Wednesday, April 22, 2020

ڪوٽ مير گل

ڪوٽ  گل مير

محمد علي ’مانجهي‘


 سنڌ ساڻيهه تهذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور رهيو آهي. سندس اهڙي شاهوڪاريءَ جون شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ موجود آهن. توڙي جو ڪيترائي آثار مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي چڪا آهن، پر جيڪي باقي وڃي بچيا آهن، انهن جي سنڀال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙن آثارن ۾ ’ڪوٽ گل مير‘ به آهي.


هِي ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، ان جي درست تاريخ ۽ دور جي سُڌ نٿي ملي. تاريخي رڪارڊ ۾ به هن نالي ڪنهن ڪوٽ جو ذڪر نٿو ملي. مقامي روايتن موجب:”گل مير نالي ميرن جو شهزادو هو، جيڪو هن علائقي ۾ مقرر ٿيل هو، جيئن هو هتان ڍل، ٻيڙين جو محصول ۽ ٻيلن مان پَن چَري وصول ڪري.“ ان سان لاڳاپيل ڪي ٻيون به ڪي روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون پر اُهي ڏيڻ ضروري ناهن.ڏٺو وڃي ته گل مير جي نالي سان ميرن ۾ ڪو ڪردار نٿو ملي، نه ئي ڪو ڪنهن تاريخ جي ڪتاب ۾ ڪو اهڙو ذڪر آهي. البت آثارن مان ملندڙن شاهدين مان ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. گهڻن سالن کان لڳاتار هتي اچڻ ۽ جانچڻ کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ’ڪوٽ گل مير‘ ميرن جي دور کان آڳاٽو  آهي. آئون ڀانيان ٿو هي ڪوٽ سمن جي دور جو آهي، جيڪو پوءِ وري ڪلهوڙن جي دور ۾ استعمال ٿيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ميرن به هن کي مرمت وغيره ڪرائي، پنهنجي ڪتب ۾ آندو هجي.ڇاڪاڻ ته ڪوٽ جي آثارن ۾ مٿئين سطح تي پوءِ جو ٺڪاٺو ملي ٿو.

 بيهڪ:

ڪوٽ گل مير وارو هنڌ جاگرافيائي لحاظ کان هڪ اهم ۽ بنهه سهڻن منظرن جي وچ ۾ گهيريل هنڌ آهي. سنڌوءَ مان آڳاٽي وقت نڪرندڙ ڪلري وهڪري جي ويجهو، تڏهوڪي تمام وڏي ٻيلي ’لُوئان ‘جي اُتر اوڀر واري هيٺين ڪنڊ تي جابلو ٽڪريءَ سان، ڪچي واري علائقي ۾ آهي. ڏکڻ طرف کان ويندي، ڏکڻ-اولهه تائين لُوئان ٻيلو، اوڀر ۾ هيلايا ٻيلو ۽ هيلايا پتڻ/شهر هو. اُتر پاسان اڌ ڪلوميٽر تائين هيٺاهين زمين جيڪا لڳ ڀڳ 3 ڪلوميٽر (اوڀر کان اولهه) ڊگهي پٽي آهي. اُتر ۾ ان ٿورڙي ڪچي سان لڳ خوبصورت جابلو علائقو ۽ ان جابلو علائقي جي ڪنڌيءَ سان قديم قبرستان ’پليجاڻو‘ آهي. ان قبرستان ۾ تاريخ کان اڳ واري دور کان وٺي ويجهڙ (ماضي قريب) واري دور جون قبرون  موجود آهن. مطلب ته هِيءُ ڪوٽ جابلو پٽيءَ سان لڳ ڪچي واري علائقي ۾ آهي.

اولھ وارو دروازو


زميني سطح کان اٽڪل ڏهاڪو کن فوٽ اوچي ڀٽ تي آهي. اها ڀٽ اوڀر کان اولهه ۾ اٽڪل ٽي ڪلوميٽر آهي پر ڏکڻ واري ڀاڱي مان بئراج نڪرڻ جي ڪري، اُتر کان ڏکڻ واري ماپ يقيني لکي نٿي سگهجي. آسپاس ۾ رهندڙ جهونن جي چوڻ موجب اها ڀٽ اُتر کان ڏکڻ اٽڪل اڍائين کان ٽي ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هئي. هڪ پاسي جابلو علائقو ۽ ٽن طرفان کان گهاٽا ٻيلا هئڻ ۽ ٻيلن کان اڳيان اوڀر کان اولهه تائين گولائيءَ ۾ وهندڙ سنڌو ۽ جنهن مان نڪرندڙ ڪلريءَ وارو وهڪرو وهندو هو، وڏو وهڪرو بگهاڙ اولهه ڏکڻ ويندو هو. هاڻي به ڪوٽ وارن آثارن تي بيهي اهو آڳاٽي دور جي منظرن جو تصور ڪجي ٿو ته ڪجهه گهڙين لاءِ وڃائجي وڃبو آهي. اڄ (3 مارچ 1996ع) کان ٽيهارو سال اڳ جي منظرن ۽ چانڊوڪين جو ذڪر ڪندي، هتي جا جهونا ٿڪبا ئي ناهن.

