(ڊائريڪٽوريٽ جنرل نوادرات ۽ آثارِ قديمہ، ثقافت سياحت آثارِ قديمہ ۽ آرڪائيوز کاتو، حڪومتِ سنڌ) - پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي رسالي جي تازي شماري ’حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس‘ ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب جو ڇپجندڙ تحقيقي مضمون (ڪوٽ گل مير)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪوٽ گُلمِير
سنڌ ساڻيھه تهذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور رهيو آهي. سندس
اهڙي شاهوڪاريءَ جون شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ موجود آهن. توڙي جو
ڪيترائي آثار مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي چڪا آهن، پر جيڪي باقي وڃي بچيا آهن، انهن
جي سنڀال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙن آثارن ۾ ’ڪوٽ گل مير‘ به آهي.
هِي ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، اُن جي درست تاريخ ۽ دور جي سُڌ
نٿي ملي. تاريخي رڪارڊ ۾ به هن نالي ڪنهن ڪوٽ جو ذڪر نٿو ملي.رڳو ڪجهه مقامي روايتون ملن ٿيون، انهن روايتن موجب:”گل مير نالي ميرن جو شهزادو هو، جيڪو هن علائقي ۾ مقرر ٿيل هو، جيئن هو هتان ڍل، ٻيڙين جو محصول ۽ ٻيلن مان پَن چَري وصول ڪري.“ اُهي سڀ روايتون هتي ڏيڻ ضروري ناهن. ھتي انھن مان فقط ھيٺين ھڪ روايت ڏجي ٿي:“ڪوٽ ميرگل (شفيع محمد جاکرو ھن
ڪوٽ جو نالو گل مير نہ پر مير گل وٺي ٿو) وارو ھنڌ گھڻا زمانا سنڀري. شروع ۾ ھتي ھڪ
شھر آباد ھو، ھاڻوڪي ڪوٽ واري پٽ تي ئي اڏيل ھڪ شاندار ڪوٽ بہ ھو پر اهو وڏو ڪوٽ هو.ھتي ملڪ جي بادشاھ جو ھڪ وزير رھندو ھو. وزير سان گڏ سرڪاري عملدار ۽ فوجي
بہ رھندا ھئا. تڏھن سنڌ ملڪ جو تخت گاهه ٺٽو ھو.
زمانا گذرندا ويا. تن زمانن ۾ سنڌ گھڻو شاھوڪار ملڪ ھو. سنڌ ملڪ جو اناج، ڪپڙو، مال
(چوپايو) کير، مکڻ، ڀلا اٺ، گھوڙا، بهڻ ۽ ساڳ (وڻ) جي پڪي ڪاٺ مان ٺھيل سامان ۽ ٻيون شيون دنيا جي ملڪن ۾ مشھور
ھيون. ڪابل ــ قنڌار ۽ ٻين گھڻن ئي ملڪن جون بدنظرون ھن ملڪ تي سدائين
رھيون. ھندستان جي دھليءَ جي حڪومت بہ گھڻا ئي حملا ڪيا پر ڦٻي نہ سگھيا.ھڪ ڀيري دھليءَ جي بادشاھ ھڪ
وڏو فوجي حملو ڪيو پر ھتان لنگھندي ھن ڪوٽ جي اوڀر پاسي ڪجھ ميلن جي فاصلي تي پھتو
تہ اُتي وڏي جنگ لڳي جنھن ۾ دھليءَ جو بادشاھ مارجي ويو. جنگ بند ٿيڻ جو اعلان
ٿيو.دھليءَ جي فوج بادشاھ جو مڙھ کڻي، دھليءَ واپس ٿي. دھليءَ جو اھو پلاند رھيل ھو، سو گھڻي وقت
کان جنگ جون تياريون ڪندا رھيا. نيٺ دھليءَ جي حڪومت پاران هڪ ڀيرو وري به هڪ وڏي ڪاھ ڪئي
وئي. دھليءَ جون فوجون سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿي، جنگيون ڪنديون وڌنديون آيون. ٻنھي
پاسن جا لکين فوجي قتل ٿيا. دشمن فوجن واٽ ايندي جيڪو ڳوٺ يا شھر ٿي ڏٺو، اھو تباھ
ڪري ٿي ڇڏيائون. نيٺ ٺٽي کان اوريان چليا واري ھنڌ تي اچي پھتا. ٺٽي جي فوجن بہ اتي
اچي ساڻن مقابلو ڪيو، اتي وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ سنڌ جون فوجون رڪ وانگر سامھون ٿي وڙھڻ لڳيون.
