’ڏات سمنڊ آهي‘(احسان ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو ڪتاب)
مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
زمانن کان اڳتي وڃڻ ٿا چاهيون
منهنجي سامهون ٺٽي جي شاعر دوست احسان هاليپوٽي جي شاعري جي
ڪتاب ‘ڏات سمنڊ آهي‘ جو مسودو آهي، جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ پاڻ حميد مهراڻوي سان گڏ
اچي ڏيئي ويو، جيئن آئون اُن تي مهاڳ لکي ڏيان. احسان اهڙو ماڻهو آهي، جهن کي آئون
گهڻو مصروف هوندي به موٽائي نه سگهيس. مون کانئس مسودو وٺي رکيو، ڪجھ ورق پڙهي
رکي ڇڏيم، اُن جو سبب اهو هو، جو اياز جي هڪ غزل جا هيٺيان بند منهنجي ذهن تي ائين
ڇانيل رهيا، جو هر وقت ڄڻ گونجي رهيا هئا:
تون ناھ تہ هي چنگ چَڙو چنڊ نه ساءُ،
اي سير مُئي آءُ، هلي آءُ هلي آءُ!
ڪا ريت نئين، ريت نئين آڻ اسان لاءِ،
جئن پريت پراڻي نه ٿئي وار نئون واءُ!
مان جاڳ بہ هان، آڳ بہ هان، راڳ بہ آهيان،
سچو به سندم سنگ ڀٽائي به سندم ڀاءُ!
ڪعبي جو پرستار نہ ڪاشيءَ جو طلبگار،
سڀ دين ڌرم ٺاھ ٺڳيءَ جا نه مٿو کاءُ!
تون سچ به آن، مچ بہ آن، جيءَ جلي سنڌ!
ڄَرڪاءِ ڄڀيون ماءُ، ڪڏهن سوچ نه سرچاءُ.
(شيخ اياز – وڄون وسڻ آئيون)
شيخ اياز جي غزل جا مٿيان بند ڪيترا ڏينهن منهنجي ذهن تي
ٻُرندا رهيا، ڇاڪاڻ ته سٺي شاعري شيءِ ئي اهڙي آهي، جيڪا ماڻهو کي پنهنجي منڊ ۾
منڊي سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي.
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نثر جي ڀيٽ ۾ نظم انسان جي ذهن ۽ فڪر کي
تڪڙو ۽ سگهاري نموني اثر ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ماجرائون نثر ۾ طوالت سان بيان
ڪبيون آهن، اُهي ئي ماجرائون نظم/شاعري ۾ بنھ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري سگهبيون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن بنھ ڏکيون ڳالهيون به شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان ڪري سگهبيون آهن. تشبيهون،
استعارا، تجنيس وغيرہ جي استعمال سان ٿورن
لفظن ۾ بہ اُهي ڳالهيون اڃا بہ سگهاريون ۽ پُر اثر بڻجي پونديون آهن. شاعر حسن،
محبت ۽ فڪر جي نئين ڪائنات تخليق ڪندو آهي. شاعريءَ ڪو بيان يا حقيقت خيالن جي
اڏام سان گڏ فڪر جي گهرائي، سچائي ۽ فن جي رچاءُ حقيقتن کي وڌيڪ پُر اثري بڻجي
پوندي آهي. ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ جي رچاءُ سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي سُٺي استعمال سان شاعر
پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو آهي ۽ اُهي جوهر صدين تائين پنهنجا اثر
ڏيکاريندا رهندا آهن.
احسان هاليپوٽو گهڻي وقت کان شاعري ڪندو رهيو آهي ۽ سندس
شاعري بہ گهڻن سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهي آهي. کيس ماحول به
شاعراڻو ئي مليو آهي، ڇاڪاڻ تہ احسان اهو خوش نصيب شاعر آهي، جيڪو مڪليءَ جهڙي
خوبصورت ۽ تاريخي ماڳ ۾ رهي ٿو. جتي چانڊوڪيون ۽ منظر هر ڏسندڙ کي موهي ٿا وجهن تہ
گڏوگڏ زمانن جي تاريخ جي صدائن جي گونج بہ گهري نموني سان گونجندي رهي ٿي. جتي
ڪالڪان، شِو ۽ منڪليءَ جهڙا تاريخي مندر آهن ته شيخ حماد جمالي ۽ ميين سيد عاليءَ
جي درسگاهن جا قديم آثار بہ آهن، جتي لکين سال آڳاٽي رهندڙ انسانن جون غارون بہ
آهن ته ڄام تماچي ۽ ڄام نظام الدين جهڙن ناميارن بادشاهن جا شاهڪار مقبرا آهن، جتي
ابو الحسن ٺٽوي ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي جهڙن سنڌي ٻولي ۽ تاريخ سان عشق ڪندڙ عظيم
انسانن جون سارون بہ آهن ته دولھ درياءَ خان ۽ مريد جت جڙن سپهه سالار ۽ دليرن جي
وطن دوستيءَ جا مثال بہ آهن، مطلب ته جتي ڌرتي جي تهذيب، تاريخ، علم ۽ ادب جا
سمورا پهلو ڄڻ ته سڏيندا هجن. احسان هاليپوٽو پنهنجي طبيعت ۾ ڪجھ اهڙو لڳندو آهي،
جو ڄڻ تہ ڪي وڃايل شيون / ڳالهيون ڳوليندو هجي. مون کي تہ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو
آهي، جو شيخ اياز ڄڻ تہ اهڙي ئي ڪنهن شخص لاءِ چيو هجي تہ:
ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
مطلب ته احسان پنهنجي سڀاءُ مان ئي هڪ شاعر لڳندو آهي.
