Thursday, July 23, 2020

سنڌ جو ڪيڏارو

سنڌ جو ڪيڏارو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
Dr Manjhi Research Paper Sindh jo kedaro

   سنڌ ساڻيھ جي ڪيڏاري جي تاريخ بنھ آڳاٽي رهي آهي. هي ڪي مهينن ۽ سالن جا داستان نه پر هزارين سالن جون حقيقتون آهن. هتي سنڌ جي ڪيڏاري بنھه ڊگهي تاريخ تي مختصر نموني نظر وجهڻ بنھه ضروري سمجهون ٿا. پر تنهن کان پهرين ڏسون ته ڪيڏاري جي معنيٰ ۽ مطلب آهي ڇا؟ سنڌي لغات ۾ ڪيڏاري جي معنيٰ هن ريت ڏني ويئي آهي: ”ڪيڏارو: جنگ، لڙائي، ويڙھ، قتل عام. شاھ جي رسالي ۾ هڪ سُر جو نالو“(1) مانواري محقق ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاھ جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معني آهي جنگ جو ميدان. هندستاني گوين موجب ”ڪيداري“ هڪ راڳڻي جو نالو آهي“.(2)

 هتي اسان جو مقصد راڳڻيءَ سان نه پر ڪيڏاري جي اصل معنيٰ ۽ مقصد سان آهي. جنهن جو مطلب ته ويڙھه، جنگ ۽ جنگ جي ميدان جو ذڪر، يعني سنڌ ۾ ٿيل جنگ ۽ قتل عام جو ڳاراڻو. هتي اسان جو مقصد آهي ئي سنڌ ۾ ٿيل وڏاندري ويڙھ، جنگ يا ڪوس جو ذڪر. تاريخ گواهه آهي ته سنڌ ساڻيھ ۾ ڪيڏاري جي تاريخ آڳاٽي زماني کان ورجائجندي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ تي ڌارين جا حملا ۽ ڪوس قديم دور کان ٿيندا رهيا آهن. معلوم تاريخ موجب ايران جا حملا، يونانين جون ڪاهون، منگولن جون چڙهايون،عربن جا حملا، افغانين جا ڪلور، قتل عام ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيڏارا هتي بنهه گھڻي زماني کان ٿيندا رهيا آهن. بنهه آڳاٽي زماني کي ڇڏي گهڻو پوءِ واري زماني ۾ علاءُ الدين جو حملو ۽ اُن حملي جو ڀٽن ۽ ڀانن پاران چيل ڪيڏارو اڄ به ائين ڳايو وڃي ٿو جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻچن جي بي وقتي موت تي روئندي، پٽي پار ڪڍندي آهي. (ڀلي اُن ۾ نالن ۽ ٽاڻن جا کڻي ڪي فرق هجن، پر حقيقتون پڌريون آهن.) ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌ ڪيئي ڪيڏارا سنڀري، پر هتي اسين ان ڪيڏاري جو ذڪر ڪنداسين جيڪو کرڙيءَ جي جنگ جي وقت سنڌ جي وطن دوست شاعر خليفي نبي بخش ’قاسم‘ سرجيو هو. انهيءَ ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته خاص ڪري افغانستان پاران سنڌ تي ڪاهن ۽ حملن جي تاريخ بنھ آڳاٽي ۽ طويل رهي آهي. سن 1485ع کان ته اها تاريخ لکت ۾ موجود آهي. اهو1485ع ۾ افغانستان جي ڪاهن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، سو 1520ع ۾ ته چوٽ چڙهي ويو. ۽ پوءِ ظلم جي ڪابه انتها نه رهي. ان کان پوءِ سنڌ سوين سال جلندي تباھه ٿيندي رهي. ڏٺو وڃي ته حقيقت ۾ اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. تڏهن ئي ته هيءَ چوڻي سوين سال اڳ کان ئي عام ٿي چڪي آهي ته: “جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو.” اها چوڻي اڄ به مُنڊيءَ تي ٽڪ آهي. اهو افغانن، ارغونن ۽ ترخانن جي لڳاتار حملن جو ڪيڏارو ڪنهن به ڪين وساريو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي تباهين کان پوءِ وري سندن ساٿي مغلن به وسان ڪين گهٽايو. عظيم صوفي شاھ عنايت جي شهادت واري ڪيڏاري جا به ڪيترائي گڏيل گنج ۽ قبرستان اڄ به شاهد آهن، اُهو ڪيڏارو به اڄ تائين گهڻو ڳايو وڃي ٿو. مدد خان، احمد شاهه ابدالي ۽ ٻين پٺاڻن جي ڪيڏارن جون ڪهاڻيون اڄ به موجوده نسلن تائين ذهنن ۾ وڍ وجهنديون رهن ٿيون. توڙي جو تاريخ جا اُهي سمورا رت هاڻا باب آهن، پر انهن ڪيڏارن مان اڄ هتي فقط اُن ڪيڏاري جو بنهه مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جيڪو سکر لڳ کرڙيءَ (3) جي ميدان تي جڳ مشهور افغان قاتل شاھ شجاع برپا ڪيو هو. اها جنگ 27 شعبان 1249هه/ 2 جنوري 1834ع تي کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي هئي. تڏهن ئي سنڌ جو ڪيڏارو سرجيندڙ سدا ملوڪ شاعر خليفي نبي بخش قاسم چيو ته:

کرڙي  کائي رت، ڀت نه  وجهي وات  ۾،
پڙ  ۾  پهلوانن  جي،  ويٺي  پرکي  پت،
جنين نيڻ  نست، نينهن نه لائي تن سين.
***
کرڙي   کائي  ماهه،  پيئي  رت  پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان.
***
کرڙيءَ کين  پير، ته  مون وڏو  وس  ڪئو،
وڏو سُڄي  وير  ڪنهن  پر  ڪُھي  ڪاٽيان.
***
هيءَ حقيقت آهي ته افغان ۽ پٺاڻ اُن کان اڳ ۾ به سنڌ خاص ڪري شڪارپور تي ڪيترائي حملا ڪندا رهيا هئا. شڪارپور ۾ افغانن جي ڪاهن ۽ قبضن وارو اهو دور وحشت، دهشت، تشدد، قتل عام ۽ انسانيت سوز واقعن سان ڀريل دور رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن سان ان دور ۾ جيڪو ظلم، ناانصافي، ناحق، ڏاڍ، بربريت ۽ آبرو شڪني ٿي، ان جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. خاص ڪري شاهه شجاع طرفان شڪارپور ۽ پوءِ کرڙيءَ واري ميدان تي ڪيل ڪيس تاريخ جو هڪ وڏو سانحو آهي جنهن تي سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر خليفي نبي بخش قاسم سُر ڪيڏارو سِرجي هڪ مثال قائم  ڪري، سنڌ جي درد جي تاريخ رقم ڪئي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، احسان فقير لانگاھ ۽ فتح فقير ڪلهوڙو پهريان شاعر هئا جن سُر ڪيڏاري جي روايت قائم ڪئي، پر خليفي نبي بخش کان اڳ ۾ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيڏاري جو روايتي مضمون ڪربلا جو قضيو ۽ امامن جي شهادت رهندو آيو. وقت گذرڻ سان گڏ هن سُر ۾ موضوع جي لحاظ کان سنڌ جي شاعرن خاص تبديلي آندي. انهيءَ سلسلي ۾ صديق فقير سومرو عرف صادق فقير ۽ خليفي نبي بخش قاسم جا نالا بنھ اهم آهن. ڇاڪاڻ ته هنن شاعرن پنهنجي ڪيڏارن ۾ امامن جي شهادت بدران سنڌ جي شهيدن جو احوال  سمايو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”صديق فقير رف صادق فقير ۽ خليفو نبي بخش پهريان شاعر آهن جن ڪيڏاري جي مضمون ۾ جدت پيدا ڪئي. شهادت جي مرڪزي نقطي کي برقرار رکندي هنن ٻنهي بزرگن خاص طرح سنڌ جي شهيدن  کي ڳايو. فقير محمدصديق جهوڪ جي عارف صوفي شاھ عنايت جي شهادت کي ڳايو ته خليفي وري سنڌ جي لشڪر جي انهن سورهيه ۽ سرويچ سپاهين کي ڳايو جي کرڙيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيا.“(4) ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”البت فقير محمد صديق جي ڪيڏاري لاءِ محرڪ جذبو پنهنجي مرشد گهراڻي سان روحاني عقيدت خاطر ڪيڏارو چيائين. ان جي برعڪس خليفي محض سنڌ سان محبت ۽ وطنيت جي جذبي هيٺ ڪيڏارو چيو.“(5) جيڪو هن کرڙيءَ جي جنگ جي پسمنظر ۾ سرجيو آهي. حاڪميت جو حوسي شاهه شجاع افغانستان مان بک مرندي،ڌڪا کائيندي، هتي پهچي، اچي پناهه ورتائين پر جڏهن سنڌ جو نمڪ  کائي پيٽ ڀريائين تڏهن وري سوئر بڻجي نه رڳو سنڌي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۽ کين ڏاڙهڻ لڳو پر کرڙيءَ جي ميدان تي ديس ڌڻين سان جنگ جوٽي وڏو ڪوس ڪيائين ۽ پوءِ رڻ گجيو راڙو ٿيو هو.
خليفي نبي بخش قاسم هن حملي ۽ ڪلور تي سُر ڪيڏارو سِرجي سنڌي سورهين جي سورهيائي ۽ بيمثال سچائي بيان ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جن به شاعرن سنڌ وطن تي حملي ۽ سنڌ جي سورهين جي سچائي، وفاداري ۽ سر ساهه ڏيڻ جا مثال پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايا آهن، تن مڙني ۾ خليفي نبي بخش جو مقام مٿاهون آهي، ڇو ته هن سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سر ڪيڏارو فقط ۽ فقط سنڌ جي سورهيه سپوتن جي سچائي ۽ بهادريءَ جي ڪارنامن جي واکاڻ ۽ جس ڏيڻ خاطر سرجيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خليفي نبي بخش قاسم جي ڪلام جي سمجهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته: ”اهي دلير مرد جيڪي افغانن جي حملي آور فوج سان آخري دم تائين مقابلو ڪندي شهيد ٿيا. تن جي ناموس ۽ سنڌ جي سرفرازيءَ خاطر سر ڪيڏارو جوڙيائين“.(6) هن سُر جي شروعات ئي حملي آور شاهه شجاع کي تنبيهه ۽ سنڌ جي رهاڪن جي سرفرازي ۽ سر بلنديءَ جي تصديق سان ٿئي ٿي.