جڏھن دھليءَ جون فوجون اڳتي وڌي نہ سگھيون تڏھن دھليءَ جو بادشاھ ڳالھين تي لھي
آيو. ڳالھين ۾ سنڌ تي ڪجھ رقم رکي وئي سا وٺي واپس ٿيو. ويندي ويندي ھن شھر ۽ ڪوٽ کي تباھ ڪندا ويا. ھتي جو سارو سون،
چاندي، پئسا ۽ ٻي ملڪيت بہ پاڻ سان کڻي ويا. انھيءَکانپوءِ ھي ڪوٽ تباھ ٿي ويو.
گھڻي زماني کانپوءِ ڪلھوڙا بادشاھن جي زماني ۾ ھن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي وئي. ڪلھوڙن
جو ھڪ ڪوٽار ھن ڪوٽ ۾ رھندو ھو. جيڪو ھتي جي پتڻ ۽ آسپاس جي زمينن جو محصول وصول ڪندو ھو. ميرن پاران ھتي مقرر
ڪيل عملدار ميرگل ھي ھاڻوڪو ڪوٽ وري نئين سري سان ٺھرايو . ھن ڪوٽ ۽ آسپاس جي وڏي ڀل ــ ڀلان ھئي.
آسپاس واريون زمينون بہ گھڻيون آباد ھيون. چوپايو مال گھڻو ھئڻ ڪري کير، مکڻ بہ جام
ھو. درياھ جي پتڻ تي ھر وقت ھڪڙيون ٻيڙيون اينديون ھيون تہ ٻيون پئي وينديون ھيون.
ھڪڙا ماڻھو ۽ سامان پيا ٻيڙين تي چڙھندا ھئا تہ ٻيا پئي لھندا ھئا. تڏھن ھن علائقي جي وڏي اپت ھئي.
تنھن زماني ۾ ئي مير محمد خان ٽالپر درياھ جي ٻنھي پاسن کان ٻٻرن جا وڏا ٻيلا پوکيا، تنھن ڪري
وڻڪاري بہ وڌي وئي. حڪومت پاران ٻيلن تي راکا رکيا ويا جيڪي ٻيلن جي سارسنڀال
رکندا ھئا. ان کان اڳ ۾ ھتي رڳو بھڻ، ساڳ(وڻ) ليون ۽ ٻيا وڻ ٿيندا ھئا.
ڪلھوڙن جي
بادشاھي واري زماني ۾ انگريزن ڪلھوڙن جي اجازت سان سنڌ ۾ اچي ٺٽي،
ڪراچي ۽ شاهه بندر۾ پنھنجون واپاري ڪوٺيون لڳايون. انگريز وڏا بدنيت ۽ ڪوڙا ھئا. ڳالهيون واپار ڪرڻ جون ڪري، رٿون حڪومت کسڻ جون رٿيائون. نيٺ انگريز ڪراچي تي قبضو ڪري، بھانا ڪندا آھستي آھستي سنڌ
تي قبضو ڪرڻ لڳا. انھيءَ سلسلي ۾ ھڪ ڀيري ٺٽي کان ٿيندا جڏھن ھتي پھتا تڏھن ھتي
کان درياھ اڪري ٻئي پاسي وڃڻ جي مقصد سان
ڪوٽ جي عملدار کي ٻيڙي ڏيڻ لاءِ چيائون. عملدارن اھو چئي انڪار ڪيو تہ حڪومت پاران کين ٻاھرئين
ماڻھو کي پتڻ پار ڪرائڻ لاءِ منح ٿيل آھي. انگريزن کي اھا ڳالھ ڏکي لڳي پر ماٺ ڪري
اوڀر طرف روانا ٿي ويا. جڏھن انگريزن سنڌ ملڪ تي وڏو حملو ڪري قبضو ڪيو، ۽ ميرن کان
بادشاھي کسيائون، تڏھن انگريزن پاران پنھنجي ڪمانڊر کي فوج سان ھتي موڪليو ويو. اھو عملدار ھتي
پھچي، ڪوٽ جي مالڪن کي گرفتار ڪري ڪراچي وٺي ويو جن مان ڪيترائي جيلن ۾ مري
ويا. تنھن زماني کانپوءِ ھي ڪوٽ سدائين لاءِ اجڙي ويو. آسپاس جا ماڻھو بہ آھستي آھستي ھتان لڏي ٻين ھنڌن ڏانھن ھليا ويا.”