خاموشي ۽ اداسي نه رڳو سندس نيڻن مان پئي محسوس ٿيندي آهي، پر سندس لهجي ۽ لاڙي
مان بہ پئي بکندي آهي. بنھ ماٺيڻو، حساس ۽ نفيس شخص آهي. مو نکي ڪو به اهڙو ماڻهو
نه سُجهي، جنهن کي احسان ڪو اهک رسايو هجي، مطلب ته احسان ذاتي حوالي سان به هڪ
سٺو انسان آهي، سندس سوچن، لاڙن، رجحانن، ڪيفيتن وغيره کي سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب
۾ شامل شاعريءَ مان چڱي طرح پرکي سگهجي ٿو. هو پاڻ بہ هڪ هنڌ چوي ٿو تہ:
روح ‘احسان’ جو سفر ۾!
پيار جي تار آهي اڃان!
_ _ _
نظرون ‘احسان’ جون ڳولا ۾ آهن،
هر پاسي بيٺو آهيان مان!
دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب ۽ شاعريءَ جي اهم موضوعن ۾
انساني حسن، محبت، عشق اهڙو موضوع آهي، جيڪو ٻين سڀني موضوعن کان وڌيڪ اهم ۽ دنيا
جي گهڻن ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ آهي. دنيا جي قومن ۾ مختلف مسئلا ۽ مسئلن جي بنياد
تي مختلف موضوع آهن، پر انساني سُونهن ۽ عشق هڪ اهڙو آفاقي موضوع آهي، جيڪو هر
قوم، هر ٻولي، هر نسل، هر طبقي، هر مذهب ۽ فرقي ۾ عام آهي. هي موضوع زمان ۽ مڪانن
جي سرحدن کي پار ڪرڻ چاهيو آهي. احسان جي شاعري ۾ بہ اهڙي جهلڪ ملي ٿي.
زمانن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
مڪانن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
ثوابن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
گناهن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
سوالن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
جوابن کان اسان اڳتي وڃڻ چاهيون ٿا.
محبت جو موضوع احسان جي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ به گهڻو آهي.
هيءَ بہ حقيقت آهي تہ پيار جون روايتون ۽ انداز هر قوم ۽ خطي جا پنهنجا پنهنجا الڳ
آهن، ائين اسان جي ساڻيھ جون روايتون ۽ انداز بہ نرالا آهن. اهي روايتون ۽ انداز
احسان جي شاعريءَ ۾ هن ريت ملن ٿا:
هڪڙو ڀيرو اچجان مٺڙي!
منهنجي التجا مڃجان مٺڙي!
مون کي ساري روئي سڏڪي!
۽ وري مُرڪي کلجان مٺڙي!
درد هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا فرد کي انسان بڻجڻ لاءِ مددگار
ٿئي ٿي. درد ماڻهو ۾ انسانيت، پيار، محبت، شناسائي، حساس، فڪر ۽ فهم پيدا ڪري ٿو،
جيڪو احسان جي شاعريءَ ۾ چڱو ملي ٿو. ايتريقدر جو هو نئين سال جي آجيان بہ خوشين
بدران ڳوڙهن سان ڪري ٿو.
نئين سال جي آجيان ڳوڙهن سان.
لکي ڇا لکان ميان ڳوڙهن سان.
اڙي! زندگيءَ جو اڙي زندگاني،
ڊهي ٿو پيو آشيان ڳوڙهن سان.
