Thursday, April 30, 2020

جنھن ڏس ڏنا ڏاھپ جا (محمد ابراهيم جويو- Muhammad Ibrahim Joyo)

جنھن ڏس ڏنا ڏاھپ جا (محمد ابراهيم جويو)

Muhammad Ibrahim Joyo



ڊاڪٽر محمد علي مانجھي



دنيا جي ھر قوم، ملڪ ۽ علائقي ۾ ھميشه ڪي غير معمولي انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن. جن اُتي جي ملڪ ۽ قوم تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آھن، جن انھن ملڪن ۽ قومن جون ڪايائون تبديل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آھي. ھر قوم ۾ اھڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن، جو جن جي نالي وٺڻ سان ئي انھن قومن جي ھر فرد جا فخر مان ڳاٽ اوچا ٿيندا رھيا آھن ۽ قوم جي ھر فرد جي دلين ۾ مھانتا جا احساس اُڀرندا رھيا آھن. ھر قوم ۾ اھڙا سرجڻھار، سچار ۽ ڏاھا پيدا  ٿيا آھن جن انھن قومن جي تھذيب ۽ تمدن جي اوسر ۾ وڏي مدد ڪئي آھي. ھنن وقت جي رفتار کان به اڳتي وڌي پنھنجا ھٿ ونڊايا آھن. جن قومن جي بقا، سلامتي، سرھائي ۽ سکيائي لاءِ ته پاڻ پتوڙيو آھي پر قوم جي انساني ذھن جي ارتقا جي اوسر لاءِ پنھنجي ڏاھپ ۽ دانائئَ وسيلي وڏي جاکوڙ ڪئي آھي. جن قومن جي شعور جي ارتقا جا ڏاڪا چڙهڻ لاءِ فردن جي چيچ مان جھلي مٿي چاڙھيو آھي. جن قوم ۽ ڌرتي جي خوشحالي، امن، آجپي، ٻولئَ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندي پنھنجون ڄمارون ارپي ڇڏيون آھن.


اھڙن ئي ڏاھن مان سنڌ ملڪ جو ڏاھو سائين ابراھيم جويو به ھڪ آھي. جنھن جو نالو وٺڻ سان ئي سچ پچ ته فخر مان اسان جا ڳاٽ بنھ اوچا ٿي وڃن ٿا. جنھن سنڌ ملڪ جي سلامتي، بقا، آجپي ۽ سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ ذھني ارتقا لاءِ لڳ ڀڳ ھڪ صدي جاکوڙيندي گھاري ڇڏي آھي. ھو اُنھئَ طويل عرصي/سفر ۾ نه ٿڪو ۽ ٽٽو آھي ۽ نه ئي ڪڏھن مايوس ٿيو آھي. هو ھميشه ئي پراميد رهيو آهي هو سدائين اُميدن جا انبار کڻي اڳتي وڌيو آھي.


کرڪڻا لاھي، سُک نه سُتا ڪڏھين،اوسيئڙو آھي، کاھوڙين کي پنڌ جو.

                                                                      (شاھ)
جويو صاحب سنڌ ملڪ جو اھو عظيم ڏاھو آھي، جنھن جو سنڌي قوم جي ذھني ارتقا ۾ ھڪ وڏو حصو رھيو آھي. جنھن کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگھي. ھن لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان مٿي سنڌي ماڻھن جي نسلن جي شعور جي واڌاري لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي. ھن سمورا لاڳاپا لاھي پنھنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ فڪر ۽ ذڪر ڪيو آھي ۽ پڻ  سدائين جاکوڙيو آھي.

