Sunday, August 4, 2013

آسيلئَ جو دڙو (Aaseeli jo Darro)


  آسيلئَ جو ڌڙو

(Aaseeli jo Darro)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                            
  سنڌ ساڻيهه آڳاٽي تهذيب جي لحاظ کان گھڻو اڳڀرو ۽ دنيا جي مکيه عظيم تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿو. اڄ جيڪي ملڪ اسين ترقئَ جي منزل تي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي اڃان وڏا جھنگ ۽ ويران علائقا هئا يا اهي اڃان ظاهر ئي ڪونه ٿيا هئا، جيڪڏهن ٿيا هئا ته اُتي انساني آبادي جيڪا هئي سا اڃان ارتقا جي اوائلي دور ۾ هئي.

 ايئن چئجي ته تهذيبي لحاظ کان بانبڙا ڏيئي رهيا هئا، تڏهن به سنڌ ملڪ جا ماڻهو شانائتي ۽ مهذب نموني سان زندگي گذاريندا هئا. بلڪِ سنڌ جي شهرن ۽ وسندين ۾ رهندڙ انسان پڪين سِرن سان جوڙيل صاف ۽ هوادار گھرن ۾ رهندا هئا. جتي صاف پاڻئَ جا کوهه، وهنجڻ سهنجڻ ۽ ترڻ لاءِ تلاءَ، راندين جا ميدان، اوطاقون ۽ درسگاهون، رڌڻا، وهنجڻ خانه، گندي پاڻئَ جي نيڪال جو بهترين نظام وغيره تمام سٺي نموني جو هوندو هو. هتي جا ماڻهو هزارين سال اڳ ۾ به اهڙي اعلى معيار جي زندگي گذاريندا هئا، جهڙي طرح اڄ جا جديد ۽ ترقي يافته هئڻ جا دعويدار ملڪ به نٿا گذارين. انسان جي تباهين جي لاءِ هٿيارن جا انبار ٺاهڻ ۽ گڏ ڪرڻ کي انساني ترقي ۽ تهذيب ڪڏهن به ڪوٺي نٿو سگھجي. تهذيب رڳو وڏن محلن، ماڙين، ٽاورن جو نالو نه آهي، تهذيب معصوم ملڪن تي قبضا ڪري ڪروڙين انسانن جو قتل ڪري اُتي جي ڏيهي اڳواڻن کي سرِعام ڦاهيون ڏيئي ڀوائتا منظر پيش ڪري سڄي دنيا کي عبرت ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ وجهي ڇڏڻ جو نالو به هرگز نه آهي. پر تهذيب ته انسان جي مهذبپڻي جي مٿاهين منزل جو نالو آهي، جتي انسان لاءِ بلڪ هر ساهواري ۽ ڌرتئَ جي ڀلي لاءِ هر چڱو قدم کنيو وڃي. جتي هر ايجاد ۽ جوڙ انسان جي سُک، شانتي ۽ امن لاءِ ئي هجي. تهذيبون جنگين ۾ جنم نه وٺنديون آهن. تهذيبون امن جون پيداوار هونديون آهن. جنگيون تهذيبن کي تباهه ڪنديون آهن. امن، سرهائي ۽ سُک تهذيبن کي جنم ڏيندا آهن، انهئَ لحاظ کان سنڌ ملڪ جي تهذيب هتي جي ماڻهوءَ جي مهذبپڻي جي گواهه آهي. مُهين جو دڙو، آمري، ڪاهو جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، رني ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، مجيراءِ، ڪارونجهر جا نشان، ڄام نگر، پليتاڻا ۽ ٻيا آثار سنڌ جي عظمت جا گواهه آهن. رڳو اهي ئي دڙا وغيره به ناهن، جن جي کوٽائي ٿي آهي يا جن تي ٿيل تحقيق اسان تائين پهتي آهي. سنڌ ۾ اڄ به سوين اهڙا آثار آهن، جيڪي اوجهل آهن، جن جي اڃان کوٽائي نه ٿي آهي. جن تي اڃان ڪابه تحقيق وغيره ٿي ئي نه آهي ۽ جيڪي اسان کان مسلسل تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن. اهڙن قديم آثارن ۾ ڪافرڪوٽ، هالاٺ، الهه ٻنو، اگھاماڻو، ساريجي، وٽيجي، چليا، جهول ماڙي، رڙي، مجيراءِ، جنت واريون بٺيون (ٽڪريون)، مول، سِرن وارو (تعلقو فيض گنج)، بٺيارو، حسن باغبان، آسيلئَ جو دڙو ۽ ٻيا سوين ماڳ، مڪان ۽ دڙا شامل آهن. انهن بيشمار قديم دڙن ۾ آسيلئَ جو دڙو به هڪ قديم دڙو\ماڳ آهي.

