دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ
(Sindh in The View of Alexander Hamilton)
اليگزينڊر هيملٽن/ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
(مشهور واپاري ۽
سياح، اليگزينڊر هيملٽن 1699ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هو لاهري بندر کان ٺٽي آيو هو. هن
اهو مختصر پر جامع احوال پنهنجي ڪتاب An Account of the East Indies ۾ ڏنو آهي).
سنڌ مغل بادشاهت جي
انتهائي اولهه ۾ سمنڊ سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ لاهري بندرهن جو بندرگاهه آهي، جيڪو
سمنڊ کان 5 يا 6 ليگ، سنڌؤَ جي هڪ شاخ تي آهي. هن بندرگاهه تي 200 ٽنن جا جهاز اچي
سگهن ٿا. اُن سان گڏ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ گهر آهن، جيڪي مٽئَ جي گاري مان جڙيل
آهن، پر اُتي پٿرن سان جڙيل هڪ قلعو به آهي، جنهن تي چار يا پنج توبون رکيل آهن،
جيئن هتي جي تجارتي سامان جو
بلوچ ۽ مڪراني ڦورن کان بچاءُ ڪري سگھجي. سرحدي علائقن ۾ رهڻ جي ڪري کين چوري
چڪاري ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪي هن جي ويجهڙائئَ جا رهاڪو آهن. هي هر اُن شخص کي ڦرين
ٿا جيڪو سندن ور چڙهي ٿو.
بلوچ ايران مان بغاوت ڪري هتي آيا آهن، ۽ مڪراني
مغلن جي رعيت آهن. جڏهن فوج
سندن سرڪشئَ کي دٻائڻ لاءِ ايندي آهي تڏهن انهئَ ڪري بچي ويندا آهن جو انهن جو علائقو جتي هو رهن ٿا اهو دٻڻن ۾
آهي. هي پنهنجي حاڪمن جي حڪمن يا قانون جي ڪا به پرواهه نٿا ڪن. انهن قافلن کي ڦرڻ
سندن پيشو آهي، جيڪي لاهري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچن وڃن ٿا. توڙي جو انهن قافلن جي
حفاظت لاءِ 200 گھوڙي سوارن جو دستو هوندو آهي جيڪو ٺٽي جو نواب يا گورنر ساڻن گڏ
موڪليندو آهي، پر اڪثر قافلن جا اهي حفاظتي دستا انهن ڦورن هٿان قافلن کي ڦرجڻ
ڏيندا آهن. اُن لاءِ اُهي اهو بهانو ڏيندا آهن ته اُهي سندن سامهون بي وس آهن،
يعني ڦوروگھڻا آهن، پر پوءِ انهن ڦورن کان ڦريل مال مان کين حصو ملندو اٿن.
ٺٽو هن صوبي جو
واپاري مرڪز آهي ۽ انهئَ لحاظ کان هي هڪ وڏو دولتمند هر آهي. ڊيگھ ۾ ٽن ميلن تائين
ڦهليل آهي، ويڪرائي ڏيڍ ميل ٿيندي. لاهري بندر کان هي چاليهن ميلن جي فاصلي تي
آهي. اُن جي اولهه واري ڇيڙي تي هڪ وڏو قلعو آهي. ان ۾ پنج سؤ ماڻهن ۽ گھوڙن جي
رهائش جي سهولت آهي. هتي ماڻهن جي رهائش لاءِ بيرڪس ۽ گھوڙن لاءِ طنبيلا ٺهيل آهن.
نواب جي رهڻ لاءِ هڪ وڏو محل آهي. اهو سمورو مال جيڪو ٺٽي کان لاهري بندر ايندو
ويندو آهي، ان لاءِ اُٺ، گھوڙا ۽ ڍڳي گاڏيون استعمال ٿينديون آهن. اهو سمورو
علائقو ميداني آهي ۽ رستي ۾ جتي ڪٿي گھاٽيون ڄاريون وغيره بيٺل آهن. اُهي ڄاريون
وغيره ڦورن جي لڪڻ جو ڪم ڏينديون آهن، جتان اُهي نڪري قافلن تي حملو ڪندا آهن. اُن
وقت جڏهن حفاظتي دستو ڪنهن هڪ پاسي جنگ ۾ مصروف هوندو آهي، تڏهن ڦورو گاڏين کي
سامان سميت کنڀي کڻي ويندا آهن. 1699ع ۾ چار يا پنج هزار بدمعاشن جي جٿي مال ۽
دولت سان سٿيل قافلي کي لُٽيو هو. اُن جو حفاظتي دستو جيڪو 250 گھوڙيسوارن تي
مشتمل هو، سو سمورو قتل ٿي ويو. 500 واپاري ۽ سامان ڍوئيندڙ جيڪي قافلي سان گڏ
هئا، اهي لُٽجي پٽجي جڏهن ٺٽي پهتا تڏهن انهن ماڻهن کي گھڻو ڊيڄاري ڇڏيو.
