Monday, July 27, 2020

نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مانوارن هيڊماسترن ۽ ايڊمنسٽريٽرز ڏانهن لکيل خط


نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مانوارن هيڊماسترن ۽ ايڊمنسٽريٽرز ڏانهن لکيل خط/گذارش

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
letter-for-necessary-inclusion-of-sindhi-language-in-syllabus-by-dr-manjhi
 مانوارا هيڊ ماستر/ پرنسپل/ايڊمنسٽريٽر
پرائمري/هاءِ اسڪول/ ڪاليج ...................

عنوان:   نجي ۽ سرڪاري  پرائمري اسڪولن، هاءِ اسڪولن، هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ  جي سلسلي ۾ مالڪن ۽ سربراهن کي  گذارش

مانوارا سائين،
      هر قوم جي هر فرد کي پنهنجي مادري ٻولئَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. ايئن  ئي سنڌي قوم جي هر فرد کي نه رڳو پنهنجي مادري ٻولئَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پر سنڌي ٻولئَ کي قومي ٻولئَ جو درجو حاصل هئڻ جو به پورو حق آهي. اهڙيءَ ريت ملڪ جي هر صوبي ۾ اُتي جي ٻولئَ کي قومي ٻولئَ جو درجو هئڻ انتهائي ضروري آهي. آءُ ڪنهن به ٻولئَ خلاف نه آهيان. منهنجي خواهش آهي ته هتي بلوچي، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پشتو ٻولين کي قومي ٻولئَ جو درجو ملڻ گھرجي. ان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي ٻوليون اسان وٽ اڳ ئي رائج آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ترقيءَ جو دارومدار سٺي تعليم تي آهي. اها وقت جي صدا پڻ آهي.   
                                                                                                 
       وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اسين عظيم تهذيب جي مالڪ سنڌ ڌرتئَ جا ڄاوا آهيون. سنڌ، جيڪا عظيم تهذيب سان گڏ، قديم ۽ شاهوڪار ٻولئَ جي مالڪ پڻ آهي. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ اصلوڪين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا هزارين سالن کان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. وسيع ايراضئَ سان گڏ پنهنجو درياهه ۽ سمنڊ رکندڙ سنڌ ساڻيهه ۾ قديم دور کان ٻولئَ جي لکت لاءِ مختلف لپيون (الفابيٽس) رهيون آهن. خاص ڪري سنڌو تهذيب واري دور ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ ئي لکت هئي، جنهن سنڌو لکت (Indus Script)  چيو ويندو هو. قديم دور کي ڇڏي ويجهي ماضئَ تي ئي نظر وجهي ڏسنداسين ته جڏهن سنڌ تي انگريز سامراج قبضو ڪري حڪومت قائم ڪئي، تڏهن هنن سنڌي ٻولئَ جي قدامت، شاهوڪاري کي ڏسندي ۽ ان جي اصل حق کي محسوس ڪندي، سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي سنڌي ٻولي سرڪاري ٻولي برقرار رکندي دفترن، ڪورٽن، ٿاڻن،  روينيو وغيره  جي  ڪاروهنوار  جي  لاءِ  سنڌي  ٻوليءَ  کي  لازمي  رکيو.   ايتري قدر جو سنڌ ۾ سرڪاري  طور  مقرر  هر  انگريز  عملدار  لاءِ  سنڌي  سکڻ  لازمي  قرار  ڏنو  ۽ سنڌ ۾ سنڌي اسڪول قائم ڪيا.                                                                                                                                                       
     انگريز سرڪار ضرورت محسوس ڪندي، سنڌيءَ  لاءِ هڪ رسم الخط  (الفابيٽ) ترتيب ڏياري، رائج ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي ماهرن تي مشتمل ڪميٽي مقرر ڪري ڪوششون ورتيون، ڇاڪاڻ ته اُن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ ابوالحسن ٺٽوئَ جي سنڌي ۽ ڪجهه ٻيون لکتون رائج هيون، نيٺ 1853ع ۾ ٻولي ڪميٽئَ جي فيصلي ۽ سفارش هيٺ موجوده سنڌي الفابيٽ ترتيب ڏني وئي، نوان اسڪول قائم ڪري، نئين لکت رائج ڪئي وئي. اُن کان اڳ سنڌ جي پهرين ڪمشنر آر ڪي پرنگل ڪوشش ورتي، پوءِ مسٽر جارج ڪلرڪ هڪ حڪم نامو جاري ڪيو ته “آفيسرن کي ارڙهن مهينن جو وقت ڏجي ٿو ته هو سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪري وٺن.” ان کان پوءِ 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيريئر هڪ پڌرنامو (Notification) جاري ڪيو، جنهن ۾ پبلڪ کي هدايت ڪئي ويئي ته ”سرڪاري طور جيڪو به خط يا درخواست لکي يا اماڻي وڃي، سا فقط سنڌئَ ۾ لکي وڃي. ڪنهن به ٻي ٻولئَ ۾ لکيل درخواست تي غور نه ڪيو ويندو.“ 1853ع ۾ سنڌي اسڪولن قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو ۽ ساڳئي سال کان سنڌي پرائمري اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا. 1854ع ۾ اين. جي.وي اسڪول ڪراچئَ ۾ قائم ٿيو. ساڳئي سال ۾ حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به اسڪول قائم ڪيا ويا. پوءِ  سڄيءَ  سنڌ  ۾  اسڪول  قائم  ٿيڻ  لڳا. 1864ع  ۾ استادن جي سکيا  لاءِ  حيدرآباد ۾ ”ٽيچرس ٽريننگ اسڪول“ قائم ٿيو. ايئن موجود صورتخطئَ  ۾  سنڌي تعليم جو سلسلو هلڻ لڳو.                                                                                                                    
      پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سموريءَ سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾ تعليم جاري رهي، پر اڳتي هلي ڪن متعصب آفيسرن ۽ سياستدانن جي روين سبب پهريائين ڪراچي ۽ پوءِ ٻين شهرن ۾ نه رڳو سنڌي زبان جي تعليم طرف ڌيان گھٽايو ويو، پر سنڌي اسڪول بند ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اهڙيءَ ريت خاص ڪري ڪراچئَ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولئَ جو مضمون پڙهائڻ بند ٿي ويو. ان ڏوهه جو ڏوهاري حڪومت سان گڏ اسان جو سڄو سماج به آهي. 

       سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي مسئلن کي محسوس ڪندي، سنڌ اسيمبلئَ 7 جولاءِ 1972ع تي سڄي سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو بل منظور ڪيو. سنڌ اسيمبلئَ پاران ليٽر نمبر ص، الف س ا ق ـــ ب 13، 72 جاري ڪيو ويو، جنهن موجب سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي لازمي طور پڙهائي ويندي، اهو 1973ع جي آئين جي روح مطابق قانون آهي. ان تي عمل ڪرڻ اسان جو فرض آهي ۽ ان فرض ۾ ڪوتاهي هڪ ڏوهه آهي. پر افسوس جو اسين نه رڳو اهو قانوني ڏوهه ڪري رهيا آهيون، پر گڏوگڏ قومي ڏوهه به ڪري رهيا آهيون.    

        ٿورو غور ڪري ڏسبو ته اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جيڪو رويو اسان پاڻ سنڌي ٻولئَ سان قائم رکيو آهي، سو ڪيڏو نه خطرناڪ آهي. سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾  سنڌي ٻولئَ ڏانهن تمام گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ خاص ڪري غيرسرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ته صورتحال بنهه ڏکوئيندڙ آهي. نجي (Private) اسڪولن ۾ ته سنڌي زبان پڙهائي ئي نٿي وڃي. اُتي سنڌئَ جو استاد ئي مقرر نٿو ڪيو وڃي. اخبارن ۾ استادن جي مقررئَ لاءِ جيڪي اشتهار ايندا آهن، تن ۾ سنڌئَ جي استاد جي پوسٽ ئي نه هوندي آهي، ڇا سنڌي پڙهائڻ لاءِ اسان کي سرڪار طرفان منع ڪئي ويئي آهي؟ نه بلڪل نه، ته پوءِ اها دشمني ته اسين پنهنجي ٻوليءَ سان پاڻ ڪري رهيا آهيون. اسڪولن جو هر سربراهه پنهنجي اسڪول ڏانهن ٿورو ڏسي ۽ پوءِ جواب ڏي ته سندس اسڪول ۾ سنڌيءَ سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو  پيو وڃي. ايتري قدر جو نجي اسڪولن ۾ پڙهندڙ معصوم ٻارڙا سنڌي لکي پڙهي ئي نٿا سگھن، ڪٿي ته کين سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي! افسوس اسين پاڻ سامراجين (انگريزن) کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ سنڌي ٻولئَ جا پاڻ دشمن آهيون!! 

         سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولئَ جي حق تلفئَ سان گڏوگڏ قوم ۽ قوم جي نئين نسل کي سنڌيءَ کان پري رکڻ واري ڏکوئيندڙ روش کي گھڻي وقت کان شدت سان محسوس ڪيو ويو آهي. هن خط ذريعي آئون سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي اداري کي گذارش ٿو ڪريان ته هن ڌرتيءَ جي واسطي ۽ سندي قوم جي مستقبل واسطي پنهنجي پنهنجي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور پڙهايو. هونئن ته اسين سڄيءَ سنڌ ۾ اُن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهيون، جنهن لاءِ تڪڙو ئي سنڌ سڄڻن جي سهڪار سان پروگرام جوڙيو ويندو پر پهريائين انهئَ سلسلي ۾ مون طئي ڪيو آهي ته شروعات ٺٽي ضلعي جي تعلقي ٺٽي کان ڪجي. ان ڪري ٺٽي تعلقي جي سڀني تعليمي ادارن ۾ اچي اسان توهان سان گڏجاڻيون ڪري ڪو مستقل حل ڳولڻ ٿا چاهيون.. مون اهو به رٿيو آهي ته اوهان جي ادارن ۾ هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڏينهن اچي اوهان جي استادن سان ڳالهه ٻولهه ڪريون ۽ شاگردن کي پنهنجي ڪلاسن ۾ هڪ ڀيرو پڙهايون. ڪنهن به اسڪول يا ڪاليج جو سربراهه جيڪڏهن ان مقصد لاءِ پنهنجو اسڪول مهيني ۾ هڪ ڀيرو موڪل واري ڏينهن پنهنجو ادارو کولائي شاگردن کي گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ته اسان مقصد لاءِ اهو سڄو ڏينهن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

        مون کي اُميد آهي ته ٺٽي ضلعي ۽ خاص ڪري تعلقي ٺٽي جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن ڪندا.   

8 آگسٽ 2004                                                اوهان جي موٽ جو منتظر
                                                            ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
                                                             مڪلي، ٺٽو

No comments:

Post a Comment