شجاع! سنڌ  م ويهه، اوڏا اڏي نجهرا،
هي تنين جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ ۽ سنڌي عوام سان خليفي صاحب جي خاص محبت هئي“(7) ڊاڪٽر بلوچ وري به لکي ٿو ته:”بهرحال سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان محبت ۽ وطنيت جي جذبي سان لبريز، وطن دوست شاعر جي حيثيت ۾ خليفي جو درجو مڙني معاصرن ۾ مٿڀرو نظر اچي ٿو.“(8) مطلب ته سنڌ جي هن غيرتمند شاعر خليفي نبي بخش هي سُر سنڌ جي اُنهن شهيدن جي ياد ۾ چيو جيڪي کرڙيءَ جي جنگ ۾  وڙهندي پنهنجي ڌرتيءَ تان واريا ويا. هيءَ جنگ سن 1249ھ ؛ 1834ع ۾ شاھ شجاع طرفان چاڙهيل فوج ۽ سنڌي لشڪر وچ ۾ پراڻي سکر کان ڏکڻ طرفان کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي هئي.

ٿيو هيئن جو افغانستان ۾ سدوزئي شهزادن ۾ سخت ڇڪتاڻ جي ڪري، اُتي جون سياسي حالتون بگڙجڻ لڳيون. جنهن سبب بارڪزئي سردار زور وٺي ويا. سن 1799ع ۾ پگھارون نه ملڻ جي ڪري قزلباش فوجين زمان شاهه خلاف ڦڏو ڪري، شهزادي محمود جو پاسو ورتو. محمود شاھ وري ايران جي بادشاھ فتح علي شاھ قاچار جي مدد سان پنهنجي ڀاءُ زمان شاھ کي قيد ڪري، سندس اکين ۾ گرم لوهي سرائي گهمارائي کيس انڌو ڪري ڇڏيو. ڪابل جي سردارن، زمان شاھ جي ڀاءُ، شاھ شجاع کي سن 1221ع هجري موجب 1806ع ۾ تخت تي ويهاريو.هن حڪومت سنڀاليندي ئي قلات ۽ سنڌ ڏانهن توجهه ڏنو ۽ تڪڙو ئي سنڌ تي ڍل وٺڻ لاءِ ڪاهي آيو. مير غلام علي به فوجون وٺي پهتو پر تڪڙو ئي ٺاهه ٿيو جنهن موجب شاهه شجاع کي ڏهه لک ڏيئي ساليانو پنج لک ڏيڻا ڪيا. هو رقم وٺي هليو ويو. ڪجھ سال گذرڻ کان پوءِ پٺاڻن جي لڳاتار مخالفت جي ڪري، شاھ شجاع کي تخت تان لاهي ايوب شاھ دراني کي تخت تي ويهاريو ويو. ايوب به ناڪام ٿيو. محمود شاھ مشهور افغاني سردار محمد عظيم جي ڊپ کان هرات ڀڄي ويو هو. شاھ شجاع کي به محمد عظيم ڪابل ڀڄائي ڇڏيو، جتان هو جلال آباد نڪري ويو.”تاريخ ٽالپور“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”اُتان شاهه شجاع آوارا دربدر، بي ڪلاه بادشاھ نهايت مخفي طرح 1230ھ موجب 1815ع تي سنڌ ۾ اچي وارد ٿي، شڪارپور ۾ پناھ گزين بڻجي اهڙيءَ طرح پهتو جنهن جي ڪنهن کي به خبر ئي نه پئي“(9). اچڻ سان ئي هي شڪارپور تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ميرن کي خبر پئي ته هن ڀيري به ڳالهيون ڪيون ويون، ميرن پاران نواب ولي محمد لغاري ۽ آغا اسماعيل شاهه وڪيل هئا. ڪوشش ڪري نيٺ کيس پنجاب موڪليو ويو جتي هن راجا رنجيت سنگھ وٽ وڃي پناهه ورتي. جلدئي وري به بهاولپور کان ٿيندو، ڀٽڪندو ماٺ ميٺ ۾ اچي شڪارپور جو قلعو ۽ پسگردائي تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ايتريقدر جو ميرن جي ناظم جي به ڪا حيثيت نه رهي.  