Monday, May 11, 2020

مقالاتِ عزيز (Maqalat e Aziz)

مقالاتِ عزيز  (Maqalat e Aziz) 

Written By: Mr. Aziz Jaferani



سھڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪتاب “مقالاتِ عزيز جو عڪس
  
 سنڌ ساڻيھه جي مشھور استاد، عالم ۽ محقق سائين عزيز جعفراڻئَ جو ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. وسيع مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ سائين عزيز جي ڪتاب تي لکڻ کان اڳ ۾ بهتر سمجھان ٿو ته سندس علمي ۽ ادبي زندگئَ جو مختصر نموني سان احوال ڏجي. ڏٺو وڃي ته جن محققن سنڌ جي لاڙ واري علائقي تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، انهن محققن ۾ عزيز جعفراڻئَ جو نالو به اچي ٿو.

 ائين به ناهي ته هن رڳو لاڙ جي علائقي تي ئي لکيو آهي پر هو سنڌ جي ٻين علائقن ۽ موضوعن تي به لکندو رهيو، پر سندس خاص محور لاڙ وارو علائقو رهيو آهي. توڙي جو هو گھڻي زماني کان مقالا ۽ مضمون لکندو رهيو. سندس پھريون ڪتاب   تاريخ سجاول 1986ع ۾ ڇپيو. تنھن کان پوءِ 2004ع ۾تاريخ جاتيءَ جا نوان ورق ۽ 2009ع ۾ سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ (تاريخ سجاول جو وڌايل ايڊيشن) ڇپيا. انهن ڪتابن علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سٺي مڃتا ماڻي. هِيءُ سندس ٽيون ڪتاب آهي.

سندس ذاتي زندگئَ کي ڏسجي ته هن هڪ استاد جي حيثيت ۾ سڄي حياتي تعليم جي خدمت ڪندي گذاري. سونھن ۽ صفائي پسند سائين عزيز سدائين اڇي اُجري وڳي ۾ استاد جو هڪ نمونو لڳندو هو. اسڪول جي وقت جو پابند، ڪلاس روم ۾ اچڻ سان شاگردن کي تڪڙو متوجهه ڪري پڙهڻ لاءِ آماده ڪرڻ، وڏي ۽ چٽي آواز سان پڙهائڻ جي مھارت ته ڪو کانئس سکي ها. اسڪول ۾ اسيمبلي ڪرائڻ، تقريري مقابلا ۽ هم نصابي سرگرميون سندس خاص دلچسپيون رهيون. هو جتي به رهيو اتي مردن سان گڏ نياڻين جي تعليم لاءِ به ڪوششون ڪندو رهيو. انهئَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تعليم جي حوالي سان پاڻ جيڪي به ڪوششون ورتائين، اُهي نه وسارڻ جوڳيون آهن. هو زندگئَ جو وڏو عرصو هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان خدمتون ڏيندو رهيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به هن درس ۽ تدريس کي جاري رکندي، پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ۾  به علمي ڪاوشن ۾ مصروف رهيو. اسڪول جي تعليمي سرگرمين سان گڏ ان اسڪول جي استادن جي تربيت به ڪندو رهيو. اتي هن اسڪول پاران محترم اظھر شاھ سان گڏجي هڪ مئگزين ’القانع‘ شايع ڪرايو ۽ مير علي شير قانع جي ياد ۾ هڪ شاندار پروگرام ڪرايو.