اوڀر وارو دروازو


ڏٺو وڃي ته ’ڪوٽ گل مير‘ اهڙي هنڌ تي هو، جتان پري پري تائين وڃڻ لاءِ اُتر طرف کان خشڪيءَ جا رستا به موجود هئا ته ويجهو ئي درياهي اچ وڃ جي به وڏي سهوليت موجود هئي. درياهه وسيلي ملتان ۽ اڃا به اڳتي لاهور تائين به وڃڻ لاءِ سنڌو موجود هو ته وري ٻئي طرف سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين پهچي ڏور ڏيهن تائين به وڃڻ جي وڏي سهوليت هئي.


پهچڻ لاءِ رستو:

ٺٽي کان 20 ڪلوميٽر اوڀرطرف ٺٽي _حيدرآباد  شاهراهه تي ڪِنجهر بس اسٽاپ کان 3 ڪلوميٽر پهرين، ٻروڙي چاڙهي لهڻ سان، پليجاڻي قبرستان جي اولهه ڀرمان ڪچو رستو ڏکڻ طرف نڪري ٿو، جيڪو قبرستان جي اولهه کان ڦرندو، جابلو ٽڪريءَ تان هيٺاهينءَ ۾ لهندو، ڪوٽ جي آثارن تائين پهچي ٿو. گاڏيءَ لاءِ چڱو رستو ٻروڙي چاڙهيءَ کان پهرين آهي. اهو رستو ڳوٺ خميسي جاکري کان ٿيندو، بئراج واري پٽڙيءَ سان وٺي، ٿورو ئي اوڀر طرف وڃبو ته ڪوٽ جي آثارن جي وچ ۾ وڃي رسبو.

 

آثار:

بئراج ٺهڻ کان اڳ هن ڪوٽ ۽ ٻين اڏاوتن جا آثار گهڻي پکيڙ ۾ ٻڌايا وڃن ٿا. هن وقت جڏهن ڪوٽ جي صورتحال کي ڏسجي ٿي ته چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اولهه ۽ اوڀر وارين ديوارن جا نشان ته چٽا آهن، ايئن اتر واري ديوار جا نشان به باقي وڃي بچيا آهن، پر ڏکڻ وارو چڱو پاسو بئراج ۾ اچي چڪو آهي. بئراج پار ڪري ٻئي طرف وڃبو ته اتي به ڳاڙهين سِرن ۽ پٿرن جا ڍير ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته بئراج آثارن جي وچ مان گذاريو ويو آهي. بئراج سان ٺاهيل رستو/پٽڙيءَ کي جانچي ڏسڻ سان به معلوم ٿئي ٿو ته موجود  آثارن کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۽ ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه ۾ به ٺڪر ۽ پٿر پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا. ايئن وري ڪوٽ جي ڏاکڻي ديوار  کان ويندي ٽڪريءَ تائين سرن جا ٽڪر ۽ ٺڪراٺو  ملي ٿو. هتي چٽيءَ طرح اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته آثارن واري هنڌ تان مٽي کڻي پٽڙي ٺاهي ويئي آهي. اتر واري ڀاڱي ۾ ڪن هنڌن تي زمين کيڙڻ پوکڻ جي ڪري به آثارن کي نقصان رسيو آهي

 

هاڻوڪا آثار:

هن وقت ڪوٽ جي ٻاهرين ديوارن ۾ فقط اولهه، اوڀر ۽  اُتر وارا آثار ڏسي سگهجن ٿا، پر ڏکڻ واري مڪمل  ختم ٿي چڪي آهي. ڪوٽ جي وچ ۾ ڪمرن جا جيڪي آثار ملن ٿا، انهن جي صورتحال هن ريت آهي: اوڀر کان اولهه واري ديوار  135 فوٽ ۽ اُتر کان ڏکڻ 115 فوٽ ماپ آهي. اوڀر ۽ اتر طرف هڪ هڪ در آهي. هاڻي درن جا رڳو گهڙيل پٿرن جا چوکٽ آهن . هر هڪ چوکٽ جي ماپ، ڊيگهه 7 فوٽ ۽ ويڪر 3 فوٽ آهي. مک در ڏکڻ طرف هو، جيڪو بئراج جي کاڄ ٿي چڪو آهي. اُتر پاسي 6 دريون ٻڌايون وڃن ٿيون، پر اُتر پاسي کان اسان کي ڪو به اهڙو نشان نظر نه آيو. ڪمرن جي  فرش ۾ چئن ئي پاسن کان پٿر ۽ وچ واري ڀاڱي ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

اولهه ۽ اوڀر پاسن کان هڪ هڪ ڪمري جا ۽ وچ ۾ وڏي هال جي ديوارن جا نشان آهن. ڏکڻ ۾ خاص ڪري اوڀارئين ڀاڱي ۾ ڪمرن جي ديوارن جا اهڃاڻ اڃا به آهن. ڪوٽ کان اولهه ۾ ڇهه هزار فوٽن تائين به ڪن ڪمرن جي ديوارن جا آثار ڏسجن ٿا.

 

آثارن مان ملندڙ شيون:

ڪوٽ ۽ آسپاس وارين اڏاوتن جي آثارن ۾ پکڙيل ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪر تمام گهڻا  ملن ٿا. منهنجي خيال ۾ هي ڪوٽ گهٽ م گهٽ ٻن دورن تي مشتمل آهي ۽ ملندڙ شيون به ٻن دورن سان تعلق رکن ٿيون. 


ڪجهه اهڙا ڪونڊن ۽ ماٽين جا ٽڪرا به ملن ٿا، جن تي باهين جا نشان آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جا لسا آهن. ڪن تي ڪاري رنگ سان چٽ به آهن. ٿانون جي چٽن ۾ خاص ڪري وڻ ۽ ٻوٽن جا پن چٽيل آهن. هڪ پاٽ جي ٽڪرن کي جڏهن گڏي ڏٺو ويو ته ان تي اندرئين پاسي ڪناري کان گولائي ۾ ٻه لڪيرون ڏنل آهن ۽ لڪيرن جي وچ ۾ پنن سميت ول چٽيل آهي. پاسي واري ڳوٺ خميسي جاکري جي هڪ ڳوٺاڻي کي هڪ سالم لوٽو ۽ ماٽي به ملي  آهي.



ٺڪر مان نفاست سان ٺهيل هڪ اهڙو سالم  ٿانءَ به مليو آهي جنهن جي ڳچي صراحيءَ جهڙي پر پاسي کان ٽونٽي آهي جهڙي ريت لوٽي (ڪونري) کي هوندي آهي، هيٺيون ڀاڱو دلي/مٽڪي جھڙو، پر تري کان مٽڪي وانگر گول ڪنار سان کُلل آهي. هن نموني جو ٿانءَ ٻئي ڪنهن هنڌ تان نه مليو آهي. ڪن ڄاڻن جو چوڻ آهي ته اهو ڪلاڪو ٿانءَ آهي جيڪو باهه تي چڙهيل ڪُني جي مٿان رکي مڌ چڪائڻ جي ڪم ايندو هو.



ڳاڙهي رنگ جي ٺڪر مان ٺهيل اُهي ٿانوَ سَنها ۽ ڏاڍي نفاست سان ٺهيل آهن. ٿانوَن کان سواءِ سارين ڏرڻ جي جنڊين جا اڌ ۽  ننڍا ٽڪرا به پکڙيل ڏسجن ٿا. هتان هڪ ٻئي ڳوٺاڻي کي ننڍا ننڍا سڪا به مليا آهن، گهڻي ڪوشش باوجود اهي پڙهي نٿا سگهجن. ڇاڪاڻ ته اُهي سِڪا گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري مٿانئن لکت ۽ سمورا نشان ڊهي ختم ٿي چڪا آهن. هڪ ڇُري ۽ سوپارين ڪٽڻ جي سوئڙي ثابت ملي آهي. آثارن جي اوڀارين ڀاڱي وٽان کين ڳريل شڪل ۾ ٻيڙيءَ جي ناتاري به ملي آهي. مليل اهي سموريون شيون اسان کي 3 مارچ 1996ع تي ڏيکاريون ويون.