هئَ منهنجي خوشقسمتي هئي جو آئون انهئَ واقعي جي چئن مهينن کانپوءِ
لاهري بندر آيس. آئون جنهن ڪارگو سان گڏ آيس ان جي ماليت 11000 هئي. مون کي هتي
ٺٽي جو ڪو به اهڙو واپاري نه مليو جيڪو منهنجي سامان جي ٺٽي پهچائڻ کان پهرين قيمت
لڳائي. پر اُهي ان لاءِ تيار ٿي ويا ته مون وٽ جيڪي مصالحا آهن، انهن جي ٻولي
لڳائِي وڃي. مون لاءِ انهئَ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه هئي ته آئون خشڪئَ رستي ٺٽي
لاءِ هڪ قافلي ۾ سفر ڪريان، جنهن ۾ 1500 جانور هئا ۽ ان کان به وڌيڪ مرد ۽ عورتون
هيون. حفاظت لاءِ 200 سوارن جو دستو هو.
اهو جنورئَ جو وچ هو جڏهن اسين سفر تي روانا ٿياسين. اڃا مس 16 ميل سفر ڪيوسين
ته اسان جي مخبرن اچي خبر ڏني ته وڏي مقدار ۾ هڪ بلوچ ۽ مڪراني ڦورو اسان جي
انتظار ۾ واٽ جهليو ويٺا آهن. مون سان گڏ تيرنهن بندوقن وارا هئا، جيڪي اڳيان
اڳيان اسان جي اُٺن سان گڏ هئا، اسين سڀ ننڍن گھوڙن تي سوار هئاسين. اها خبر ٻڌي
اسين هيٺ لٿاسين ۽ وَهٽن (جانورن) کي پنهنجي سامهون، کاٻي ۽ ساڄي ڪيوسين ته جيئن
اهي اسانجي لاءِ حفاظتي ديوار بڻجي سگھن ۽ انهئَ طرح اسين ڦورن جي تلوارن وغيره جي
نشانن کان محفوظ رهي سگھون. پر اسان ايتري کُلي جڳهه ڇڏي جنهن ۾ رهي اسين ڦورن تي
فائر ڪري سگھون. اسين اڃان ايترو اڳتي وڌيا ئي نه هئاسين ته ڦورن اسان جي مخبرئَ جي
لاءِ هڪ ماڻهؤَ کي اسان ڏانهن موڪليو، جيڪو گھوڙي تي سوار اگھاڙي تلوار ڦيريندو
آيو ۽ ويجهو اچي اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان هٿيار نه اُڇليا ۽ سامان
سندن حوالي نه ڪيو ته اسان جي حفاظت جي ڪابه ضمانت نه آهي. مون سان گڏ ٻه جهازران
هئا، جن کي مون جهاز ۾ هڪ پکئَ کي هڪ ئي ڌڪ سان شڪار ڪندي ڏٺو هو، جيڪو جهاز مٿان
اُڏامي رهيو هو. انهئَ مان مون کي اندازو هو ته انهن جو نشانو گُسي نٿو سگهي. انهن
مان مون هڪ کي چيو ته: ”انهئَ مخبر کي شوٽ ڪري ڇڏ.“ هُن انهئَ تي هڪدم عمل ڪيو ۽
گولي ان جي مٿي مان آرپار هلي ويئي. هڪ ٻيو جيڪو انهئَ جي پٺيان اچي رهيو هو ۽
ڌمڪيون ڏيئي رهيو هو، انهئَ کي به ساڳئي ريت موت جو منهن ڏسڻو پيو. ان کان پويان
ايندڙ جي باري ۾ مون هدايت ڏني ته ان جي گھوڙي جي مٿي ۾ گولي هنئي وڃي، ته جيئن
کيس جهلي، دشمنن متعلق پڇي سگھون ۽ سندن طاقت جو اندازو ڪري سگھون. گھوڙو جيئن ئي
سامهون آيو ته شوٽ ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسان جي ڪجهه سوارن، ڦورؤَ کي منهنجي
سامهون آڻڻ بدران کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. هاڻي اسانجو حفاظتي دستو جيڪو نظر رکندو
آيو. جڏهن انهن اهو ڏٺو ته قافلي جي سامهون واري حصي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، تڏهن انهن
همت ڪئي ۽ جهنگ ۾ ڪاهي پيا ۽ انهن ڦورن کي ڌڪي ڦٽي ڀڄائي ڪڍيو، جيڪي اسان جي ساڄي
کاٻي پاسن کان حملي جي تيارئَ ۾ هئا. انهئَ ساري ڪاروائئَ جي ڪري ڦورو ايتري قدر
ڊنا جو پيرن تي زور رکي وٺي ڀڳا ۽ اسانجي گھوڙيسوارن به سندن پويان پئي منجهائن
ڪيترن کي ماري وڌو. جڏهن حفاظتي دستو اُتان واپس وريو تڏهن اسان پنهنجو سفر وري به
شروع ڪيو.
