضرورت هئي پر اڄ به ضرورت آهي ۽ ايندڙ زمانن جي
به ضرورت رهندي. اها هڪ حقيقت آهي ته لطيف هڪ صوفي شاعر هو، پر عام صوفين کان گھڻو
مختلف هو. شيخ اياز چوي ٿو ته: “توڙي جو لطيف هڪ صوفي شاعر آهي پر تصوف جي ان مسلڪ
جو قائل نه هو، جيڪو انسان کي تارڪ الدنيا
۽ ڪاهل بنائي ٿو ڇڏي، شاهه صاحب ان جي ابتڙ زندگي ماڻڻ جي تعليم ڏني آهي. شاهه
صاحب ترڪ جي بجاءِ طلب جو طرفدار آهي. سندس خيال ۾ طلب هڪ متحرڪ روح افزا، محو ۽
مشغول رکندڙ عمل آهي. (4)
لطيف جي زماني ۾ برصغير جا
عالم ۽ بزرگ ٻن مختلف صوفياڻي مسلڪن ۾ ورهايل هئا.
1. وحدت الوجود
2. وحدت الشهود.
وحدت الوجود جو قديم نظريو هندي، يوناني، چيني ۽ ايراني
فلسفي ۾ به موجود آهي. پر چيو وڃي ٿو ته نج اسلامي فڪر حضرت علئَ کان شروع ٿي شيخ اڪبر، محي الدين ابن العربي، حسين بن
منصور حلاج، جنيد بغدادي کان ٿيندو شيخ عبدالقادر جيلاني ۽ ٻين بزرگن تائين پهتو.
اڳتي هلي ملتان جي بزرگن ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد تائين رسيو. پر هيءُ به هڪ حقيقت
آهي ته سنڌ جي وحدت الوجودي فلسفي ۾ سنڌ جي خوشبو آهي. وحدت الوجود جي نظرئي ۾ صلح
۽ هم اوست جا فڪر آهن. رواداري، انساني ڀائيچاري، انسان دوستي، اعتبار، اعتماد،
وسيع النظري، پيار ۽ محبت جي فضا موجود آهي.
جڏهن ته وحدت الشهود جو
نظريو ان جي بلڪل ابتڙ آهي. ان ۾ مذهبي ۽ نسلي اختلاف، فرقي بنديون، تعصبي قانون،
شريعت جي نالي ۾ انڌا ڌند تقليد هوندي آهي. پيار، محبت، انساني ڀائيچاري ۽ جهموري
قدرن جي اهميت گهٽ هوندي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته: “مجدد الف ثانئَ جي
فلسفي وحدت الشهود جو عملي نقشو اورنگزيب عالمگير جي حڪومت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جي
اکين ٻوٽڻ سان ئي مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو. (5) شاهه لطيف جي دور جي تنگ نظري ۽
وحدت الشهود جو ذڪر ڪندي سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته: “شاهه صاحب جي زماني ۾
ڪلهوڙن جي مذهبي حڪومت انهئَ نقطي نگاهه جي پيدائش هئي. شخصي اعتقادن يا راين جي
اختلاف تي به هاڪم ڪاوڙجي ويندا هئا ۽ مذهب جي نالي ۾ مخالفن کي موت جي سزائون
ڏنيون وينديون هيون. غير مسلم کي زورئَ مسلمان ڪرڻ هڪ دستور ٿي ويو هو، مذهبي تعصب
وڌي ويو هو. مذهبي آزادي يا اعتقادي اختلاف برداشت نه ڪيا ويندا هئا.” (6)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي وحدت
الوجود جي فلسفي جو حامي هو. توڙي جو ان ڄاتو ٿي ته وحدت الوجودي صوفين جي سِر
اڏئَ تي رهيا آهن. شاهه عنايت شهيد ۽ سرمد شهيد جا تازا مثال سندس سامهون هئا. کيس
خبر هئي ته هو جيڪو فلسفو قبول ڪري، پنهنجي شاعرئَ ۾ ڏيئي رهيو آهي انهئَ جي ڪري
ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ تڪليفون مٿس ڪڙڪي سگھن ٿيون، پر شاهه لطيف انسانيت جي اعليٰ
معيار جو فڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيندورهيو. هو پنهنجي شاعريءَ وسيلي اعليٰ مقصد جي
حاصلات لاءِ اڏول ٿي وڌڻ جو درس ڏيندو رهيو. پاڻ اعليٰ علان چيائين ته:
جي لوڻ لڱين
لائيين، چيري چيري چم
مون ڪُر اڳين نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعوى دم، تان تان پرت پهنوار سين.