سنڌ ملڪ جيڪو بنھ گھڻن سالن کان وڏي اُٿل پٿل جو شڪار رھيو آھي. ڊگھي عرصي کان سنڌ جا ماڻھو گھڻن دردن، عذابن، ايذائن، مونجھارن ۽ مصيبتن مان گذرندا رھيا آھن. وقتن وڏا ڦيرا کائي ھتي جي سٻاجھن ماڻھن کي ڏاڍو گھايو آھي. مسلسل اھڙي اوکي وقت ۾ محمد ابراھيم جويو پنھنجي قوم کي ھڪ رھبر ۽ ڏاھي جي حيثيت سان ڏاھپ جا ڏس ڏيندو رھيو آھي. اھو وقت ورھاڱي کان اڳ جو ھجي يا ورھاڱي وارو وڍ ڏيندڙ ھجي، ورھاڱي کان پوءِ وارو وڇوڙي جو وقت ھجي يا پاڻ سنڀالڻ وارو ھجي. اھو ون يونٽ وارو قهري وقت ھجي يا پنھنجي ديس ۾ پنھنجي ٻولئَ لاءِ ڪُسجڻ جو ھجي، اھو وقت سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ذھنن کي تنزلئَ ڏانھن ڌڪيندڙ مشھور ڊڪٽيٽر ۽ قاتل جنرل ضياءَ جو ھجي يا سدا سائي ۽ سُرھي سنڌؤَ کي سڪائڻ لاءِ ھر سٽ سٽڻ جو ھجي، اھو وقت پنھنجن ئي شھرن ۾ نڌڻڪائئَ  جو ھجي يا پنھنجي ٻولئَ جي بقا جو ھجي، محمد ابراھيم جويو آيل ھر مھل ۽ موقعي تي نه رڳو ڌرتيءَ، قوم ۽ ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن پر ظالم سان مھاڏو اٽڪائيندي تحرير ۽ تقرير کان ڪم وٺندي  هڪ اهم محاذ سنڀاليندو رھيو آھي گڏوگڏ ھئُ سنڌي قوم جي ھر وقت رھبري به ڪندو رھيو آھي. سائين ابراهيم جويو ھر مھل تي سنڌي ماڻھن جي اگھائئَ جو وڏو ويڄ بڻيو آھي ۽ سنڌ جي ڦٽن تي پھا بڻجندو رھيو آھي. تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته جويي صاحب پنھنجي سڄي حياتئَ جو ھر پل اعلى مقصد سان گذاريو آھي. اھو مقصد سنڌ جي سلامتي، خوشحالي، آجپي، آجائي ۽ ارتقا جا ڏاڪا طئي ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آھي.
سائين جويو صاحب انھن عظيم ڏاھن مان آھي، جن کي قومن تي ايندڙ ڏکئي وقت جي گھڻو اڳ ۾ خبر پئجي ويندي آھي. کيس ايڏو ته پنھنجي قوم سان گھرو لڳاءُ ۽ وقت جي سڃاڻپ آهي جو ھو ٿيڻئَ کي اڳ ۾ ئي پروڙي ٿو وٺي ته ھاڻي يا سڀاڻي ڇا ڇا ٿيڻ وارو آھي. ڇاڪاڻ ته ھن وقت جي نبض کي بنھ گھرائئَ سان ڏٺو آھي. اهو ئي سبب آهي جو ھو بنھ گھڻو دور انديش رهيو آھي ۽ اھوئي سبب آھي جو ورھاڱي کان به اڳ ۾ جڏھن ھن ايندڙ ڏکئي وقت اچڻ کي معلوم ڪري ورتو ھو ته پاڻ نه رڳو تقريرون ڪندي قوم کي آگاھ ڪيو ھو پر ڪيئي مضمون تحرير ڪري ماڻھن کي محبت سان رھڻ لاءِ منٿون ڪيون. پر افسوس جو لوڪ سندس ڳالهيون نه سمجھيون يا سمجھندي به انهن تي عمل نه ڪيو. انھئَ کان پوءِ ورھاڱي واري وقت به ھن گھڻو ڪجھ محسوس ڪيو ھو جيڪو تمام گھڻن نالي وارن به محسوس ئي نه ڪيو ھو. جڏھن اڃان تائين ماڻھو رُڃ پويان ڊوڙي رھيا ھئا تڏھن ھن دور انديش داناءُ  Save The Sindh Save The Sub Continent ڪتاب لکي ڌرتئَ جو فرض ادا ڪيو. ھئُ اھو سرجڻھار آھي، جنھن رڳو ڪي ڪاڳر ڪارا ڪري، سکڻيون صنفون تخليق ڪونه ڪيون آھن پر ھن ته سنڌي قوم جي ڪيترن ئي نسلن جا ذھن تخليق ڪيا آھن. گڏوگڏ  ھن انسانيت جا اعلى گڻ تخليق ڪيا آھن. ھن ڪيترن ئي نسلن تي پنھنجي سچن، سگھارن ۽ صبح جي سج جي ڪرڻن جھڙن روشن اثرن جي ڇاپ ڇڏي آھي. انھن سياستدانن، عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن، تعليمدانن مان ڪھڙن ڪھڙن جا نانءُ کڻجن جن جي هن فڪري آبياري ڪئي آهي. ايتري قدر جو سنڌ ملڪ جي بنھ وڏي شاعر شيخ اياز تي به سندس گھڻو اثر رھيو. جنھن جو ذڪر پاڻ ئي شيخ اياز ڪندي لکي ٿو ته: ”ابراھيم سان منھنجي پھرين ملاقات حشؤَ کان به اڳ سال ۱۹۴۴ع ۾، منھنجي دوست جمال صديقئَ ڪرائي ھئي، جڏھن مان ڪراچئَ ۾ بي اي ۽ پڙھندو ھوس. ان وقت ابراھيم سنڌ مدرسي ۾ ماستر ھو ۽ بندر روڊ تي سعيد منزل جي ھڪ فليٽ ۾ رھندو ھو. ابراھيم مونکي پھريون ٿنڪرس لائبريرئَ جا ڪتاب Martrydom of Man وغيره پڙھڻ لاءِ ڏنا ھئا. جيڪي مون نھايت دلچسپئَ سان پڙھيا ھئا. انھن مان ھڪ ڪتاب 'Illusion of National Character'' ڏٺو جنهن جو مون تي گھرو اثر ٿيو.......مان پنھنجا نظم ٻڌائيندو ھوس پر ھن کي انھن ۾ حد کان وڌيڪ فارسي لفظ پسند نه ايندا ھئا. او باغي او راج دروھي ۾ ڪم آندل ٻولي ابراھيم جي صحبت جو اثر ھئي. ابراھيم سان جڏھن مان گھرو ٿيو ھوس، تڏھن ھن مون کي ايم اين راءِ جا ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏنا ھئا. انھن مان ٻه ٽي ڪتاب مون اڳ ئي پڙھيا ھئا. ابراھيم جويو مون کي ڀارت جي ھفتيوار اخبار آزاد ھندستان جا شمارا به پڙھڻ لاءِ ڏنا ھئا. ”ابراھيم جويي مون لاءِ ھڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا ھئا. پراڻي دنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊھي ڍير ٿي پيا ھئا ۽ مون لاءِ ماضئَ جي ھر زنجير کي ڇني اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو ھو. منھنجي ۽ ھن جي دوستي رومئَ ۽ شمس تبريز واري ھئي. جنھن رومئَ جي ڪتابن تي نگاھ وڌي ھئي ته انھن ۾ آڳ لڳي وئي ھئي.“ (ساھيوال جيل جي ڊائري نيو فيلڊس پبليڪيشن 1992ع ص 174).

