سنڌ جو بي مثال مورخ ۽ محقق: پير حسام الدين راشدي
(Pir
Hasam Ud Din Rashidi)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
قومون پنهنجي تهذيبن، ثقافتن، عظيم ڪردارن ۽ مثالي ماڻهن سان سڃاتيون وينديون
آهن. سنڌ جيڪي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن انهن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو نالو
بنهه نمايان آهي، جنهن دنيا ۾ سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، علم، ادب ۽ فن کي
متعارف ڪرائڻ ۾ هڪ مثالي تحقيقي ڪم ڪيو. هو هڪ بي مثال مورخ، محقق ۽ سنڌ شناس هو.
راشدي صاحب جهڙا تاريخدان ۽ محقق بنيادي طور وطن ۽ قوم جو اثاثو هوندا آهن ۽ اُن ۾
ڪوبه شڪ نه آهي ته راشدي صاحب سنڌ جو هڪ قومي اثاثو آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي، تعلقي رتيديري جي بهمڻ ڳوٺ ۾ 20 سيپٽمبر
1911ع تي راشدي خاندان ۾ جنم وٺندڙ پير حسام الدين
راشدي صحافت ۽ ادبي زندگيءَ جي شروعات هڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪئي. پهريائين
1926ع ۾ “جاڳڻ” اخبار جو نمائيندو مقرر ٿيو. 1929ع ڌاري هڪ رسالي “المنار” جو
ايڊيٽر ۽ ماهوار اخبار ”پيغام“ جو نمائيندو به رهيو. 1930ع ۾ ”سنڌ زميندار“ اخبار
جو ساٿي ايڊيٽر طور ۽ پنهنجي ڀاءُ علي محمد راشدي جي رسالي ”الراشد“ ۾ به ڪم
ڪيائين. 1930ع کان 1934ع تائين “سنڌ زميندار” جو ۽ 1934ع کان 1937ع تائين “ستاره
سنڌ” اخبار جو ايڊيٽر رهيو. مشهور اخبار ”الوحيد“، ”قرباني“ ۽ ٻين اخبارن ۾ به ڪم
ڪيائين. 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافت ۾ سرگرم رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان
پوءِ سياست، صحافت ۽ زمينداري کي ڇڏي مستقل طور ڪراچي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽
اُتي باقاعدي تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جوڪم شروع ڪيو جيڪو آخري ڄمار تائين ڪندو رهيو.
پير صاحب سنڌ جي تاريخ تي بي مثال تحقيقي ڪم ڪيو. آڳاٽي دور ۾ ڌارين حاڪمن
پاران سنڌ جا تاريخي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکايل آهن جن ۾ درٻاري ليکڪن پاران آڳاٽي دور
۾ بادشاهن، انهن جي وزيرن، گورنرن ۽ نوابن جي رڳو خوشامد ۽ ساراھ ڪيل آهي، پير صاحب اُن تاريخ تان ڪوڙ ۽ چاپلوسي جي
لٽ لاهي اُن کي سچ ۽ انصاف سان اُجاري اسان
اڳيان پيش ڪئي. ايئن هن سنڌ جي نئين، اصل ۽ درست تاريخ لکي سنڌ کي هڪ خاص سڃاڻپ
ڏني. پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ تي جيڪو تحقيقي ڪم آهي سو سندس عظمت جو
گواھ آهي. هن تاريخ نويسيءَ جي فن عبارت ۽ لکت جي انداز ۽ طريقن ۾ هڪ نئون ڍنگ ۽
سج جي پهرين ڪرڻن تي ٽڙندڙ گلن جهڙو رنگ پيدا ڪيو. هن وڏي محنت ۽ محبت سان سنڌ جي
تاريخ جي ورق ورق کي سنڌوءَ جي پاڪ پاڻيءَ سان چمڪائي منجھن سج جي پهرين ڪرڻن جي
روشني سمائي. ڌارين پاران سنڌ جي تاريخ تي وڌل ڪوڙين ڪهاڻين جي لٽ لاهي اُن کي اصل
حقيقتن، واقعن ۽ لقائن کي سچ جي سونهن سان سينگاري پيش ڪيو.
