Sunday, July 26, 2020

احساسن جي ڦرهيءَ تي چٽيل چِٽَ (غلام حسين رنگريز جي ڪتاب ”ورق ورق زندگيءَ“ جو مهاڳ)

احساسن جي ڦرهيءَ تي چٽيل چِٽَ

(غلام حسين رنگريز جي ڪتاب ”ورق ورق زندگيءَ“ جو مهاڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
peghamesindhi.blogspot.com
جهڙيءَ ريت هر انسان ٻئي انسان کان مختلف هوندو آهي، تهڙيءَ ريت ادبي کيتر ۾ سرجندڙ هر صنف جو پنهنجو جدا مزاج ۽ لکاريءَ جو جدا مقام آهي. مون جڏهن سائين غلام حسين رنگريز جو ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ پڙهيو ته نثر جي ميدان ۾ ان جي انفراديت جو ان ڪري به قائل ٿيس ته ڪتاب جو موضوع  اندازِ بيان نهايت ئي انوکو ۽ روح کي ڇهندڙ محسوس ٿيو. سندس ذاتي نوٽ بڪ جا ورق، جن لاءِ سائينءَ پاڻ لکيو آهي ته ”اُهي ڳالهائين ٿا“، سي واقعي ڳالهائي رهيا آهن، بلڪل هن فارسيءَ پهاڪي وانگر، ”جيڪڏهن اوهان جو جياپي ۾ چاهه آهي ته پوءِ اوهان کي جهان ئي جيئرو لڳندو.“

 رنگريز صاحب وٽ مون کي نه صرف جياپي ۾ چاهه ۽ جهان جيئرو لڳو، پر گڏوگڏ هن ڪتاب جي پڙهندڙ جي حيثيت سان هڪ ڳالهه اها به کلي سامهون آئي ته جنهن ذي روح پنهنجي مقصدن ۾ امن، سڪون، پيار ۽ محبت کي مقدم رکيو هوندو ان واهيري لاءِ ضرور هن ئي ماڳ کي پنهنجي نئين سفر جي ابتدا لاءِ چونڊيو هوندو.  ڇو ته ڌرتيءَ جي هن ننڍڙي حصي تي قدرت هر نعمت کي پنهان ڪيو ئي ڪيو آهي. گڏوگڏ روحاني سڪون ۽ حق جي ڳولا جي جستجوءَ جو جيڪو جذبو ۽ عشق هن خطي ۾ سمويو آهي ان جي ڳولا به ٻئي دَر اجائي ٿيندي.

سائين غلام حسين رنگريز صاحب به پنهنجي سفر جي ابتدا ڌرتيءَ جي هن حصي تان ڪئي ۽ آءُ خوش نصيب آهيان ته پنهنجي اندر ۾ محبتون سانڍي رکندڙ هي شاعر، اديب، استاد، محقق، مڻيادار ۽ محبتي انسان، منهنجو استاد جي صورت ۾ رهنما به رهيو آهي، ته منهنجو محسن دوست به. سندس اصرار رهيو ته آءُ سندس ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ تي ٻه اکر لکان پر سچ ته آءُ پاڻ کي ان لائق نٿو ڀانيان. پر جيئن ته سائين رنگريز صاحب منهنجو استاد به رهيو آهي، ان ڪري سندس چوڻ کي ٽارڻ مون لاءِ بنهه ڏکيو آهي ۽ مون سندس حڪم اکين تي رکيو. سائين غلام حسين رنگريز سنڌي نثر ۽ نظم جو هڪ وڏو نانءُ آهي ۽ هو گهڻي وقت کان مسلسل لکي رهيو آهي، هو خوبصورت شاعر ۽ موهيندڙ نثر نويس آهي. سندس جڏهن شاعري پڙهبي يا ٻڌبي آهي ته ڪڏهن سونهن سج جي ڪرڻن وانگر ڦٽي ٿي، ته ڪڏهن احساسن جا ڪڪر ڪامهه ڪري گجن ٿا، محبتن جا مينهن اوڙڪون ڪري اچي وسن ٿا ۽ ٻڌندڙ کي بيخود بڻايو ڇڏين ٿا. اها بيخودي جيڪا حسين بن منصور حلاج وٽ هئي يا سندس قبيلي جي ٻين ان الحق جو آواز بلند ڪندڙن وٽ رهندي آئي آهي. اهڙي ريت سندس نثر به بنهه سگهارو ۽ لطيف رهيو آهي. سندس نثر ۾ به فڪر، فن، ٻوليءَ جي شاهوڪاري، رواني ۽ مهارت موجود آهي.