هو هر ميدان تي هر نموني سان گھڻي وقت کان سنڌ جي ھر نئين نسل جي تربيت ۽ رھبري به ڪندو رھيو آھي. ترجمي جي دنيا ۾ ھن نه رڳو ڪتابن جي بھترين ۽ معياري چونڊ ڪئي پر ترجمي جي فن کي ايترو ته مٿاھين معيار تي پھچايو جو سندس ترجما ڄڻ ته ڪو اصلوڪا شاھڪار لڳن ٿا. سندس ترجمن ۾ اسٽيفن زويگ جو ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ جارج پوليندر جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ اليگزينڊر جو ڪتاب ”فرينچ انقلاب“ پائلو فراري جو ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ پلاٽين جو ”ٻارن جو مسيح“ برٽالٽ بريخت جو ڪتاب ”گليلو“ ھاروڊ موئر جو ڪتاب ”وحشي جيوت جا نشان“ ۽ جي ايم مھڪرئَ جو ”مھڪرئَ جا مضمون“ ۽ ٻيا ڪيترائي ترجما علم، ادب، فلسفي ۽ فڪر جا شاھڪار آھن. علمي ڄاڻ، ڏاھپ ۽ فڪري بلندئَ جي جھلڪ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن، ڪتابن سان گڏوگڏ مختلف ڪتابن تي لکيل مھاڳن تنقيدي نوٽن ۽ تقريرن مان پسي سگھجي ٿي. سندس شاهڪار ڪتاب  ”شاھ سچل سامي“ نه رڳو بھترين قسم جي تحقيق آھي پر انھئَ ڪتاب ۾ جويي صاحب فڪري لحاظ سان شاعرن جي دور ۽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ سمايل ھڪ سگھاري ۽ درست رخ کي سمجھايو آھي.