راشدي صاحب گھڻو ڪري سنڌ جي تاريخي مسودن کي ايڊٽ ڪيو پر هن رواجي انداز کان
هٽي ايڊٽنگ جو اعليٰ معيار اختيار ڪيو. ايڊٽنگ جي ان اعليٰ معيار ئي کيس مڙني
محققن ۽ مورخن کان منفرد ۽ مانائتي حيثيت جو مالڪ بڻايو. مسودو ايڊٽ ڪندي جتي به
ڪنهن ماڳ، مقان يا شخصيت جو ذڪر آيو آهي يا ڪنهن واقعي جو احوال درج ٿيل آهي ته
پير صاحب ان تي تحقيق ڪري پنهنجي لکيل حاشيي يا نوٽ ۾ ان جو درست ۽ سربستو احوال
اهڙي ڀرپور نموني سان ڏنو آهي جو پرهندڙ کي باقي ڪنهن به حوالي جي ضرورت نٿي رهي.
ان سلسلي ۾ هتي آئون فقط هڪ اڌ ننڍڙو مثال ڏيندس. مثال طور، “مڪلي نامي” ۾ جتي ڄام
تماچي ۽ ڄام نضام الدين جو ذڪر آيل آهي ته هن اتي پنهنجي حاشين ۾ انهن جو جامع
احوال ڏنو آهي. ساڳي ڪتاب ۾ جتي ترخانن جو ذڪر آيل آهي ته پاڻ تحقيق ڪري پنهنجي
حاشيي ۾ سندن مڪمل تاريخ پيش ڪئي آهي. جتي خسرو خان چرڪس جو نالو آيو آهي ته پير
صاحب اتي ان جو حاشيي ۾ مفصل احوال ڏيئي خسرو خان تي هڪ معياري تحقيق ڪئي آهي.
ائين ماڳن ۾ مڪليءَ جو احوال راشدي صاحب پنهنجي پاران لکيل حاشيي يا ضميمي ۾ جيڪو
ڏنو آهي ان جهڙو تاريخي مواد اسان کي ٻيو ڪٿي به نٿو ملي. ڪالڪان ۽ ڪلان ڪوٽ جو
جيڪو احوال حاشيي ۾ ڏنل آهي سو اسان لاءِ هڪ بنيادي تاريخي ماخذ آهي. اهڙي ريت
سندس تحقيقي انداز ۽ معيار ٻين ايڊٽ ڪيل ڪتابن جي هر ورق تي ملندو. اهو “مقالات
الشعرا” هجي، “تحفت الڪرام” هجي، “تاريخِ مظهر شاهجاني” هجي يا ڪو ٻيو ڪتاب هجي.
ظاهر آهي ته سندس تحقيقي ڪتابن جو معيار به اهڙوئي اعليٰ آهي. مثال طور “تذڪره
اميرخاني” تحقيق ڪتاب لکندي جتي پاڻ اورنگا بندر جو ذڪر ڪيو اٿس ته اتي ئي پنهنجي
حاشيي ۾ جيڪو راشدي صاحب اورنگا بندر جو احوال ڏنو آهي، منهنجي خيال ۾ اورنگا بندر
جو اهڙو احوال ٻئي ڪنهن به ڪتاب م نٿو ملي.
سندس سنڌي نثر به ڪمال جو آهي. نج سنڌي محاورا، اصطلاح، ترڪيبون، تشبيهون،
استعارا ۽ نج مقامي رنگ سندس سٽ سٽ ۾ چمڪندي نظر
ايندو. پير صاحب جو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ کي پڙهي اهڙو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
سندس اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ سماجي ۽ ثقافتي تاريخ آهي. سڄو ڪتاب اهڙي ته سادي، دلچسپ
۽ وڻندڙ لهجي ۾ لکيل آهي جو هر ٽهي ۽ هر طبقي جو ماڻهو پڙهي ۽ منجهائنس لاڀ حاصل
ڪري سگهي ٿو.