اهو اطلاع خيرپور ۽ حيدرآباد جي حڪومتن کي ڏنو ويو پر افسوس جو حاڪم وقت سر فيصلو ڪري ڪو خاص قدم کڻي نه سگهيا. هن اچڻ سان مالياتي جائزو ورتو، کيس معلوم ٿيو ته شڪارپور جي ڍل اُڳاڙي انتظام کي هلائڻ لاءِ ڪافي ناهي، تنهن ڪري ميرن کي خط وغيره لکي پنهنجو همنوا بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر جڏهن نه ڦٻيو ته ڪجھ ئي ڏينهن کانپوءِ قلندر جي درگاهه جي سلام ڀرڻ جو بهانو ڪري، سکر وٽان ٻيڙين ۾ چڙهي،اڳتي روانو ٿيو. جڏهن خيرپورن جي ميرن کي اها خبر پهتي تڏهن مير سهراب خان، مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ ٻيا سندس استقبال لاءِ نڪتا ۽ وڏي مهمان نوازي ڪيائون. افسوس جو سنڌ جا حاڪم تڏهن به ڪو قدم کڻي نه سگهيا. شاھ شجاع سيوهڻ کان ٿيندو، حيدرآباد ۾ پهچي، شهر جي اڀرندي پاسي ڦليليءَ جي ڪپ تي اچي رهيو. ان وقت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان شڪار تي ويل هئا، تن کي شهر جي ڪوٽوال ميان علي بخش خان جوڻيجي هن خانه بدوش جي اچڻ جو اطلاع موڪليو، اطلاع ملڻ تي مير ڏاڍا پريشان ٿيا. مرزا عباس علي بيگ ”تاريخ ٽالپر“ ۾ لکي ٿو ته: ”مير صاحب شڪار ڇڏي حيدرآبا پهتا ۽ رهائش لاءِ تنبو وغيره موڪليائون. هن ميرن سان معاهدو ڪرڻ ٿي گهريو جنهن کان مير نٽائي رهيا هئا. سندن دلي خواهش هئي ته ڪهڙي به طرح معاهدو نه ڪجي پر هيڏانهن شاھ شجاع ميرن کي چيو ته جيسين معاهدو نه ڪندو تيسين آئون به حيدرآباد مان نه ويندس. پوءِ ڪيترا ڏينهن بحث ٿيندو رهيو. نيٺ مجبور ٿي ميرن معاهدي تي دستخط ڪيا“.(10) مطلب ته حيدرآباد جي حاڪمن جڏهن کيس ڪجهه سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي حيدرآباد ڇڏڻ جو چيو ته هن ساڻس معاهدو ڪرڻ لاءِ چيو. حيدرآباد جي حاڪمن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر شاهه شجاع پنهنجي ضد تان نه لٿو. ميرن نيٺ مجبور ٿي چاليهن هزارن ڏيڻ جو طئي ڪري، پنجويهه هزار روڪ ۽ باقي چاليهن ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ ۽ پوءِ چاليهن ڏينهن بعد سنڌ ڇڏي افغانستان واپس وڃڻ جو قرآن پاڪ تي لکت ۾ معاهدو ڪيو. پوءِ به هن وڃڻ واري نه پئي ڪئي ۽ نيٺ ميرن وقتي طرح ڪجھ وڌيڪ مال ملڪيت ڏيئي کيس حيدرآباد مان شڪارپور روانو ڪيو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته شاهه شجاع ٽالپور حڪمرانن سان قرآن مجيد تي عهد ۽ اقرار ڪيو ته کيس فقط چاليھ ڏينهن رهڻ ڏنو وڃي. ان وچ ۾ هو تياري ڪري قنڌار هليو ويندو. پر پوءِ هو به شاھ بيگ ارغون ۽ ٻين وانگر قرآن مجيد تي لکت ۾ واعدو ڪري ۽ پوءِ جلد ئي واعدي خلافي ڪري، شڪارپور جو والي بڻجي ويهي ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳو. سنڌ جي ماڻهن کي شاھ شجاع جا ناپاڪ ارادا ۽ قدم سنڌ ڌرتيءَ تي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئا. تڏهن ته سنڌ جي ڪيڏاري جي سرجڻهار خليفي نبي بخش قاسم سنڌي ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪندي چيو ته:

شجاع! ويھه مَ سنڌ اوڏا اڏي نجهرا
هتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏيا.

شاهه شجاع جو سندس ئي منشي جنهن کرڙيءَ جي جنگ وارو واقعو اکين ڏٺو هو سو پنهنجي ڪتاب ’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘ ۾ اها حقيقت هن ريت لکي ٿو: ”سنڌ جي ميرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ معاهدو ٿيل هو ته چاليهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پورا چاليهه هزار روپيا ڀُنگ طور شاهه شجاع کي ادا ڪيا ويندا. تِهان پوءِ هو خراسان روانو ٿي ويندو. شاهه شجاع وقت اچڻ تي اها رقم ته وصول ڪئي پر موسم جي خرابيءَ جو ڍونگ رچائي شڪارپور ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيو. انهيءَ آناڪانيءَ ۾ چار مهينا ٻيا به گذري ويا. ان وچ ۾ هو جنگي سامان گڏ ڪندو ۽ سوار ۽ پيادا پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪندو رهيو. ٻئي پاسي مير زنگي خان ۽ مير جهان خان انهيءَ اوسيڙيءَ ۾ ڏينهن ڳڻيندا رهيا ته ڪڏهن ٿو هيءُ راڪاس هتان روانو ٿئي. نيٺ هنن جڏهن ڏٺو ته مُدي گذرڻ کان پوءِ به شاهه شجاع خراسان وڃڻ جو نالو نٿو وٺي ته شڪ شبهي ۾ پئجي ويا. پڇاڙيءَ جتان ڪٿان پٽ سٽ ڪري نذرانا نياز گڏ ڪري ۽ سيد ڪاظم علي شاهه کي اڳ ۾ ڪري وڃي کيس ميڙ منٿ ڪيائون ته ’قبلا! هاڻ هتان اُسهڻ جي ڪريو.‘ پر هو لڳاتار ڏٽا ڏيندو رهيو.“(11) شاهه شجاع ڪنهن کي به اک ۾ نٿي آندو. هن شڪارپور جي ٻن ناظمن خيرپور جي ميرن جي مير عالم مري ۽ حيدرآباد جي ميرن پاران سيد ڪاظم علي شاهه کي زبردستي معزول ڪري پاڻ والي بڻجي پنهنجي ماڻهو مقرر ڪري ويهي ظلم ڪرڻ لڳو. هن گوسڙجيءَ واري علائقي ۾ هدايت الله خان کي مقرر ڪري ڇڏيو.
نه رڳو سنڌ جا حاڪم پر سڄي سنڌ شاهه شجاع جي ڦر لُٽ، ظلم ۽ بربريت مان بيزار ٿي رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.’تاريخ تازا نواءِ معرڪ‘ جو ليکڪ منشي عطا محمد لکي ٿو ته: ”هن جي اُنهن ظلمن کان شاهوڪار اڳيئي تنگ هئا. جن کان پئسن ڪڍڻ لاءِ ڏاڍايون ڪندو ٿي آيو، پر زوريءَ ڪنواريون ڇوڪريون کڻائي پرڻجڻ ۽ ماڻهن سان ٻيون جٺيون ڪرائڻ سبب هرڪو مصيبت ۾ اچي چڪو هو.“(12) حقيقت ۾ شاهه شجاع هر لحاظ کان هڪ اڻ سڌريل، ڌاڙيل، قبضا خور، ظالم ۽ قاتل هو. جڏهن سندس ذاتي زندگيءَ جي احوال کي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهي ڏسجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته هو بنهه غيرمھذب، وحشي، انسان دشمن ۽ اخلاقي لحاظ کان ڪريل شخص هو. هو سنڌ کي هر لحاظ کان ڦريندو ۽ لٽيندو رهيو. سنڌ جا خاص ڪري شڪارپور جا ماڻهو سندس ظلم جونشانو بڻجندا رهيا. اهڙو احوال مولائي شيدائي به پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ‘ ۾ ڏنو آهي. (13)
نيٺ سنڌ جا ماڻهو شاهه شجاع جي ڏاڍ خلاف قدم کڻڻ ۽ کيس هتان هڪالي ڪڍڻ لاءِ تيار ٿيا. ان ڏس ۾ خير پور جي ميرن جي سپهه سالار عالم خان مري فوجي دستو ساڻ ڪري سکر اچي محاذ سنڀاليو.  هدايت الله خان گوسڙجيءَ واري علائقي مان اڳرائي ڪري سکر ۾ اچي عالم خان مريءَ جي لشڪر تي اوچتو حملو  ڪيو، جنهن ۾ عالم خان شهيد ٿي ويو. ان واقعي ۾ رحيم کوسو، چاڪر جسڪاڻي ۽ محمد هاشم خاصخيلي به شهيد ٿي ويا. جنهن کانپوءِ عالم خان جي پٽ جهان خان چڙهائي ڪري، ان قاتل هدايت الله کي ماري وڌو. تنهن تي افغانن سمندر خان کي ستن توبن سان ٽي هزار سوار ۽ پيادا ڏيئي، چڙهائي ڪرائي. خيرپور جي ميرن  اهو ٻڌي جنگ جي تياري ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ محبت خان مري، ڌڱاڻو خان مري، جلال خان مري، فضل محمد مريءَ سان گڏ نظاماڻي، جلباڻي ۽ باڪراڻي جا جٿا مير رستم وٽان اچي ميدان تي پهتا.اهڙي ريت خيرپور مان ڪاظم شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد محمد تقي شاهه به پنهنجي ماڻهن سان اچي سکر پهتا. حيدرآباد جي ميرن پاران غلام مرتضا شاهه قهيري لشڪر سان اچي سکر پهتو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته افغانن طرفان سمندر خان وڏي تياري ڪري، شڪارپور مان ست توبون ۽ هزارين لشڪر ساڻ ڪري اچي جنگ جو جهنڊو هڪ وڻ تي هڻي ۽ پوءِ چالاڪي ڪري پاڻ وري هڪ ٽولي سان لڪي ڇپي ٻئي طرف کان معصوم شاهه واري ٽڪريءَ تي چڙهي اچي چوٽيءَ تي بيهي رهيو. سنڌ جا سپاهي اڃا تيارين ۾ ئي هئا ته  ٽڪريءَ تان مٿن توبون وسڻ شروع ٿي ويون. اُن اوچتي ٻئي طرف کان بمباريءَ باوجود سنڌي جوڌا پريشان ِا هٽڻ بدران بنهه بهادريءَ سان مقابلو ڪندا رهيا ۽ ڪيترائي ڪونڌر ڪُسَندا پنهنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪندا پاڻ ملهائيندا رهيا. جنگ جي ميدان ۾ سنڌي سورهين جنهن نموني سان سچائي ۽ بهادريءَ جو ثبوت ڏنو، اُن تي دشمن به دنگ رهجي ويو. سندن ئي لکيل تاريخن وغيره ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي چٽيون شاهديون ملن ٿيون. مطلب ته 27 شعبان 1249هه تي افغان حملي آور لشڪر شڪارپور کان نڪري سکر وٽان سنڌ تي جيڪا چڙهائي ڪري، کرڙيءَ جي ميدان تي سنڌ جي لشڪر تي اوچتو حملو ڪيو، تنهن ۾ سنڌ جا ڪيئي ڪونڌر ڪسجڻ لڳا.

رڻ    ۾   متي   راند، اڄ   اَگهوري   آئيا
ڪُونڌ  ڪلها   گڏيا، پاسي   ٿي   پسماند!
چمڪيون چئني پانڌ، مٿي سر سرواهيون.
***
پڙ ۾ پوڙيءَ رنگ، مانجهين رتا  مولهيا
تريا   رت  تُرنگ، رڻ  ۾  راماڻا  ڪري.
***
     پرهه   جهُلندا   پس، علم  طوق  امير   جا
ڌڙ   ڌرتيين   گڏيا،   لوٿون   لڇن    لس
حورون پائي  هس، اچي ويٺيون اوڏڙيون.