      سنڌ تي آيل بدترين دور اسي واري ڏھاڪي جي شروع ۾ جڏھن آئون پھريون ڀيرو ساڻس ملڻ ويس ۽ وٽس وڃي ڏٺم ته ھو ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾ جنھن پلنگ تي ليٽيل ھو، اُتي به ڪيئي ڪتاب ۽ ڪاغذ وغيره پکڙيل ھئا. مختصر تعارف کان پوءِ مون کان سوال ڪيائين ته ”ڇا توھان استاد آھيو؟“

وراڻيم: ”جي سائين.“

پڇيائين ته: ”توھان منھنجا ترجما وغيره ڪي پڙھيا آھن؟“

چيم: ”ھا سائين! مون توھان جي ڪتابن مان ڪلاسڪ نوعيت جو روسو جو ڪتاب ”ايملي عرف تعليم“ پڙھيو آھي. جنھن ۾ نه رڳو تعليمي لحاظ سان پر انسان ۽ قومي لحاظ سان به ڪي اھم ڳالھيون آھن. انھئَ ڪتاب پڙھڻ‌سان اخوت، رواداري ۽ انساني مساوات جھڙا فڪر پيدا ٿين ٿا. پليو ٽارچ جو ڪتاب ”ٻارن جي تعليم، ھارورڊ موئر جو شاھڪار ڪتاب ”وحشي جيوت جا نشان“ مذھبي جنونيت جي داستان تي مشتمل ”فڪر جي آزادي“ شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي جھالت ۽ علم دشمني، ناشناسائي، بي قدريءَ سان ڀريل ڪتاب ”گليلو“، ”عورت زاد“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ ۽ تازو ترجمو ٿي آيل ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ پڙھيا آھن.“ منھنجون اھي ڳالھيون ٻڌي جويو صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھو ڪيتري دير تائين ڪچھري ڪندو رھيو. اھا ڪچھري ڇا ھئي، ڄڻ ته تاريخ، فلسفي ۽ فڪر جا ڪيئي ڪتاب کلي پيا هئا يا ڄڻ ته ھڪ تربيتي ڪلاس ھلي رھيو ھو. مون کي اڄ به سندس اھي ڳالھيون ياد ۽ ذھن تي نقش آھن. اھي ڳالھيون ۽ ھدايتون منھنجي من ۾ ئي رھنديون آيون آھن. ھن انھئَ ڏينھن ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالھايو هو. ھر موضوع، رُخ، مضمون وغيره تي سندس واضح ۽ چٽو موقف ھو جيئن اڄ به آھي. ھو تاريخ، فلسفي ۽ فڪر جي مختلف مضمونن ۽ شين کي جيئن ڏسي، سمجھي ۽ محسوس ڪري ٿو ته انھئَ لاءِ وٽس ھڪ الڳ سوچ، سمجھ، فڪر، فلسفو ۽ نظريو آھي، جيڪو سگھارو ۽ حقيقتن تي مبني آهي.

جويو صاحب ٻين علمي، ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين ۽ خدمتن کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رھيو ته انھئَ دور ۾هن سنڌي ادبي بورڊ کي بنھ بلندين تي پھچايو. ان دور ۾ هن ڪيترائي اھم ڪتاب ڇپايا، جيڪي اسان جي تاريخ جا اھم ماخذ آھن. تنھن وقت 1953ع کان 1954ع تائين سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به بورڊ جي آفيس ۾ ئي ٿينديون ھيون. ھونءَ به سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس گھڻو حصو رھيو آھي. جويي صاحب ادبي بورڊ واري دور ۾ ٽماھي مھراڻ کي به مٿاهين معيار تائين پھچايو. انھئَ دور ۾ شايع ٿيل مھراڻ جا رسالا اڄ به ڏسبا ته  محسوس ٿيندو ته ھن مھراڻ کي ڪھڙا معياري رنگ ڏنا ھئا.