آسيلئَ جو دڙو ڪٿي آهي؟

           آسيلئَ جو دڙو ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچئَ تپي ڪنڊيارئَ ديهه جهاٻيرو ۾ آهي، جتي هاڻي ڳوٺ سونهارو جت آهي. بلڪ ڳوٺ سونهارو جت انهئَ دڙي جي مٿان اڏيل آهي.ِ گولاڙچئَ کان بدين روڊ سان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ ننڍڙو اسٽاپ دٻي شاخ موري (پُل) آهي. دٻي شاخ کان اُتر طرفان هڪ ڪچو رستو وڃي ٿو. اٽڪل اڍائي ڪلوميٽرن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ آسيلئَ جودڙو زرعي زمين ۾ گھيريل هڪ وارياسي پٽ تي ملندو. هن دڙي جو ذڪر شيخ محمد سومار پنهنجي مقالي “بدين ضلعي ۾ پراڻن دريائن جا وهڪرا” ۾ ڪيو آهي ۽ هڪ ٻئي مقالي بعنوان “بدين ضلعي جا قديم آثار” ۾ دڙن جي لسٽ ڏني آهي، جنهن ۾ آسيلئَ (ديهه، جهاٻيري، تپو، ڪنڊياري، تعلقي گولاڙچئَ) جو نالو درج ڪيو آهي. شيخ محمد سومار آسيلئَ جي دڙي متعلق لکي ٿو ته: “پٽيهل ڍوري جي ساڄي ڪناري تي سوڍن جو مرڪزي شهر هو.” هو اڳتي لکي ٿو ته: “آسيلئَ جي دڙي کان ڏکڻ پٽيهل جو وهڪرو وهندو هو.”(1) مطلب ته هي دڙو سنڌوءَ جي آڳاٽي وهڪري تي موجود هو.
      

وڃڻ لاءِ رستو:

هتي وڃڻ لاءِ گولاڙچئَ کان بدين ويندڙ مُک رستي تي چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دٻي شاخ جي موري (پُل) اسٽاپ کان اُتر طرف شاخ سان وڃبو. ڳوٺ فضل محمد ڏاهري تائين ٽُٽل ڦٽل رستو وڃي ٿو. ڳوٺ فضل محمد ڏاهرئَ کان پوءِ اٽڪل ٻه ڪلوميٽر بنهه ڪچو رستو آهي، جنهن تي جيپ ته وڃي سگھي ٿي پر ڪار وغيره جو وڃڻ بنهه ڏکيو آهي.


نالو:

آسيلئَ جي نالي متعلق به مختلف روايتون ملن ٿيون، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون:  
(الف) سومرن جي دور ۾ هاسو نالي سوڍو هڪ فوجي جرنيل هو. هي شهر اُن آباد ڪيو. پهريائين هن شهر جو نالو هاسو هو، پر پوءِ اڳتي هلي آسو ۾ تبديل ٿيو. هاسو مان هاسيلي ۽ پوءِ آسيلي نالو پيو.
(ب) شيخ محمد سومار موجب “سومرن جي دور جو آسو سوڍو هو، جنهن جي نسبت سان شهر جو آسيلي نالو پيو.”(2) منهنجي خيال ۾ آسو نالو ئي ٿي سگھي ٿو، جنهن جي پٺيان هن شهر تي آسو جو شهر يا اڳتي هلي آسيلي ٿيو هوندو. آسيلئَ جي اڳتي هلي نه رڳو نالي پر جڏهن هن دڙي جي مڪمل تحقيق ڪئي ويندي تڏهن ئي پڪ سان ڪا ڳالهه يقيني چئي سگهبي. 

دﺆر:

       هن دڙي متعلق جيڪي روايتون ملن ٿيون انهن جي بنياد تي اهو چئي سگھجي ٿو ته آسيلئَ جي دڙي جي بنياد پوڻ جو عرصو سومرا دور آهي. ائين به چيو وڃي ٿو ته آسيلي سنڌ جي گادئَ جو هنڌ رهيو آهي پر اسان کي اهڙي ڪابه شاهدي نٿي ملي. البته اهو چئي سگھجي ٿو ته آسيلئَ وارو ماڳ سومرا دور جي نشاني آهي ۽ هي شهر سما دور بلڪ ان کان پوءِ به گھڻي زماني تائين آباد رهيو. ڪن حقيقتن ۽ روايتن جي بنياد تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر جو اوج سما دور ۾ رهيو آهي. سنڌوءَ جي هڪ وهڪري جي ڪنڌئَ تي هي هڪ ننڍڙو پر نهايت سهڻي بيهڪ وارو شهر رهيو آهي. آسيلئَ جي دڙي مان جيڪي آثار مليا آهن انهن مان به ثابت ٿئي ٿو ته هي دڙو سومرا دور جو آهي جيڪو مغلن جي دور تائين موجود رهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان درياهه بادشاهه جي ڦيرگھير سبب آهستي آهستي تباهه ٿي ويو. آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ماڳ جي پسگردائئَ ۾ ٻيون به ڪي وسنديون آباد رهيون آهن، جن جا آثار اڄ به ملن ٿا. انڪري نه صرف هن ماڳ پر سندس پسگردائئَ ۾ به وسندڙ تڏهوڪين وسندين جي آثارن تي پڻ تحقيق جي سخت ضرورت آهي.


دڙي جي صورتحال:


        آسيلئَ جو دڙو زرعي زمين جي گھيري ۾ اٽڪل چئن ايڪڙن تي مشتمل آهي. آسپاس زمين ۾ ٽڙيل پکڙيل سرن، ٺڪراٺي وغيره کي ڏسي معلوم ٿئي ته دڙي جي ايراضي هاڻوڪن آثارن واري علائقي کان گھڻو وسيع هئي پر اها آهستي آهستي کيڙئَ (زرعي زمين) جي ور چڙهي ويئي. هي دڙو اڄڪلهه هڪ ڀٽ (ڀڙي) جي شڪل ۾ موجود آهي. تمام ٿوري مٽي اُٿلائڻ سان ئي جڳهين جون پڪيون سِرون ڀڳل ٽُٽل ٿانوَ وغيره نڪري ظاهر ٿي پون ٿا. اولهه ڏکڻ کان پڪين سِرن سان جڙيل ڊگھي ديوار جا نشان به چِٽا نظر اچن ٿا. وارئَ ۾ ڍڪيل هن دڙي تي هاڻي ڄاريون، ٻُٻر ۽ ٻيا وڻ به موري وڏا ٿي چڪا آهن. مٿاهين هنڌ هئڻ جي ڪري دڙي جي گھڻي حصي تي جتن جو ڳوٺ “سونهارو خان جت” آهي. تنهنڪري وچ واري چوٽئَ کي جانچي نٿو سگھجي. هئَ به هڪ حقيقت آهي ته هي ڳوٺاڻا اهڙا هاڃيڪار به ناهن جو دڙي جون سِرون ڪڍي پنهنجي گھرن ۾ ڪتب آڻين. يا دڙي جي آثارن کي ٻيو ڪو نقصان پهچائين. شاهه لطيف جي شاعرئَ سان عشق ڪندڙ هي جت ڄڻ ته هن ماڳ جا رکوالا آهن. توڙي جو هتي ڳوٺاڻن جي چوپائي مال جا وٿاڻ به آهن، مال جي پيرن جي کُرن لڳڻ سان ڪن ڪن هنڌن تي سِرون ۽ ٺِڪراٺو ٻاهر نڪتل نظر اچي ٿو پر تنهن هوندي به ڳوٺاڻا پنهنجي پاران بچاءُ ڪندا رهن ٿا.