(مارئي 9\10)
شاهه لطيف جي جواني واري
دور تائين ڌارين حاڪمن پاران سياسي، مذهبي، معاشي، سماجي ۽ اخلاقي طرح ڏاڍ، جبر،
ناحق ۽ نا انصافي ٿي رهي هئي. لطيف ان کان ڇوٽڪاري جو پيغام ڏيندي سماج ۾ مروج اهي
قدر تبديل ڪرڻ گھريا ٿي. ڪا به قوم جيڪڏهن لڳاتار گھڻو زمانو غلام رهندي آهي ته ان
قوم جي ماڻهن مان نه رڳو آزاد فضا جو خوبصورت تصور ختم ٿي ويندو آهي، پر ان قوم جا
ماڻهو ذهني ۽ نفسياتي مونجهاري جو شڪار ٿي، هر لحاظ سان غير متوازن (Abnormal)
بنجي پوندا آهن. اڃان به هتي هڪ حقيقت طرف ڌيان ڇڪائڻ گھران ٿو ته لڳاتار غلامئَ
جي ڪري، قوم جي ذهن جي سماجي فڪر ۽ شعور جي ارتقا رڪجي ويندي آهي، ۽ اهو سڀ کان
وڏو نقصان هوندو آهي. شاهه لطيف سنڌي قوم جي انهئَ نقصان کي محسوس ڪندي، پنهنجي
شاعرئَ وسيلي سماجي فڪر ۽ شعور جي ارتقا جي اُڃايل پٽن تي فڪر ۽ شعور جا واهڙ
واهي، آباد ڪيو. اهڙي ريت انساني ذهن کي آباد ڪري، ذهنن جي کيٽن مٿان چيٽي چنڊ چمڪايا. هن سنڌي
ماڻهن جي سماجي فڪر جي ارتقا کي اڳتي وڌايو، جيڪو هڪ قوم لاءِ تمام وڏو عمل آهي،
جيڪا ڳالهه سوين سالن ۾ پيدا ٿيندي آهي، اها ڳالهه لطيف پنهنجي دور ۾ ڪري ڏيکاري.
لڳاتار سوين سال غلامئَ جي دور ۾ رهڻ جي ڪري، سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن مان آزاد فضا
وارو تصور ئي ختم ٿي چڪو هو. اهڙي نموني سماجي قدر ئي بگڙي چڪا هئا. فڪر جي آزادئَ
جي اڻاٺ جي ڪري فرد ۾ ڪيتريون ئي خاميون پيدا ٿي پونديون آهن، جهڙوڪ:
- نفسياتي مونجهارا
- احساس ڪمتري ۽ بي اعتمادي
- جهالت
- ڪاهلي، سستي، آرام پسندي
- ڊپ جو شديد احساس
- سوچ ۽ تصور جي کوٽ
- وهم پرستي
- قوم ۽ سماج سان لاتعلقي
- قبيلائي سوچ ۽ ذات پرستي
- لالچ، خود غرضي، مفاد پرستي وغيره
ايمرسن چوي ٿو ته: “هر دور کي خود
پنهنجو قومي ادب Classics
پيدا ڪرڻ گھرجي.” يعني هر ادبي ڪارنامي ۾ ان دور جي ادبي رحجان ۽ خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي. رڳو حسن ڪارئَ کي ادب
نٿو چئي سگھجي. ادب جيڪڏهن ملڪ ۽ زماني جي تازي فڪر (Ideology) يعني اجتماعي فڪر جو حامل نه آهي ته اهو صحيح معني ۾
ادب ئي نه آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته حسن، خير ۽ حقيقت ٽنهي کي هم آهنگ بڻائي پيش
ڪرڻ جو نالو ادب آهي ۽ وڏو اديب اهو آهي جيڪو هڪ ئي وقت اسان جي حسن جي ذوق، فڪر ۽
عمل جي ذوق کي نه رڳو آسودو ڪري پر حرڪت ۾ آڻي. ڪامياب ترين ادب اهو آهي، جيڪو حال
جو آئينو ۽ مستقبل جو اشارو هجي. جنهن ۾ واقعا، تخيل، افاديت ۽ جماليت هم آهنگ
بڻجي ظاهر ٿين، جنهن ۾ اجتماعيت ۽ انفراديت ٻئي گڏجي هڪ مزاج بڻجي وڃن. جيڪي اسان
جي حسن جي ذوق ۽ عمل جي ذوق ٻنهي کي گڏوگڏ اُڀارين.
