Wednesday, March 13, 2024

حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس - جي تازي شماري ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب جو ڇپجندڙ تحقيقي مضمون (ڪوٽ گل مير)

(ڊائريڪٽوريٽ جنرل نوادرات ۽ آثارِ قديمہ، ثقافت سياحت آثارِ قديمہ ۽ آرڪائيوز کاتو، حڪومتِ سنڌ) - پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي رسالي جي تازي شماري ’حيدرآباد ھيريٽيج ڪانفرنس‘  ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب جو ڇپجندڙ تحقيقي مضمون (ڪوٽ گل مير)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪوٽ گُلمِير

سنڌ ساڻيھه تهذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور رهيو آهي. سندس اهڙي شاهوڪاريءَ جون شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ موجود آهن. توڙي جو ڪيترائي آثار مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي چڪا آهن، پر جيڪي باقي وڃي بچيا آهن، انهن جي سنڀال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙن آثارن ۾ ’ڪوٽ گل مير‘ به آهي.

هِي ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، اُن جي درست تاريخ ۽ دور جي سُڌ

Monday, February 19, 2024

Tuesday, October 24, 2023

لاکو پير - لطف اللہ (ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽِماھي رسالي ’مھراڻ‘ نمبر 3/2023 ۾ ڇپيل تحقيقي مقالو)

 لاکو پير - لطف اللہ

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 سنڌي ٻولي، ادب ۽ ادبي تاريخ ۾، خاص ڪري جن آڳاٽن شاعرن جو احوال ملي ٿو، انھن ۾ سومرن جي دور ۾ ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ پوءِ اسماعيلي داعين جا گنان، تنھن کان پوءِ سمن جي دور جي ڪن شاعرن جن ۾ حماد جمالي ، اسحاق آھنگر، وسايي ڀٽري،  مريد بلوچ ۽ ٻين شاعرن جي شاعري مان ڪن جو ھڪ يا ٻہ يا ڪن جا ڪي وڌيڪ بيت ملن ٿا. ايئن بہ ڪونھي تہ انھن شاعرن ڪو ھڪ يا ٻہ بيت ئي چيا ھوندا، سندن مليل انھيءَ ھڪ يا ٻن بيتن جي پڙھڻ سان انھن ۾ استعمال ٿيل ٻولي، فن ۽ سٽاءُ ۽ فڪري سگھ کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو  تہ ھو وڏا شاعر ھئا ۽ سندن ٻي بہ گهڻي شاعري ھوندي  پر اھا ڪن سببن جي ڪري اسان تائين پھچي نہ سگهي. رڳو مختصر عرصي ۾ ارغوني ڪاھ، حملي، قبضي ۽ پوءِ ھفتن جا ھفتن ڦُرلُٽ، شھرن کي باھيون ڏيڻ، ھزارين ماڻھن کي قتل ڪرڻ ۽ وري بہ تڪڙو ئي سندن ڪرتوتن، نااھلي وغيرہ جي ڪري جڳ مشھور پورچوگيز ڌاڙيلن جو اچڻ ۽ سنڌ جي عظيم علمي مرڪز ٺٽي ۾ ھزارين ماڻھن جو قتل عام ڪرڻ ، سڄي شھر کي باھيون ڏيڻ، آسپاس جي علائقن ۾ بہ ساڳيو وحشت جو عمل ڪرڻ، ويندي ويندي لاھري جهڙي سھڻي ۽

Friday, August 18, 2023

محترم زين سولنگي پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي باري ۾ لکيل تاثرات (روزاني سوڀ، 6 آگسٽ 2023)

article-written-by-zain-solangi-daily-sobh-about-dr-muhammad-ali-manjhi.html

 

محترم زين سولنگي پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي باري ۾ لکيل تاثرات (روزاني ھِلال پاڪستان، 6 آگسٽ 2023)

article-written-by-zain-solangi-daily-hilal-pakistan-about-dr-muhammad-ali-manjhi.html

 

محترم زين سولنگي پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي باري ۾ لکيل تاثرات (روزاني واڪا، 6 آگسٽ 2023)

article-written-by-zain-solangi-daily-waaka-for-dr-muhammad-ali-manjhi

 

