مخدوم
محمد معين ٺٽوي
Makhdoom Muhammad Moin Thattvi
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سنڌ ساڻيھ جو ٺٽو ننگر،
علم، ادب، شاعري، فن، فڪر، شعور، حب الوطني، تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان سنڌ جي
تاريخ جي اُڀ تي روشن ستاري وانگر چمڪندو رھيو آھي. ھتي جي عالمن، اديبن، استادن،
فنڪارن، فلسفين، دانائن، ڏاھن ۽ ڏات ڌڻين سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. ھتي جي عالمن جا
لکيل شاھڪار ڪتاب دنيا جي لائبريرين ۾ شاھدين لاءِ موجود آھن. انھن پھرين صف جي
عالمن ۽ اديبن ۾ جامع العلوم، محقق، مختلف فنن جي ڄاڻو، شاعر ۽ ڏاھن ۾ مخدوم محمد
معين جو نالو ۽ حيثيت بنھ نمايان آھي. مخدوم معين ٺٽوي، جنھن کي ھتي جا رھواسي
پيار، پاٻوھ ۽ لاڏ مان مخدوم ٺارو سڏيندا ھئا سو بلند مقام رکندڙ شخصيت جو مالڪ
رھيو آھي. مخدوم محمد معين بن محمد امين بن طالب الله، ذات دَل ٺٽي جي ھڪ علمي
خاندان ۾ ۱۰۹۳ھ/۱۶۱۷ع ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ پٽ باران جي ڳوٺ دالي(۱) تعلقي روپاھ جا ھئا. مخدوم محمد معين جو والد مخدوم محمد امين لڏي
اچي ٺٽي ۾ ويٺو. مخدوم معين جو ڏاڏو طالب الله وڏو عالم ۽ فاضل ھو. مشھور شخصيت
فاضل خان(۲) جنھن جو نالو ملا عثمان ھو، سو به سندس شاگرد ھو.
انھئَ زماني ۾ ٺٽو علم
جو وڏو مرڪز ھو. ڪٿان ڪٿان کان ماڻھو اچي، ھتي علم پرائيندا ھئا. مخدوم معين جو
خاندان به علم ۽ فضل جو صاحب ھو کيس ننڍپڻ ۾ ھڪ ڀرپور علمي ماحول نصيب ٿيو. ھن
ابتدا ۾ پنھنجي والد ماجد محمد امين کان تعليم حاصل ڪئي. جيڪو انھئَ دور جي اڪابر
عالمن ۾ شمار ٿيندو ھو.(۳) پوءِ مخدوم عنايت الله بن فضل الله ٺٽوي (وفات ۱۱۱۶ھ) کان گھڻو وقت تعليم
حاصل ڪيائين. مشھور عالم ۽ صوفي بزرگ ابوالقاسم نقشبندي کان تصوف ۾ بيعت ورتائين.
مولانا دين محمد وفائي
پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”تاريخ مشاھير سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”علامه معين شروع ڄمار ۾ ٺٽي
۾ رھي علمن جي تحصيل ڪئي ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندئَ کان تصوف ۾ بيعت ورتي. ان کان
پوءِ شاھ ولي الله جي علم ۽ درس و تدريس جو غلغلو ٻڌي دھلي روانو ٿيو. ۽ شاھ وٽ
ڪيترائي سال رھي ھن فلسفه الٰھيات، حديث ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪئي.“(۴) منھنجي تحقيق موجب مخدوم معين، شاھ ولي الله وٽ
تعليم پرائڻ لاءِ دھلي نه ويو ھو. سندس دھلي وڃڻ جو ڪو به سگھارو حوالو نٿو ملي،
البته دھلي نه وڃڻ جا حوالا ملن ٿا. مخدوم محمد ھاشم ٺٽوئَ جو فرزند مخدوم
عبداللطيف ٺٽوي (وفات ۱۱۸۹ھ) جنھن مخدوم معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو رد ”ذب ذبابات عن
دراسات اللبيب“ لکيو، تنھن انھئَ ڪتاب ۾ لکيو آھي ته: ”مخدوم معين سنڌ جي شھرن کان
سواءِ ٻاھر ڪڏھن به نه نڪتو.“(۵) ھن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم معين دھلي ڪڏھن به نه ويو ھو.