اٽڪل چار ميل
سفر ڪرڻ کان پوءِ اسين هڪ ڪچي قلعي ۾ پهتاسين. اهو لاهري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ آهي،
هتي انهن قافلن کي رهائڻ جو انتظام ٿيل آهي، جيڪي اڳتي وڃڻ چاهيندا آهن. قلعي ۾
سوڙهه جي ڪري ماڻهو ۽ جانور سڀ گڏ رهندا آهن. انهئَ ڪري هن کي ”گندگھر“ چئجي ته
بهتر ٿيندو. هتي ننڍا ننڍا گھر به اڏيل آهن، جتي مسافرن جي خريد ڪرڻ جي لاءِ پکي،
ٻڪر ۽ رڍون به پاليون وڃن ٿيون. انهئَ مقصد لاءِ جيڪي جڳهيون اڏيون ويون آهن، اهي
لاهري بندر ۽ ٺٽي جي وچ تي رستي ۾ ڏسي سگھجن ٿيون.
منهجي
ٺٽي ۾ پهچڻ سان ۽ رستي ۾ ڦورن سان جيڪا جنگ ٿي هئي، تنهن کان پهرين ئي منهنجي
سنگاني بحري ڌاڙيلن تي فتح جيڪا مون مالابار ۽ لاهري بندر جي وچ ۾ سامونڊي سفر
دوران ڪئي هئي، سا هتي ماڻهن ۾ مشهور ٿي چڪي هئي. تنهنڪري شهر ۾ منهنجي مانائتي آجيان
ڪئي ويئي. شهر جا وڏا ماڻهو منهنجي ملاقات لاءِ آيا ته پاڻ سان گڏ مٺايون، ميوات ۽
گلن جون سوکڙيون کڻي آيا. ڇاڪاڻ ته اسان جو قافلو وڏي خطري مان گذري حفاظت سان هتي
پهتو هو، انهن اسان جي قافلي جي بهادري ۽ طاقت جي به وڏي واکاڻ ڪئي.
هتي ٺٽي ۾ اسان پندرهن ڪمرن تي مشتمل هڪ
پُرسڪون جڳهه ۾ ٽڪياسين. انهئَ جڳهه ۾ سامان رکڻ لاءِ هڪ بهترين گدام به هو گھٽئَ
کان ڏهن فوٽن تي ڊيگهه ۾ سيڙهيون هيون جيڪي هلڪي هيڊي رنگ جون هُيون ۽ غلاف وانگر
هموار هيون. ٻي ڏينهن نواب پاران سوکڙئَ طور هڪ ڍڳو، پنج رڍون، ڪيتريون ئي ٻڪريون،
ويهه پکي ۽ پنجاهه ڪبوتر آندا ويا. گڏوگڏ مٺايون ۽ ميوات به گھڻي مقدار ۾ آندائون.
ان وقت هو شهر کان ڇهن ميلن جي فاصلي تي ڪيمپ ۾ هو، جتي اَٺ يا ڏهه هزار فوجي هئا.
هن انهن بلوچن ۽ مڪرانين کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي، جن قافلي کي ڦريو ۽ سندن ماڻهن کي
قتل ڪيو هو. هن مون کي مانئَ تي گڏجڻ جي خواهش ظاهر ڪندي اسان کان ملاقات ڪرڻ لاءِ
مناسب وقت جي پڇا ڪئي، جيئن هو اسان کي گھوڙا وغيره موڪلي سگھي. مون سندس مهربانئَ
جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته ٻئي ڏينهن تي سندس سلامي ڪبي. هن ٽي ڏينهن
20 خوبصورت ۽ صحتمند، سهڻي نموني سنجيل ايراني گھوڙا اسان جي سوارئَ لاءِ موڪليا.