 جنگ جي منظر نگاري ڪندي منشي عطا محمد شڪارپوري جيڪي لکيو آهي، ان مان به ثابت ٿئي ٿو ته  سنڌ جا سورهيه سپاهي ڪيڏي سورهيائي ۽ سچائيءَ سان وڙهيا هئا. هو لکي ٿو ته: ”سيد غلام مرتضيٰ شاهه جيڪو جبل جھڙو جوان هو، لاپرواهيءَ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي هٿيار کڻي، مڇن کي تاءُ ڏئي پنهنجي عملي سان گڏ ائين چوندو اڳتي وڌيو ته: اجهو ٿا انهن جهرڪيءَ جي ٻچڙن کي ٽڪر جي چوٽيءَ تان اڏاري ڪڍون.“(15) عظيم جونجهار مرتضا شاهه پاران ميدان ملهائڻ جو ذڪر ڪندي، خلفيو نبي بخش چوي ٿو ته:

اچي اڄ امير، کرڙيءَ خيمان کوڙيا،
ڀيچي ڀيڙا نه  ٿيا، مَهند نه  آيا  مير،
ڏنو  سر  سُڌير، مرتضيٰ  ميدان  ۾.

 اها حقيقت آهي ته سيد مرتضا شاهه جنگ جي ميدان ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهندو رهيو. سندس سورهيائيءَ بابت خليفو نبي بخش چوي ٿو ته:

”مرتضا جي من ۾، وڙهڻ جي وائي“

نيٺ سنڌ جو سوريھه پٽ مرتضا شاهه به شهيد ٿي ويو. منشي عطا محمد شڪارپوري’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘ ۾ لکي ٿو ته: ’سيد غلام مرتضا شاهه مڪني هاٿيءَ جيان ترار هٿ ۾ کڻي چپ ڀڪوڙي ڀڀڪيون هڻندو ميدان مارڻ لاءِ اڳڀرو ٿيو ته توب جي گولي لڳڻ سان وڃي موت جي منهن ۾ پيو.“(16) مرتضيٰ شاهه، سنڌ جي مشهور سورهيه ۽ سچار گولي شاهه ڪھيريءَ جو پٽ هو. خليفو نبي بخش ’قاسم‘ مرتضيٰ شاهه تي فخر محسوس ڪندي ۽ سندس سچائيءَ جي وڏي واکاڻ ڪندي لکي ٿو ته:

هي گُل گولي شاهه، پرکا ڪارڻ پوکيو،
ڪندو سنجهه  صباح، مقابلو ميدان  ۾.

***

سو مَر مُرڪي مير، مَلُ جنهين جو مُرتضيٰ،
دَٻائي  دشمن  کي، ڪنڌ   ۾ کوڙي   ڪير،
هاوي    هَمه گير، هڻي   ڪُند    هٿن   سان.

***

چَٻي   تير   ترنگ، پڙ   ۾   پاهورا    ڪري،
جهلون رت جهٻيليون ڪيائون سنج سرنگ،
دعويٰ  دار  دُرنگ،   ڪُٺا  شاهه  ڪٽارسين

***

ڪري     پوهه      پٺاڻ،      اچي      پئو     اوچتو،
ڊوڙ   يا    لک   درياهه    ڏي،    تارو    کي    تاڻ،
جنهن مرتضيٰ سين ماڻ، سو راهه ڀريندو رڪ جي.

خليفو نبي بخش پنهنجي ڪيڏاري ۾ جنگ جي پهلوانن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
مَري ذات مُڙيءَ  جي، تنهن  هُوءَ  ڊڄي  ڪيئن،
ظاهر   بوت   بَشر   جو، سيني  اندر   شينهن،
تنين چاڙهي چينهن، ڪلنگيون جن ڪپار  ۾.

 اُن جنگ ۾سنڌي سورهيه، پنهنجي آخري پساهن تائين بھادريءَ سان وڙهندي ڌرتيءَ تان واربا رهيا پر پوئتي نه هٽيا ته نه هٽيا. منشي عطا محمد مرتضيٰ شاهه جي شهادت بعد جنگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “هاڻ جھان خان مريءَ جو وارو آيو، جيڪو پنجاهه سٺ جنگي جوان اڳ ۾ ڪري سندن پهراڻ جا آڳا هڪ ٻئي سان ٻڌي، بلوچاڻي روايت موجب ميدان مارڻ هليو. هن جوان اهڙي ته مڙسي ڏيکاري جو هر ڪنهن کي آفرين چوڻي پئي، پوءِ نعرا هڻندا ٽڪريءَ ڏانهن پئي وڌيا.”(17) آڳاٽي زماني کان سنڌ جي سپاهين جي اها روايت رهي آهي ته جڏهن هو محسوس ڪندا آهن ته هاڻ مرڻ مارڻ جي مهل آئي آهي، يا جڏهن کين جنگ نه کٽڻ جي پڪ ٿي وڃي تڏهن به ڀڄڻ ۽ غازي ٿيڻ بدران هو آخري پساهن تائين هڪٻئي سان اهڙي ريت سلهاڙجي وڙهندي سر گهوريندا آهن. آئون ڀانئيان ٿو ته اهڙي مضبوطي، سورهيائي ۽ سچائيءَ سان جنگ ڪرڻ جو مثال دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي ملي سگهي.

هلو هلو مانجهيا! ويرين وٺون وير،
جيئڻ ٿورا  ڏينهڙا،  پوءِ ڳڻبا  پير،
ٿيندو سڏ  سوير، صبح شهيدن کي.

***

ڪٽاري  ۽  ڪات،  من  مرادون  پنيون،
رت ڀريائون وات، مانجهين هَڏ  مُڇائيا.

هتي هِيءَ ڳالهه به ڌيان ڏيڻ جي آهي ته خليفي صاحب پنهنجي ڪيڏاري ۾ جتي پهلوانن ۽ سورهين جي سورهيائيءَ جي واکاڻ ڪئي آهي اُتي  جنگ جي ڀاڙين کي به ڪونه بخشيو آهي. هو چوي ٿو ته:

مٿي  آرڻ  اڄ، ڪُونڌ  ڪڏندي آئيا،
پڙ ۾ پهلوانن  کي، لُڏڻ  ڏي نه لڄ،
ڀيٽو  وڃن ڀَڄ،  سائُو  ٿين سامهان.