رنگريز صاحب شخصي طور تي فرض شناس، محب وطن ۽ محبتن جو تخليقڪار رهيو آهي. علمي لحاظ کان هو پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪچهريءَ ۾ علم جو سمنڊ اٿلي پوندو آهي، ۽ علم جي اڃايلن جي آبياري ٿيندي رهندي آهي. هو علمي خزاني ۽ درسگاهه جهڙي شخصيت جو مالڪ فياض به گهڻو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سائين رنگريز جي شاعري توڙي نثر، وساڻل ذهنن ۾ نئين اتساهه ۽ جيئاپي لاءِ نئين سرجهد جو درس ڏئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس تخليقن ۾ ديس جي دردن جي ڪٿا ۽ ماروئڙن جا ڏک ڏاکڙا ۽ سندس من ۾ سندن لاءِ شفقت ڦٽي پوندڙ ڪنهن مٺي چشمي جيان محسوس ٿيندي آهي. سندس هر تخليق کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو ايئن ڀائيندو آهي ته اها حقيقت ڄڻ منهنجي پنهنجي آهي.

ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ سندس ذاتي نوٽ بوڪ جا اهي ورق آهن جيڪي سندس ڳوڙهي اڀياس، زندگيءَ جي فلسفي کي حقيقي معنيٰ ۾ پروڙڻ ۽ صداقتن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. اڻبرابريءَ واري سماجي وهنوار واري هن ڌٻڻ ۾ ڪنول جي گل جيئان کڙيل هي سچايون اهي آهن جو سقراط هڪ ڀيرو شايد اهڙين ئي سچائين جي لاءِ ڪجهه هن طرح چيو هو ته، ”سچ اسان کي ٺهيو ٺڪيو ڪو نه ملندو آهي پر ان جي حاصلات لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.“ رنگريز صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ انهن سچائين جي حاصلات ۽ ان بيباڪيءَ واري لب لهجي خاطر جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون آهن ۽ جن مشڪلاتن مان گذريو آهي آءُ سندس انهن تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان بخوبي آگاهه آهيان ۽ هاڻ سقراط جي اها ڳالهه ته منڊيءَ تي ٽڪ جيئان ٺهڪي اچي ٿي ته جڏهن اسان پنهنجي حياتيءَ کي بيان ڪرڻ لڳون ٿا ۽ انهن سمورين وارتائن کي ”ورق ورق زندگي“ جي صورت ۾ منظر عام تي آڻيون ٿا ته ان منزل تي رسڻ لاءِ زندگي نه ڄاڻ ڪيڏي وڏي قيمت ادا ڪري چڪي هوندي آهي.

سائين رنگريز صاحب جي هيءَ ڪاوش سندس پکيءَ جي اها اڏار ۽ هڪ اهڙي ٺڪاڻي جي تلاش آهي جتي روح کي به سڪون نصيب ٿئي، جو تسلسل ئي آهي. سندس ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ جتي سندس قلمي قابليت جو دليل پيش ڪري ٿو اتي سندس اندر کي به اوتي ٻاهر آڻي ٿو ۽ ڪتاب جي لکت ۽ مزاج محسوس ڪرائي ٿو ته هيءُ مادي جي روح سان رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ۽ جڏهن رنگريز صاحب ماڻهوءَ جي ذات ۽ صفات ۾ به خوشبو جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان جي جڳان جڳ جيئري رهڻ ۾ يقين رکي ٿو، تڏهن ته منهنجو به ان ڳالهه ۾ ايمان پختو ٿيو پوي ته منهنجي به رنگريز صاحب جيان واهيري واري چونڊ بلڪل صحيح آهي. مشاهدي واري اک جو ڪائنات جي حسناڪين ۽ حيرت انگيزين، مطالعي واري اک جو اکر جي گهرائي جو اڀياس ۽ ٻنهي جي امتزاج کي ذهن جي ڪسوٽي اهڙي ملي پوي جنهن ڪسوٽيءَ جو خمير حق، سچ ۽ سڀني لاءِ سُڪار واري مٽيءَ مان ڳوهيل هجي ته لکڻ وارو هٿ بي باڪيءَ سان اهو سڀ ڪجهه لکي وٺي ٿو جنهن جي لکڻ جي هام هڻڻ وارا رڳو هام ئي هڻي سگهن ٿا. ”منهنجي نوٽ بوڪ جا ورق ڳالهائين ٿا.“ ۾ جيڪا بيساختگي ۽ بيباڪي آهي اها رڳو خيال جي اڏار يا ذهني پورهئي جو ئي دليل ناهي پر ان جي تخليق ۾ احساسن، امنگن، خوابن، وشواسن سان ڪيل آپگهات جي درد، سچائيءَ کي نرتڪيءَ جيان نچائڻ واري ڪارستانيءَ تي شرمندو ٿيندڙ اکين جي لڙڪن، محرومين ۽ مايوسين جي راهه تي حق، سچ ۽ صداقت کي گهلڻ جي اذيت جو درد به سمايل آهي. هتي سندس اهڙن ئي احساسن سان سرجيل ڪجهه سٽون اوهان جي نظر ڪريان ٿو. رنگريز صاحب پنهنجي ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ ۾ لکي ٿو:

ü     ”ذات پات، مت ڀيد، نسل ۽ قوم جي تصورن انسانن کي ورهايو ۽ ويڙهايو  ته آهي پر ڳنڍيو ڪڏهن به ڪونهي.“

ü   ”جبران پيغمبر هئو يا ليکڪ ؟“ مون کان پڇي ٿو. ”هر عظيم تخليقڪار پيغمبر هوندو آهي.“ آءُ وراڻيان ٿو.