عظيم شاعر نه رڳو پنهنجي
دور جا ترجمان هوندا آهن پر اهي فڪر جي آزادئَ جا علمبردار، حاذڪ ۽ حڪيم هوندا
آهن. انهئَ سلسلي ۾ لطيف جو مقام تمام مٿاهون آهي، ڇاڪاڻ ته هن فڪر جي آزادئَ جو
درس نئين انداز ۽ ڏاڍي سهڻي نموني ڏنو آهي.
لوڪان لڪي سڀڪو، لڪان لڪي ڪونه،
اُٿئي ويٺي اون، ان
الٽي ڳالهه جي.
(آسا 6\1 )
شاهه لطيف جي دور ۾ حاڪمن
پاران سنڌ ۾ فارسي ٻولي مڙهيل هئي. ايڇ ٽي سورلي “ڀٽ جو شاهه” ۾ لکي ٿو ته: “مغلن
جو مشغلو هوندو هو ته هندستان جي سرحدن اندر فارسي شاعرئَ جي همت افضائي ڪندا هئا،
جنهن کان هو دهلي درٻار ۾ اڳئي مانوس هئا. ان دور ۾ اهو لازمي هو ته شاعرئَ کي
پراڻن اصولن جي ڪسوٽئَ تي پرکيو وڃي، ان جا موضوع به اهي ئي فارسئَ جي وڏن شاعرن
جا اڳ ورتايل موضوع هوندا هئا.” (7) انهن ئي شاعرن جي پذيرائي ڪئي ويندي هئي جيڪي
فارسئَ ۾ شعر چوندا هئا. اهو ڪيڏو نه وڏو ظلم ۽ نا انصافي آهي ته پنهنجي ملڪ ۾
شاعرن جي مادري ٻولئَ جو ڪوبه قدر نه هجي ۽ هتي جا شاعر ڪنهن ڌارين ٻولئَ ۾ تخليق
ڪندا هجن. لطيف جي دور ۾ ماڻهو غلامئَ جي انهئَ پستئَ تائين پهتا هئا جو پنهنجي
ماڻهن کي مخاطب ٿيڻ جي لا فارسي استعمال ڪندا هئا. جيڪو عالم، اديب، شاعر ۽ سالم
ذهن شخص پنهنجي ٻولئَ تي ڏاڍ ۽ حق تلفئَ لا آواز اٿاريندو هو ته ان تي سختي ڪئي
ويندي هئي. تنهن هوندي به ڪي عالم ۽ شاعر پنهنجي جيجل جي ٻولئَ ۾ تخليقون ڪندا ۽
ڌرتي ماءُ سان نڀائيندا رهيا. لطيف انهئَ دور ۾ نه رڳو پاڻ فارسي شاعريءَ بدران نج
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي پر فارسي لکندڙن جي مخالفت ڪندي پنهنجي فڪر جي آزادئَ
جو آواز بلند ڪيو.