شهر جو ڦٽڻ:

آسيلئَ جي ڦٽڻ متعلق به لڳ ڀڳ اهي ئي روايتون ملن ٿيون جيڪي سنڌ جي هر پراڻي شهر جي ڦٽڻ متعلق ملن ٿيون. توڙي جو اُنهن روايتن ۾ ڪابه صداقت نه آهي پر پوءِ به شيخ محمد سومار جي ڏنل روايت هتي ڏجي ٿي. هو لکي ٿو ته: “مرزو خاصخيلي آسو سوڍي کان وڏيون انعامون پنهنجي ڏاهپ سبب حاصل ڪيون هيون. مرزو خاصخيلي جنهن جي نالي پٺيان مرزانپور سڏجي ٿو. اهو مرزو ڪٿ ڪري کوڙئَ جو وزن هڪ ساعت ۾ لهي ڏيندو هو. آسي سوڍي سندس قدر به انهئَ ڪري ڪيو هو. ورنه آسو سوڍو عربن جي راڄ ختم ٿيڻ شرط رياست جو والي ٿيو هو. سو هن مسلمانن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اهو قانون ڪڍيو هو ته ڇهين ڇهين مهيني هو هڪ مسلمان جي رت سان ڏندڻ ڪندو هو. انهئَ جو اهو قهر، محمود غزنوي حملو ڪري ختم ڪيو.” چون ٿا ته اهو آسيلي شهر درس محمد مبارڪ فقيري پٽڻ سبب محمود غزنوئَ ويران ڪيو.(3)

حقيقت ۾ اها روايت بلڪل غلط آهي ڇو ته هڪ ته گھڻي معلومات هٿ ڪرڻ باوجود اسان کي ڪابه اهڙي روايت ملي نه سگھي، ٻيو ته محمود غزنوي هن خطي تائين ڪنهن به دور ۾ آيو ئي ڪونه هو. اچڻ جو ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ ذڪر نٿو ملي. منهنجي خيال ۾ هن شهر جي ڦٽڻ جو سبب سنڌوءَ جي وهڪري جي تبديلي آهي. سنڌوءَ جو هي وهڪرو جنهن تي هي شهر آباد هو جڏهن اُهووهڪرو هتان وهڻ بند ٿي ويو ۽ هتي پاڻئَ جي کوٽ پيدا ٿي تڏهن آهستي آهستي هي شهر تباهه ٿي ويو.


دڙي جو ظاهرٿيڻ:


  آسيلئَ جي دڙي متعلق ڪجهه سڄاڻ مقامي ماڻهن کي روايتن ذريعي ڄاڻ رهندي آئي پر ان جو ڪنهن ڪتاب وغيره ۾ ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. اهو به ٿي سگھي ٿو ته تاريخي ڪتابن ۾ هن دڙي جو ذڪر ڪنهن ٻي نالي سان آيل هجي. البته هن علائقي تي جاکوڙ ڪندڙ شيخ محمد سومار پنهنجي ڪتاب ۾ بدين ضلعي جي ڏنل قديم آثارن جي لسٽ ۾ آسيلئَ جو دڙو به ڄاڻايو آهي(4) پر هو به اُن جو ڪو خاص احوال ڏيئي نه سگھيو آهي. مون جڏهن آسپاس جي علائقن جي ماڻهن کان معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن به رڳو روايتون ئي مليون هتي جي رهاڪن پاران فقط ايترو چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ جڏهن برساتون وسنديون هيون يا ڪي تيز هوائون لڳنديون هيون تڏهن ڪن هنڌن تي ڪي سِرون ۽ ٺڪر جي ٿانوَن وغيره جا ٽڪرا ظاهر ٿيندا رهندا هئا. پر چڱي نموني سان آثار تڏهن ظاهر ٿيا، جڏهن ڳوٺاڻن نماز پڙهڻ لاءِ مسجد اڏائڻ لاءِ 25 ڊسمبر 1999ع تي هڪ هنڌ تي کوٽائي ڪئي.(5) تڏهن اُتان مٽئَ جون پڪيون سِرون ظاهر ٿيون. اُتي جڏهن پڪين سِرن ۽ ديوار جا ڪجهه نشان ڏسڻ ۾ آيا تڏهن هن ڳوٺ جي سڄاڻ شخص محمد صالح جت ڳوٺاڻن کي گھڻي احتياط جو تاڪيد ڪيو. پوءِ سندس ئي اڳواڻئَ ۾ نفاست سان کوٽائي ٿيڻ لڳي.(6) ڪجهه ڏينهن کان پوءِ  آهستي آهستي هڪ ڀت ظاهر ٿي ٻي ڀت ظاهر ٿي ۽ ايئن چار ئي ڀتون ظاهر ٿي پيون. محمد صالح جي چوڻ موجب اها کوٽائي لڳاتار چار مهينا هلندي رهي. کوٽائي ڪندي ڪندي نيٺ سٺي اڏاوت سان هڪ مڪمل مسجد حجري سميت ظاهر ٿي پئي. اهڙئَ ريت وضوءَ جي جڳهه ۽ غسل خانو به وغيره ظاهر ٿيا. هن وقت دڙي مان کوٽي ڪڍيل انهئَ مسجد جون ديوارون، فرش وغيره جيڪي ظاهر ٿيا سي سڀ سالم آهن. هيئن چئجي ته هن وقت هڪ مڪمل مسجد \ جڳهه ظاهر ٿي بيٺي آهي. البت ڇت جو ڪجهه حصو ڊٺل آهي. جنهن تي ڳوٺاڻن ڇانوَ لاءِ ڪکَ رکي ڇڏيا آهن. دڙي مان نڪتل انهئَ قديم مسجد ۾ اڄڪلهه روزانو پنج وقت نماز ٿئي ٿي ۽ هن ئي مسجد ۾ جمعي نماز به پڙهائي وڃي ٿي. پڪين سِرن سان ٺهيل انهئَ مسجد ۾ اسان چار ڪلاڪ گذاريا. ٽي فوٽ ٿلهين ديوارن واري هن مسجد جي ڊيگهه 30 فوٽ 6 انچ ۽ ويڪر 12 فوٽ 6 انچ آهي. مسجد جو آڳر 40×50 آهي. آڳر جي ڇيڙي وٽ (يعني اوڀارئين پاسي) وضو خانو ۽ هڪ غسل خانو ٺهيل آهي. مسجد جي آڳر کان اوڀر اُتر طرف ڊٺل ديوارن جا ڪجهه اهڙا آثار به ڏسجن ٿا جيڪي ڪنهن رهائشي ڪمري جا ٿي سگھن ٿا. باقي سڄو سارو دڙو مٽئَ ۾ پوريل آهي. جڏهن به هن دڙي جي کوٽائي ٿي تڏهن ضرور ڪي نيون حقيقتون ظاهر ٿينديون. انهئَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه لطيف جا عاشق محمد صالح جت، محمد بخش جت ۽ ٻيا ڳوٺاڻا هن دڙي جي تمام سٺي نموني سان رکوالي ڪن ٿا نه ته ملڪيت ملڻ جي ڪوڙي آسري تي زماني جا لالچي ماڻهو کوٽائي ڪري آثار ئي تباهه ڪري ڇڏين ها يا هي بچيل حصو به زميندار کيڙي اُڊيڙي تباهه ڪري 
ڇڏين ها.

دڙي مان مليل سامان:

آسيلئَ جي دڙي مان مسجد کان سواءِ ڪجهه حصي تي سِرون نظر اچن ٿيون جن جي ماپ 3×2 آهي. ڪٿي ڪٿي ٿانوَن جا ٽڪرا به نظر اچن ٿا. اسان جڏهن دڙي کان ڪافي وٿيرڪو زرعي زمينن ۾ وڃي ڏٺو ته اُتي به ڪيتروئي ٺڪراٺو نظر آيو. انهئَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن دڙي جي ايراضي بچيل دڙي کان گھڻي علائقي ۾ پکڙيل هئي.، جيڪا کيڙئَ جي 
ور چڙهي ويئي آهي.