انهن مان ڏهه مون پنهنجي لاءِ چونڊيا، جيئن آئون ۽ منهنجو حفاظتي دستو سواري ڪري
سگھي. ڏهه انهن معتبر واپارين جي سوارئَ لاءِ ڏنا جن مون سان بطور دوست هلڻ
گھريوٿي. اسين جيئن ئي ڪيمپ جي ويجهو پهتاسين ته احترامن گھوڙن تان لهي پياسين پر
هڪ گھوڙيسوار عملدار جيڪو اسان جي آجيان لاءِ آيو هو ان اسان کي ايئن ڪرڻ کان
روڪيو ۽ چيو ته نواب صاحب جي خواهش آهي ته اسين ڀلي سندس خيمي تائين گھوڙن تي چڙهي
اچون. سو اهو عملدار اسان جي رهنمائي ڪندو خيمي جي در تائين اسان سان گڏ آيو. مون
کي نواب جي خيمي ۾ آندو ويو جتي هو اڪيلو ويٺو هو. مون سان گڏ جيڪي به ماڻهو آيا
هئا تن کي هڪ ڪلاڪ تائين اندر اچڻ نه ڏنو ويو. کيڪار ۽ حال احوال پڇڻ ۾ ڪافي وقت
لڳي ويو. مون کي آداب ۽ ريتن رسمن جي خبر هئي ۽ اها به خبر هئي ته وڏي عملدار يا
امير وٽ خالي هٿين وڃڻ نه گھرجي، انهئَ ڪري مون ان خواهش جو اظهار ڪيو ته نواب جي
قدمن ۾ هڪ معمولي سوکڙي رکي سگھان، جنهن جي هن اجازت ڏني. سوکڙي ۾ هڪ آئينو هو
جنهن جي قيمت 5 پونڊ هئي، هڪ بندوق ۽ پستولن جي هڪ جوڙي، جنهن جي هَٿَين تي سونَ
جو ڪم ٿيل هو، هڪ تلوار، سهڻي مُٺيئَ وارو خنجر ۽ شيشي مان جڙيل خوبصورت حقو. ان
کان پوءِ هن منهنجي ساٿين کي خيمي ۾ گھرايو ۽ اهي سوکڙيون ڏيکاريون جيڪي مون کيس پيش ڪيون هيون. هن هر سوکڙئَ جي وڏي
واکاڻ ڪئي ۽ گڏوگڏ منهنجي بهادري ۽ سخاوت کي ساراهيو ۽ چيو ته آئون ٺٽي جو آزاد
شهري آهيان ۽ اهو اعلان پڻ ڪيائين ته منهنجو سامان سامونڊي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو
هوندو. جيڪڏهن مون سامان خريد ڪيو موٽ ۾ پيسا نه ڏنا، ته منهنجي لاءِ اهو ضروري نه
هوندو ته قاضئَ جي عدالت ۾ انصاف لاءِ وڃان ر اهو اختيار هوندو ته قرض يا رقم نه
ڏيئڻ وارن کي قيد ڪري سگھان. جيڪڏهن پوءِ به رقم نه ڏيئي ته اهڙي ماڻهؤَ جي ساري ملڪيت ، زال، ٻارن ۽
ويجھن مِٽن مائٽن کي به وڪڻي سگھان ٿو ته جيئن انهئَ ذريعي پنهنجي رقم وصول ڪري
سگھان. انهئَ وڏي رعايت ملڻ ڪري مون کي هميشه اها سهولت رهي ته آئون رقم وصول ڪرڻ
جا شرط طئي ڪرڻ وقت اُهي ڳالهيون درج ڪرائيندو هئس. ٽن ڪلاڪن جي ڪچهرئَ کان پوءِ
موڪلائڻ مهل هن چيو ته جيئن ئي سندن اها مهم ختم ٿيندي تيئن منهنجي گهر تي اچي
ملاقات ڪندا، پر انهن ٽن مهينن ۾ جيڪي آئون ٺٽي ۾ رهيس، هو شهر واپس نه آيو پر
انهئَ وران هو لڳاتار منهنجي صحت ۽ حالت متعلق پڇا ڪندو رهيو.
انهئَ ڇيڻي ۽ گند واري گهر کان جڏهن ٺٽي کان
اڳيان وڃبو ته شهر کان چئن ميلن جي فاصلي تي مٿاهين ميدان تي ٻائيتاليهه (42)
مقبرا آهن، جن کي ڏسي ايئن معلوم ٿئي ٿو، ڄڻ ته هي به ڪو ننڍو شهر آهي. اهي سنڌ جي
انهن بادشاهن جو قبرستان آهي، جن جي ڪنهن وقت ۾ سنڌ تي حڪومت هوندي هئي. آئون انهن
مان سڀني کان هڪ وڏي مقبري ۾ ويس، جنهن جي مٿان گنبذ آهي ۽ وچ ۾ قبر يا تعويز آهي،
جيڪو ٽي فوٽ مٿي ۽ ست فوٽ ڊگھو آهي. هتي ٻيون به قبرون هيون پر ڊيگهه ۾ ننڍيون
هيون. گنبذن جا رنگ هيڊا، ڳاڙها ۽ ساوا آهن، جيڪي پري پري کان چمڪندي نظر اچن ٿا.
انهن ۾ استعمال ٿيل پٿر چورس خانن جي شڪل ۾ ترتيب سان لڳل آهن. انهن جي رنگين شڪل
ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن ۽ هڪ خاص قسم جو سرور حاصل ٿئي ٿو. هي مقبرو اٽڪل 10
وال اوچو ست وال پکيڙ ۾ هوندو. مون کي ٻڌايو ويو ته هي هن ملڪ جي آخري بادشاهه جو
مقبرو آهي، جنهن جي ملڪ تي جهانگير جيڪو مشهور بادشاهه اورنگزيب جو ڏاڏو هو تنهن
قبضو ڪيو هو. اهو سترهين صدئَ جو شروعاتي زمانو هو. جڏهن هن سنڌ جي بادشاهه کي
شڪست ڏيئي قيدي ڪيوويو تڏهن اُتي کانئس پڇيو ويو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي
لاءِ جيڪو گهري سو گهري سگھي ٿو. هو جيڪو گھرندو سا گھر پوري ڪئي ويندي. تنهن تي
هن شريفاڻي انداز ۾ جواب ڏنو ته هو چاهي ٿو ته سندس راڻي ۽ اولاد انهئَ مقبري ۾
دفن ٿين، جيڪو هن پنهنجي دور جي خوشحالئَ ۾ تعمير ڪرايو هو. هن تي اُن وقت ٻه لک
روپيا خرچ ٿيو هو. هي اهڙي درخواست هئي جنهن کي اُهو فاتح رد ڪري نه سگھيو.
