Wednesday, September 29, 2021
Tuesday, September 28, 2021
Monday, September 27, 2021
Sunday, September 26, 2021
Sunday, August 29, 2021
پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري جي اهميت بابت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي راءِ
پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري جي اهميت بابت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي راءِ
ٻہ سال اڳ ڊاڪٽر محمدعلي مانجهي پرائمري اسڪولن ۾ لائبريري هئڻ جي اهميت کي محسوس ڪندي پنهنجي فيس بڪ تي اڳي اسڪولن ۾ ڪتابن جي ڪاٺ واري پيتي ياد ڏياريندي جيڪو مختصر ليک لکيو هو اهو سنڌي ٻوليءَ جي رسالي ´امرتا` ۾ سندس تعارف شامل ڪري ڏنو ويو هو سو جيئن جو تيئن هتي ڏجي ٿو.
اڳ ۾ شهرن کي ڇڏي ٻهراڙين جي پرائمري اسڪولن ۾ ڪا سهولت نه هوندي هئي. ڪٿي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا بلڊنگ هوندي هئي ته پنجن ئي درجن پڙهائڻ لاءِ فقط هڪ روم هوندو هو، ته ڪٿي هڪ روم به نه، رڳو هڪ جهڳي يا ڇنو. پنجن ئي درجن جي سڀني مضمونن کي پڙهائڻ لاءِ استاد به هڪ هوندو هو.
Wednesday, August 11, 2021
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو جون-2021
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي ”سنڌي ٻولي“ (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
شمارو جون-2021
پاڪستان جي 1973ع واري آئين جو قلم 251 (3) جنھن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ’قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، ڪابه صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.‘ سنڌ اسيمبليءَ جي ’سنڌ ايڪٽ 1972ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۾ اها حقيقت چٽيءَ طرح موجود آهي. پوءِ وري سنڌ اسيمبليءَ ’سنڌ (ترميمي) ايڪٽ 1990ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) منظور ڪيو، جنھن موجب قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ٿيندو. ان ايـڪٽ جي مــقصد موجب سنڌ حـڪومت صوبـي ۾ ’بورڊ‘، ’اڪيڊميون‘ ۽ ’اٿارٽيون‘ قائم ڪندي. ان سلسلي ۾ اثرائتا انتظام ڪندي ۽ قاعدا بحال ڪندي ته جيئن صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌندو رهي. اهڙي پوئواري ڪندي، سنڌ حڪومت پاران تڪڙو ئي ’سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو‘ (Sindhi Language Authority) 1990ع ۾ قائم ڪيو ويو.
Tuesday, August 10, 2021
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو ڊسمبر-2020
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو جون-2020
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
(شمارو
جون 2020ع)
هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ ۽ عملي قدم کڻڻ؛ صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم؛ سنڌيءَ ۾ دفتري/ سرڪاري لکپڙهه ڪرڻ؛ جديد دور جي گهرجن مطابق سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وغيره شامل آهن. ان سلسلي ۾ گهڻن سالن کان هن اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي قديم لکت، ان جي ڀاڃ؛ جديد لکت؛ تاريخ؛ قديم لفظي ذخيري جي بچاءَ؛ مختلف لھجن؛ جديد دور جي گهرجن پٽاندر واڌاري؛ سنڌيءَ کي ٻولين جي عالمي درجي تائين رسائڻ وغيره بابت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.
Sunday, August 8, 2021
THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN (Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi)
THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN
(DOOLAH DARYA KHAN JO KOT AEEN HAVELI)
Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi
Owing to his valuable capabilities and political vision, the true son of soil, an intellectual as well as great warrior Shaheed Doolah Darya Khan alleviated from his status Commander-In-Chief and Ameer-ul-Umrah (Prime minister) of Sindh during the tenure of highly reputed Emperor of Sama dynasty Jam Nizam-ud-Din alias Jam Nindo Samoo.
Wednesday, August 4, 2021
ساڻيھ جي سينگارَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي (چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي) پاران اظهارِ خيال
ساڻيھ جي سينگارَ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ جي ياد ۾، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي (چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي) پاران ٻه لفظ
Thursday, June 3, 2021
Monday, May 10, 2021
Sunday, May 9, 2021
اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم (ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب) مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
(ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب) اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم
“مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي ”مانجھي
نوجوان شاعر واحد ’سوز‘ ملاح ڪجهه وقت اڳ` مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو. مون کيس ڪنھن ٻئي دوست کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ گهڻو ئي چيو پر پاڻ نه مُڙيو. هڪ ڏينھن نيٺ اچي مسودو منھنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به کڻي هائوڪار ڪئي. جنھن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ’سوز‘ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ’سوز‘ سنڌ ساڻيھه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنھنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي.
Monday, February 8, 2021
Saturday, February 6, 2021
Tuesday, February 2, 2021
ايران جي مشهور شاعر، محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر محمد حسن حسيني پاران 30 ڊسمبر 2012ع تي ڊاڪٽر مانجھئَ تي لکيل تعريفي نظم
ايران جي مشهور شاعر، محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر محمد حسن حسيني پاران 30 ڊسمبر 2012ع تي ڊاڪٽر مانجھئَ تي لکيل تعريفي نظم