 


آسپاس:

(i)                ڪوٽ گل مير جي اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي جابلو ڪنڌيءَ سان هڪ قديم قبرستان ’پليجاڻو‘ جي نالي سان مشهور آهي. پليجاڻي ۾ جهوني دور کان وٺي ويجهڙ واري دور جون قبرون نظر اچن ٿيون. انهن ۾  خاص ڪري ڀر ۾ اوچين ٽڪرين تي ٺهيل قبرون تاريخ جي دور کان آڳاٽيون آهن، قبرن مٿان رکيل پٿرن تي’ مور‘ جون شڪليون سهڻي نموني سان اُڪريل آهن. اوڀارين هڪ ٽڪريءَ تي قبرن مان ڪن تي گهوڙيسوار ۽ تيرن جا نشان به اُڪريل آهن. ٽڪريءَ تي هيٺاهين قبرستان ۾ اڃا تائين هزارين قبرون موجود آهن. ڪٿي ڪٿي لڳي ٿو ته ڪي آڳاٽين قبرن مٿان ٻيون قبرون به ٺهيل آهن. قبرستان ۾ هن وقت به 16 اهڙيون قبرون آهن، جن جي سِري وارا لڳل اُڀا پٿر گھڻا ڊگها آهن. جن ۾ 8 قبرن جا 8 فوٽ ۽ 3  قبرن جي سري  وٽان ، زميني سطح کان 10 فٽ  مٿي اُڀا پٿر موجود آهن. ڪيترين ئي قبرن تي چٽساليءَ وارا پٿر به رکيل آهن. ڪنهن به قبر تي سن لکيل نه ٿو ڏسجي. ڪن قبرن تي ذات ’جاکرو‘ اڪريل آهي. هڪ قبرجي پٿر تي ’ناڪو‘ شايد ’ناکئو‘ ۽ هڪ قبر تي ’ڪندره‘ ) گندرو( اڪريل آهي. ٽن قبرن جي پٿرن تي هيٺيان اهڃاڻ اُڀريل آهن:



ڏٺو ويو آهي ته عام طرح قبرن جي پٿرن تي نشان ڪُنديل يعني پٿر ۾ اندر ڪٽي ڪڍيل هوندا آهن، پر هنن قبرن جا نشان اُڀريل  ( Emboss) آهن. هتي ٻه اهڙيون قبرون به آهن، جن مٿان پٿر بدران وڏيون ڊگهيون، ويڪريون ۽ ٿلهيون (پٿر جي سليبن وانگر) ٺڪر جون پڪل ڳاڙهيون سِرون  رکيل آهن.

(ii)             اوڀر طرف ڏيڍ کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي بئراج جي پٽڙيءَ سان هڪ اهڙو ٿلهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن تي ڪجهه وڏا پٿر ۽ ٺڪراٺو پيل آهي. ٺڪراٺي جي نموني مان اندازو ٿئي ٿو ته اتي ڪو مندر وغيره هو.

(iii)           ڪوٽ جي اولهه طرف پٽڙيءَ جي ويجهو بئراج واري پل جي سامهون جابلو علائقي ۾ خميسي جاکري جي ڳوٺ جي آسپاس ڪجهه اهڙا پٿر به پيل آهن، جن تي اُڪريل گلڪاريءَ کي ڏسي، اندازو ٿئي ٿو ته اهي  اڄ کان گهڻو آڳاٽو گهڙيل آهن. ڳوٺ جي اولهه ۾ ويجهو ئي هڪ وڏو پٿر اهڙو به پيل آهي، جنهن جي هڪ پاسي بنھه نفاست سان چٽ اُڪريل آهن ۽ باقي پاسا لسا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اتي ئي ڪاريگر پٿر گهڙيندا ۽ مٿن اُڪر جو ڪم ڪندا هئا يا ائين کڻي چئجي ته اهوئي سندن ڪارخانو هو. هاڻي اُهي ڪاريگر ته نه رهيا آهن، پر سندن ڇڏيل فن اڃا به ڏسندڙن ۽ محققن لاءِ موجود آهي.

 






 

زباني روايتون:

1-     شفيع محمد جاکرو، عمر 60 ورهيه، بتاريخ 3 مارچ 1996ع ويٺل ڳوٺ خميسو جاکرو.

2-     محمد ابراهيم جاکرو، عمر 40 ورهيه، بتاريخ 3 مارچ 1996ع ويٺل ڳوٺ وڏيرو جاکرو.

3-     آدم مير بحر، عمر 58 ورهيه، ويٺل ڳوٺ ساريجي.


No comments:

Post a Comment