اھا به ھڪ حقيقت آھي ته شاھ ولي الله ھڪ ڀيري حرمين ڏانھن وڃڻ دوران سنڌ مان ويندي
ٺٽي شھر ۾ آيو ھو، انھئَ وقت مخدوم معين، شاھ ولي الله سان ملاقات ڪئي ھئي. مولانا
محمد عاشق ڦُلتي پنھنجي ڪتاب ”القول الجَلي في ذڪر آثار الولِي“ (شاھ ولي الله جي
واقعات ۽ ملفوظات تي مشتمل ڪتاب) ۾ شاھ ولي الله جي سير سفر دوران ٺٽي ۾ اچڻ جو
احوال ڏيندي لکي ٿو ته: ”جنھن وقت پاڻ ٺٽي شھر ۾ آيا ته شھر جا سمورا عالم ۽ صوفي
سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا، منجھائن وڏي تعداد ۾ بيعت ڪئي ۽ طريقت جي آداب ۽ تصوف جي
مشغولين جي معلومات حاصل ڪئي.
مخدوم معين جيڪو اُتي جي اڪابر عالمن مان ھو، ڪتاب ۽
صنعت جي سمورن علمن، فنن، معقول ۽ منقول جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ ھو. کانئس فيض جي شرف
سان مالا مال ٿيو.“(۶) انھئَ احوال مان چٽئَ ريت ظاھر ٿئي ٿو ته مخدوم معين جي شاھ ولي الله
سان ملاقات دھلئَ ۾ نه پر ٺٽي ۾ ئي ٿي ھئي ۽ پڻ پڌرو ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب سموري
تعليم ٺٽي ۾ حاصل ڪري، علم جي اوچائي تي رسيو. شاھ ولي الله جي لکيل خطن وغيره مان
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ ولي الله پاڻ به مخدوم معين جي علمي حيثيت کان گھڻو متاثر ھو.
مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”بعض مسئلن جي تحقيق ۾ ھو شاھ ولي
الله جي خدمت ۾ نئون رستو اختيار ڪندو ھو ۽ نرالي ڍنگ ۽ مجتھدانه انداز ۾ راءِ پيش
ڪندو ھو، جنھن ڪري شاھ ولي الله کيس چوندو ھو ته: ” ومن الرديف فقد رکبت غضنفرا“
يعني ”بيشڪ تون (تحقيق ڪرڻ ۾) شينھن تي سوار ٿيو آھين.“(۷) مطلب ته شاھ ولي الله کيس علم جي دنيا ۾ تسليم
ڪيو. شاھ ولي الله جيڪي علامه محمد معين ڏانھن خط لکيا آھن، تن ۾ شاھ صاحب کيس وڏن
لقبن سان مخاطب ٿيو آھي ۽ اھو به انھئَ مان چٽئَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته مخدوم معين
ٺٽوي ڪيڏي وڏي درجي تي پھچي چڪو ھو.