جي تون فارسي سکئين، گولو
تان غلام،
اڃيو تان آب گھري، بکيو
تان طعام،
عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
لطيف فارسئَ جي ابتڙ پنهنجي ٻولئَ ۾ شاعري ڪري، ٻولئَ کي
امر ڪري، پاڻ به امر ٿي ويو. شاهه لطيف جو شارح ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته: “شاهه
عبداللطيف جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هو انهئَ عالماڻي برترئَ کي ڪنهن حد تائين
ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هن پنهنجي ملڪ جي ماروئڙن، سندن روزمره واري زندگي ۽ منجهن
مروج لوڪ داستانن کي پنهنجي شاعرئَ جي موضوع طور کنيو، جنهن سان سنڌي ٻولئَ ۾
موجود شاندار خوبيون نڪري نروار ٿيون.”(8) شاهه لطيف توڙي جو هڪ مسلمان صوفي شاعر
هو، پر مُلن جي ڦهلايل تنگ نظرئَ جي خلاف هو. دين اسلام جي آڙ ۾ جيڪي ماڻهو ڏاڍ ۽
نا انصافي ڪندا هئا، انهن لاءِ وٽس جاءِ نه هئي. هن اسلام جي اصل روح جو فڪر ڏنو
آهي. هو چوي ٿو ته:
روزا، نمازون اي پڻ چڱو
ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
(سر آسا)
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي سجود،
وڃائي وجود، تنهان پوءِ تڪبير چئو.
(ڪلياڻ 19/3)
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي نماز،
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو.
(ڪلياڻ 20/3)
گولا جي گراهه جا، جهوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.
(رام ڪلي 16/4)
جني سنياسي سانڍيو، گندي ۽ گراهه،
انهئَ کان الله، اڃان
اڳاهون ٿيو.
(.......)
شاهه لطيف جي شاعري ايڏي
ته وسعت رکندڙ آهي، جو سوين سالن بعد اڄ به ڄڻ ته موجوده حالتن لاءِ رچيل آهي.
تيزئَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ جتي ماضي جا قدر ذرا ذرا ٿي ويا آهن، ڪيترا نظريا پنهنجي
نواڻ وڃائي ويٺا آهن. ماڻ، ماپا ۽ انهن جا تصور ئي تبديل ٿي چڪا آهن. اڍائي سؤ
سالن کان به مٿي وقت گذرڻ باوجود لطيف جو زندگئَ بابت تصور بنهه تازو ۽ توانو آهي.
ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڌرتئَ جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ کي، پنهنجي ساڻيهه ۾ رهندڙ ماڻهن
جي سمورن ڏکن، سکن، ڪيفيتن وغيره جا احوال سمائي، ساڀيا لاءِ پنهنجي شاعرئَ کي
تمثيلي انداز ڏيئي آئينو بڻايو. هن پنهنجي دلبر ديس جي لوڪ ڪهاڻين مان ڪردار،
تشبيهون، استعارا ۽ علامتون چونڊيون. لوڪ ڪهاڻين جا سگھارا ڪردار سندس شاعرئَ جو
آواز آهن. هن انهن ڪردارن ۽ واقعن کي اهڙي نموني سان پيش ڪيو آهي، جو اهي ويتر
مٿاهين معنيٰ ۽ مقصد رکندڙ بڻجي پيا آهن. شيخ اياز لکي ٿو ته: “شاهه صاحب جو ڪو به
بيت کڻو ته اهو ظاهري طرح هڪ ڪردار جي هڪ پل جو اظهار آهي پر حقيقت ۾ اهو هڪ پل
سڄي دور کي گھيري ۾ ڪيو بيٺو آهي. ان دور جي هر انسان جو سانحو محسوس ٿيندو ۽ وري
جڏهن اسين ان کي وقت جي قيد مان آزاد ڪري، جانچينداسين ته اهو هر دور جي انسان جي
دل جي ڌڪ ڌڪ ۾ گونجندو ملندو.”(9) شيخ صاحب اڳتي لکي ٿو ته: “شاهه جو شاعراڻو فڪر
زمان ۽ مڪان جي قيد کان ان معنيٰ ۾ آزاد آهي ته هن هڪ پل ۾ صدين کي سهڙيو آهي. چند
ڪردارن جي ويس ۾ دنيا جي هر انسان جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي. چند ڪهاڻين جو حوالو
ڏيئي هن ان ڪهاڻئَ جو تجزيو ڪيو آهي جا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ زندهه حقيقت طور
ٻڌي ۽ ٻڌائي پئي وڃي.”(10) سڀني حقيقتن ۽ خوبين سان سينگاري شاهه لطيف پنهنجي
شاعريءَ وسيلي هر ڏاڍي کي للڪار ڪئي وئي آهي. اُها للڪار جنهن جي گونج اڄ به گونجي ٿي. هو چوي ٿو ته:
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا
هڻي،
جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻئَ پُنا ڏينهڙا.