سائين عزيز کي تعليم ۽ تحقيق سان تمام گهڻي دلچسپي رهي، پر ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به شوق به کيس ننڍي هوندي کان رهيو. ان ڏس ۾ پاڻ هڪ شاهڪار لائبريري  ’القاسميه لائبريري‘ جي نالي سان قائم ڪيائين. انھيءَ لائبريري ۾ مختلف موضوعن تي هزارين ڪتابن جو هڪ ناياب ذخيرو موجود آهي. هن لائبريريءَ مان اڄ به ڪيترائي علم جا طالب سيراب ٿي رهيا آهن. هن لائبريرئَ جي معرفت سائين عزيز جعفراڻي سنڌ کي ڄڻ ته باقي دنيا سان ڳنڍي رکيو هو. هتي ڪيترائي اهڙا رسالا ۽ ڪتاب ملندا، جيڪي عام لائبريرين ۾ دستياب نه آهن. علم، ادب سان اهڙي اٿاھ دلچسپي ۽ چاھ واري رجحان سندس اولاد کي به علم جو طالب بڻائي ڇڏيو. اهڙو لڳاءُ سندس ڪوشش سان نه فقط سندس اولاد ۾ منتقل ٿيو پر جيڪي نوجوان سائين عزيز جعفراڻئَ جي صحبت ۾ رهيا، اُنهن مان به کانئس گهڻو پرايو.


ڏٺو وڃي ته علمي۽ ادبي لحاظ کان هو ڪو رواجي ماڻهو نه هو. هن لکڻ سان گڏ ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام، مشاعرا ۽ ڪانفرنسون به ڪوٺايون. کيس پنهنجي ذات ۾ ”انجمن“ چئجي ته ڪو واڌاءُ نه ٿيندو. پنهنجي نوڪرئَ دوران جتي به رهيو، اُتي علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين تي زور ڏيندو رهيو. سندس تربيت ۽ اُتساھ وسيلي ڪيترائي نوجوان اديب، شاعر اُسريا ۽ اڳتي وڌيا.


سائين عزيز پنهنجي حياتئَ جي پوين ٻن ڏهاڪن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ، خاص ڪري تحقيق ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏنو. مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻ ته سندس خاص خوبي رهي، جنھن جو عڪس سندس لکڻين ۾ چٽئَ ريت ملي ٿو. هن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي پڙهندڙن لاءِ ڪيتريون ئي نيون حقيقتون سامھون آنديون. تحقيق جو مطلب اهو به نه هوندو آهي ته مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيئي ڪنھن موضوع متعلق اهي ساڳيا نتيجا ڪڍجن، جيڪي پڙهندڙ اڳ ۾ ڄاڻي چڪا آهن، بلڪ تحقيق جو مطلب اهو آهي ته پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي نيون حقيقتون پڙهندڙن تائين پھچائجن. اهو معيار ذهن ۾ رکي عزيز جعفراڻي جي جنهن به ڪتاب جو مطالعو ڪري ڏسبو ته اسان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي ته پاڻ انھئَ لحاظ کان سٺي معيار تي آهي.


سندس هِي ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ انهن مقالن تي مشتمل آهي، جيڪي هو پنھنجي حياتئَ ۾ مختلف وقتن تي لکندو ۽ ڇپائيندو رهيو. هن ڪتاب ۾ علم، ادب، تاريخ، قديم آثار، ثقافت ۽ مختلف شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون آهن. انھن ۾ تمام گهڻا اهڙا موضوع آهن، جنهن تي اڳ ۾ يا ته لکيو ئي نه ويو آهي يا جيڪڏهن لکيو ويو آهي ته به بنھ گهٽ لکيو ويو آهي. ٺٽي جو علم، ادب، تاريخ، ٺٽي جي ماڻهن جو مختلف سياسي تحريڪن ۽ سرگرمين ۾ حصو يا ٺٽي جي جن علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو احوال جنهن نموني سان هن ڪتاب ۾ ملندو، شايد ئي ٻئي ڪنھن هنڌ ملي سگھي. بلڪه آئون ڀانيان ٿو ته ڪجھ اهڙا موضوع آهن جن تي هن انداز سان جامع مواد شايد ئي ڪٿي ملي سگھي.