مقاميقصن ۾ ھڪ اھا ڳالھ بہ ٻڌائي وڃي ٿي تہ: “ڪنھن زماني ۾ ھن ڪوٽ جي محصول
وٺندڙ ھڪ بزرگ کان محصول گھريو ويو. پئسا نہ ھئڻ ڪري سندس گھڻي دل آزاري ڪئي وئي. تڏھن ان
بزرگ جي زبان مان ھي لفظ نڪتا: ‘نہ ھي ڪوٽ رھندو، نہ عملدار رھندا، نہ ئي محصول لاءِ ڪو پريشان
ٿيندو.’ انھيءَ پٽ (بددعا) جي ڪري ھي ڪوٽ سدائين لاءِ اجڙي ويو ۽ پوءِ ڪڏھن بہ نہ
اسريو.”
مٿئين قصي مان
ھيٺيون ڳالھيون معلوم ٿين ٿيون:
1. جيڪو دھليءَ جو بادشاھ قتل ٿيل ڄاڻايل آھي، منھنجي خيال
۾ اھو دھليءَ جو بادشاھ محمد شاھ ئي آھي.ان جي نتيجي ۾ ٻيو حملو دھليءَ جي حاڪم فيروز
شاھ پاران ڪرايل ٿي سگھي ٿو. هن ڳالهه مان هي
ظاهر ٿئي ٿو تہ ھي ڪوٽ سومرن جي دور ۾ موجود
ھو.
2. آڳاٽي ڪوٽ اجڙڻ جي ڪري، ساڳئي ھنڌ تي وري نئون ڪوٽ اڏايو ويو.
3. انگريزن
پاران ھتان گرفتاريون ڪرڻ ۽ ڪراچي وٺي وڃڻ بابت ڳولاباوجود ڪو رڪارڊ نٿو ملي.
4. ھن علائقي جي گھڻي زماني کان اپت تمام گھڻي رھي آھي.
هي به حقيقت آهي
ته گل مير جي نالي سان ميرن ۾ ڪو ڪردار نٿو ملي، نه ئي ڪو ڪنهن تاريخ جي ڪتاب ۾ ڪو
اهڙو ذڪر آهي. البت آثارن مان ملندڙن شاهدين مان ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. گهڻن سالن
کان لڳاتار هتي اچڻ ۽ جانچڻ کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ’ڪوٽ گل مير‘
ميرن جي دور کان آڳاٽو آهي. آئون ڀانيان
ٿو هي ڪوٽ سومرن جي دور جو آهي، جيڪو پوءِ وري ڪلهوڙن جي دور ۾ استعمال ٿيو آهي،
ٿي سگهي ٿو ته ميرن به هن کي مرمت وغيره ڪرائي، پنهنجي ڪتب ۾ آندو هجي.ڇاڪاڻ ته
ڪوٽ جي آثارن ۾ مٿئين سطح تي پوءِ جو ٺڪراٺو ملي ٿو.
