Friday, August 18, 2023
Sunday, August 13, 2023
Wednesday, July 19, 2023
ڏات سمنڊ آھي (احسان ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو ڪتاب) مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (زمانن کان اڳتي وڃڻ ٿا چاهيون)
’ڏات سمنڊ آهي‘(احسان ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو ڪتاب)
مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
زمانن کان اڳتي وڃڻ ٿا چاهيون
منهنجي سامهون ٺٽي جي شاعر دوست احسان هاليپوٽي جي شاعري جي
ڪتاب ‘ڏات سمنڊ آهي‘ جو مسودو آهي، جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ پاڻ حميد مهراڻوي سان گڏ
اچي ڏيئي ويو، جيئن آئون اُن تي مهاڳ لکي ڏيان. احسان اهڙو ماڻهو آهي، جهن کي آئون
گهڻو مصروف هوندي به موٽائي نه سگهيس. مون کانئس مسودو وٺي رکيو، ڪجھ ورق پڙهي
رکي ڇڏيم، اُن جو سبب اهو هو، جو اياز جي هڪ غزل جا هيٺيان بند منهنجي ذهن تي ائين
ڇانيل رهيا، جو هر وقت ڄڻ گونجي رهيا هئا:
تون ناھ تہ هي چنگ چَڙو چنڊ نه ساءُ،
اي سير مُئي آءُ، هلي آءُ هلي آءُ!
سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي (نوني گوپال مجمدار/عطا محمد ڀنڀرو) ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
سنڌ ۾قديم کنڊرن جي کوٽائي
(نوني گوپال مجمدار/عطا محمد ڀنڀرو)
ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ھُونئن ته تحقيق جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي پر ادب جي دنيا ۾ ترجمي
جو جن به ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي مھارت گھري ٿو. ترجمو ادبي دنيا ۾ ھڪ باقاعده فن ۽ ڏانءُ
آھي جيڪو ھر ڪنھن جي وسَ جي ڳالھ ئي ناھي.
ڪھاڻي ۽ ناول وغيره جو به ترجمو ڏکيو ھوندو آھي پر تاريخي، تحقيقي ۽ سائنسي ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪي سولا نه ھوندا آھن. ترجمي جي دنيا ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري جو نالو بنھ مٿاھين حيثيت رکندڙ آھي. ھن ڪيترائي اھڙا تحقيقي، تاريخي ۽ سنڌو لکت تي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن جن اسان جي
Friday, July 14, 2023
Friday, June 16, 2023
سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي
سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي تہ ’شاھ جو ڪلام‘ کي سڀ کان اول گڏ ترتيب
ڏيندڙ ،سنڌي گرامر تي پهريون دفعو ڪم ڪندڙ، سنڌي لغتون جوڙيندڙ’ڪئپٽن جارج اسٽئڪ‘ جو نالو سڀني کان اتم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ِ جاکوڙيندي پنهنجي
جان ڏيئي ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ سڀ کان اول راءِ جارج اسٽئڪ ڏني،
مشهور عالم رچرڊ برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان جارج اسٽئڪ ورتو هو. سنڌي ادب ۽ سنڌي
ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس خدمتن کي اسان هيٺين ريت ورهائي سگهون
ٿا:
1. سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن ڪئي هئي. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽئڪ جو ئي هٿ هو، هن پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش