شاھ لطيف جي شاعرئَ ۾ فڪر جي آزادي
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
وڏو طالع تو، جيئن لڳين پير پنهون جي،
سسئي ان ستون کي رويو
رويو رو،
ويٺي هتِ م هو، هلين ته
هوت لهين.
( آبري 7 \ 7)
سنڌ ساڻيهه جو شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، اهو عظيم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ظاهري ۽ انسان جي اندروني
آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي. هن انهيءَ آزاديءَ جو فڪر ڏنو آهي، جنهن سان سماج ۾
معياري تبديلي اچي سگهي. هن انهيءَ کي محسوس ڪيو ته گهڻن زمانن کان سنڌ نه رڳو غلاميءَ
۾ پيڙهجندي رهي آهي پر سنڌي سماج اندروني ۽ نفسياتي طرح غلام ۽ مونجهارن جو شڪار
رهيو آهي. ڏٺو وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي سماج جي (هر لحاظ کان وڏي) بحراني
دور ۾ پيدا ٿيو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سورهين عيسوي صديءَ ۾ سمن
جي دور جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي وقت ۾ ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي حملو ڪيو، دغا ۽
دوکي بازئَ سان هزارين ڪونڌر ڪهي ملڪ تي قبضو ڪري ظالمانه حڪومت مڙهي. ارغونن هٿان
سنڌ جي هن فتح کي “خرابئ سنڌ” ڪوٺيندي، اُن زماني جي عالمن ان مان ابجد جي حساب
سان سنڌ جي بربادئَ جي تاريخ (927هه موجب 1520ع) ڪڍي هئي. تاريخ معصومي ۽ ٻين
تاريخي ڪتابن موجب يارهين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ويهين تاريخ تائين شهر کي لٽيندا ۽ قتل عام ڪندا
رهيا. پوءِ لڳ ڀڳ مُني صدي ارغونن