قاسم پٿر - Qasim Pathar
The Great Nationalist of Thatta Sindh
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ھونئن ته
سڄي سنڌ، چيٽن جا کيٽ، سرنهن ڦلار، ڪنول، موتيا، چنبيلي ۽ گلاب آھي. پر سنڌ ساڻيھ
جي علائقي ميرپور بٺوري جي خوشبوءِ ۽ سواد ھر علائقي کان ٿورڙو مختلف آھي. بلڪه
جيڪڏھن سوايو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. انهئَ جو سبب رڳو اھو به نه آھي ته بٺورو
ڪنهن زماني ۾ خوبصورت درياھي بندر ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي گھرو صنعت جو ڳڙھ ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي علائقو
سنڌ جو ويٽنام ھو، يا ھتي گھڻي زماني کان علمي، ادبي ۽ سياسي پروگرام ملھائبا رھيا آھن،
يا ھتي سائين غلام حسين رنگريز (ھڪ ادبي اداري جي حيثيت ۾) رھي ٿو، پر اُن جو وڏو
سبب ھئُ آھي ته ھتي ميران پور/ جھوڪ جو ماڳ آھي. جتي صوفي شاھ عنايت شھيد پيدا
ٿيو، پڙھيو، پنهنجو نئون نظريو (کيڙي، پوکي، محنت مزدوري ۾ سڀ شريڪ ٿين ۽ شيون
ضرورتن جي بنياد تي ھر ماڻھوءَ کي ڏنيون وڃن) ڏنو، ھڪ عظيم صوفياڻي تحريڪ جي
شروعات ڪئي ۽ اڳتي ھلي، جاگيردارن ۽ وقت جي ملڪ لٽيندڙ حاڪمن جي حملي ۾ پنهنجي
سماج ۽ صوفي فقيرن جي بچاءَ جي جنگ وڙھندي عظيم شھادت ماڻي.
قاسم پٿر، انهئَ علائقي ۾
جنم ورتو، پليو، نپنو، پڙھيو ۽ ايمان، انصاف ۽ سچائي ڀري عملي زندگئَ جي شروعات
ڪئي، گھاري ۽ گذاري. اھوئي سبب آھي جو سنڌ ڌرتي، هتي جي ھارين ۽ پورھيتن سان سندس
جئُ بنه سوگھو جَڙيو. ۽ ھئُ سدائين ساڻن گڏ رھي، سندن حقن جي حاصلات لاءِ
جاکوڙيندو رھيو. ڇو ته ھارين ۽ پورھيتن سان سندس پيچ بنه پخته پيل ھئا.
جيئن مينهن ڪُندئَ پور، تيئن دوست وراڪو دل.
(شاھ)
قاسم پٿر کي شعور جي
بيداري وارو دور نصيب ٿيو. ھو جڏھن پرائمري پڙھي رھيو ھو، تڏھن ھن ملڪ جو ورھاڱو
ٿيو. انهئَ ورھاڱي ۾ سنڌ به ڀاڱا ٿي. ھي خطو ايڏي وڏي تبديلي ۽ پيڙاءُ مان گذري
رھيو ھو جو دنيا ۾ شايد ئي ڪو ٻيو ملڪ اھڙي تبديلي ۽ پيڙءَ مان گذريو ھجي. ھو جڏھن
جوان ھو تڏھن سندس جوانئَ ون يونٽ جو عذاب ڀوڳيو ۽ وري مٿان مصيبت ڪڙڪي، عوامي
راءِ کي نه مڃيندي، ملڪ ڀاڱا ڪيو ويو. ڪجھ وقت عوامي حڪومت واري دور کي ڇڏي، وري
ضياءَ جي خطرناڪ مارشل لائي دور، سندس جوانئَ جي موٽ کان پوءِ به ڪي حالتون بهتر نه
رھيون. مطلب ته ھن جا وار اڇا پوڻيون ٿي ويا پر ملڪ مٿان مصيبتون ويتر وڌنديون
رھيون، پر ايترو ضرور آھي ته مزاحمتي تحريڪ ھن دور جي ماڻھن جي شعور کي ڏاڍو بيدار
ڪيو. ھئَ به ھڪ حقيقت آھي ته قاسم پٿر انهئَ دور ۾ زندگي گھاري، جيڪو تاريخ ۾
سياسي حوالي سان ته ھڪ ڀرپور دور رھيو ئي پر اھو دور علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي
حوالي سان ڀرپور دور رھيو آھي. قومي ۽ انقلابي تحريڪون، اسٽڊي سرڪل، ليڪچر،
انقلابي ڪتاب پڙھڻ، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ، فنڪشنس، لڪ ڇُپ ۾
گڏجاڻيون، احتجاج، چاڪنگون، نعرا، پمفليٽ، لاڪپ، جيل، قيد، ڪوڙا، ڦاھيون وغيره
انهن سڀني ڳالھين انهئَ دور جي ماڻھن کي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو.
رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ
کُنڀ نه کاري تنهن کي، جوھالاري ھوءِ
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه رھي.
(لطيف)
انهئَ دور جي بنھ خراب
حالتن مان جيڪي اديب، شاعر، فنڪار، سياسي ڪارڪن، اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻھو نڪتا، اُھي
ڪُندن ٿي نڪتا. انهئَ دور جي حالتن ڏاڍا سُٺا، سچا ۽ اعلى ماڻھو پيدا ڪيا ۽ انهن ماڻھن
وري اڳتي اندر جي سچاين سان آبياري ڪئي. قاسم پٿر کي اھو دور نصيب ٿيو. قاسم پٿر
به انهئَ دور سان آخر تائين واھ جو نڀاھيو. ھن زندگئَ جو ھر پل سنڌي قوم جي پيڙھيل
طبقي ۽ انساني آجائئَ ۽ سربلندئَ لاءِ جاکوڙيندي گھاري، ھڪ مثالي ڪردار جو خوبصورت
نمونو ڇڏيو آھي. بنھ اڻٿڪ انسان ھو. سندس خواب جي ساڀيا سنڌ جي پيڙھيل ماڻھو جي
طويل غلامئَ کان قومي ۽ طبقاتي آزادي ھئي. يعني آزاد سنڌ ۾ سوشلسٽ نظام. ھارين ۽
پورھيتن سان پيار ڪندڙ قاسم پٿر کي قومي ۽ طبقاتي رشتا ڏاڍا پيارا ھئا. اھوئي سبب
آھي جو ھن جنهن سان به اھڙا رشتا جوڙيا، تنهن سان توڙ نڀاھيو. پنهنجي راءِ ۽ نظريي
جي بنياد تي وڙھي وڃڻ کان پوءِ ڪير به نه سمجھندو ھو ته قاسم پٿر وري سرچندو پر
پرچڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو ھو. ڇو ته سندس ذھن ڏاڍو وسيع ھو ۽ اندر ڏاڍو اجرو ۽ پيار
سان ٽمٽار ھو. ھر ڪنهن کي سچ چئي ڏيڻ جي وڏي جرئت رکندڙ ھن شخص ڪڏھن به مصلحت نه
ڪئي.
ھن ڄاتو ٿي ته سنڌي قوم
جي جاڳرتا لاءِ تعليم ۽ تربيت اھم آھي، جيڪا استاد، عالم، اديب، قومي ڪارڪن ۽
سياسي استاد ڪري سگھن ٿا. تنهن ڪري اھڙي قسم جا فرض به سرانجام ڏيندو رھيو. ھن
سمجھيو ٿي ته ھئَ ڪائنات مزورن جي محنت جي نتيجي ۾ خوبصورت، لاڀائتي ۽ سھل آھي ۽
ھارين جو کيڙيون پوکون، جفاڪشيون ۽ ھمتون اھڙا عمل آھن، جن جي ڪري سڄي دنيا جا
ماڻھو پيٽ قوت ڪن ٿا. سندن محنت کان سواءِ ڪيڏو به وڏو جاگيردار، سرمائيدار ۽ حاڪم
بُک مري سگھي ٿو. ھن اھو به سمجھي ورتو ھو ته جاگيردار ۽ سرمائيدار انهن ھارين ۽
مزورن جي پگھر جي پورھئي تي ھيرا ڦيريون ڪري ناڻو ڪمائي، محل ماڙيون ٺاھن ٿا،
گليمر ۽ گاڏيون حاصل ڪري، عيش عشرتون ڪن ٿا. جڏھن ته اناج، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون
شيون پيدا ڪندڙ ھاري ۽ پورھيت پيٽ گذر لاءِ پريشان آھن، تنهن ڪري انهن سان انصاف
ٿيڻ ضروري آھي ۽ اُھو انصاف سوشلزم جي رائج ڪرڻ سان ئي پلئھ پئجي سگھي ٿو.
سياسي خوبين سان گڏ اديب
۽ سماجي ڪارڪن به ھو. ھن ڪھاڻيون ۽ ڪي ٻيا ليک به لکيا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ، شاخ
ميرپور بٺوري جو باني ڪارڪن ھو. سڄي ڄمار سنڌي ماڻھن کي علمي ۽ ادبي واٽون ڏسيندڙ
۽ ڪتاب پڙھڻ جو صلاحون ڏيندڙ، قاسم پٿر تعليم ۽ تربيت کي گھڻي اوليت ڏيندو ھو.
