سنڌ ۾قديم کنڊرن جي کوٽائي
(نوني گوپال مجمدار/عطا محمد ڀنڀرو)
ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ھُونئن ته تحقيق جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي پر ادب جي دنيا ۾ ترجمي
جو جن به ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي مھارت گھري ٿو. ترجمو ادبي دنيا ۾ ھڪ باقاعده فن ۽ ڏانءُ
آھي جيڪو ھر ڪنھن جي وسَ جي ڳالھ ئي ناھي.
ڪھاڻي ۽ ناول وغيره جو به ترجمو ڏکيو ھوندو آھي پر تاريخي، تحقيقي ۽ سائنسي ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪي سولا نه ھوندا آھن. ترجمي جي دنيا ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري جو نالو بنھ مٿاھين حيثيت رکندڙ آھي. ھن ڪيترائي اھڙا تحقيقي، تاريخي ۽ سنڌو لکت تي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن جن اسان جي
تاريخي ڪتابن جي کوٽ کي ڪي قدر پورو ڪيو آھي. ڀٽ جو شاھ، سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو، سنڌو لکت ۽ ٻولي، سنڌ جو مھراڻ، سنڌ جي ڇوڙ وارو علائقو، سنڌ جا قديم آثار، سنڌو جو سفر، سنڌ جيئن مون ڏٺي ۽ ٻيا ڪيترائي بھترين ڪتاب ترجما ڪيا آھن.ترجما ته ڪيترائي ٿين ٿا پر انھئَ ڏس ۾ ڪتابن جي چونڊ ڪرڻ به نه فقط
اھم آھي پر انھئَ ماڻھؤَ جي پرک به آھي. ڀنڀري صاحب انھئَ حساب سان ته وڏو ڪمال ڪيو
آھي. سنڌ جي تاريخ، سنڌو ماٿرئَ جي تھذيب، قديم آثار، سنڌؤَ جا جھونا وھڪرا ۽ سنڌو
لکت جھڙا موضوع سندس چونڊ آھن. اھڙن موضوعن تي واقعي سنڌي زبان ۾ کوٽ ھئي. ڀنڀري
صاحب ڪنھن حد تائين ان کوٽ جو پورائو ڪيو آھي.
انھئَ سلسلي ۾ مسٽر مجمدار جو ڪتاب Explorations in Sindh" ” سنڌ ۾ قديم
کنڊرن جي کوٽائي“ تمام اھم ڪتاب آھي، جيڪو گھڻو وقت انڌي ماڻھن جي نظرن لاءِ
واجھائي رھيو ھو، تنھن کي نيٺ عطا محمد ڀنڀري جھڙي محبوب ماڻھؤَ جا ھٿ ۽ نيڻ نصيب ٿيا
۽ اھو ڪتاب سنڌ جي مانائتي اداري سنڌي ادبي بورڊ پاران چپجي پڌرو ٿي چڪو آھي.
مجمدار ھڪ ڏاھو آرڪيالاجسٽ ٿي گذريو آھي، جنھن نه فقط سنڌ ۾ کوٽايون
ڪرايون پر کوجنائون ڪري اسان کي گھڻو ڪجھ ڏيئي وڏا احسان ڪيا. ھن 1938ع ۽
30ــ1929ع ۾ سنڌ جي سر زمين تي گھمي ڦري سنڌو ماٿري جو سفر ڪري مختلف ھنڌن تي کوٽائي
ڪري سنڌؤَ جي تھذيب متعلق بنھ اھم دستاويز ڏنا آھن ۽ اسان جي تھذيب متعلق تمام گھڻي
معلومات ڏني آھي. ھن کوٽائئَ دوران ھٿ آيل وڏي توڙي ننڍي شيءَ کي سائنسي انداز سان
چڪاسي انھئَ جي مڪمل ڄاڻ ڏني آھي. خاص ڪري مٽئَ مان جڙندڙ شين جو ھڪ بھترين اڀياس
پيش ڪيو آھي ۽ ھن ڪتاب پڙھڻ سان ئي انھئَ ڪنڀارڪي ڪم جي قدامت جي سُڌ پئي ٿي. بيشڪ
مجمدار اھو تمام وڏو ۽ ھڪ اھم ڪم ڪري وڏا وڙ ڪيا پر محترم ڀنڀري صاحب به انھئَ ڏس
۾ ترجمي ذريعي ايڏو ته وڏو ڪم ڪيو آھي جنھن نه ڪنھن نه فقط پنھنجو فرض نڀايو آھي پر
وڏي خدمت به ڪئي آھي.