سنڌ ساڻيھ جا اهم ۽ بنيادي مسئلا به سندس شاعريءَ جي موضوعن
مان هڪ موضوع آهي. هونئن تہ سنڌ تي ڏاڍا ڏکيا دور آيا آهن. لڳ ڀڳ ٻن هزارن ۽ خاص
ڪري پنج سئو سالن جي تاريخ ۾ سنڌ سکيا ڏينهن گهٽ سنڀري ٿي. پر هيءَ دور وڌيڪ
خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ تہ اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن جي لوڌيل ماڻهن جي لڳاتار ڪاه ۽
مذهبي تنگ نظري ايتري وڌي رهي آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي بہ نہ ٿو ملي. هن دور
۾ نہ رڳو شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن، پر اسان جي سڀني ساڃاه وندن ۽ غيرتمند ماڻهن
جو فرض ٿئي ٿو تہ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جو هر محاذ تي بچاءُ ڪن. هيءُ وقت ڏاڍو ڏکيو
آهي، ڏکئي وقت تي ڌرتي ماءُ سان ملهائڻ حلالي پٽن جو فرض آهي. هر فرد جو پنهنجي
محاذ تي ملهائڻ اسان سڀني جو فرض آهي. ائين هڪ شاعر کي ته پنهنجي محاذ تي ٻہ وکون
اڃا بہ اڳيان وڌي ملهائڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ مان قوم کي جذبو ۽ اتساه بہ ملي
ٿو. احسان جي شاعري ۾ سنڌ ساڻيھ جي مسئلن ۽ حقيقتن جو بيان ملي ٿو، جيڪو هن ريت
آهي:
غريبن جا ويلا فاقن تي!
گذارا ڳڻي ئي نٿو سگهان!
_ _ _
ماڻهن ۾ حراس آهي.
هر چهرو اداس آهي.
هر سپنو سراب آهي.
هر جذبو حساس آهي!
_ _ _
پاڻي ناهي ديس ۾،
ڪهاڻي ناهي ديس ۾،
ويران ٻنيون ساريون،
لاڻي ناهي ديس ۾.
_ _ _
اسان زخمي آهيون، پر پاڳل ناهيون.
اسان باغي آهيون، پر پاڳل ناهيون.
آئون لکي چڪو آهيان ته احسان جي شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن
۽ رسالن ۾ ڇپجي رهي آهي. هي گهڻي وقت کان لڳاتار لکندو رهيو آهي. اسان جي ماڻهن جا
مسئلا، پيار، نفرتون، ڪيفيتون سندس شاعريءَ جا موضوع آهن. سندس شاعريءَ ۾ استعمال
ڪيل ٻوليءَ جي سادگي ۽ بي ساختگي سندس شاعريءَ جون خاص خوبيون آهن. سندس شاعري مان
هيٺيون سِٽون پڙهڻ سان بہ اهڙو اندازو ڪري سگهجي ٿو:
چوراهي تي بيٺو آهيان مان!
نيشاني تي بيٺو آهيان مان!
سپنن ۽ جذبن جا لاش پُوري،
مئخاني تي بيٺو آهيان مان!
_ _ _
سپنا نيڻن ۾ لهي آيا،
سڀني رنگن ۾ لهي آيا!
جوڀن جو اوڙهي روپ هي،
جذبا انگن ۾ لهي آيا!
پهرين محبت احسان جي آهين،
گفتا جيڏن ۾ لهي آيا!
_ _ _
ننڊ مان جاڳيو آ ڪوي!
ڏات سان واڳيو آ ڪوي!
ديس جو درد ئي ٿو رکي!
ديس جو ڀاڳيو آ ڪوي!
جُهور آ پوڙهو پوءِ ڀي،
سوچ سان واڳيو آ ڪوي!
احسان جي شاعريءَ ۾ جتي درد ڪٿائون آهن، جتي اداسيون ۽
ڳوڙها آهن، اُتي اُميدون بہ آهن، جي ڪا ڪٿي مايوسي ملي به ٿي ته وٽس ٽهڪ، مرڪون،
تمنائون ۽ آرزوئون بہ ملن ٿيون.
مون کي اُميد آهي تہ احسان پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي واٽ
تي وک ڪجهه وڌائي ۽ پنهنجي شاعريءَ جو رياض جاري رکيو تہ ڏات جي ڏيھ ۾ ڪئين گل آڇي
سگهندو ۽ ڪي اگر اوتن ڏيئي واس واسي سگهندو. احسان جو هيءَ ڪتاب ‘ڏات سَمنڊ آهي’
سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن ۾ هڪ واڌارو آهي. سنڌي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
اُميد تہ سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو اهو فرض ضرور ادا ڪندا، آخر ۾ سندس غزلن مان
ڪجهه بند:
پير اُگهاڙا ناريءَ جا!
نيڻ اُجهاڻا ناريءَ جا!
صدين کان آ سورن ۾ ئي!
خواب اڌورا ناريءَ جا!
_ _ _
هتي لڪير جا فقير آهيون
ڪٿي شعور جا سفير آهيون
وٺي وڃون ٿا قافلا بہ اَڻ سونهان!
رهبر ڄڻ تہ بي ضمير آهيون.
ڊاڪٽر محمد علي ‘مانجهي’
2014-02-26
No comments:
Post a Comment