***

ڪانئر سندي  ڪن  تي، ٻولي  هڏ مَ  ٻنڌ،
مر ته  موچارو  ٿئين، هي  نه  موٽڻ  مُند،
ڪڇن منجهان  ڪُند، پٽي  ڪَڍ پٺاڻ کي.

پنهنجي وطن سان بيپناهه محبت ڪندڙ عظيم سنڌي عورت پنهنجي غيرتمنديءَ جو اظهار ڪندي جنگ ۾ ويندڙ/ وڙهندڙ پنهنجي مڙس کي بهادري ۽ سچائيءَ سان وڙهڻ ۽ اڏول بڻجي جنگ ڪرڻ جي جيڪا هدايت ڪري ٿي، اها به ڪمال جي آهي. خليفي نبي بخش قاسم پنهنجي باڪمال فڪر ۽ فن سان انهيءَ غيرتمند سنڌي عورت جي احساسن جي ترجماني ڪندي چوي ٿو ته:

جي تون ڀڄي آئين، ته آئون تنهنجي  ڀيڻ،
نٿ  تنهنجي نڪ  ۾، وجهان  ڏيئي  ويڻ،
توڏي  کڻان  نيڻ، ته  ڪَر پسان  پُٽ  ڏي.

***

ڀَڄُ مَ ڀيچين  کاءِ، پاءِ  پانجاري  اُن   سان،
مَڇڻ  تنهن جي ماءِ مُنهن مٿاهون نه  کڻي.

***

ڀَڄي   بَڇُ م   ڪانڌ، مَرُ  ته   مانائتي   ٿيان،
تو  سيڱا   تو   سڃا، رڻ    ۾   رَمن   راند،
تو سِر سَوَڙ پاند، آئون ڪيئن اوڍي  سمهان.

***

جي  تون  ڀڄي  آئين، ته  اوڏو  مون  مَ  اَچُ،
تو  ڳل  ڏيان  ٻانهڙي، ڪُرَ  کي  لايان  ڪَچُ،
مُون سُهائي سچ، ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون.

***

جي تون ڀڄي آئين، تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ،
ويهه ڪوڙائي ڪوڏ سين، مادر جهوليءَ مُچَ،
جا ڏاڙهي پکيءَ پُڇ، سا کونڌ ته کاڏي اُجري.

***

انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته هن موضوع تي فڪري لحاظ کان جنھن معيار جو ڪيڏارو خليفي نبي بخش قاسم چيو آهي ان معيار جو ڪيڏارو نه رڳو سندس همعصر پر کائنس پوءِ اڄ ڏينھن تائين ايئن ٻيو ڪو به شاعر چئي نه سگهيو آهي. سندس ڪيڏاري ۾ جيڪو فڪر ۽ پيغام سمايل آهي سو نه رڳو اُن پر هاڻوڪي زماني لاءِ  درس آهي پر ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ پڻ اُتساهه جو ڪارڻ بڻيو رهندو. خليفو نبي بخش دشمن سان آخري پساهن تائين دليريءَ سان وڙهڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته:

هٿين، چڪين، ڪاتين،  وڙهج  ويريءَ  ساڻ،
پھرين  مارج   پاڻ، ته  سوڀ  مليئي   سُٿري.

***

ڪٽارو مَ ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان،
وڍئو   ويٺو   وڍ، اُنڊو   وجهي  آڱرا.

***

 هڻ ڪٽارو ڪات، ويري  ويرو  نه  سهي،
مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجهيئي ڪن ۾.

***

سَو سرن ڏيئي، وک وٺجي هيڪڙي،
جنهن نيزي سير نيئي مَرڪايو ميدان ۾.

***

مرڻ ٿئو مَرڪ، جيئڻ جُٺيرو ڪري،
جي  ڪندا تن ترڪ، سوڀ سرندي تن کي.

***

سوڀون سِر گهُرن، سِر ري سوڀ نه سَپجي،
سوڀ برابر سسيون، توريان تان  نه ترن،
جي هينئڙي منجهه هرن، سي مل مهانگا سپرين.

***

سسي  لٿي  سوڀ،  جي  هُوند  پايان  پاند  ۾،
هي جڳ سوڌو لوڀ، هُو پڻ گهوريو گهوريان.

ذڪر ٿي چڪو آهي ته هن ڪيڏاري ۾ سنڌ جي انهن بهادر، سورهيه، سرويچ، جوڌن ۽ جونجهارن جو احوال آهي، جيڪي ڪجھ پنھنجي ڌرتيءَ جو تحفظ ڪندي قربان ٿيا هئا. اها حقيقت خليفو نبي بخش هيئن بيان ڪري ٿو ته:

 مُڇن    مٿي    هٿڙا، رت    ڀَڪليا    وار،
ڇُٽا  رَسَ  ديون  ڪري، گڙيا   گرز   غبار،
اچي    اُڙد    امير    تي، اُلٽيا    انڌوڪار،
چونڊيو چئني پار، ٿو  ڀاڱا  ڀيچين   کان.
*
جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جنگ جي ميدان جي منظر نگاري ڪندي خليفو چوي ٿو ته:

ڳجهون ڳاڙهي وات، مون لمندي  ڏٺيون،
جيڪس مانجهي  ماريا، رڻ ۾ پين  رات،
پڪارون   پرڀات، ٻڌ م ٻانهيارين   جُون.