ڪنھن به تحقيقي ڪتاب سو به مجمدار جھڙي قديم آثارن جي ماھر جي ڪتاب
کي انگريزئَ مان سنڌئَ ۾ پيش ڪرڻ سو به تمام سولي ۽ دلچسپ لفظن ۾ ۾ آڻڻ ھر ڪنھن جي
وس جي ڳالھ نه آھي. ڏٺو وڃي ته ترجمو لفظن جو نه ھوندو آھي پر ترجمو خيال جو سولو،
وڻندڙ، صحيح ۽ تُز مطلب ھوندو آھي، ھڪ ماحول کان ڦيرائي ٻي ماحول ۾ آڻڻو ھوندو
آھي، انھئَ ڳالھ کي مدنظر رکندي جيڪڏھن ڪتاب ”سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي“ پڙھنداسين
ته سچ پچ دنگ رھجي وينداسين. اھڙي ڏکئي ڪتاب جو بنھ سولي ۽ وڻندڙ ٻولئَ ۾ ترجمو ڪيو
ويو آھي جو ڪتاب پڙھندي ڪٿي به محسوس نٿو ٿئي ته ڪو ھي ڪتاب ترجمو ڪيو ويو آھي، ڄڻ
ته اصل ئي سٻاجھي سنڌي ٻولئَ ۾ لکيو ويو آھي، ڇو تهڀنڀري صاحب اھڙي ٻولي استعمال ڪئي
آھي جو اھا ڪٿي بهاوپري يا اوکي يا ڌاري ھرگز نٿي لڳي. ڪٿي ڪٿي سنڌي محاورا ۽ وِٿن
جا سنڌي نالا اھڙي ته سھڻي انداز سان استعمال ڪيا آھن جو پڙھڻ سان ھڪ وڻندڙ ساء
محسوس ٿئي ٿي. سندس ٻولي وغيره جي سلسلي ۾ ھي ٽڪرو ته پڙھي ڏسو:
”عام طور چيو ويندو آھي ته موھن جي ڌڙي مان لڌل سڀتا سنڌؤَ جھڙي
مھان ندئَ ۾ وڌي ويجھي، ساڳئَ ريت مصر ۽ عراق جون سڀتائون مرحلا طئي ڪنديون اوج تي
پھتيون تنھن ڪري سنڌو درياھ جي ڪپرن ڪنارن، ڀرين ۽ پاسن کي تپاسڻ ضروري سمجھيو
ويو.“
مٿئين ٽڪري کي پڙھي جانچي ڏسبو ته ڪٿي به ڪو ڏکيو يا مونجھاري وارو ڪو
به لفظ وغيره نه آھي. ھن دڙن ۽ آثارن جا منظر وغيره اھڙي ته فنڪارانا انداز سان
ترجمو ڪيا آھن جو لڳي ٿي تهاھي سمورا منظر ۽ لقاءَ ماڻھو پاڻ اکين سان ڏسي رھيو
آھي ۽ ڪٿي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته ڪو دلچسپ سفرنامو پڙھي رھيا آھيون. حالانڪه
ھي بنھ ڏکيو موضوع آھي پر ڀنڀري صاحب ھن ڪتاب جي ترجمي کي ايترو ته سولو ۽ دلچسپ
بنائي ڇڏيو آھي جو ڏکيائي (يا ترجمي) جو ڪو به احساس نٿو ٿئي.
ڏٺو ويو آھي ته انگريزي يا ڪنھن ٻئي ٻولئَ مان سنڌئَ ۾ ترجمو ڪرڻ
سان ماڻھن، ماڳن، مڪانن وغيره جا نالا گھڻو ڪري تبديل ٿي اصل اُچار تلفظ ئي ڦري
ويندا آھن، ماڻھو سمجھي نه سگھندا آھن ۽ مُنجھي پوندا آھن پر ھن ڪتاب جي مترجم
انھئَ ڏس ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريو آھي. انگريزئَ مان سنڌئَ ۾ اھي نالا بنھ نج ۽ جيئن
عام ماڻھو اُچاريندا آھن تيئن ئي پيش ڪيا ويا آھن. مطلب ته ڀنڀري صاحب ھن ڏکئي ڪم
کي سٺي نموني سان نباھي پاڻ ملھايو آھي، جنھن لاءِ پاڻ جس لھڻي.
حقيقت ۾ ھئَ ڪم ڀنڀرو صاحب ايڏو ته وڏو سرانجام ڏيئي رھيو آھي جنھن
لاءِ کيس صديون پنھنجي يادون جي شيلف ۾ سانڍينديون. اھا خوشئَ جي ڳالھ آھي ته ڀنڀري
صاحب پنجاھ ڪتاب ترجمو ڪيا آھن ۽ اڃان وڌيڪ ڪتاب ترجمو ڪري رھيو آھي. سندس بھترين
چونڊ ۽ بھترين ترجمي سندس مان ۽ مرتبو وڌايو آھي. تبصري ھيٺ آيل ڪتاب تي ٻه اکر
محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جن لکيا آھن جيڪي پڻ ڄاڻ ڀريا آھن، جنھن ۾مجمدار
جي زندگئَ جو احوال ۽ ڪتاب جون خاص خوبيون بيان ڪيون ويون آھن. ھونءَ ته سندس ادبي
بورڊ ڪيترائي اھم ڪتاب شايع ڪيا آھن پر ھئَ ڪتاب “سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي” ۽
سنڌ جا قديم آثار سھڻي نموني شايع ڪري اھم فرض نڀايو آھي. آخر ۾ سنڌ جي اشاعتي
ادارن خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻولئَ جي بااختيار اداري جي چئيرمين صاحبان ۽
معزز ميمبرن کي گذارش آھي ته ڀنڀري صاحب کان مسودا وٺي پنھنجن ادارن طرفان ڇپائين.
ڀنڀري صاحب ”سنڌو لکت“ تي ڏھ ڪتاب لکيا آھن، جن مان فقط ٻه ٻولئَ جي اداري ڇپرايا
آھن کين گھرجي تهھو ھن موضوع تي ترجمو ڪيل سمورا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪن.
روزانه جاڳو (ڪراچي) ۾ ڇنڇر 20 نومبر 1997ع تي ڇپيو.
No comments:
Post a Comment