بيھَڪ
ڪوٽ گل مير وارو
هنڌ جاگرافيائي لحاظ کان هڪ اهم ۽ بنهه سهڻن منظرن جي وچ ۾ گهيريل هنڌ آهي. سنڌوءَ
مان آڳاٽي وقت نڪرندڙ ڪلري وهڪري جي ويجهو، تڏهوڪي تمام وڏي ٻيلي ’لُوئان ‘جي اُتر
اوڀر واري هيٺين ڪنڊ تي جابلو ٽڪريءَ سان، ڪچي واري علائقي ۾ آهي.ڏکڻ طرف کان ويندي،
ڏکڻ-اولهه تائين لُوئان ٻيلو، اوڀر ۾ هيلايا ٻيلو ۽ هيلايا پتڻ/شهر هو. اُتر پاسان
اڌ ڪلوميٽر تائين هيٺاهين زمين جيڪا لڳ ڀڳ 3 ڪلوميٽر (اوڀر کان اولهه) ڊگهي پٽي
آهي. اُتر ۾ ان ٿورڙي ڪچي سان لڳ خوبصورت جابلو علائقو ۽ ان جابلو علائقي جي
ڪنڌيءَ سان قديم قبرستان ‘پليجاڻو’ آهي. ان قبرستان ۾ تاريخ کان اڳ واري دور کان
وٺي ويجهڙ (ماضي قريب) واري دور جون قبرون
موجود آهن.
هِيءُ ڪوٽ جابلو
پٽيءَ سان لڳ ڪچي واري علائقي ۾ آهي.زميني سطح کان اٽڪل ٽيھارو کن فوٽ اوچي ڀٽ تي
آهي. اها ڀٽ اوڀر کان اولهه ۾ اٽڪل ٽي ڪلوميٽر آهي پر ڏکڻ واري ڀاڱي مان بئراج
نڪرڻ جي ڪري، اُتر کان ڏکڻ واري ماپ يقيني لکي نٿي سگهجي.آسپاس ۾ رهندڙ جهونن جي
چوڻ موجب اها ڀٽ اُتر کان ڏکڻ اٽڪل اڍائين کان ٽي ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هئي. هڪ پاسي
جابلو علائقو ۽ ٽن طرفان کان گهاٽا ٻيلا هئڻ ۽ ٻيلن کان اڳيان اوڀر کان اولهه تائين
گولائيءَ ۾ وهندڙ سنڌو ۽ جنهن مان نڪرندڙ ڪلريءَ وارو وهڪرو وهندو هو، وڏو وهڪرو
بگهاڙ اولهه ڏکڻ ويندو هو. هاڻي به ڪوٽ وارن آثارن تي بيهي اهو آڳاٽي دور جي منظرن
جو تصور ڪجي ٿو ته ڪجهه گهڙين لاءِ وڃائجي وڃبو آهي. اڄ (3 مارچ 1996ع) کان ٽيهارو
سال اڳ جي منظرن ۽ چانڊوڪين جو ذڪر ڪندي، هتي جا جهونا ٿڪبا ئي ناهن.
ڏٺو وڃي ته ’ڪوٽ
گل مير‘ اهڙي هنڌ تي هو، جتان پري پري تائين وڃڻ لاءِ اُتر طرف کان خشڪيءَ جا رستا
به موجود هئا ته ويجهو ئي درياهي اچ وڃ جي به وڏي سهوليت موجود هئي. درياهه وسيلي
ملتان ۽ اڃا به اڳتي لاهور تائين به وڃڻ لاءِ سنڌو موجود هو ته وري ٻئي طرف سنڌوءَ
جي ڇوڙ تائين پهچي پوءِ ڏور ڏيهن تائين به وڃڻ جي وڏي سهوليت هئي.
پهچڻ لاءِ رستو
ٺٽي کان 20
ڪلوميٽر اوڀرطرف ٺٽي _حيدرآباد شاهراهه تي
ڪِنجهر بس اسٽاپ کان 5 ڪلوميٽر پهرين، ٻروڙي چاڙهي لهڻ سان، پليجاڻي قبرستان
جي اولهه ڀرمان ڪچو رستو ڏکڻ طرف نڪري ٿو، جيڪو قبرستان جي اولهه کان ڦرندو، جابلو
ٽڪريءَ تان هيٺاهينءَ ۾ لهندو، ڪوٽ جي آثارن تائين پهچي ٿو. گاڏيءَ لاءِ چڱو رستو ٻروڙي
چاڙهيءَ کان پهرين آهي. اهو رستو ڳوٺ خميسي جاکري کان ٿيندو، بئراج واري پٽڙيءَ
سان وٺي، ٿورو ئي اوڀر طرف وڃبو ته ڪوٽ جي آثارن جي وچ ۾ وڃي رسبو.