سائين عزيز جعفراڻي جو هِي ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ 8 ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھرئين ڀاڱي ۾ 5 مضمون آهن، جن ۾ هر مضمون ڄڻ ته هڪ ڪتاب آهي. ٻيو ڀاڱو  ”شاھ لطيف“ تي آهي، جنهن ۾ شاھ لطيف جي مختلف رخن تي اهڙا آهن، جن ۾  ڪافي نيون حقيقتون پيش ڪيل آهن. هن ڀاڱي جي پھرئين مضمون ”شاھ سائين جا ٺٽي تان ڀيرا“ ۾ شاھ لطيف جي سفر، خاص ڪري شاھ لطيف جي گھري دوست مخدوم معين ٺٽوي ۽ شهيد شاھ عنايت جي حوالي سان ڪيتريو ئي دلچسپ حقيقتون ڏنيون ويون آهن. سندس مقالو ”شاھ لطيف ۽ رحمان بابا جي درميان فڪري هم آهنگي“ اهڙو مقالو آهي جيڪو نه رڳو سنڌي پڙهندڙن لاءِ اهم آهي پر جيڪڏهن اردو يا ٻئي ڪنھن ٻولئَ ۾ ترجمو ٿئي ته ڪر گهڻن پڙهندڙن لاءِ اهم ڄاڻ جووسيلو بڻجي پئي. ٿورن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته عزيز جعفراڻي پشتو ٻولئَ جو چڱو ڄاڻو هو، تنهن ڪري هو پشتو شاعري ترجمي جي شڪل ۾ نه پر سڌي طرح اصل پڙهي سگھندو هو. ان لحاظ کان به سندس هئُ مضمون پڙهڻ گھرجي. ٽئي ڀاڱي ۾ 16 تاريخي ۽ ادبي مضمون آهن. هن ڀاڱي ۾ ٺٽي ضلعي، خاص ڪري لاءِ سجاول واري علائقي جي علم، ادب، تاريخ ۽ قديم آثارن تي اهم مضمون آهن. هن ڀاڱي جي پھرئين مضمون ’سجاول جو علمي، ادبي جائزو‘ ۾ نه رڳو سجاول جي پر گڏوگڏ سجاول ۾ جيڪي به عالم، اديب مختلف پروگرامن ۾ ايندا رهندا هئا، انھن سٺي نموني سان ٿيل آهي. سندس مضمون ”سجاول جون لائبريريون“ هڪ اهم مضمون آهي. اهڙئَ طرح ’سجاول‘ ۽ ’چوهڙ‘ ٻئي تاريخي مضمون آهن، توڙي جو هنن ٻنهي مضمونن ۾ انهن شهرن جي مختصر ئي پر جامع تاريخ موجود آهي. ’ميرپور بٺوري جا ڪجھ آڳاٽا آثار‘ قديم آثارن جو احوال به آهي ته گڏوگڏ ماضي قريب جو سياسي ۽ سماجي احوال به سيبتائي سان ڏنل آهي. ’مغلبين عرف جاتي‘ توڙي ٽن صفحن تي مشتمل مضمون آهي، پر حقيقت ۾ هِي مضمون ڏاڍو ڪارائتو آهي، ٿو ته هن مختصر مضمون ۾ تمام گهڻيون حقيقتون ۽ انگ اکر ڏنل آهن. ائين جاتي تعلقي جو سرسري جائزو آهي. ’مگرڀين ۽ جاتي‘، ’سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ مگرڀين جڳھه آهي‘ ۽ ’ڪراچي ضلعي جو جاتي تعلقو: 1899ع ۾‘ اهڙا مضمون آهن، جيڪي ڄڻ ته انهن شھرن ۽ علائقن جي انسائيڪلوپيڊيا آهن. هن ئي ڀاڱي ۾ ’شاھ ڪپور عرف محمد طور‘، ’ڪيٽي بندر‘، ’لاڙ جا بندرگاھ‘ ٻئي مضمون سنڌ جي تجارتي تاريخ جي ڏس ۾ خاص مضمون آهن. سومرا دور قديم آثار ’نندڪوٽ جو تاريخي قلعو تحقيق جي ضرورت‘، تھذيب، تاريخ ۽ قديم آثارن جي حوالي سان اهم مضمون آهي. آخر ۾ ’سمن جي ڏينھن ۾ ٺٽي جو علمي عروج‘ هڪ اهڙو مقالو آهي جيڪو ڄڻ ته هڪ دور جي مختصر علمي تاريخ آهي. ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ ’سياسي مضمون‘ آهن، پر اهي سياسي تاريخ سان گڏ ٺٽي ضلعي جي سماجي تاريخ به آهن. پنجون ڀاڱو ’صحافتي مضمون‘ تي مشتمل آهي. ڇھون ڀاڱو ”خاڪن“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شامل چارئي خاڪا وري وري پڙهڻ جھڙا آهن. ستين ڀاڱي ۾ ’ڪتابن جا مھاڳ‘ آهن، جيڪي ليکڪ مختلف ڪتابن تي لکيا آهن. اٺين ۽ آخري ڀاڱي ۾ ٽي افسانا، جن ۾ ٻه طبعزاد ۽ هڪ ترجمو آهي. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ مختلف رنگ سمايل آهن.


هن ڪتاب ۾ توڙي جو ٺٽي ضلعي جي تاريخ، قديم آثار، جاگرافي، علم، ادب وغيره تي مضمون ۽ مقالا آهن، پر گڏوگڏ اهي سنڌ جي تاريخ جو هڪ باب آهن.


آئون پڪ سان چوان ٿو ته ٺٽي ضلعي جي تاريخ تي، جنهن به جڏهن تحقيق ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ سائين عزيز جي مقالن ۽ مضمونن جو هئُ ڪتاب تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي هر مضمون ۾ جامع نموني، مستند حوالن سان انگ اکر ۽ حقيقتون پيش ڪيل آهن. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سائين عزيز جنھن به موضوع تي لکيو آهي ته اُن تي واھ جو لکيو آهي.


سائين عزيز جعفراڻئَ جي مقالن جي هن ڪتاب جي سھيڙڻ ۽ ڇپائڻ تي آئون گهڻو سرهو آهيان. حقيقت ۾ هن ڪتاب جو مواد سھڻي نموني گڏ ڪري ڏيڻ ۾ سائين عزيز جعفراڻئَ جي لائق ۽ ادب دوست فرزند محترم فاروق جعفراڻئَ جي خاص ڪاوش رهي. ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري، سندس ڀاءُ مانواري شمس جعفراڻي صاحب به ڪتاب جي ڇپائئَ جي ڏس ۾ سھڻيون صلاحون ڏيندو رهيو. ثقافت کاتي جي وزير  مانواري سسئي پليجو صاحبه کي سنڌ جي ثقافت، علم، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان گھري دلچسپي رهي آهي. سائين عزيز جعفراڻيءَ جي هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ ۾ ته سندس خاص دلچسپي رهي.


سائين عزيز جو هئُ ڪتاب ’مقالات عزيز‘ مختلف وقتن تي لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ خاص ڪري ٺٽي ضلعي جا مختلف رنگ سمايل آهن. هتي قديم آثارن ۽ تاريخ جو تذڪرو به آهي، ته وري ٺٽي ضلعي ۽ سجاول جي ماڳن مڪانن، علمي، ادبي ماحول، لائبريرين، ۽ شخصيتن جو احوال به آهي. هيءَ حقيقت آهي ته هئُ ڪتاب گهڻ رخي ڄاڻ جو ذخيرو آهي.


ڪاش سنڌ ساڻيھه جا ٻيا محقق به جيڪڏهن سائين عزيز جعفراڻئَ وانگر پنھنجي پنھنجي ڳوٺ، شھر يا علائقي تي ايترو ۽ هھڙو علمي ۽ تاريخي ڪم ڪن ته هُوندَ سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق ترتيب ڏيڻ ۾ وڏي آساني ٿي پئي. انھئَ سلسلي ۾ عزيز جعفراڻي اسان لاءِ هڪ مثال آهي. آئون پڪ سان چوان ٿو ته هئُ تاريخ جو خوبصورت ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ پڙهندڙن لاءِ گهڻي ڄاڻ وسيلو ۽ دلچسپئَ جو سبب بڻبو.


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪراچي،
8 مارچ 2012
مقالاتِ عزيز، عزيز جعفراڻي، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ 2012ع

No comments:

Post a Comment