سائين ابراهيم جويي صاحب ھڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ‌ خدمتون سرانجام ڏيندي گذاري آھي. ھن جا ھزارين شاگرد، انھئَ ڳالھ جا شاھد آھن ته ھن درس ڏيڻ دوران  نه رڳو نصاب ئي پڙھايو آھي پر ان سان گڏوگڏ ساڃاھ ۽ شعور جا سبق سيکاري، ڪيترن نسلن جي ذھنن ۾ صبح جي سج جي سھڻين ڪرڻن جھڙي سوچ، ساڃاھ، شعور، ترقي پسندانه لاڙن ۽ روشن خيالئَ جا ٻج ڇٽيا آھن. ھن نه رڳو ڪلاسن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي پڙھايو آھي پر ھن ته اٿندي ويھندي اسان جي قوم جي گھڻن فردن کي تربيت ڏني آھي. اسان اھا ڳالھ بي ڌڙڪ چئي سگھون ٿا ته ھي نه رڳو ڪلاسن ۾ پڙھندڙ شاگردن جو استاد رھيو آھي پر سڄي قوم جو استاد ۽ رھبر رھيو آھي.

سنڌ ۽ سنڌي ٻولئَ جو ھئُ عاشق سڀني ڳالھين سان گڏ سنڌي ٻولئَ لاءِ به سڄي ڄمار جاکوڙيندو رھيو آھي. ھي انھئَ سلسلي ۾ ورھاڱي واري دور کان وٺي ڪيترائي مضمون وغيره لکندو ۽ تقريرون ڪندو، پنھنجي ٻولئَ جو دفاع ڪندو ۽ ٻولئَ جي واڌاري لاءِ ووڙيندو رھيو آھي. هو سنڌي ٻولئَ کي پنھنجو حقيقي مقام ڏيارڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندو رھيو آھي.

زماني تي گھرائئَ سان نظر ڦيرائي ڏسبو ته اعليٰ مقصدن ڏانهن ويندي ۽ ڊگھن پنڌن تي ھلندي ھلندي ڪيترائي ماڻھو ٿڪجي ويھي رھيا، يا مختلف سببن جي ڪري ڊھي پيا بلڪ ڪيترائي ته انھن واٽن تي ھلندي ھلندي پنھنجي واٽن تان ئي ٿڙي ويا پر سائين جويي صاحب جي اھا بنھ وڏائي آھي ته ھو نه رڳو ڪڏھن به نه ٿڪو آھي، نه ڊٺو آھي، نه ڀڳو آھي ۽ نه ئي پنھنجي انھن واٽن تان ڪو ذرو به ٿڙيو آھي. ھر مشڪل ۽ مصيبت ھوندي به ھن جي ھر وک اڳتي وڌندي رھي آھي. نه رڳو پاڻ وکون وڌائيندو رھيو آھي پر ھي ته انھن واٽن تي ھلندي پنھنجو رت ٻاري انھئَ واٽ کي روشن ۽ پُرنور ڪندو رھيو آھي. انھئَ ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته جويو صاحب سنڌي قوم لاءِ ھڪ رھبر ۽ مثال آھي. هن سنڌي قوم کي سوچ، سمجھ، عقل ۽ شعور ڏنو. هن ساڃاه ۽ ڏاهپ جا ڏس ڏنا آهن.

ڪنھنجي ڪنھنجي روپ مان ڪوري ڪاليداس،آندي آھي شڪنتلا، جنھن ۾ سندس سواس،ھر ڪنھن نارئَ آس، آئون به شل اھڙي ٿيان.

                                                            (شيخ اياز)

شال اسان کي سندس واٽ تي ھلڻ جي سگھ ملي.

No comments:

Post a Comment