آثار
ستر واري ڏهاڪي
يعني بئراج ٺهڻ کان اڳ هن ڪوٽ ۽ ٻين اڏاوتن جا آثار گهڻي پکيڙ ۾ ٻڌايا وڃن ٿا. هن
وقت جڏهن ڪوٽ جي صورتحال کي ڏسجي ٿو ته چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اولهه ۽
اوڀر وارين ديوارن جا نشان ته چٽا آهن، ايئن اتر واري ديوار جا نشان به باقي وڃي
بچيا آهن، پر ڏکڻ وارو چڱو پاسو بئراج ۾ اچي چڪو آهي. بئراج پار ڪري ٻئي طرف وڃبو
ته اتي به ڳاڙهين سِرن ۽ پٿرن جا ڍير ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو
ته بئراج آثارن جي وچ مان گذاريو ويو آهي. بئراج سان ٺاهيل رستو/پٽڙيءَ کي جانچي
ڏسڻ سان به معلوم ٿئي ٿو ته موجود آثارن
کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۽ ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه ۾ به ٺڪر ۽ پٿر پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا. ايئن
وري ڪوٽ جي ڏاکڻي ديوارکان ويندي ٽڪريءَ تائين سرن جا ٽڪر ۽ ٺڪراٺو ملي ٿو. هتي چٽيءَ طرح اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
آثارن واري هنڌ تان مٽي کڻي بئراج جي پٽڙي ٺاهي ويئي آهي. اتر واري ڀاڱي ۾ ڪن هنڌن
تي زمين کيڙڻ پوکڻ جي ڪري به آثارن کي نقصان رسيو آهي.
ذڪر ٿي چڪو آھي
ته هن وقت ڪوٽ جي ٻاهرين ديوارن ۾
فقط اولهه، اوڀر ۽ اُتر وارا آثار ڏسي
سگهجن ٿا، پر ڏکڻ وارو ڀاڱو مڪمل ختم ٿي چڪو آهي. ڪوٽ جي
وچ ۾ ڪمرن جا جيڪي آثار ملن ٿا، انهن جي صورتحال هن ريت آهي: اوڀر کان اولهه واري
ديوار 135 فوٽ ۽ اُتر کان ڏکڻ 115 فوٽ ماپ
آهي.
اوڀر ۽ اولهه طرف هڪ هڪ
در آهي. هاڻي درن جا رڳو گهڙيل پٿرن جا چوکٽ آهن . هر هڪ چوکٽ جي ماپ، ڊيگهه 7 فوٽ
۽ ويڪر 3 فوٽ آهي. مک در ڏکڻ طرف هو، جيڪو بئراج جي کاڄ ٿي چڪو آهي. اُتر پاسي 6
دريون ٻڌايون وڃن ٿيون، پر اُتر پاسي کان اسان کي ڪو به اهڙو نشان نظر نه آيو.ڇاڪاڻ اُتر واري ديوار به ڊهي چڪي آهي، هاڻي اُن جو فقط
بنياد کان ٿورو مٿي يعني هيٺيون ڀاڱو ڏسجي ٿو. ڪمرن جي فرش ۾ چئن ئي پاسن کان
پٿر ۽ وچ واري ڀاڱي ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
اولهه ۽ اوڀر
پاسن کان هڪ هڪ ڪمري جا ۽ وچ ۾ وڏي هال جي ديوارن جا نشان چٽا موجود آهن. ڏکڻ ۾ خاص ڪري
اوڀارئين ڀاڱي ۾ ڪمرن جي ديوارن جا اهڃاڻ اڃا به آهن. ڪوٽ کان اولهه ۾ ڇهه هزار
فوٽن تائين به ڪن ڪمرن جي ديوارن جا آثار ڏسجن ٿا.انھيءَ مان ظاھر آھي ته ڪوٽ کان ٻاھرئين پاسن کان به ڪي اڏاوتون موجود ھُيون.