اھوئي سبب آھي جو ھن پنهنجي دوست اوڀايو خشڪ جي مدد سان پنهنجي گھر جي مٿان، ھڪ
ڪمري ۾ ھڪ خوبصورت لائبريري قائم ڪئي، جنهن مان سندس علمي ادبي ذوق جي پروڙ پئي
ٿي. ماڻهن جي هاڻوڪي ڏڪار ۾ قاسم پٿر وري به خوشنصيب شخص آهي، جنهن جي مخلص دوستن
جو وڏو هلڪو آهي. هي ڪتاب به سندس محبتن جو نتيجو آهي. انهئَ سلسلي ۾ اوڀايو خشڪ،
صوفي حضور بخش، عمر خشڪ، يار محمد جلالاڻي، رفيق ميمڻ، قادر بخش طالباڻي، سائين
غلام حسين رنگريز ۽ اعجاز خواجه شامل آهن. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ٻين
سڄڻن سان گڏ سندس بنھ ويجھن دوستن جون ساروڻيون به آھن. خاص ڪري صوفي حضور بخش،
اعجاز خواجه، سائين غلام حسين رنگريز، عبدالواحد آريسر، اوڀايو خشڪ، علي نواز ٻٽ ۽
خالق جوڻيجي جا مضمون دلچسپ، معلوماتي، محبتن ۽ تاريخ جون گواھيون آھن.
اھڙي ريت ھن سماجي ڪمن ۾
به نڀايو. مختلف وقتن تي ماڻھن جي مختلف مسئلن حل ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ فرض
سمجھندو هو. ھن ميرپور بٺوري ۾ اکين جي اسپتال قائم ڪري، هڪ خادم بڻجي خدمتون
ڪيون.
سنڌ کي جنت جھڙو ملڪ
سمجھندڙ قاسم پٿر انهئَ جنت جي حاصلات لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار ارپي ڇڏي. ڳڀرو ڄار
کان جوانئَ تائين، جوانئَ کان اڇن وارن تائين ۽ ويندي جناح اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر
تائين سندس محبتن، خلوصن ۽ سچاين ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ته نه آئي.
ھو ھر وقت سنڌ جي ماڻھن
جي مصيبت ۽ آزادي جي سببن کي سمجھڻ، سڀئي علم خاص ڪري تاريخ، ادب، سياسي ڪتاب پڙھڻ
لاءِ صلاحون ڏيندي ھو، سنڌ جي ماڻهن کي همٿائيندو رهندو هو. تمام سادن لفظن ۾
جاگيرداري، سرمائيداري ۽ انهن کان آزادئَ لاءِ، ۽حقيقتون بيان ڪندي انقلاب جي روشن
راھ جا ڏس ڏيندي پنهنجي زندگئَ جو ھر پل سنڌ جي ماڻھن حوالي ڪري ڇڏيو.
مزدور سياست ۽ ھاري
جدوجھد ۽ انهن سان ويساھ گھاتين جو احوال بيان ڪندي صحيح ۽ سچي راھ جا سبق
سيکاريندڙ، قاسم پٿر نه ڪڏھن جھڪيو ۽ نه ئي ڪڏھن ٿڙيو. ھو پنهنجي سمورين سچائين
سان ھر مصلحت کان مٿانهون رھيو. جنرل ضياءَ واري دور جي آخري حصي کان وٺي ماڻھن جي
ذھنن ۽ ضميرن ۾ وڏي ڀڃ ڊاھ ٿي. چڱا ڀلا ماڻھو پنهنجي راھ وڃائي، کاڄي، کپي ويا.
سڄي سنڌ ۾ تمام گھٽ ماڻھو رھيا جيڪي پاڻ بچائي سگھيا، انهن ۾ قاسم پٿر به شامل ھو.
انهئَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته هي فقير انهئَ لحاظ کان ڏاڍو مضبوط رهيو. اها ٻي
ڳالھ آهي ته تاريخ ۾ ايئن ٿيندو رهيو آهي ته وزنائتا ڪردار هيٺ (پوئتي) رهجي ويندا
آهن. جڏهن ته ابن الوقت، چاپلوس، منافق، سطحي ۽ هلڪڙا ماڻهو مٿي اُڀري (اڳيان)
ايندا آهن. هونئن به هيرا عميقن ۾ رهندا آهن.
لاڙ جي ھن خطي مان اھڙن
با ضمير ماڻھن مان محمد خان مجيدي، اڪبر شاھ، شير خان لنڊ، جعفر مگسي ۽ محسن عباسي
۽ قاسم پٿر پاڻ ملھائي، اسان لاءِ مثال بڻجي ويا. انهئَ جوڙ جا اڃان به ڪي ضمير
جاڳندڙ ۽ جاڳائيندڙ جھونا آھن. شال اسان جو نئون نسل سندن راھن کي ويران ٿيڻ کان
بچائي.
No comments:
Post a Comment