هتي جي محبتي ۽ سڄاڻ شخص محمد صالح جت وٽ ڪجهه سڪا به موجود آهن انهن مان هڪ سڪي جي هڪ پاسي تي 830 سن لکيل آهي، جڏهن ته ٻيو پاسو ڊٺل آهي. ٻئي سڪي جي هڪ طرف هڪ اڌ تي محمد لکيل آهي، جڏهن ته اڌ ڊٺل آهي ۽ ٻيو پاسو صاف نه هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ٽين سڪي جي هڪ پاسي تي 881 لکيل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي جا اکر پڙهي نٿا سگھجن. محمد صالح جت جو چوڻ آهي ته هن دڙي تان مليل وٽس ڪجهه اهڙا سڪا وغيره به هئا، جيڪي بلڪل صاف هئا ۽ انهن جو تعلق سومرا دور سان آهي پر اُهي سڪا وٽانئس ڪو محقق دوست کڻي ويو آهي جنهن اڃان تائين واپس ناهن ڪيا.(7)

 ڪجهه سال اڳ ۾ مانوارو محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به هي دڙو گھمڻ آيو هو. ڳوٺ جي چڱي مڙس محمد صالح جت جو چوڻ آهي ته هنن ڪجهه سڪا وغيره ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن کي ڏيکاريا هئا.

ڳوٺاڻن ڪجهه سالم ڏيئا ۽ لوٽا به ڏيکاريا جيڪي هن دڙي منجهان مليا آهن. چڪ تي ٺهيل انهن ٿانوَن وغيره جي چڪاس کان پوءِ ئي چئي سگھبو ته هي ٿانوَ گھڻو وقت اڳ ۾ ٺاهيا ويا هئا پر ايترو ضرور آهي ته چيڪي مٽئَ مان چَڪَ تي جڙيل ٿانوَ ڏاڍي نفاست سان جڙيل آهن. ٿانوَن تي هلڪي ڪاري رنگ جا چِٽ ۽ مختلف ڀاڄين جا نقش وڏي ڪاريگرئَ سان چِٽيل آهن. پليٽن تي ڪڻڪ ۽ سارين جي سنگن جا نشان اندرئين پاسي ڪنارن تي ڏنل آهن. جڏهن ته ٻاهريان پاسا گھڻو ڪري ڊهي چڪا آهن.

گذارشون:

1. سنڌ جي سڀني آڳاٽن دڙن، ماڳن، مڪانن جو تحفظ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هي دڙا مٽئَ جا ڍير نه پر سنڌي تهذيب جا گواهه آهن.
          
 2. سنڌ جي سموري قوم کي گھرجي ته قديم دڙن ۽ آثارن جو بچاءُ ڪن. لالچ ۽ لوڀ جي ڪري قديم آثارن تي قبضا ڪري سنڌو تهذيب سان ڌارين کان به وڌيڪ دشمني نه ڪريون. ڌارين انگريزن ته اسان جي ماڳن جو نه رڳو تحفظ ڪيو پر انهن اعليٰ معيار جي تحقيق ڪري اسان کي دنيا ۾ روشناس ڪرايو.

3. سُونهارو خان جت جهڙي سنڌ دوست ڳوٺاڻن مان سبق حاصل ڪري، جيڪي قديم دڙا ۽ آثار پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ يا ويجهو موجود آهن گھٽ ۾ گھٽ انهن جو پاڻ تحفظ ڪريون جيڪو اسان جو قومي فرض آهي.
                                            

حوالا:


 1. شيخ محمد سومار “بدين ضلعي جو مطالعو” لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1982ع، ص 110.
ساڳيو حوالو، ص 93.2.
3. ساڳيو حوالو، ص 94
4. ساڳيو حوالو، ص 94
5. محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع.
 محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع.6.
7. محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع
                                   



No comments:

Post a Comment