(گھاتو ½)
انهئَ دور ۾ ڪيترائي انسان دوست عالم ۽ بزرگ به موجود هئا،
جيڪي مختلف وقتن تي انسان آزار ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا، پنهنجن جي واهر
ڪندا ۽ آزارن کان آجائئَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا. شاهه لطيف اهڙن آزاريل ماڻهن جي
واهر ڪندڙن لاءِ نيڪ تمنائون رکندي همت افزائي ڪندي چوي ٿو ته:
جکرا ! جيئن شال، تنهنجو ڪنين مندو نه سُڻان،
جيئن تو اچي ڪالهه،
آزارئا
آجا ڪيا.
(بلاول 5/2)
لطيف جي شاعرئَ ۾ سر سهڻي، سر مارئئ، سر سسئي، سر راڻو مومل،
سر ڪلياڻ ۽ سر يمن فڪر جي آزادئَ جا شاهڪار سُر آهن. هن اُنهن ڪهاڻين جي ڪردارن
وسيلي سماج جي مُروج مذهبي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي مخالفت ڪئي. سياسي،
سماجي ۽ نفسياتي غلامي ۽ مونجهارن مان آزاد ٿيڻ جو درس ڏنو آهي. هو بهادري، مضبوط
ارادي ۽ سچائي جو درس ڏي ٿو، اعليٰ مقصد جي حاصلات لاءِ سڀني ٻنڌڻن مان ڇوٽڪارو
حاصل ڪري اڳتي وڌڻ جو درس ڏي ٿو. هو چوي ٿو ته:
پڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏم،
ڪاري رات ڪُنن ۾، ڪاڻيارن جو ڪم،
هئُ هڏو ۽ چم، گھورئو محب ميهار تان.
(سهڻي 6/10)
ايئن به نه آهي ته هن رڳو انهن قدرن جي مخالفت ڪئي آهي پر
سندس شاعرئَ ۾ انهن قدرن کي تبديل ڪري، نون قدرن کي رائج ڪرڻ جا درس به ڏنل آهن.
هن انهن قدرن کي رائج ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، جيڪي صحتمند سماج جوڙيندڙ ۽ انسان
دوست قدر هجن.
ائين جي ورن واريون
سرتيون سڌڙيون،
آرياڻي پنهونءَ جي، ٻول نه ٻڌڙيون،
جي لکئي لڌڙيون، ڏونگر سي ڏورينديون.
(آبري 8/4)
لڳندي لڪن سين، آءُ جي مران ايئن،
ماءُ منهنجي نينهن، ته ڪر لانئون لڌيون.
