Monday, February 27, 2023

نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري (ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي، ڊاڪٽر علي شير مھراڻي پاران لفظن جي صورت ۾ ڪيل عزت افزائي)

صوبائی وزیر تعلیم سندھ سید سردار علی شاہ کی ڈائریکٹر جنرل کالجز سندھ ڈاکٹر محمد علی مانجھی کی مدت ملازم کے اختتام پر منعقدہ الوداعی تقریب میں شرکت

ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سائين راشد احمد کوسو پاران ارپيل شاندار لفظن جي ڀيٽا)

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي الوداعي تقريب جون تصويرون (سائين راشد کوسو جي پيج تان کنيل)

Performance of Director General Colleges Sindh Dr Muhammad Ali Manjhi

ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سائين محمد قاسم راڄپر پاران ارپيل مانائتا لفظ)

شاندار ڪردار جي شاندار ڪم جي پڄاڻي (ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سائين نياز پنھور جي پيج تان شيئر ٿيل)

Wednesday, February 8, 2023

ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي نوڪرئَ تان رٽائرمينٽ جي موقعي تي سائين نبي بخش لقمان مھر پاران لکيل تاثر

  

ڊاڪٽر محمد علي مانجهئَ جي نوڪرئَ تان رٽائرمينٽ جي موقعي تي سائين نبي بخش لقمان مھر پاران لکيل تاثر


Sunday, May 1, 2022

I feel extremely thirsty!

(Dr. Manjhi's Poetry On The Labour Day )

Poetry By: Dr. Muhammad Ali Manjhi
Translated by: Professor Muhammad Hashim Solangi 

The day is hot sizzling,

the hot winds are blowing

As if the rains of embers were falling

The eyes of crow are ejecting out

Tuesday, October 26, 2021

اعتراف (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)

اعتراف


آئون اعتراف ٿو ڪريان ته... 

(ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)

آئون اعتراف ٿو ڪريان ته ’سنڌ سنواريون‘ نالي ٺاهيل تنظيم مان هٿ ڪڍڻ منھنجي وڏي غلطي هئي، مون ۽ ڪجهه دوستن 1987ع ۾ پھرين مرحلي تي ٺٽي ضلعي جي حد تائين ’سنڌ سنواريون‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي هئي، جنھن جو مقصد نياڻين جي تعليم کي ٻهراڙين ۾ ڦهلائڻ هو. اڳتي هلي ان تنظيم کي پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سڄي سنڌ ۾ ڦھلائڻو هو، ان تنظيم جو مقصد هو ته شھرن جي ماسترياڻين (Female Teachers)کي قائل ڪجي ته اهي ڳوٺن ۾ وڃي پڙهائين، اُتي تيستائين پڙهائين جيستائين ان ڳوٺ مان ڪا هڪ نياڻي ماسترياڻي نٿي ٿئي. اسان جي ٿوري ڪوشش سان اهو سلسلو سٺي نموني هلي پيو ۽ ڪيتريون نياڻيون رضاڪاراڻي نموني پنھنجون بدليون ڪرائي، ڳوٺن ڏانھن ويون ۽ انھن جي وڃڻ سان 12 ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم شروع ٿي. ڪيترائي ڇوڪرين جا اسڪول وري کلي ويا پر ٻن سببن جي ڪري اهو سلسلو ڪجهه سال اڳتي هلي بند ٿي ويو. هڪ ته گهڻي ڪم ۽ صحت جو خيال نه ڪرڻ ڪري مون کي السر جي بيماري ٿي پئي، ٻيو ته (سڀ کان وڏو سبب) نياڻين جي تعليم دشمنن رنڊڪون وڌيون، نتيجي ۾ اسان مايوس ٿي ويھي رهياسين ۽ هڪ انتھائي اهم ڪم مان هٿ ڪڍيوسين. سو آئون اعتراف ٿو ڪريان ته اهو رضاڪاراڻو تنظيمي ڪم ڇڏڻ غلط هو. تعليم دشمنن سان مقابلو ڪرڻ گهربو هو، جيڪڏهن اهو سلسلو هلي ها ۽ ان جو دائرو سنڌ تائين ڦھلجي وڃي ها ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان قابل قدر ڪم ٿي چڪو هجي ها.

 (اربع 9 جولاءِ 2014ع تي ’عوامي آواز‘ اخبار ۾ ڇپيل)

-----

Sunday, August 29, 2021

پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري جي اهميت بابت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي راءِ

پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري جي اهميت بابت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي راءِ

ٻہ سال اڳ ڊاڪٽر محمدعلي مانجهي پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري هئڻ جي اهميت کي محسوس ڪندي پنهنجي فيس بڪ تي اڳي اسڪولن ۾ ڪتابن جي ڪاٺ واري پيتي ياد ڏياريندي جيڪو مختصر ليک لکيو هو اهو سنڌي ٻوليءَ جي رسالي ´امرتا` ۾ سندس تعارف شامل ڪري ڏنو ويو هو سو جيئن جو تيئن هتي ڏجي ٿو.


ڪاٺ جي پيتي: 

اڳ ۾ شهرن کي ڇڏي ٻهراڙين جي پرائمري اسڪولن ۾ ڪا سهولت نه هوندي هئي. ڪٿي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا بلڊنگ هوندي هئي ته پنجن ئي درجن پڙهائڻ لاءِ فقط هڪ روم هوندو هو، ته ڪٿي هڪ روم به نه، رڳو هڪ جهڳي يا ڇنو. پنجن ئي درجن جي سڀني مضمونن کي پڙهائڻ لاءِ استاد به هڪ هوندو هو.

Wednesday, August 11, 2021

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو جون-2021

 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي ”سنڌي ٻولي“ (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 

شمارو جون-2021

پاڪستان جي 1973ع واري آئين جو قلم 251 (3) جنھن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ’قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، ڪابه صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.‘ سنڌ اسيمبليءَ جي ’سنڌ ايڪٽ 1972ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۾ اها حقيقت چٽيءَ طرح موجود آهي. پوءِ وري سنڌ اسيمبليءَ ’سنڌ (ترميمي) ايڪٽ 1990ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) منظور ڪيو، جنھن موجب قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ٿيندو. ان ايـڪٽ جي مــقصد موجب سنڌ حـڪومت صوبـي ۾ ’بورڊ‘، ’اڪيڊميون‘ ۽ ’اٿارٽيون‘ قائم ڪندي. ان سلسلي ۾ اثرائتا انتظام ڪندي ۽ قاعدا بحال ڪندي ته جيئن صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌندو رهي. اهڙي پوئواري ڪندي، سنڌ حڪومت پاران تڪڙو ئي ’سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو‘ (Sindhi Language Authority) 1990ع ۾ قائم ڪيو ويو.

Tuesday, August 10, 2021

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو ڊسمبر-2020

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 

(شمارو ڊسمبر 2020ع)

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪتاب، لغتون، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ٻيا اهم ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. اداري طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي فن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جي اشاعت پڻ 1994ع کان وٺي جاري آهي، جنھن جو تازو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي.