ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪِنجهر لفظ جي معنى:
ڪِنجھر، اسم صفت آهي جنهن جي معنى
آهي تمام گھڻو سُک، سُڪار، خوشحالي، زندگئَ جي ضرورتن جي گھڻي موجودگي. هي لفظ اڄ
به سنڌ خاص ڪري سنڌ جي ڪوهستان ۽ لاڙ وارن علائقن ۾ عام جام استعمال ٿئي ٿو.(1)
جڏهن مينهن وسندا آهن، ڪک پن ۽ ساوا گاهه وغيره جام ٿيندا آهن، سُڪار ۽ سُک جي ڪري
کير، مکڻ لسي وغيره جام ٿيندا آهن، تڏهن چيو ويندو آهي ته هتي ڪِنجهر لڳو / لڳا
پيا آهن. مطلب ته سُک، سُڪار ۽ خوشحالئَ جي ڀرپور اظهار جي لا لفظ ڪِنجهر استعمال ٿيندو آهي. جَي ڪنهن کان حال احوال وٺبا آهن ته
جيڪڏهن اُتي سُک، سُڪار ۽ گھڻي خوشحالي هوندي ته سامهون وارو وراڻيندو ”ادا، ڪِنجهر لڳا پيا آهن“.
جامع سنڌي لغات ۾ ڪِنجهر جي
معنى وغيره هيٺين ريت ڏنل آهي:
”ڪِنجهر اسم خاص:
ٺٽي ۾ هڪ مشهور ڍنڍ جو نالو (ڄام تماچي ۽ نورئَ جي قصي سبب مشهور آهي).“ ٺٽي، سجاول، دادو، ڪشمور، ديري محبت ۽
اُٻاوڙي تعلقن ۾ هڪ ديهه جو نالو.
صفت:
جهجو، گھڻو، سَڀو، جام، وافر، ٻَهون، ريل پيل،
عام جام، جام ٿيڻ، وافر ٿيڻ، ٻَهون ٿيڻ، سڀڪي ٿي پوڻ.(2)
ڪينجهر ٿي پوڻ:
مطلب ته ڪِنجهر جي معنى آهي، سُک،
سُڪار، شادابي، گھڻي خوشحالي. اها حقيقت آهي ته ڪِنجهر سوين
/ هزارين سالن کان ماڻهن خاص ڪري هتي جي علائقي جي رهواسين لا سُک، سُڪار شادابئَ جو وسيلو رهي آهي. هتي وسيع مٺو پاڻي، منجهس مڇي ۽ ٻيا
انساني کاڄ ، گاهه پن وغيره جي گھڻائي آهي. آسپاس ڀليون زرعي زمينون ۽ معدنيات سان
ڀريل جبل به آهن، وڻراهه ۽ ويجهو ئي سنڌؤَ جو ڪچو به آهي. اُن کان وڌيڪ ٻيون
ڪهڙيون ڪارائتيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته هن ڍنڍ لا ڀرپور ۽ مڪمل معنى ڏيندڙ (وصف) لفظ ڪِنجهر ٿي
سگھي ٿو.
اُچار:
اصل ۾ لفظ ”ڪينجهر“ نه پر ڪِنجهر آهي.
ڪِنجهر ۽ اُن جي آسپاس رهندڙ سڀئي ماڻهو اُن جو اُچار ڪِنجهر اُچارين
ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته: “اسان وٽ لاڙ ۾ اُن جو اُچار ڪِنجهر آهي.(3)
آئون پڪ سان چوان ٿو ته
هن لفظ جو اصل اُچار ئي ڪِنجهر آهي.
آئون جڏهن به ڪنهن سنڌي لفظ ۾ مُنجهي
پوندو آهيان تڏهن آئون ٻهراڙئَ جي وڏن وڏڙين جي درٻار ۾ ويندو آهيان. يا ڪلاسيڪل شاعرن خاص ڪري شاهه لطيف
جي بيتن ۽ واين جي روشنئَ ۾ ڳولا ڪندو آهيان ته اصل حقيقت تائين ضرور پهچندو
آهيان. مون کي انهن سڀني ذريعن کان هن لفظ جو درست اُچار ڪِنجهر مليو آهي.
ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڪِنجهر
۽ ڪِنجهر جي
آسپاس رهندڙ ماڻهو لفظ ڪِنجهر اُچاريندا
آهن، جيڪو هميشه ٻڌندا رهيا آهيون. پر تنهن هوندي به سال 1988ع ۽ سال 2003ع ۾ ٺٽي
جي جهونن اديبن عبدالله گندري ۽ محمد موسى ڪِنجهرائي ۽ محمد حنيف مهاڻي ۽ پو عبدالقادر گندري، محمد موسى. هيجب جي مدد سان 140 ماڻهن کان سروي
ڪرائي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ 140 مان 129 ماڻهن لفظ ڪِنجهر اُچاريو
۽ يارهن (جيڪي ڪجهه پڙهيل لکيل) ماڻهن ”ڪِينجهر“ اُچاريو. سائين محمد موسى
ڪِنجهرائئَ اُنهئَ سلسلي ۾ هڪ دلچسپ تاريخي حقيقت ٻڌائيندي چوي ٿو ته اصل ۾ لفظ
ڪِنجهر آهي. جيڪو 60 واري ڏهاڪي ۾ سرڪاري سطح تي پهريائين ڪِنجهر ڍنڍ
جو نالو تبديل ڪري ڪلري رکيو ويو هو ۽ عوامي جدوجهد کان پو جڏهن اُها تبديلي
سڄي سنڌ سان گڏ واپس ورتي ويئي ته ڪِنجهر بدران
ڪِينجهر جو لفظ لکت ۾ استعمال ٿيڻ لڳو جيڪو آهستي آهستي ماڻهن جي اُچار ۾ به اچي
ويو. مشهور محقق، مورخ ۽ تاريخدان مولائي شيدائي ان زماني ۾ اهو ذڪر ڪندي لکيو آهي
ته: ”صدين کا سڏجندڙ ڪِنجهر به ڪلري پيو سڏجي. تماچي ڄام ۽ نماڻي نورئَ جي روحن کي
ڪيترو نه صدمو پهتو هوندو؟“(4) بهتر ٿيندو ته آڳاٽن لکيل قلمي توڙي ڇاپي ڪتابن تي
نظر وجهي ڏسجي ته انهن ۾ ڪِنجهر جي
ڪهڙي صورت اُچاريل آهي. جيڪڏهن هن لفظ جو درست اُچار ڪِنجهر آهي
ته ڪينجهر ڪڏهن کان لکڻ ۾ آيو آهي؟ سنڌ ۾ پهريائين آڳاٽا ڪتاب ابوالحسن ٺٽوئَ جي
سنڌئَ ۾ لکيل ملن ٿا تنهن کان پو 1853ع کان پو موجود لپئَ ۾ لکيل ڪتاب ملن ٿا. ڪوشش ڪنداسين ته انهن ٻنهي لکتن ۾
لکيل ڪتابن کي ڏسجي ته درست اُچار ڇا آهي؟
سنڌئَ جا آڳاٽا لکيل ڪتاب جيڪي سنڌئَ ۾ ملي سگھيا آهن
اُهي گھڻو ڪري مذهبي آهن يا ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري آهي. انهئَ سلسلي ۾ آڳاٽا سنڌي
ڪتاب جن ۾ ذڪر ڪيل لفظ ملي ٿو سي ”شاهه جو رسالو“ جا مختلف قلمي نسخا ۽ آڳاٽا ڇاپي
ڪتاب آهن. انهن تي نظر وجهڻ سان ئي حقيقت چِٽي ٿي پئي ٿي. سڀني آڳاٽن قلمي توڙي
ڇاپي رسالن ۾ لفظ ڪِنجر
يا ڪِنجهر لکيل
آهي. آڳاٽي ڪنهن به قلمي توڙي ڇاپي نسخي ۾
لفظ ڪِينجهر لکيل نه آهي. هن وقت منهنجي سامهون قاضي موسى جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو
رسالو“ آهي. هي آڳاٽو قلمي نسخو جنهن تي لکت جو سال 1207هه آهي جيڪو شاهه لطيف جي
وفات کان 12 سال پوءِ لکيو
ويو. انهئَ حساب سان اهو آڳاٽو قلمي رسالو آهي، اُن ۾ لفظ ”ڪِنجُر“ لکيل آهي.
مَئي هــٿ ۾
مَڪري، ڄـــــام هــٿ ۾ ڄـــــــار،
سڄو ڏينهن شڪار،
ڪِنجُر ۾ ڪالهه هو.(5)
ميان احمد وائئَ واري جو لکيل ”شاهه
جو رسالو“ قلمي: هئُ رسالو 28 رجب 1314هه
موجب 3 جنوري 1896ع تي لکي مڪمل ڪيو ويو. هن رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ لفظ ڪِنجر لکيل
آهي. رسالي مان هڪ بيت ڏجي ٿو:
کو سميون،
ٻن سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ
ورسي ڪِــــنجر
ڄائـــــيون، جــــن تماچــــــئَ تــــات
راڻيــن
مــــــلان رات مــــــاڻڪ مـــــــــئَ پرايـــــو.(6)
ميان
احمد وائئَ وارو مشهور استاد / بزرگ ميان نور محمد وائئَ واري جي خاندان مان هو.
شاهه لطيف وائئَ واري درسگاهه ۾ ميان نور محمد کان تعليم حاصل ڪئي هئي. ميان جو
وڌيڪ احوال مولانا دين محمد وفائي جي ”لطف اللطيف“ جي صفحي 42 ۾ ڏسي سگھجي ٿو.(7) ۽ سندن احوال ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جي ”شاهه جو رسالو“ جلد پهرين ۾ صفحي 97 ۽ 98 تي پڻ ڏسي سگھجي ٿو.(8)
شاهه جو رسالو گنج ۾ قلمي نسخي توڙي عڪسي ڇاپي
۾ سُر ڪاموڏ (ص 819
کان 831 تائين) ۾ لفظ ڪِنجر اُچاريل / ڪم آندل آهي.
هيٺ جَر مٿي
مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾،
تماچئَ جي ساءِ،
لڳي اُتر واءٌ، ڪِنجر هندورو ٿئي. (9)
مشهور ڪاتب حاجي محمد ڪرناڻي سمي جو
ڪتابت ٿيل شاهه جو رسالو 1867ع بمبئي (ليٺو) 1867ع ۾ ڇپيو. اُن جا پوءِ ٻيا به
ڇاپا ڇپيا. اُن رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ هر بيت ۾ لفظ“ڪِنجر” اُچاريل / لکيل آهي.
ٿئا تماچي ڄـــــام
سين، مُهاڻـــــا محــــروم،
نـــنــڍي وڏي
گــندرئَ مـــــاڙئَ مٿـــي ڌوم،
ڪِنجر جي روم سي
سڀ انعامي ٿئا. (10)
جديد سنڌي ادب جي معمار مرزا
قليچ بيگ تمام گھڻن علمن ۽ موضوعن تي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ لکيا. شاهه لطيف جي حوالي
سان سندس ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ”لغات لطيفي“ ”مقدمه لطيفي“ ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف“ مشهور آهن.
سندس ترتيب ڏنل شاهه جي
رسالي ۾ سُر ڪاموڏ (ص 903 کان 908 تائين) ۾ پڙهي معلوم ڪري سگھجي ٿو ته هن لفظ ”ڪِنجھر“ اُچار ڏنو آهي.
بلڪه لفظ ”ڪِنجھر“ هر بيت ۾
چٽو ۽ عام لفظ کان وڏو ”بولڊ“ لکيو ويو آهي.
ڪنجهر ۾ باهه
ٻري، هيڏي وير ڪياءُ،
نڪو ورن وڄ جو،
نڪو شمس شعاع،
لٿو پاند مهاءُ،
مئَ چڙهندي مڪڙي (11)
محمد صديق مسافر هڪ ناميارو اديب،
عالم، تاريخدان، محقق ۽ لطيف شناس هو. سندس ڇپيل سڀني ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ
معلوم ٿيندو ته هو مختلف ڳالهين سان گڏ پروفن تي خاص توجهه ڏيندو هو. سندس ڪتابن ۾
ورلي ڪا پروف جي چُڪ نظر ايندي، هن سُر ڪاموڏ شرح، معنى ۽ سمجهاڻين سميت تصنيف
ڪيو. پاڻ سڄي ڪتاب ۾ لفظ ڪينجهر نه پر ڪِنجهر اُچار ڪتب آندو آهي. هن لکيو آهي ته: ”سمي گھراڻي جو هاڪارو حاڪم،
ڄام تماچي ٺٽي تي حڪومت ڪندو هو. سندس حد ۾ هيلايا ٽڪرئَ جي هيٺان ڪنجهر ڍنڍ جي ڪپ
تي ڪيترائي مهاڻا رهندا هئا پر منجهن نورئَ نالي هڪڙي نينگر نهايت حسين هوندي هئي.
هڪ لِڱا ڪِنجهر ڍنڍ جو سير ڪندي ڄام تماچئَ جي نظر وڃي نورئَ تي پئي. هن جو نوراني
نِرڙ، ناز ڀريل نيڻ ڏسي ڄام تماچي جي من ۾ محبت جي مَيخ لڳي ويئي ۽ ترت مهاڻن کان
سنڱ گھريائين.“(12)
دفتر لطيفئَ وارن گھڻن بيتن واين تي
مشتمل شاھ جو رسالو 1951ع ۾ ڇپايو. اُن ۾ هن لفظ جو اُچار ڪِنجھر لکيو ويو آهي.
رهـــــــين
ڪِنجهر ڪنڌئين، تـــو جو مهاڻــــــو،
ڪنڌئَ جو ناڻو،
ڪونه ڀريندينءَ ڪڏهين. (13)
مشهور اديب، عالم، محقق، صحافي ۽
پبلشرمحمد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو ترتيب ڏيئي پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپايو. جنهن ۾
سُر ڪاموڏ ۾(صفحي 618 کان 628 تائين) ۾ هر هنڌ لفظ ڪِنجھر اُچاريل آهي. چڱي ڳالهه
آهي ته هن رسالي جو جڏهن ٻيو ڇاپو 2009ع مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڇاپيو ته اُن ڇاپي ۾
به لفظ ڪِنجھر ئي رهڻ ڏنو ويو:
گـــــــــوندر لاهيـــــو گندريون، آتـــــــــڻ اُجــــاريـــــــــو،
مڪڙيون سلهي
موتين سان، سهجان سينگاريــو،
ڪنجــــهر
قـــــــراريـو، سمــــــــي سمگـــــــئـــــو. (14)
مشهور اديب، عالم، محقق، تاريخدان ۽ لطيف شناس ڪلياڻ آڏواڻئَ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو
رسالو“ ۾ لفظ ڪِنجھر چٽو (اُچار) ڏنل آهي:
هيٺ جَر، مٿي
مَڃر، ڪنڌئَ ڪونر تـــــــرن،
ورئي واهوندن،
ڪِنجهر کٿوري ٿئي. (15)
ڊاڪٽر گُربخشاڻئَ شاهه جي ڪلام جي
حوالي سان سگھارو ڪم ڪيو ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ترتيب ڏنل رسالي ۾ سُر
ڪاموڏ (ص 348 کان 352 تائين) ڏنل آهي. تنهن ۾ هر بيت ۾ هن لفظ جو اُچار ڪِنجھر ڏنل
آهي.
هيٺ جَر مٿي
مَڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾،
تماچئَ جي ســــــاءِ،
لڳي اُتر واءٌ
ڪِنجر هندورو ٿئي.(16)
ڊاڪٽر گُربخشاڻئَ معنائن ۽ سمجهاڻين ۾
به هن لفظ جو اُچار ڪِنجھر ڏنو آهي.
مانواري عثمان علي انصارئَ پنهنجي
مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾ سُر ڪاموڏ (صفحي 517 کان 528 تائين) ۾ هر بيت ۾ هن لفظ
جو اُچار ڪِنجھر درج ڪيو آهي.
تهڙو ڪِنجهر ۾
ڪونه ٻئو، جهڙي سُونهن سندياس،
مَـــــــــــڏ مـــــــَياڻيون،
مَـــــڪرا، مِڙئي معاف ٿــــئـــاس،
ريــــــــس
راڻيـــــــن ڇــــــــڏئي، وِهــــــي ڪانه وٽــــــاس،
مـــــورڇــــــل مٿــــــاس،
اُڀـــــــو تماچـــــي هــڻــــي. (17)
شاهه لطيف جي عاشق باگوجي شاهه جو
رسالو ترتيب ڏيئي گذريل سال ڇپايو آهي. هن لفظن جي اُچارن تي چڱو ڌيان ڏنو آهي.
باگوجي ڏانوجي پنهنجي ترتيب ڏنل “شاهه جو رسالو” جي سُر ڪاموڏ ۾ جتي به اهو لفظ
آيو آهي ته اُن جو اُچار چٽئَ طرح ڪِنجھر لکيو آهي.
جيلانهـــــين
نوازيائـــــين نورئين، ٿيــــو تماچي تي،
گـــــــادئَ
چاڙهي گــــندري، ماڙهــــــو ڪيائين مــــي،
ڪِنجــهر چوندا
ڪي، ته سچ سڀائي ڳالهڙي. (18)
مانواري سدا رنگاڻي صاحب ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو آهي، جنهن
۾ هن هڪ عنوان ئي ڪِنجھر (چٽي / بولڊ لکت ۾) ڏنو آهي.
ڪوڏيــهه ڪِنجهر
ڪنڌئين، تماچـــــي تڳ،
اوچو ٿيـــومِ
اڳ، مون ڪر ملاحن ۾. (19)
اهڙي ريت شاهه لطيف جي وڏي معاصر ۽
ڪلاسيڪل شاعر ميين عنات رضوي به پنهنجي ڪلام جي سُر ڪاموڏ ۾ ڪِنجھر اُچار ڪتب آندو
آهي. هي لفظ سندس (نصرپور لائبريري) توڙي ڇاپي رسالي ۾ (صفحي 210 کان 214 تائين)
ڏسي سگھجي ٿو. سندس هڪ بيت هيٺ پيش ڪجي ٿو:
جهڙي سُونهن
سندياس، تهڙو ڪِنجهر ۾ ڪونه ٻئو،
طُــــــــول
تنهين جي ســـين راڻيون اچــــــــــــــــن نه راس،
ريــــــــس
راڻيـــــــن ڇــــــــڏئـــــــي، وِهــــــي ڪانه وٽــــــاس،
مـــــورڇــــــل
پاڻ مٿــــــاس، اُڀـــــــو تماچـــــي هــڻــــي. (20)
اهڙئَ ريت سنڌي نثر جي آڳاٽن ڪتابن ۾
هن ڍنڍ جي نالي جو اُچار ڪِنجهر لکيل آهي. چند حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا:
مشهور مورخ، تاريخدان، تذڪره نگار ۽
شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي سڄي سنڌ، خاص ڪري ٺٽي پرڳڻي جي ماڻهن، ماڳن ۽ مڪانن
متعلق جيڪي ڪتاب لکيا آهن سي سند جي حيثيت رکن ٿا. هن مختلف هنڌن تي ڪِنجھر جو ذڪر
ڪيو آهي. “تحفت الڪرام” (فارسي- قلمي) ۾، سما خاندان جي احوال ۾ قصه نورئين ۾ ”کنجھر“
اُچار ڪيو آهي. ان جي ڇاپي ڪتاب ۾ ”کنجھر“ (ڪهنجر) ڇپيو آهي.
مير علي شير قانع ٺٽوئَ جا اصل جملا
هن ريت آهن: “قصه نورئين: دختري از نراد ماهيگيران- کولاب کهنجر- کندره ذات،
غارتگر کالائي صبر وشکيب جام تماچي برآمده”(21)
آڳاٽي مڃتا ماڻيندڙ سنڌ جي گزيٽيئر
مسٽر هيوجز جي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو 1876ع ۾ ڇپيو. هن گزيٽئير جي ڪيترين ئي
خوبين سان گڏ هڪ اها به خوبي آهي ته هن ۾ سنڌي لفظن جي اُچارن ۽ معنائن تي گھڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. هن
گزيٽيئر ۾ ڪِنجھر جو ذڪر جھرڪ جي احوال ۾ ڏنو ويو آهي. اُن مان هڪ ٽڪرو هيٺ ڏجي
ٿو:
“Close to this range are some fine lakes or
(dhandhs) of which the largest are the Kinjhir, near Helaia, and the Sonahri
not for distant form it, the former was once 18 miles and the latter 24 miles
in circumference taken at the highest point to which the water rises.”(22)
ڄيٺمل پرسرام پنهنجي ڪتاب “شاهه جون آکاڻيون” ۾ بيتن توڙي سمجھاڻين ۾
لفظ ڪِنجھر لکيو / اُچاريو آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “اهو ڪنجهر ڪو شهر وڏو ڪونه
هو، اُتي گھڻو ڪري مهاڻا رهندا هئا، جيڪي مڇيون ماريندا هئا.”(23)
مشهور محقق رحيم داد مولائي شيدائي جو
هڪ مضمون شاهه جا گندرا رسالي مهراڻ 1962ع ۾ ڇپيو، اُن سڄي مضمون ۾ هن لفظ جو
اُچار ڪِنجھر ڪتب آندو ويو آهي.(24)
20هين صدئَ جي پهرين اڌ تائين به سڀني
ڇاپي ڪتابن ۾ هن لفظ جو اُچار ڪِنجهر ڏنل آهي. 1960ع ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي
ترتيب ڏنل “يادگار لطيف” ۾ سندس مضمون ۽ ٻين هنڌن تي به لفظ ڪِنجھر لکيل اُچاريل
آهي.(25)
اها هڪ حقيقت آهي ته شاهه لطيف جي
شاعري جي فهم، فلسفي ۽ فڪر کي درست ۽ جديد نموني سائين جي ايم سيد سمجهايو. پاڻ
“پيغامِ لطيف” ڪتاب لکي سنڌي ادب تي هڪ احسان ڪيائون. سائين جي ايم سيد به پنهنجي
ڪتاب “پيغام لطيف” ۾ لفظ ڪِنجھر ڪتب آندو آهي نه ڪي ڪينجھر.(26)
هونئن ته ٻيا به ڪيترا ئي حوالا آهن
پر هتي فقط چند حوالا ڏنا ويا آهن. هن سموري بحث جو مطلب ته ڪِنجهر لفظ جي معنى
آهي: “گھڻي خوشحالي، گھڻو سُڪار، جام سُک ۽ زندگئَ جي ضروري شين جي گھڻائي.”
هن لفظ جو اصل ۽ درست اُچار آهي
“ڪِنجھر”. لفظ ڪِنجهر جنهن جو اڄڪلهه
اُچار ڪينجهر ورتو وڃي ٿو، سو به ڪو هاڃيڪار نه آهي، ان جي به معنى ۽ مقصد به ساڳيو
آهي، پر هتي لفظ ڪِنجھر جي درست معنيٰ ۽ اصل اُچار بيان ڪيو ويو آهي. هي هڪ علمي
بحث آهي، ان کي علمي بحث ئي رهڻ ڏنو وڃي.
حوالا ۽ حاشيا
1. اسان کي
روايتون پڙهايون وڃن ٿيون ته ڪِنجهر مهاڻو نوري جو پئُ (سانڍيندڙ) هو. اُن جي نالي
پُٺيان هن ڍنڍ تي نالو ئي ڪينجهر پئجي ويو. پر حقيقت ۾ ڪِنجهر ۽ سونهري ڍنڍن جو
ذڪر ڄام تماچي جي دور کان گھڻو اڳاٽو ملي ٿو. خود انهن روايتن مان ئي معلوم ٿئي ٿو
ته نوري ڄام تماچئَ جي واقعي/ دور کان گھڻو وقت اڳ ۾ به هئَ ڍنڍ ڪِنجهر جي نالي
سان مشهور هئي. دنيا جي قديم تهذيبن خاص ڪري بابل ۽ سنڌ ۾ شهرن، ماڳن ۽ مڪانن جا
نالا ماڻهن/ شخصيتن جي نالن سان گھٽ پر گھڻو ڪري ڪن خاص وصفن جي نسبت سان رکيا ويا
۽ مشهور ٿيا آهن. جيئن مُهين جو دڙو، آمري، اروڙ، ڀنڀور، رني ڪوٽ، نيرون، ٺٽو ۽
مڪلي (منڪلي)، ڪراچي، سکر، رڙي، مٽياري، جھرڪ، جاتي وغيره. ائين ڍنڍن جا نالا به
آهن. منڇر، ڪِنجهر، سونهري، چوٽياري، مَکي، جھول ۽ ٻيون ڍنڍون. ايئن ئي نورئَ
متعلق به چيو وڃي ٿو ته هُوءَ راجا جسودڻ جي ڌئَ هئي جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان غلط
آهي. ان متعلق ڀٽائئَ جو هڪ بيت به ٻڌايو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ اُن بيت جي مفهوم کي
سمجهيو ئي نه ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اسين سنڌ جا ماڻهو مختلف دورن ۾ سوين سال
ڌارين جي قبضن ۽ غلامئَ ۾ رهيا آهيون. جنهن اسان جي نسلن تي نفسياتي اثر ڇڏيا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ذاتين ۽ قبيلن متعلق اسان جا ماڻهو سندن تعلق هروڀرو ڇڪي
وڃي عربن، ايرانين ۽ ٻين سان ڳنڍيندا آهن. سنڌ جي نج ۽ عظيم تاريخي ۽ نيم تاريخي
ڪردارن جو تعلق به ڇڪي وڃي ڪنهن بادشاهه سان ڳنڍيندا. هر غير معمولي ڪردار کي
بادشاهه جو پٽ يا ڌئَ ڄاڻائيندا. ائين اسان جي تاريخي، نيم تاريخي ۽ لوڪ داستانن
جي ڪردار سان به جُٺ ڪئي ويئي آهي. کِل جهڙي ڳالهه آهي ته شاهه جي سُورمئَ مارئئَ
جو تعلق به بادشاهه سان ڳنڍي عمر جي ڀيڻ ڄاڻائي ويئي آهي. ۽ ڪِن روايتن ۾ وري هڪ
ٻي وڏي ماڻهؤَ جي نسل مان ڄاڻائي ويئي آهي. نورئَ جهڙي نج سنڌي مسڪين مهاڻن ڄائئَ
کي جسودڻ جي ڌئَ ڄاڻايو ويو آهي. ائين سڀني غير معمولي ڪردارن جي اصل حقيقتن کان
منهن موڙيو ويو آهي، ڄڻ ته سُٺا، سُهڻا، عقلمند ۽ غير معمولي ماڻهو فقط بادشاهن ۽
ٻين وڏن ماڻهن جي گھرن ۾ ئي پيدا ٿي سگھن ٿا ۽ ڪنهن به غريب جي گھر ۾ سُٺائي،
سُونهن، سُلڇڻائي، عقلمندي وغيره ممنوع آهي. (اُن جو مطلب ته اسان کي قدرت تي به
اعتبار ناهي). اهو اسان جي تنگ نظر سوچن جو ثبوت آهي. سُونهن ۽ سُلڇڻائي غريب
مُهاڻن جي گھرن ۾ به ٿي سگھي ٿي. جواني به هر ذات ۽ قبيلي ۾ ايندي آهي. اسان کي
اصل حقيقتن ۽ سچ کي قبول ڪرڻ گھرجي. منهنجو مقصد آهي ته نوري ڪِنجهر ڄائي مهاڻي/
گندري هئي. جنهن جي سُونهن، نياز ۽ نئڙت هڪ بادشاهه کي به جُھڪائي وڌو.
2. ”جامع سنڌي لغات“
جلد چوٿون- مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1985ع، ص 191
جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، مقالو ”نوري نماڻي“ قلمي.3
4. مولائي شيدائي رحيم داد، مقالو ”شاهه جا گندرا“ ٽماهي مهراڻ
حيدرآباد، 1962ع، ص 191.
5. ”شاهه جو رسالو”
ڪاتب قاضي موسى، ص 108، قلمي ذاتي لائبريري ڊاڪٽر نواز علي شوق
6. ”شاهه جو رسالو“ ميان احمد وائئَ وارو، قلمي
نسخي جي فوٽوڪاپي، ص 202 ذاتي لائبريري ڊاڪٽر مانجهي
7. وفائي دين محمد ”لطف اللطيف“ وفائي، پبلشنگ هائوس ڪراچي 1951ع،
ص 42
8. شاهه جو رسالو، شاهه
جو ڪلام، جلد پهريون، محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف ثقافتي
مرڪز ڀٽ شاهه، 1989ع، ص 97 ۽ 98
9. گنج ”شاهه جو رسالو“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
1995ع ص 819
10. ”شاهه جو رسالو“
ڪاتب حاجي محمد ڪرناڻي سمون، 1867ع واري پهرئين بمبئي ڇاپي جو عڪسي ڇاپو اوقاف
کاتو ڪراچي، 1995، ص 473
11. ”شاهه جو رسالو“ مرتب شمس العلماءَ مرزا قليچ
بيگ- اصل ڇاپو ڪوڪرداس 1903ع، عڪسي ڇاپو سنڌي لينگويج اٿارٽي 1994ع ص 901.
12. مسافر محمد صديق ”سُر
ڪاموڏ“ (شرح، معنى ۽ سمجهاڻي سميت) آر-
ايڇ- احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، 1959ع، ص 10، 11.
13. ”شاهه جو رسالو“ دفترِ لطيفي حيدرآباد 1951ع ص 300
15. ”شاهه جو رسالو“ مرتب آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند، هندستان
ڪتاب گھر بمبئي، 1966ع، ص 291
16. ”شاهه جو رسالو“ مرتب گربخشاڻي هوتچند مولچند ڊاڪٽر، ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه ڇاپو ٽيون 1992ع، ص 351
17. “شاهه جو رسالو” مرتب عثمان علي انصاري، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1997ع، ص 522
18. ”شاهه جو رسالو“ باگوجي ڏانوجي، باگوجي ڏانوجي پبليڪيشن ميرپور
ماٿيلو 2000ع، ص 950
19. ايڇ آئي سدارنگاڻي ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ روشني
پبليڪيشن حيدرآباد، 2001ع، ص 234
20. ”ميين شاهه عنات جو
ڪلام“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1963ع، ص 211
21. قانع ٺٽوي مير علي شير ”تحفته الڪرام“ باهتمام وحواشي، سيد
حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص 102
22. Hughes A.W “Gazetteer of the Province of Sindh” Indus Publication Karachi,
1996, P-291.
23. پرسرام ڄيٺمل ”شاهه جون آکاڻيون“ اُساٽ ساهت، مالها، نيو دهلي
ٻيو ڇاپو 1990ع، ص 75
24. مولائي شيدائي رحيم داد ”شاهه جا گندرا“ ٽماهي مهراڻ
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1962ع، ص 188 کان 193 تائين.
25. ”يادگار لطيف“ مرتب بيگم زينت عبدالله چنا، لطيف يادگار
ڪائونسل، ڀٽ شاهه 1960ع
26. سيد جي ايم ”پيغام
لطيف“ ڇاپو ٽيون نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، 1974
No comments:
Post a Comment