(آبري 8/11)
شاهه لطيف جي شاعرئَ جو هر
ڪردار فڪر جي آزادئَ جي حاصلات لاءِ رڪاوٽن هوندي به جستجو ۾ آهي، ڪڏهن ۽ ڪٿي به
مايوس نظر نٿو ٿئي. سندس شاعريءَ جا سمورا ڪردار فڪر جي آزادئَ جي واٽ ته وڌندي
تلوار جي، تيز ڌار تي نچندي نظر اچن ٿا. پهاڙن ۾ پرزا ٿيندي به مرڪندي ملن ٿا،
پتنگن وانگر پچندي پسجن ٿا، دهشت کي حيران ڪندي اڳتي وڌن ٿا. انهن ۾ سسئي جو
ڪردار، مارئي جو ڪردار وڏا مثال آهن، پر سهڻئَ جو ڪردار سمورن سماجي قدرن جي خلاف
بغاوت ۽ جدوجهد جو اهڃاڻ آهي. اها فڪر جي آزادي آهي، جنهن سهڻئَ ۾ خود اعتمادي،
بهادري، ذهني ۽ جسماني سگھ عطا ڪئي. هوءَ ڏمَ ۽ سماج کي منهن ڏيئي پيار ۽ سماجي
تعلق جو هڪ اعليٰ مثال قائم ڪري ٿي. انهئَ ڪري لطيف جي شاعرئَ ۾ سهڻئَ ڪمال درجي
تائين مقام ماڻيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي رسالي ۾ سُر سهڻي سڀني کان پڇاڙئَ ۾ ڏنل
آهي. علامه صاحب شاهه لطيف جي رسالي جي ترتيب، لطيف جي فڪري ارتقا موجب ڪئي آهي.
ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ سُر سهڻي، شاهه صاحب جي فڪر جي آخري منزل آهي.(11) سنڌي سماج
۾ آڳاٽي زماني کي ته ڇڏيو، پر اڄ جديد دور ۾ به عورت کي پنهنجي ور چونڊڻ جو ڪوبه
اختيار نه آهي. سماج پاران جيڪو به ڪانڌ کيس ڏنو وڃي، سو کيس قبول ڪرڻو آهي ۽
هميشه لاءِ نه چاهيندي به اُن سان وفادار ٿي رهڻو آهي. لطيف جي شاعرئَ جي هئَ
سورمي انهئَ زماني جي بنهه ابتڙ آهي. انهئَ زماني جي قدرن خلاف وڏي بغاوت آهي.
پليان پليو نه رهي، نرتو نيهه نبار،
گھڙا گھوريو جندڙو، اُٿل مون اپار،
جنين من ميهار، هلڻ تنهي حق ٿيو.
(سهڻي 5/7)
۽ انهئَ سلسلي ۾ هوءَ بنهه بي ڊپي ۽ وهمن کان پاڪ ٿي پنهنجي
محبوب ڏانهن وِک وڌائي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن اصل سچ کي سمجهي ورتو هو. شاهه لطيف پنهنجي
شاعريءَ ۾ هُوءَ چوي ٿي ته:
ساهڙ مون جيئن سرتيون! جي ڏسو سڀئي،
ته سمهو ڪين سُک ٿي، ور پاسو ڏيئي،
مونهان اڳي ئي، گھڙو سڀ گھڙا
کڻي.
