نجي ۽ سرڪاري اسڪولن
۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مانوارن هيڊماسترن ۽ ايڊمنسٽريٽرز ڏانهن لکيل خط/گذارش
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
مانوارا هيڊ ماستر/ پرنسپل/ايڊمنسٽريٽر
پرائمري/هاءِ اسڪول/ ڪاليج ...................
عنوان: نجي ۽
سرڪاري پرائمري اسڪولن، هاءِ اسڪولن،
هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ
جي سلسلي ۾ مالڪن ۽ سربراهن کي
گذارش
مانوارا سائين،
هر قوم جي هر فرد کي پنهنجي مادري ٻولئَ ۾
تعليم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. ايئن
ئي سنڌي قوم جي هر فرد کي نه رڳو پنهنجي مادري ٻولئَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو
حق آهي، پر سنڌي ٻولئَ کي قومي ٻولئَ جو درجو حاصل هئڻ جو به پورو حق آهي. اهڙيءَ
ريت ملڪ جي هر صوبي ۾ اُتي جي ٻولئَ کي قومي ٻولئَ جو درجو هئڻ انتهائي ضروري آهي.
آءُ ڪنهن به ٻولئَ خلاف نه آهيان. منهنجي خواهش آهي ته هتي بلوچي، سنڌي، سرائيڪي،
پنجابي ۽ پشتو ٻولين کي قومي ٻولئَ جو درجو ملڻ گھرجي. ان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي
ٻوليون اسان وٽ اڳ ئي رائج آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ترقيءَ جو دارومدار
سٺي تعليم تي آهي. اها وقت جي صدا پڻ آهي.