پير صاحب فارسيءَ جو به وڏو ڄاڻو ۽ محقق هو. هن فارسيءَ جو نه رڳو سنڌ ۾
تحقيقي ڪم ڪيو پر فارسي ٻولي ۽ ادب جي پڻ تمام گهڻي خدمت ڪيائين. اهڙي مڃتا طور
ايران پاران کيس 1965ع ۾ ادب جو قومي اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ جو تمغو ڏنو ويو
۽ تهران يونيورسٽي پاران کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني ويئي.
راشدي صاحب سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي جوڙڻ ۽ ترقي وٺرائڻ
لاءِ به بيمثال ڪوششون ڪيون. سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻيا ادارا
سندس اعلي رهنمائي جو ثبوت آهن.
انهن علمي ۽ ادبي ادارن جي هن عشق سان خدمت ڪئي. ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن جو
ميمبر به رهيو. 1951ع ۾ جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نئين جوڙجڪ ٿي ته ان بورڊ جو
ميمبر بڻيو ۽ آخر تائين رهيو. 1957ع ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ ٿيو. 1949ع
کان آخر تائين لياقت نيشنل لائبريريءَ جي صلاحڪاري ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1958ع ۾
سرڪار نيشنل ميوزيم ٺاهڻ لاءِ جيڪا ڪميٽيءَ جوڙي اُن جو به ميمبر مقرر ٿيو. 1962ع
۾ اردو ڊولپمينٽ بورڊ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1957ع کان ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي
اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1957ع کان 1958ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽ جو
ميمبر رهيو. 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو به ميمبر ٿيو. 1963ع کان
پنجاب يونيورسٽي لاهور جي ريسرچ سوسائيٽي آف پاڪستان جو ميمبر رهيو.
راشدي صاحب جي لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار، سنڌ جي تاريخ، تهذيب،
ثقافت، فن، علم ۽ ادب جون حسناڪيون ملنديون. سندس جنهن به ڪتاب، مقالي يا مضمون کي
پڙهي ڏسبو ته اها انهن شين سان مالامال نظر ايندي. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان جنم
وٺندڙ پير حسام الدين راشدي سنڌ سڄڻ، قوم ۽ انسان دوست ۽ هڪ امن پسند روح هو. هن
سنڌ ۾ تاريخ پڙهڻ ۽ جديد نموني سان تاريخ لکڻ جي امامت ڪئي.
توڙي جو هو هڪ تاريخدان، محقق ۽ مورخ هو پر هن علم ۽ ادب جي جنهن به صنف تي
قلم کنيو ته ان کي امر ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو هن جا ڪي مضمون اهڙا به پڙهڻ لاءِ
ملن ٿا جن ۾ هو هڪ سياسي ساڃاھ رکندڙ مفڪر ۽ سماجي سائنسدان طور نظر ايندو جيڪو
سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي به گهري نظر رکندڙ هو ۽ ان سلسلي ۾ هو پنهنجي لکڻين
۾ هڪ خاص سوچ فڪر ۽ پيغام ڏيندي سامهون ايندو. هن پنهنجي لکڻين وسيلي سگهاري ۽
ترقي پسند فڪر ۽ خيال جي وسعتن کي به سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو.