(سهڻي 6/1)
شاهه لطيف جي شاعرئَ ۾
جڏهن سهڻي سماج پاران زورئَ ڏنل مڙس کي قبول نه ڪندي من گھرئي يار ميهار ڏانهن وڃڻ
جو اعلان ڪري ٿي، تڏهن شاعرئَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فڪر جي آزادئَ جو کليو اعلان
ملي ٿو. سهڻي جي تمثيل ۾ هئَ به هڪ حقيقت آهي ته ڪو فلسفي، ڏاهو يا ڪو سچار وقت جي
رائج سماجي قدرن سان بغاوت ڪري، تبديلئَ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُن تي سارو ڏيهه ڏمرجي
اچي ٿو. حسين بن منصور حلاج، سقراط، گيليلو، مخدوم بلاول، سرمد، شاهه عنايت شهيد،
مخدوم رحمت الله ٺٽوي يا ڪو ٻيو ڏاهپ جو فڪر ڏي ٿو ته وقت جا حاڪم، مذهبي ٺيڪيدار،
جابر، ٺوڳي ۽ ڊوهي مڇرجي شيطان بڻجي پون ٿا، ڦاهي گھاٽ ۽ اڏيون سِرن لاءِ تيار ٿين
ٿيون، پر پوءِ به هو بي ڊپا بڻجي اوچي ڳاٽ اچن ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي درست لکيو
آهي ته: “جڏهن ڪو به دانشور پنهنجي وقت جي رائج سماجي قدرن جي خلاف وڃي ٿو، ۽ انهن
جي جاءِ تي ڪي نوان قدر آڻڻ ٿو گھري ته سڄو سماج ان جي خلاف ٿيو وڃي. پهرين سڄو
سماج کيس انهن نين واٽن تي هلڻ کان جهلي ٿو، پر “جيئن جيئن جهلي جڳ، تيئن تيئن مون
تاڪيد ٿئي.” وانگر جڳ جو اهو جهلڻ هن لاءِ مهميز ٿيو وڃي ۽ هو پنهنجي گھڙيل نئين
واٽ تي، جيڪا سماج لاءِ ڪواٽ آهي، اڃان به تيزئَ سان روان دوان ٿئي ٿو. لوڪ جا
طعنا ۽ ميهڻا هن لاءِ مرڪ ٿيو پون هوءَ آجهاپ ۽ خند کان سواءِ هلندو ٿو رهي.”(12)
ڏمِ ڏهلو ڏکيو، سر ۾ سونٽا ماري
***
ڏمِ ڏهاڻي ڏي سندا ميهر
ميهڻا،
جهليان ٿي جهولئَ ۾، پل پل پايو سي،
مر تان چاليهه چئي، سڱان سپيرين جي.
(سهڻي 7/7)
مرج وٽ ميهار، متان موٽين سهڻي،
ساهڙ جا سينگار، مڇڻ ڏمِ ڏيکارين.
(سهڻي 4/11)
ماڙهو ڏيئي ميهڻا، مونکي ڪندا ڪوهه،
صورت سپيرين جي، ڏٺي
ڪونهي ڏوهه،
ڇپر منجهان ڇوهه، روئي رڱينديس رت سين.
(معذوري 5/14)
آيل! امڙ! تي جيان
تي جيان
جي سارينم سپرين
سئون سُنهايم پيچرو ميهار ميان
ساهڙ مٿان صدقو ڏهه ڏهه
ڏيان.
ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي جو
شاهه لطيف انهئَ ڪردار جي ترجماني ڪئي آهي، جيڪا عورت شادي شده هوندي به پنهنجي
يار سان ملڻ وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته سهڻيءَ کي سندس پسند جو نه پر ناپسند ماڻهوءَ سان
پرڻايو ويو هو. ان وهانءُ ۾ سندس ڪو به راضپو وغيره شامل نه هو. تنهن ڪري هُن ان
کي قبول نه ڪرڻ جو عملي اظهار ۽ اعلان ڪيو. لطيف سندس انهئَ عمل کي نه فقط صحيح سمجهي ٿو پر
پنهنجي شاعري لاءِ کيس تمثيل به بڻائي ٿو. اهو فڪر جي آزادئَ جو ڪمال آهي. شاهه
لطيف سهڻئَ کي جيڪا هدايت ڪري ٿو سا به ڪمال جي آهي ۽ پنهنجي دوست سان نه ملڻ کي
ئي خراب ۽ ناپاڪ سمجهي ٿو. سهڻيءَ کي ڇا ڪرڻ گھرجي ان لاءِ چوي ٿو ته:
ساهڙ ڌاران سهڻي
نسوري ناپاڪ،
نجاست ناهه ڪري، انهئَ
جي اوطاق،
هوءَ جا کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.