  هِيءَ جنگ ڌارين جي دوکي، دغا ۽ ظلم جو هڪ وڏو مثال آهي. ڇاڪاڻ ته جن ڌڪاريل ۽ بکايل ماڻهن جنهن ڌرتيءَ تي پناهه  اچي ورتي،۽ جيڪا ڌرتي سندن جيئدان بڻي هئي، تنهن سان دغا ڪري، ڌرتيءَ ڌڻين تي هلان ۽ حملو ڪري ناانصافي ۽ مڪاري آهي.

 خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري جي اهميت اڄ به اها ئي آهي جيڪا ان وقت هئي.

سوريھه  سندي سر تي، سِسيءَ سندو بار
جي تُري  تن  ترار، ته حق ادا  ٿئو ان تان.


حوالا ۽ حاشيا


(1) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”سنڌي لغات“، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 1998ع ص 514

(2) گربخشاڻي هوتچند مولچند، ”شاهه جو رسالو“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع ص 764

(3) کرڙيءَ واري جنگ کان پوءِ شاهه شجاع وري به اچي شڪارپور ۾رهيو. نيٺ ڪجھ وقت کانپوءِ کيس وڏي رقم ۽ نظرانا ڏيئي منجهانئس جان ڇڏائي ويئي. تنهن کانپوءِ هو ڌڪا کائيندو لڌيانا ۾ انگريزن جي پناھ ۾ وڃي رهيو. انگريزن کي اھڙي وطن جي غدار جي گهڻي گهرج هئي. هنن چاهيو ٿي ته شاھ شجاع کي افغانستان جي حڪومت وٺي ڏجي ڇاڪاڻ ته اولھ کان روس جي فوجن جو کين گهڻو خطرو هو. اُن ڪري سال 1838ع ۾ انگريزن، راجا رنجيت سنگھ ۽ شاھ شجاع جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو. جنهن موجب انگريزن شاھ شجاع کي افغانستان جي تخت تي ويهارڻ جي ڪوشس شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ بنگال مان وڏي فوج کي بمبئيءَ جي فوج سان ملي شڪارپور کان ٿيندو بولان رستي قنڌار پهچڻ جو حڪم مليو. جنهن جي اڳواڻي سر جان ڪين کي سونپي ويئي هُئي. توڙي جو ان لاءِ پنجاب وارو رستو وڌيڪ بهتر ۽ سولو هو، تنهن هوندي به هي رستو ورتو ويو ۽ اهو بار به وري سنڌ تي ئي نازل ٿيو. فوجون سمنڊ رستي سنڌوءَ نديءَ جي منهن وٽ پهتيون، ڪرنل پاٽنجر سموري بندوبست لاءِ سنڌ جي حاڪمن کي چيو. سڀني ميرن پاران مخالفت هوندي وري مير نور محمد به انگريزن کي رستو ڏيڻ جو دلاسو ڏنو. ان موقعي تي مير نور محمد کين ٿيل عهدنامه به ڏيکاري ياد ڏياريا، پر انگريزن جي من ۾ مداعي هئي. ان موقعي تي حيدرآباد شهر جي گهٽين ۾ ڪرنل پاٽنجر تي سنڌي ماڻهن پاران سخت پٿراءُ ڪيو ويو. مير نور محمد کانسواءِ بيا مير ۽ ملڪ جا ماڻهو به سخت ڪاوڙجي آيا هئا، جن کي مير نور محمد مخلتف طريقن سان موٽائي ڇڏيو. مير شير محمد کي به مير صوبدار دلاسو ڏيئي واپس ڪري ڇڏيو. ان ڪاوڙ جي نتيجي ۾ 31 جنوري تي سنڌي ماڻهن اناج جي گدامن تي حملو ڪيو هو. بنگال جون فوجون ٺٽي جي ويجهو پهچي چڪيون هيون، جيڪي نيٺ اڳتي به آيون. هن دور ۾ به شاھ شجاع وري به شڪارپور ۾ اچي ٿانيڪو ٿي ويهي ڦرڻ ۽ لُٽڻ لڳو هو. ڪجھ وقت کانپوءِ انگريزن جون فوجون سنڌ مان ٿينديون افغانستان پهتيون. ان جي نتيجي ۾ تڪڙو ئي قنڌار، غزني ۽ ڪابل فتح ڪري ورتو ۽ شاھ شجاع کي تخت تي ويهاريو. اهڙيءَ ريت شاھ شجاع هن دور ۾ به انگريزن جي مدد سان حڪومت وٺي نه رڳو افغانستان پر پنجاب ۽ سنڌ لاءِ به تباهي جي سبب بڻيو رهيو. 
                                                                           
(4) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ’خليفي  صاحب جو رسالو‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ڇاپو ٻيو2005، ص30

(5) ساڳيو حوالو ص30

(6) ساڳيو حوالو ص 30

(7) ساڳيو حوالو ص 30

(8) ساڳيو حوالو ص 31

(9)عباس علي بيگ مرزا،’تاريخ ٽالپور‘ مير مراد علي پبليڪيشن حيدرآباد،2012ع، ص 757 

(10) ساڳيو حوالو ص 759

(11) عطا محمد شڪارپوري منشي ’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘ سنڌي ترجمو: حڪيم نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2005ع ص13

(12) ساڳيو حوالو ص 49

(13) مولائي شيدائي رحيمداد ’جنت السنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 717 
(14) عطا محمد شڪارپوري منشي ’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘ ص 123

(15) ساڳيو حوالو ص 124

(16) ساڳيو حوالو ص 124

(17) ساڳيو حوالو ص 125

No comments:

Post a Comment