ٺٽو شهر سنڌو درياءَ کان ٻن ميلن جي فاصلي تي
هڪ کلي ميدان تي آهي. درياهه مان وڏو واهه کوٽي هتي آندو ويو آهي، جيئن شهرين کي
پاڻي جي رسائي ٿي سگھي ۽ هن شهر جي باغن کي سرسبز رکي سگھجي. 1699ع تائين شهر ۾
باغ گهڻا ۽ ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ اُتي بيشمار وڻ هئا، جن ۾ اعلى قسم جو ميوو ٿيندو
آهي. خاص طور تي ڏاڙهون ڏاڍا لذيذ هئا. مون پنهنجي
سڄي ڄمار ۾ اهڙا لذيذ ڏاڙهون وري ڪڏهن نه کاڌا.
منهنجي اچڻ کان ٽي سال پهرين مينهن نه وسڻ ڪري
شهر ۽ آسپاس جو علائقو ويران ٿي ويو هو. چيو وڃي ٿو ته شهر ۾ اٺ هزار يا اُن کان
به گھڻا ماڻهو مري ويا هئا، جيڪي سلڪ ۽ ڪپهه مان ڪپڙو تيار ڪندا هئا. اهو ڪاروبار
به ختم ٿي ويو هو. اڌ شهر ته تباهه ٿي ويو هو ۽ آبادئَ کان سُڃو ٿي ويو هو. اهو ئي
سبب هو جو شهر جي بادشاهه کي به شهر کان ٻاهر ڪئمپ لڳائي رهڻو پيو. جتي آئون ساڻس
ملڻ ويو هئس. ڪئمپ چوڪور لڳائي ويئي هئي. جنهن جي آسپاس کاهي کوٽائي ويئي هئي،
جيڪا ٽي وال کن ويڪري هئي ۽ ايتري ئي اونهي هئي. کاهئَ کان پوءِ جيڪو خالي ميدان
هو اُتي چار فوٽ اوچي ڊگھي ديوار جوڙي ويئي هئي. اوچا چار دروازا هئا، هر دروازي
کان سڌي واٽ ان جي سامهون واري دروازي ڏانهن ويئي ٿي.جنهن ڪري صليب جي شڪل بڻجي
ويئي ٿي. نواب جو محل انهئَ صليب جي وچ ۾ هو. کاهئَ کي سنڌو درياءَ جي پاڻي سان
ڀريو ويو هو ۽ جڏهن ضرورت پئي ٿي تڏهن ان کي سُڪايو ويندو هو. ان پاڻئَ کي ڪيمپ
کان ٻن ميلن جي وِٿئَ تي ڌٻڻ واري علائقي ۾ ڇڏيو ويندو هو.
سٻاجهو سنڌو درياهه ڪشمير تائين جهازرانئَ لائق
آهي. هن درياھ جي هڪ شاخ ڪابل تائين وڃي ٿي ۽ ٻيون شاخون پنجاب، لاهور، ملتان ۽
بکر ڏانهن وڃن ٿيون. انهئَ ڪري اهي سڀئي شهر انهن جي ڪنڌئَ تي يا ويجهڙ ۾ آهن، سي
اندرون ملڪ جي جهازراني مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهن. انهن
جا جهاز ڪفيٽزسڏيا وڃن ٿا جيڪي هر سائز جا ٿين ٿا. انهن مان سڀني کان وڏو جهاز 200
ٽن وزن کڻي سگھي ٿو. ان جي هيٺين سطح هموار هوندي آهي. ان جي ٻنهي پاسن ۾ اڳئين
ڀاڱي کان آخر تائين ڪيبنون جڙيل آهن. هر ڪيبن ۾ هڪ رڌڻو هوندو آهي ۽ ڪاڪوس به ٺهيل
هوندو آهي، جنهن جي گندگي سڌو پاڻي ۾ ويندي آهي. اهي ڪيبينون مسافرن کي ڀاڙي تي
ڏنيون وينديون آهن جيئن اهي ضروري سامان سميت الڳ رهي سگهن. هر مسافر پنهنجي ڪيبين
کي تالو لڳائي حفاظت سان رهي سگھي ٿو. اهڙي طرح ان جو واپاري وکر هر انهئَ هنڌ
وڪري لاءِ تيار هوندو آهي جتي جي منڊي ۾ گهربل هوندو آهي. مون اڃان تائين سڄي ڄمار
جي سفر ۾ اهڙيون سهولتون درياهه يا سمنڊ ۾ ڪٿي به نه ڏٺيون آهن. ٻيڙين ۽ جهازن تي
هڪ وڏو سڙهه هوندو آهي، ان جو استعمال تڏهن ڪيو ويندو آهي جڏهن تيز هوائون هونديون
آهن پر جڏهن هوائون نه هونديون آهن تڏهن ان کي کوليو ويندو آهي. انهئَ لاءِ ضروري
هوندو آهي ته جهاز ۾ ماڻهو گھڻي تعداد ۾ هجن ته جيئن انهئ وقت جڏهن هوا اُبتي هجي
ته اهي لهرن جي اُبتڙ هلي سگهن. ٺٽي کان لاهور تائين جو سفر ڇهن کان ستن هفتن ۾
طئي ڪري سگھبو آهي. پر لاهور کان واپسئَ وقت ارڙهن کن ڏينهن لڳندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته اهو سفر ٻارهن ڏينهن ۾ به پورو ٿي ويندو آهي.
ٺٽي جي ويجهو
درياهه جي ويڪرائي اٽڪل هڪ ميل کن ٿيندي. جڏهن مون پاڻئَ جي گهرائي پيمائشي اوزار
وسيلي پاڻئَ ۾ وجھي ماپڻ چاهي ته ڇهه فيٿم (هڪ فيٿم ۾ ڇهه فوٽ هوندا آهن.) گهرائي
هئي. لهرون ايتريون تيز نه هيون، وهڪري جي رفتار ڪلاڪ ٻه يا اڍائي ميل هوندي آهي.
درياهه ۾ مڇئَ جا ڪيترائي قسم آهن. انهن مان مڇئَ جو هڪ قسم ته اهڙو به هو جنهن
جهڙي لذيذ مڇي مون زندگي ڀر نه کاڌي آهي، شايد اها مڇي پلو هجي. انهن مان ڪجهه
مڇين جو وزن 20 پائونڊن کان به وڌيڪ هو. اسين انهن مان ڪجهه جيئريون مڇيون مارڪيٽ تائين
کڻي آياسين.
هتي ڪاري رنگ جا پالتو جانور گھڻا آهن. بنهه
ٿلهيون ٻڪريون ۽ رڍون به آهن جن مان 80 کان 100 پونڊ تائين گوشت ملي سگھي ٿو. هتي
جا گھوڙا قد ۾ ننڍا هوندا آهن پر محنتي، سخت جان ۽ تيز رفتار آهن. هرڻ، سها، لومڙ
۽ ٻيا جانور جهنگ ۾ شڪار لاءِ تمام گھڻا آهن. انهن جو شڪار هو ڪتن، چيتن ۽ هڪ
خطرناڪ قسم جي مخلوق سان ڪندا آهن اها ڊيگھ ۾ لومڙ جي برابر هوندي آهي. ان جا ڪن
ڊگھا سهي وانگر هوندا آهن. ان جو منهن ٻلئَ جهڙو هوندو آهي. سندس پُٺ ۽ پاسا ڪارا
پر پيٽ ۽ ڇاتي اڇي هوندي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو ناياب قسم جو جانور آهي ڇو ته
مون انهن جو تعداد گھڻو نه ڏٺو. جڏهن انهن کي شڪار لاءِ نيو ويندو آهي تڏهن
گهوڙيسوار ان کي پويان ويهاري ڇڏيندو آهي. ان جون اکين تي پٽي ٻڌي ويندي آهي. هتي
هرڻ انسانن سان بنهه گھڻي انسيت رکندا آهن. تنهنڪري اهي ايستائين ڪونه ڀڄندا آهن
جيستائين گھوڙا بنهه ويجهو ايندا آهن. اهو سوار جيڪو ان جانور کي وٺي وڃي رهيو
هوندو آهي، اهو ان جي اکين تان پٽي لاهيندو آهي ۽ شڪار کي ڏيکاريندو آهي. ڏسندي ئي
ڏسندي اهو گھوڙي تان ٽپ ڏيئي تيزئَ سان ڀڄي وڃي هرڻ کي پُٺ وٽان حملو ڪندو آهي ۽
پوءِ پنهنجي شڪار جون اکيون کرڙي وٺندو آهي، جيئن شڪار کي آسانئَ سان شڪار ڪري
سگھجي. چيتا پنهنجي شڪار کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي وجھندا آهن. اهوئي ڪم ڪتا به ڪندا
آهن. جيڪڏهن شڪار پاڻئَ ۾ ڪري پوندو آهي ته اهو ترندو ويندو آهي ۽ اُتان کان ان کي
کڻي ايندو آهي. هتي مور، ڪبوتر، تتر، ڳيرا، بدڪون جا مختلف قسم جئين جهنگلي بدڪ،
جهنگلي هنج، هڪ قسم جي ڊگھي چهنب واري آڙي، تتر ۽ پلوور هر هڪ کي آزادي آهي ته هو
جنهن وقت چاهي پکي شڪار ڪري سگھي ٿو. هو پنهنجي باغن ۽ کيتن ۾ هڪ خاص قسم جو فصل
پوکيندا آهن جنهن کي سلاب چوندا آهن، هي سائيز ۾ شفتالو جيڏو هوندو آهي، پر اُن ۾
ڪوبه ٻج نه هوندو آهي. ان جي استعمال کان پهرين ان کي سُڪايو ويندو آهي ۽ مٺاڻ
ملائي ان کي پيهي اٽو ڪري اُن کي چانهه يا ڪافئَ وانگر پيئندا آهن. چيو وڃي ٿو ته
ان جي استعمال سان ذهني تناءُ گھٽ ٿيندو آهي ۽ انسان صحتمند ۽ تندرست رهندو آهي.
هن ملڪ ۾ اناج، چانور، داليون ۽ گھوڙن ۽ چوپائي
مال جو چارو جام آهي. هتي ڏڪار، تڪليف ۽ اذيت جو احساس نه آهي. اپريل، مئي ۽ جون
جي مهينن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڪچي جي علائقن کي ڀري ڇڏيندو آهي، جڏهن ٻوڏ ختم ٿي
ويندي آهي تڏهن زمين ريٽجي ويندي آهي، هي ماڻهو انهئَ جي سُڪڻ کان اڳ ۾ اُن ۾ ٻج
ڇٽي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري هر فصل بنهه ڀلو ٿيندو آهي. هن ملڪ جي ٻي پيداوار ۾
شورو، بوريڪس نيري رنگ جي معدني شئ قابل ذڪر آهن. خام سلڪ سٺي قسم جي نه آهي، جيڪا
سلڪ هتي ٺاهي ويندي آهي، ان کي جاميدار چوندا آهن. اهو ڪپڙو، سلڪ ۽ ڪپهه جي ملائڻ
سان ٺهندو آهي. اهو ڪُٽيني سڏيو ويندو آهي. سلڪ ۽ اُن جي ملاوٽ ڪلبلي نالي سان
سُڃاتو وڃي ٿو. اهي جيڪو ڪپڙو ٺاهيندا، ان کي جوڙي چوندا آهن. اهو نفيس ۽ ملائم
هوندو آهي ۽ گڏوگڏ سستو به هوندو آهي. بسترن جون چادرون ته واهه جون هونديون آهن.
هتي فرنيچر به ڏاڍو سهڻو ٺهندو آهي، جنهن تي هاٿي جي ڏندن جي هڏي سان جڙاوت ٿيل
هوندي آهي. دنيا جا بهترين تيرڪمان مينهن جي سِنڱن مان ملتان ۾ ٺهندا آهن. توڙي جو
هو فرنيچر ۾ خوبصورتئَ لاءِ جڙاوت ڪندا آهن پر چين هنن کان اڳتي آهي. هي مکڻ مان
گيهه بڻائي هڪ خاص قسم جي برتنن ۾ بند ڪري وڏي مقدار ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليندا
آهن. جيڪڏهن هي گيهه ۾ لوڻ ملائي ڇڏيندا آهن ته اهو گيهه سڄي سال تائين تازو رهندو
آهي پر جڏهن اهو پراڻو ٿي ويندو آهي، ته پوءِ خراب ٿي ويندو آهي.
هتي هڪ خاص قسم
جو ڪاٺ ٿيندو آهي، اُن کي ڪاٺ کان وڌيڪ جڙ (پاڙ) چيو وڃي ته بهتر آهي. مون اُن
باري ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به پڙهيو ناهي. پر هئُ خوشبو جو هڪ اهم عنصر آهي. هتي
هئُ تمام گھڻو پيدا ٿيندو آهي ۽ هي سورت کان برآمد ڪيو ويندو آهي. هتان کان چين به
موڪليو ويندو آهي، جتي هن جي وڏي قيمت آهي. اُن کي ڪُٽي پيسي اُن جو پائوڊر بڻايو
ويندو آهي ۽ سڀئي پت پرست آڱرين ۾ جهلي ان جي خوشبو ڇٽڪاريندا آهن ۽ عبادت ڪندا
آهن.
هتي جو قانوني مذهب اسلام آهي پر هڪ مسلمان جي
مقابلي ۾ 10 غير مسلم آهن (يعني غير مسلم ڏهوڻ تي آهن) پر ٺٽي جو شهر مسلم ادب جي
تعليم جي لحاظ کان گھڻو مشهور آهي، هتي الهيات، فلسفو ۽ سياست جا علم پڙهايا ويندا
آهن، اُن لاءِ هتي اٽڪل چار سؤ (400) کان وڌيڪ ڪاليج آهن جتي نوجوان شاگرد تربيت
حاصل ڪندا ۽ فيضياب ٿيندا رهندا آهن. الهيات جي هڪ پروفيسر سان منهنجي دوستي ٿي
ويئي، جيڪو پاڻ کي هڪ سٺو مورخ به سمجهي ٿو. هڪ ڏينهن هن مون کان هڪ سوال پڇيو ته
آئون سڪندر اعظم کي سُڃاڻان ٿو؟ مون چيو ته ها پڪ سان. ۽ پوءِ هن اُن جي جنگ بابت
ٻڌايو جيڪا راجا پورس سان ٿي هئي ۽ جنهن ۾ هو فاتح ٿيو هو. پاڻ ٻڌايائين ته سندن
تاريخي ڪتابن ۾ سڪندر ۽ پورس جو واقعو درج ٿيل آهي، مگر مختلف اندازن ۾ آهي ۽ اُن
۾ آهي ته سڪندر اعظم سنڌو ندي ڪيئن پار ڪئي؟ هن چيو ته سندن ڪتابن ۾ اليگزينڊر
بدران سڪندر آهي جيڪو هڪ جادوگر هو. اُن هزارين جهنگلي هنجن کي گھرايو جن هن جي
فوج کي درياهه پار ڪرايو. پورس جي هاٿين جادوءَ جي ڪري
هنن جي فوج طرف رخ نه ڪيو.
هتي ماضئَ ۾ پورچوگيزن هڪ چرچ تعمير
ڪيو هو، جيڪو شهر جي اوڀارئين ڀاڱي ۾ هو. اها جڳهه اڃا تائين موجود آهي، ان ۾
عيسائي اوليائن جون تصويرون ۽ قربان گاهه جي چادر به آهي، جيڪا هن مون سان وڪڻڻي
ڪئي هئي پر آئون اهڙين شين جو واپاري ناهيان.
غيرمذهب پنهنجي
مذهبي عقيدن ۾ بلڪل آزاد آهن، اهي پنهنجا روزا ۽ ٻيا ڏهاڙا ايئن ملهائيندا آهن،
جيئن آڳاٽن زمانن ۾ سندن دستور هوندو هو. جڏهن سندن بادشاهن جي حڪومت هوندي هئي،
اُهي مُردن (لاشن) کي ساڙيندا آهن پر عورتن کي پنهنجي مردن کي ساڙڻ کان روڪيو
ويندو آهي. هتي هاٿئَ جي ڏندن جي وڏي کپت آهي، ڇو ته اُن مان ٺهيل چوڙيون عورتون
پنهنجي سڄين ٻانهن (اُلهي ڪُلهي) ۾ پائينديون آهن، يعني هٿن کان وٺي ڪلهي تائين.
سندن مرڻ وقت اهي چوڙيون ساڻن گڏ ساڙيون وينديون آهن.
جنهن زماني ۾ آئون اُتي هئس، مون سندن ڪيترائي
ڏهاڙا ملهائجندي ڏٺا. انهن مان هڪ فيبرورئَ ۾ چنڊ جي پهرين تاريخ ٿيندو آهي، جنهن
کي هو هولئَ جو ڏهاڙو چوندا آهن ۽ اُن موقعي تي کِل خوشيون ڪندا آهن. سڀئي مرد ۽
عورتون گھٽين ۾ نڪري ايندا آهن ۽ دهل وغيره وڄائيندا آهن. عورتون پنهنجي مٿن تي
مٺائين جا ٿال کڻي اچي هر شخص کي مٺائي کارائينديون آهن، مرد هڪٻئي کي رنگ هڻندا
آهن ۽ هڪ ٻئي کي تيل لڳائيندا آهن. جڏهن اهي ڪنهن جي گهر ۾ ويندا آهن، ته اُتي به
تيل ڇٽڪاريندا آهن جن جي بوءَ ڪا چڱي نه هوندي آهي، پر هو گھرن کان ٻاهر ماڻهن کي
گلاب جو عطر هڻندا آهن ۽ چاندئَ ڪا سڪا (ڏوڪڙ) خيرات ۾ ڏيندا آهن.
سنڌو درياهه کي
هتان ڏسڻ ڏکيو آهي پر هڪ الله جي ولئَ جو مقبرو ٺاهيل آهي، جنهن ۾ هڪ مينار ٺاهيل
آهي، جنهن کي “سنڌي مينار” سڏيو ويندو آهي. اُن تي اڇي قلعي لڳل آهي، جيئن اهو
هميشه پري کان نظر ايندو رهي. هتان کان هڪ گھار (چاڙهه) جيڪو درياهه تائين وڃي ٿي
سا بنهه سوڙهي آهي ۽ اڍائي فيٿم کان وڌيڪ ناهي، پر سنڌو درياهه جي هڪ ننڍي شاخ آهي
جنهن جي ذريعي شهر کي پاڻي ملندو آهي، ان ک “ديولي” يا “ستن منهن واري” چيو وڃي
ٿو. هي اڳتي ٻين شاخن وانگر سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي.
No comments:
Post a Comment