آثارن مان ملندڙ شيون
ڪوٽ ۽ آسپاس
وارين اڏاوتن جي آثارن ۾ پکڙيل ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪر تمام گهڻا ملن ٿا. منهنجي خيال ۾ هي ڪوٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن دورن
تي مشتمل آهي ۽ ملندڙ شيون به ٻن دورن سان تعلق رکن ٿيون. ڪجهه اهڙن ڪونڊن ۽
ماٽين جا ٽڪرا به ملن ٿا، جن تي باهين جا نشان آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جا
لسا آهن. ڪن تي ڪاري رنگ سان چٽ به آهن. ٿانون جي چٽن ۾ خاص ڪري وڻ ۽ ٻوٽن جا پن
چٽيل آهن. هڪ پاٽ جي ٽڪرن کي جڏهن گڏي ڏٺو ويو ته ان تي اندرئين پاسي ڪناري کان
گولائي ۾ ٻه لڪيرون ڏنل آهن ۽ لڪيرن جي وچ ۾ پنن سميت ول چٽيل آهي. پاسي واري ڳوٺ
خميسي جاکري جي هڪ ڳوٺاڻي کي هڪ سالم لوٽو ۽ ماٽي به ملي آهي.ٺڪر مان نفاست سان ٺهيل هڪ اهڙو سالم ٿانءَ به مليو آهي جنهن جي ڳچي صراحيءَ جهڙي پر
پاسي کان ٽونٽي آهي جهڙي ريت لوٽي (ڪونري) کي هوندي آهي، هيٺيون ڀاڱو دلي/مٽڪي
جھڙو، پر تري کان مٽڪي وانگر گول ڪنار سان کُليل آهي. هن نموني جو ٿانءَ ٻئي
ڪنهن هنڌ تان نه مليو آهي. ڪن ڄاڻن جو چوڻ آهي ته اهو ڪلاڙڪو ٿانءَ آهي جيڪو باهه تي
چڙهيل ڪُني جي مٿان رکي مڌ چڪائڻ جي ڪم ايندو هو.ڳاڙهي رنگ جي ٺڪر مان ٺهيل اُهي
ٿانوَ سَنها ۽ ڏاڍي نفاست سان ٺهيل آهن. ٿانوَن کان سواءِ سارين ڏرڻ جي جنڊين جا
اڌ ۽ ننڍا ٽڪرا به پکڙيل ڏسجن ٿا. هتان هڪ
ٻئي ڳوٺاڻي کي ننڍا ننڍا سڪا به مليا آهن، گهڻي ڪوشش باوجود اهي پڙهي نٿا سگهجن.
ڇاڪاڻ ته اُهي سِڪا گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري مٿانئن لکت ۽ سمورا نشان ڊهي ختم ٿي چڪا
آهن. هڪ ڇُري ۽ سوپارين ڪٽڻ جي سوئڙي ثابت ملي آهي. آثارن جي اوڀارين ڀاڱي وٽان
کين ڳريل شڪل ۾ ٻيڙيءَ جي ناتاري به ملي آهي. مليل اهي سموريون شيون اسان کي 3
مارچ 1996ع تي ڏيکاريون ويون.
ڪوٽ جي اولھ طرف
ڪجھ فاصلي تي ڳوٺاڻن کي ٻہ اھڙا سڪا مليا آھن جن تي محمد طور لکيل آھي.
آسپاس
ڪوٽ گل مير جي
اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي جابلو ڪنڌيءَ سان هڪ قديم قبرستان ’پليجاڻو‘ جي نالي
سان مشهور آهي. پليجاڻي ۾ جهوني دور کان وٺي ويجهڙ واري دور جون قبرون نظر اچن
ٿيون. انهن ۾خاص ڪري ڀر ۾ اوچين ٽڪرين تي ٺهيل قبرون تاريخ جي دور کان آڳاٽيون
آهن، قبرن مٿان رکيل پٿرن تي’ مور‘ جون شڪليون سهڻي نموني سان اُڪريل آهن. اوڀارين
هڪ ٽڪريءَ تي قبرن مان ڪن تي گهوڙيسوار ۽ تيرن جا نشان به اُڪريل آهن. ٽڪريءَ تي
هيٺاهين قبرستان ۾ اڃا تائين هزارين قبرون موجود آهن. ڪٿي ڪٿي لڳي ٿو ته ڪي آڳاٽين
قبرن مٿان وري ٻيون قبرون به ٺهيل آهن. قبرستان ۾ هن وقت به 16 اهڙيون قبرون آهن،
جن جي سِري وارا لڳل اُڀا پٿر گھڻا ڊگها آهن. جن ۾ 8 قبرن جا 8 فوٽ ۽ 3 قبرن جي سري
وٽان ، زميني سطح کان 10 فٽ مٿي
اُڀا پٿر موجود آهن. ڪيترين ئي قبرن تي چٽساليءَ وارا پٿر به رکيل آهن. ڪنهن به
قبر تي سن لکيل نه ٿو ڏسجي. ڪن قبرن تي ذات ‘جاکرو’ اڪريل آهي. هڪ قبرجي پٿر تي ‘ناڪو’
شايد ‘ناکئو’ ۽ هڪ قبر تي ‘ڪندره’ ) گندرو( اڪريل آهي.