پير حسام الدين راشدي دنيا جو مڃيل مورخ، تاريخدان، عالم ۽ دانشور هو. سندس
علم ۽ دانش جي نه رڳو هن ملڪ ۾ پر سڄي دنيا ۾
هاڪ رهي آهي. کيس هندستان، ايران، عراق، برطانيه، آمريڪا، آسٽريليا، روس،
افغانستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پڙهيو ۽ وڏي احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. دنيا
جي هر ملڪ جو عالم ۽ اديب سندس احترام ڪندو هو ۽ ساڻس صحبت کي فخر سمجهندو هو. هن
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي پاڪستان پاران
موڪليل وفدن جي سربراهي ۽ نمائيندگي ڪئي. 1965ع ۾ کيس پاڪ _روس ڪلچرل ايسوسيئشن جو
نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد سان چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاھ
ايران پاران پهلوي ڪتبخاني تحت ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي بين الاقوامي اجلاس ۾ به
کيس سڏايو ويو. ساڳئين سال افغانستان ۾ وڃي سنڌ ۽ افغانستان جي گڏيل تاريخ تي
شاهڪار ڪم ڪيائين.
راشدي صاحب جي سياحت سان به خاص دلچسپي هئي. ڪتبخانا، ميوزيم ۽ تاريخي جايون
ڏسڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. 1932ع ۾ عراق، مصر، لنڊن، شام ۽ برطانيه جو سير
ڪيائين. 1956ع ۾ ٻيهر بغداد، شام ۽ لبنان ويو. 1958ع ۾ افغانستان ويو. 1958ع کان
1962ع تائين فلپائن ۾ رهيو جتي سندس ڀاءُ علي محمد راشدي پاڪستان جو سفير هو.
1964ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران کيس روس ۾ علمي تحقيق لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ
ڪانگ ۾ رهيو. اُن کان پوءِ به ايران، روس، چين، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جا سرڪاري
توڙي خانگي دورا ڪيائين. راشدي صاحب جي
شاهڪار ذاتي لائبريري جنهن ۾ تمام گهڻا قيمتي ڪتاب ۽ ناياب قلمي نسخا موجود هئا سا
سندس آخري ڄمار ۾ سنڌ يونيورسٽي خريد ڪري ورتي جيڪا ڪن سببن جي ڪري قائد اعظم
يونيورسٽي جي ملڪيت ٿي ويئي. سندس باقي بچيل ڪتابن جو ذخيرو پاڻ سنڌالاجي جي حوالي
ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئائين جتي انهن ڪتابن سان گڏ سندس ذاتي استعمال جون ٻيون به
ڪيتريون شيون رکيون ويون آهن.
آخري عمر ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهندي پهرين اپريل 1982ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
سندس وصيت هئي ته کيس وفات کانپوءِ مخدوم معين ٺٽويءَ جي مزار جي احاطي ۾ رکيو وڃي
پر پر ايئن ٿي نه سگھيو ۽ کيس مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. هتي
سندس ڀر ۾ مشهور محقق ڊاڪٽر اين ميري شمل جي علامتي قبر به موجود آهي. ڇاڪاڻ ته
ڊاڪٽر اين ميري شمل جي به وصيت هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس راشدي صاحب جي ڀر ۾ رکيو
وڃي، پر ڪن سببب جي ڪري ايئن نه ٿي سگهيو.
