Monday, June 1, 2020

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ، چاڪر خان جوکيو (Chakar Khan Jokhio)

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ،
چاڪر خان جوکيو
(Chakar Khan Jokhio)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
             
سنڌ جن پنھنجي سورهيه سپوت پٽن تي فخر محسوس ڪري ٿي، انھن مان چاڪر خان به آهي. سنڌ ساڻيھه جو هن سورهيه، پھلوان، ارڏي ۽ غيرتمند پٽ اندازي موجب اوڻهين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ سنڌ جي (قديم) جوکيا قبيلي جي شخص دوست علي جوکيي جي گهر ۾ جنم ورتو. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جڏهن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، تڏهن سندس عمر لڳ ڀڳ ٽيھارو کن سال مس هوندي. ان زماني ۾ انگريزن سان سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا. انهن بيشمار ڌرتيءَ جي حلالي پٽن ۾ چاڪر خان جو نالو نمايان ۽ اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.


انگريزن پھريائين دوستيءَ ۽ واپار جا بھانا ۽ ڪوڙا وعدا وچن (لکت ۾) ڪري، جڏهن سنڌ ساڻيھه تي قبضو ڪرڻ لاءِ جنگ ڪرڻ شروع ڪئي، تڏھن سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙي مزاحمت ڪري رهي هئي. پر انگريز دغا ۽ چالاڪيءَ سان گهڻو اڳتي وڌي چڪو هو. اُن وقت مياڻيءَ جي جنگ بعد سنڌ جي حاڪم ميرن جي قيد ٿي وڃڻ کان پوءِ به جيڪي ماڻهو ۽ قبيلا سر تريءَ تي رکي پنھنجي ڪٽنبن ۽ ڪڙمن سان ساڻن جنگ جاري رکندا آيا، تن ۾ خاص ڪري  ڪراچي ۽ ٺٽي وارن علائقن ۾ڪلمتي، جوکيا، نومڙيا ۽ ڇٽا قبيلا اڳيان اڳيان هئا. افسوس جو انگريزن سان سندن ان جنگ جي تاريخ اسان وٽ اڃا لکي ئي نه ويئي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ساڻيهه تي ڌارين جون ڪاهون، حملا ۽ قبضا آڳاٽي زماني کان ٿيندا رهيا آهن، انهن ۾ نه رڳو سنڌي ماڻهن جو قتل عام ٿيندو رهيو آهي، پر ملڪ جي معاشيات، تهذيب ۽ تمدن به تباهه ٿيندي رهي آهي. گڏوگڏ تاريخ به تباهه ٿيندي يا ڪئي ويندي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سڀئي قبضي ڪندڙ اصل تاريخ کي تباهه ۽ مسخ ڪري ان جي جاءِ تي وري پنهنجي مرضيءَ جي تاريخ لکرائيندا رهيا  آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسين پنهنجي اصل تاريخ پڙهي نه سگهيا آهيون، ويتر اُن جي بدران ڌارين جي جوڙايل اُها تاريخ پڙهندا رهيا آهون، جنهن تاريخ ۾ ڏيهي ماڻهن خلاف گلائون، بدگمانيون، ڪوڙ ۽ من گهڙت ڳالهيون موجود آهن. ائين ئي انگريزن جي دور متعلق تاريخ به اسان کي سندن ئي هٿ لکيل يا سندن منشين ۽ گمائشن کان لکايل تاريخ مان ملي آهي. اها تاريخ نيپئر جي لکيل هجي يا نائونمل جي يا ڪن ٻين انگريزن ۽ سندن حوارين جي لکيل هجي. ان ۾ حقيقتن کي گهڻو لڪايو يا ٽوڙيو مروڙيو ويو آهي، تنهن هوندي به سچ جو سج کاري هيٺان لڪي ڪونه سگهيو آهي. سو سندن تاريخي ڪتابن کي ئي ٿورو غور سان پڙهي ڏسو ته به گهڻيون ئي حقيقتون پڌريون ٿي پونديون. هيءَ به حقيقت آهي ته تاريخ ۾ سنڌي ماڻهن ڪڏهن به ڪنهن ملڪ تي هلان ڪري حملو نه ڪيو آهي، پر جڏهن به سنڌ تي ڪنهن بد نظر رکي ۽ پنھنجا ناپاڪ قدم رکيا آهن يا حملو ڪيو آهي، تڏهن سنڌي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ ننگن جي تحفظ لاءِ جيڪا جنگ ڪئي آهي، تن جا مثال به تاريخن ۾ موجود  آهن. تڏهن هنن محبوب جي ڀاڪرن بدران آرڻ کي اُرهه ڏنو آهي، تڏهن سندن هٿ پرينءَ جي وارن ۾ ڦيرڻ بدران پنهنجي محبوب وطن جي بچاءَ لاءِ وڌيا آهن. تڏهن هنن هڪ نه پر لکين سنڌي نياڻين جي سينڌ جي سندور جي ساک بچائڻ لاءِ پنھنجا سينا پساھه آڇيا آهن ۽ سنڌڙيءَ جي سڏ تي لبيڪ چيو آهي. تڏهن سندن قدم پنهنجي وطن جي آزاديءَ جي بچاءَ ۽ بقا جي جونجهارڪي واٽ تي وڌيا آهن.


(مقالي تان کنيل هڪ ٽڪرو)


No comments:

Post a Comment