محترم زين سولنگي پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي باري ۾ لکيل تاثرات (روزاني آجيان، 6 آگسٽ 2023)

article-written-by-zain-solangi-daily-aajiyaan-about-dr-muhammad-ali-manjhi.html

 

محترم زين سولنگي پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي باري ۾ لکيل تاثرات (روزاني عوامي آواز، 6 آگسٽ 2023)

 

article-written-by-zain-solangi-daily-awami-awaz-about-dr-muhammad-ali-manjhi.html



Wednesday, July 19, 2023

ڏات سمنڊ آھي (احسان ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو ڪتاب) مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (زمانن کان اڳتي وڃڻ ٿا چاهيون)

’ڏات سمنڊ آهي‘(احسان ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو ڪتاب)

مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

زمانن کان اڳتي وڃڻ ٿا چاهيون

منهنجي سامهون ٺٽي جي شاعر دوست احسان هاليپوٽي جي شاعري جي ڪتاب ‘ڏات سمنڊ آهي‘ جو مسودو آهي، جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ پاڻ حميد مهراڻوي سان گڏ اچي ڏيئي ويو، جيئن آئون اُن تي مهاڳ لکي ڏيان. احسان اهڙو ماڻهو آهي، جهن کي آئون گهڻو مصروف هوندي به موٽائي نه سگهيس. مون کانئس مسودو وٺي رکيو، ڪجھ ورق پڙهي رکي ڇڏيم، اُن جو سبب اهو هو، جو اياز جي هڪ غزل جا هيٺيان بند منهنجي ذهن تي ائين ڇانيل رهيا، جو هر وقت ڄڻ گونجي رهيا هئا:

تون ناھ تہ هي چنگ چَڙو چنڊ نه ساءُ،

اي سير مُئي آءُ، هلي آءُ هلي آءُ!

سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي (نوني گوپال مجمدار/عطا محمد ڀنڀرو) ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ۾قديم کنڊرن جي کوٽائي

 (نوني گوپال مجمدار/عطا محمد ڀنڀرو) 

ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ھُونئن ته تحقيق جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي پر ادب جي دنيا ۾ ترجمي جو جن به ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي مھارت گھري ٿو. ترجمو ادبي دنيا ۾ ھڪ باقاعده فن ۽ ڏانءُ آھي جيڪو ھر ڪنھن جي وسَ جي ڳالھ ئي ناھي.

ڪھاڻي ۽ ناول وغيره جو به ترجمو ڏکيو ھوندو آھي پر تاريخي، تحقيقي ۽ سائنسي ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪي سولا نه ھوندا آھن. ترجمي جي دنيا ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري جو نالو بنھ مٿاھين حيثيت رکندڙ آھي. ھن ڪيترائي اھڙا تحقيقي، تاريخي ۽ سنڌو لکت تي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن جن اسان جي

Friday, June 16, 2023

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سنڌي ٻوليءَ جي لکت بابت پنھنجو ترتيب ڏنل، تازو ڇپيل ڪتاب سيد سردار علي شاھ، وزير تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ کي ڏيندي

 

dr-muhammad-ali-manjhi-with-syed-sardar-shah

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجهي                                                                            

 

گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي تہ ’شاھ جو ڪلام‘ کي سڀ کان اول گڏ ترتيب ڏيندڙ ،سنڌي گرامر تي پهريون دفعو ڪم ڪندڙ، سنڌي لغتون جوڙيندڙ’ڪئپٽن جارج اسٽئڪ‘ جو نالو سڀني کان اتم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ِ جاکوڙيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ سڀ کان اول راءِ جارج اسٽئڪ ڏني، مشهور عالم رچرڊ برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان جارج اسٽئڪ ورتو هو. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس خدمتن کي اسان هيٺين ريت ورهائي سگهون ٿا:


1.  سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن ڪئي هئي. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽئڪ جو ئي هٿ هو، هن پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش

سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ تي عمل ڪرڻ جي ڏينھن (29 آگسٽ) جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي

Tuesday, May 30, 2023

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي 29 مئي 2023 تي پرائمري اسڪول پير محمد بروهي جي سالياني تقريب ۾ تقرير ڪندي

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي 29 مئي 2023 تي پرائمري اسڪول پير محمد بروهي جي سالياني تقريب ۾ تقرير ڪندي