راشدي صاحب کي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ سان عشق هو. گڏوگڏ هو سدائين سنڌ کي سرسبز ۽
خوشحال ڏسڻ جي تمنا رکندو هو. سنڌ جي نئين نسل مان سدائين کوڙ اُميدون رکندڙ راشدي
صاحب نوجوانن جي هر وقت رهنمائي ۽ همت افزائي ڪندو رهندو هو. هو چوندو هو ته ”سنڌ
جا نوجوان ئي نه صرف سياست ۾ سنڌ جا حق حاصل ڪن پر ادب ۽ تاريخ ۾ به اعتماد ۽ کليل
ذهن سان سنڌ جي سموري سرمائي کي نون فڪري ۽ سائنسي رجحانن سان مالامال ڪن.“ هو وڏي
ڄمار ۾ به چوندو هو ته ”نوجوانن ۽ نئين نسل سان گڏجي ۽ ڪچهري ڪري مان پاڻ کي
نوجوان محسوس ڪندو آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو اٿم.“
راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ تي ڪتابن کانسواءِ سنڌ جي ناليوارين شخصيتن ۽ سنڌ جي
علمي خاندانن تي جيڪي شاهڪار مقالا لکيا. انهن مقالن ۾ ”شاھ شهيد جا سوانحي ماخذ“،
”ڄام نظام الدين سمون“، ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد مير علي شير قانع ٺٽوي”، مزا غازي بيگ ترخان“، ۽ ٻيا سوانحي
تحقيق جو اعلي مثال آهن. پاڻ جيڪي سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ تي مقالا لکيائين سي به
سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ ۽ خزانو آهن، جن ۾ ”ڪچي جو سير“، ”منصوره جي تاريخ جو هڪ
باب“، ”ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو“، ”ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي، “سنڌ جي ٽالپر
حڪمرانن جون مهرون” “سنڌ ۾ يوناني طب“، ”ڏهين صديءَ هجريءَ جي سنڌ“، ”سنڌ جي تاريخ
جا چند واقعا“، سنڌي زبان جا قديم شاعر“، اردو ٻوليءَ جو مولد... سنڌ“، “سنڌ جي
هندن جو فارسي ادب ۾ حصو“، سنڌ جي تاريخ جا ماخذ“، ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو
جائزو“ ۽ ٻيا ڪيترائي مقالا سنڌ جي هر ايندڙ نسل جي محققن جي رهنمائي ڪندا رهندا.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته پير حسام الدين راشدي هڪ اهڙو محقق ۽ مورخ هو جنهن پنهنجي
زندگيءَ ۾ شاهڪار تاريخي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا. سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي قديم ۽
اهم ماخذ گهڻي محنت سان مرتب ڪري انهن تي جديد انداز سان تحقيق ڪري تمام معياري ۽ تاريخي حاشيا ۽ وضاحتي نوٽ لکي شايع
ڪرايا. انهن ڪتابن ۾ هي ڪتاب گهڻو مشهور
آهن جن ۾ ”اسلامي ڪتبخانا“ (ترجمو: 1939ع)، ”سنڌي ادب“ (اردو ۾: 1952ع)، ”مهراڻ جو
موجون“ (نئين زندگي ۾ ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شعرن جي چونڊ: 1956ع)، ”مثنوي چنيسر
نامه“ (ايڊٽ: 1957ع)، ”مثنوي مظهرالآثار“ (ايڊٽ: 1957)، ”مڪلي نامو“ (ايڊٽ:
1956_1957ع)، ”مقالات الشعرا“ (ايڊٽ: 1958ع)، ”تذڪره اميرخاني“ (تحقيق: 1961ع)
”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (ايڊٽ: 1962ع)، ”هشت بهشت“ (ايڊٽ: 1963ع)، ”منشورالوصيت و
دستورالحڪومت“ (ايڊٽ: 1964ع)، ”ترخان نامه“ (ايڊٽ : 1964ع)، ”ماڪ ڀنا رابيل“ (نئين
زندگي ۾ ڇپيل مضمون ۽ مقالا)، ”مرزا عيسي خان ترخان“ (تحقيق: 1967ع)، ”حديقته
الاوليا“ (ايڊٽ: 1967ع) ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ چار جلد (تحقيق: 1967_ 1968ع)، ”مرزا
غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزمِ ادب“ (اردو تحقيق: 1970ع) ”تحفته الڪرام“ (ايڊٽ:
1971ع)، ”تذڪره مشاهير سيوستان“ (ايڊٽ: 1974ع)، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ (1977ع)، ”مير
معصوم بکري“ (تحقيق: 1979ع) ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ (مقالا ۽ مضمون: 1981ع)، ”تذڪره
رياض العارفين“ (ايڊٽ: 1977ع). ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي مقالا لکيائين ۽ ڪيئي
ڪتاب ايڊٽ ڪيائين جيڪي تحقيقي لحاظ کان هڪ اعلي نمونو آهن.
تاريخ: 28 مارچ 2014ع
تمام بهترين آرٽيڪل
ReplyDelete