ü      ”اسان وٽ عوام ۽ قوم جي حوالي سان ٿيندڙ سياست ۾ هڪ ناڪاري ۽ هاڃيڪار رجحان تيزيءَ سان پکڙيو آهي ته، سياست ڪريو، نالو ٺاهيو ۽ پوءِ ناڻو ڪمايو.“

ü             ”دوستن متعلق خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهڻ به وڏو عذاب آهي.“

ü        ”ماڻهوءَ جو وحشيپڻو، وحشي جيوت واري دور کان به وڌيڪ اڀريل آهي. فرق فقط هيءَ آهي ته هن انهيءَ تي تهذيب ۽ ڪلچر جو ليبل چنبڙائي ڇڏيو آهي. هن جا واگهه سوئر جي واگهن کان به وڌيڪ تکا ٿي ويا آهن.“

ü           ”هڪ آرزوءَ جو به ڪو انت نه آهي ... هتي ته هر انسان وٽ آرزوئن جون ڪهڪشائون آهن.“

ü           ”جن کي بارود جي بوءِ وڻندي هجي، انهن کان رات راڻيءَ جي مهڪ جو پڇڻ وقت جو زيان آهي.“

ü  ”جنگي جيون ۾ مبتلا ماڻهو ۽ قومون، انسان ذات جون سڀ کان وڏيون دشمن آهن.“

زندگيءَ جي مختلف پهلوئن، ماڻهن جي مختلف روين ۽ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان پنهنجي نقطهء نظر کي جنهن خوش اسلوبيءَ سان ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي، آءُ نٿو سمجهان ته سائين رنگريز صاحب جي اها ڪاوش ڪنهن مفڪر جي فڪري رجحان کان گهٽ نه آهي. سقراط هجي، ارسطو هجي، لينين هجي يا مائوزي تنگ هجي، سندن چوڻين ۽ پهاڪن جي حيثيت رکندڙ سموريون ڪوٽيشنس اصل ۾ ان وارتا جو ئي ته حصو آهن، جن مان مشاهدي ۽ مطالعي جي وسعت رکندڙ ليکڪ، دانشور ۽ مفڪر گذري ٿو. حقيقت ۾ ته ڪتاب ۾ شامل مواد خوبصورت نثر ۽ نظماڻي نثر جي لڙهي ۾ پوتل ناصحاڻا نڪتن جيان آهي جنهن وسيلي ڪٿي ڳالهين کي اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪيو ويو آهي ته ڪٿي سڌو بيان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ مون کان مهاڳ لکڻ واري ڳالهه ڳري آهي پر پوءِ به سائينءَ جي اصرار کي حڪم سمجهندي ڪجهه لفظ لکيا آهن، هر ماڻهو پاڻ ناقد ۽ پارکو آهي، کيس اظهار جي آزاديءَ جو بلڪل حق آهي، جيئن سائين رنگريز صاحب پنهنجي سٽن ۾ پنهنجي خيال کي اوتيندي لکي ٿو ته ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي سمجهه آهر سمجهي ٿو ۽ هر ڪو پنهنجي سمجهه آهر سمجهائي ٿو“. آءُ سائين جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان، ان ڪري آءُ بنا هٻڪ جي چوندس ته احساسن جي ڦرهيءَ تي چٽيل هي چٽ، جيئن مون سمجهيا ۽ محسوس ڪيا تيئن انهن متعلق اظهاريو. وڌيڪ پڙهندڙ ڪتاب جي ڪهڙي پهلوءَ تي ۽ ڪهڙي ريت نظر وجهن ٿا اهو مٿن ڇڏجي ٿو. البته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هي هڪ اهڙو دلچسپ ڪتاب آهي جيڪو وري وري پڙهڻ جهڙو آهي. هن ڪتاب جي مطالعي سان زندگيءَ جون حقيقتون وڌيڪ اجاگر ٿين ٿيون. عشق ۽ سچائيءَ جا نوان گس ملن ٿا، سنڌي قوم ۽ ٻولي جي آبياري ٿئي ٿي، منهنجي صلاح آهي ته هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ تمام گهڻن ڪتابن جو مواد ملندو.  
                                        
  
                                                ڊاڪٽر محمد علي مانجهي                                                         مڪلي ٺٽو ننگر، 7 سيپٽمبر 2008ع


No comments:

Post a Comment