ٽن قبرن جي پٿرن تي هيٺيان اهڃاڻ اُڀريل آهن:
ڏٺو ويو آهي ته عام طرح قبرن جي
پٿرن تي نشان ڪُنديل يعني پٿر ۾ اندر ڪٽي ڪڍيل هوندا آهن، پر هنن قبرن جا نشان
اُڀريل ( Emboss)
آهن. هتي ٻه اهڙيون قبرون به آهن، جن مٿان پٿر بدران وڏيون ڊگهيون، ويڪريون ۽
ٿلهيون (پٿر جي سليبن وانگر) ٺڪر جون پڪل ڳاڙهيون سِرون رکيل آهن.
اوڀر طرف ڏيڍ کن
ڪلوميٽر جي فاصلي تي بئراج جي پٽڙيءَ سان هڪ اهڙو ٿلهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن تي
ڪجهه وڏا پٿر ۽ ٺڪراٺو پيل آهي. ٺڪراٺي جي نموني مان اندازو ٿئي ٿو ته اتي ڪو مندر
وغيره هو.
ڪوٽ جي اولهه طرف پٽڙيءَ جي ويجهو بئراج واري پل جي سامهون جابلو علائقي ۾ خميسي جاکري جي ڳوٺ جي آسپاس ڪجهه اهڙا پٿر به پيل آهن، جن تي اُڪريل گلڪاريءَ کي ڏسي، اندازو ٿئي ٿو ته اهي اڄ کان گهڻو آڳاٽو گهڙيل آهن. ڳوٺ جي اولهه ۾ ويجهو ئي هڪ وڏو پٿر اهڙو به پيل آهي، جنهن جي هڪ پاسي بنھه نفاست سان چٽ اُڪريل آهن ۽ باقي پاسا لسا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اتي ئي ڪاريگر پٿر گهڙيندا ۽ مٿن اُڪر جو ڪم ڪندا هئا يا ائين کڻي چئجي ته اهوئي سندن ڪارخانو هو. هاڻي اُهي ڪاريگر ته نه رهيا آهن، پر سندن ڇڏيل فن اڃا به ڏسندڙن ۽ محققن لاءِ موجود آهي.
زباني روايتون
1. شفيع محمد جاکرو، عمر 60 ورهيه، بتاريخ 3 مارچ 1996ع
ويٺل ڳوٺ خميسو جاکرو.
2. محمد ابراهيم جاکرو، عمر 40 ورهيه، بتاريخ 3 مارچ
1996ع ويٺل ڳوٺ وڏيرو جاکرو.
3. آدم مير بحر، عمر 58 ورهيه، ويٺل ڳوٺ ساريجي.
4. نوٽ :ڪوٽ گل مير وارو علائقو آئونگهڻي زماني کانمختلف وقتن تي
ڏسندو رهيو آهيان. پوئين دور ۾گهڻو ڪري هر ڀيري
منھنجو شاگرد/
ڀاءُ يونس شورو مون سان گڏ اچي، آسپاس جي ڳوٺاڻن سان
ملائيندو ۽ ڪچھريون ڪرائيندو رهيو آهي.
ھن مضمون کي تفصيل سان پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪِلڪ ڪندا:
No comments:
Post a Comment