لطيف جي نظر ۾ سچائي، محبت ۽ پيار جو جذبو انسان کي پاڪ ڪري
ٿو، جڏهن ته پيار ۽ محبت بنا رشتي ۽ تعلق ناپاڪ ڄاڻائي ٿو.ڊاڪٽر تنوير عباسي اُهن
ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته: ”شاهه لطيف جي نظر ۾ محبت ئي هڪ اهڙو جذبو آهي،
جيڪو انسان کي پاڪ ڪري ٿو. سماج جي دٻاءَ هيٺ زبردستئَ سان قبول ڪيل ميلاپ ناپاڪ
آهي. ان ناپاڪ ميلاپ کان موت بهتر آهي.”(13)
مرج وٽ ميهار، متان موٽين سهڻي،
ساهڙ جا سينگار، مڇڻ ڏمِ ڏيکاريين.
(سهڻي 4/11)
شاهه لطيف هن سُر ۾ شادئَ جا اختيار سماج کي نه پر عورت ۽
مرد کي ڏيڻ جو پيغام ڏيئي ٿو. هو هن سُر ۾ عورت کي محبت ۽ شادي ڪرڻ جي اختيار ۽
زبردستي ڪنهن اڻ وڻندڙ مڙس ملڻ تي سماجي قدرن ڏانهن ان عورت جي روش کي بيان ڪيو
آهي.(14)
لطيف پنهنجي شاعريءَ وسيلي
پنهنجو پيغام ڏيڻ لاءِ سهڻي، مارئي، سسئي ۽ ٻين ڪردارن جو سهارو وٺندي، سماج جي
قدرن کي تبديل ڪرڻ ۽ هر قسم جي جسماني توڙي روحاني غلامئَ کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ
آفاقي فڪر ڏنو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر نه سهڻ، پيار ۽ محبت سان رهڻ جو درس
آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ آزادئَ جو درس ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن فڪر جي آزادي نصيب
ٿئي ٿي، تڏهن ئي ماڻهو انسان بڻجي ٿو ۽ تڏهن هيڻو ماڻهو به پنهنجي مقام ۽ حقن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ آمر سان اٽڪي پوندو آهي. هر مصيبت سامهون بي ڊپو ۽ سرفروش سورمو
ثابت ٿيندو آهي. هو جثي ۽ جان جي پرواهه نه ڪندو آهي. اهو ماڻهو ظلم، ناحق، نا
انصافي ۽ سچ دشمنئَ خلاف آواز بلند ڪندي پنهنجي اعلي مقصد جي منزل تي اڳتي وڌندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو هوندي به ڏاڍن کي ڏاري وجهندو آهي.
ماڙهو ڏيئي ميهڻا، مونکي ڪندا ڪوهه،
صورت سپيرين جي، ڏٺي ڪونهي ڏوهه،
ڇپر منجهان ڇوهه، روئي رڱينديس رت سين.
(معذوري 5/14)
حوالا ۽
حاشيا
1.
سراج ميمڻ، مضمون ”شاهه لطيف جو سياسي فڪر” ڪتاب: “شاهه لطيف عظيم مفڪر“ سهڙيندڙ
آفتاب ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي 2005ع ص 142.
2.
جي ايم سيد “پيغام لطيف” نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو 1974ع، ص 18.
3.
ابراهيم جويو “شاهه، سچل، سامي” سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1987ع، ص 67.
4.
شيخ اياز “شاهه لطيف عظيم مفڪر” ص 87.
5.
تنوير عباسي “شاهه لطيف جي شاعري” نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ص 255.
6.
جي ايم سيد “پيغام لطيف” ص 38.
7.
ايڇ ٽي سورلي “ڀٽ جو شاهه” سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1992ع، ص
300.
8. ايڇ
ٽي سورلي “ڀٽ جو شاهه” ص 101.
9. شيخ
اياز “شاهه لطيف عظيم مفڪر” ص 90.
10.
ساڳيو ص 90.
11.
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان.
12.
تنوير عباسي “شاهه لطيف جي شاعري” ص 277.
13.
ساڳيو ص 286.
14.
ساڳيو ص 286.
شاهه جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه قاضي رسالو
تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد، 1999ع.
No comments:
Post a Comment