مخدوم معين، ٺٽي جي سيد علي رضا جيلانئَ کان شيخ محي الدين ابن عربئَ جو مشھور رسالو ”فصوص الحڪم“ سبق سبق
ڪري پڙھيو. ان کان پوءِ ابن عربئَ جي صوفيانا مسلڪ جو سخت حامي ٿي رھيو. ھي ابن
عربئَ جو ايڏو دلدادو ٿي چڪو ھو جو پنھنجن تصنيفات ۾ ھن بزرگ جو نالو نھايت ادب
سان لکندي حظ ۽ لطف حاصل ڪري ٿو.(۸)
ناميارو تاريخدان ۽
تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو سندس ننڍو معاصر، ڳوٺائي ۽ کيس گھڻو
ڄاڻندڙ سڃاڻندڙ ھو، سو پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”تحفت الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: ”خدا تعالى
ھن ذات ستوده صفات کي پنھنجي وقت ۾ ڪمال جي سڀني فنن ۾ جامع پيدا ڪيو ھو. معقول
خواھ منقول ۾ وقت جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب ھو. ھيترين علمي ڪماليتن ھوندي به
سلوڪ جي رستي کان واقف ھو، ڪيترن ئي بزرگن سان صحبتون ڪيون ھئائين.“(۹)
مخدوم محمد معين علم ۽
فن جو سرچشمو ھو. ٺٽي ۾ پاڻ ھڪ ڪتب خانو ۽ عاليشان مدرسو به قائم ڪيو ھئائين، جنھن
۾ پاڻ مختلف علمن ۽ فنن جي تعليم ڏيندو ھو ۽ شاگردن جو سڄو خرچ پکو پاڻ ئي برداشت
ڪندو ھو. انھئَ مدرسي جي ڪري سنڌ ۾ علم ۽ فضل خاص ڪري روشن خيالئَ کي گھڻي ترقي ملي. ھتي جا تعليم ۽ تربيت يافته شاگرد
مختلف علائقن ۾ ڦھليا. انھن جتي ڪٿي درسگاھون قائم ڪري، علم جي نور کي ڦھلائي
معاشري ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. مخدوم محمد معين جي شاگردن ۾ مير نجم الدين
عزلت، مشھور مدرس مولوي محمد صادق، علامه، محدث محمد حيات سنڌي (وفات ۱۱۶۳ھ) جعفر شيرازي، شرف
الدين علي ۽ مير مرتضى سيوستاني گھڻو مشھور آھن. ميان عنايت الله طالب علم جھڙو
مدرس به سندس شاگرد ھو. مير علي شير قانع ٺٽوي، ميان عنايت الله طالب علم جي احوال
۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم معين جي مدرسي ۾ نائب ھو. ھن جي وفات کان پوءِ ڪيئي سال
شاگردن جي خدمت ۽ درس ۾ حياتي پوري ڪيائين.“ (۱۰)
مخدوم معين نھايت ھردل
عزيز بزرگ ھو. وٽس امير، غريب، پڙھيل، اڻ پڙھيل، شاگرد، عالم، سني، شيعه، مسلمان
توڙي ھندو ايندا، تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رھندا ھئا. سڀئي ھن جي آستاني جي حاضري
ڀرڻ کي پنھنجي لاءِ فخر جو باعث سمجھندا ھئا. ٺٽي جو گورنر مھابت خان (۱۱۳۲
- ۱۱۳۵ھ)
جيڪو اڪثر وٽس عقيدت سان حاضر ٿيندو ھو، انھئَ جي استدعا تي پاڻ ھڪ ڪتاب ”حل
اصطلاحات صوفياء“ لکيائين.
عام ماڻھو ساڻس بنھ گھڻي
محبت ڪندا ھئا. کيس قرب مان ”ميان ٺاري“ جي نالي سان سڏيندا ھئا. شيخ محمد سومار
لکي ٿو ته: ”علم ۽ فضيلت جي ڪري کيس ماڻھن لقب ئي ڏنو ھو ”ميون ٺارو“ سندس مختلف
ڳالھين جي ڪري، سندس علمي فضيلت جي ڪري سندس روادارئَ جي ڪري، ٻڌندڙ ماڻھو سندس
ڳالھيون ٻڌي فتوائون حاصل ڪري دل ۽ من ٺاريندا ھئا. انھئَ نيڻ ٺار بزرگ کي ماڻھن
ڄاڻي سڃاڻي مخدوم محمد معين ”بيراڳي“ جي بدران ميون ٺارو سڏڻ شروع ڪيو ھو.(۱۱)
مخدوم معين ھڪ اعلى درجي
جو عالم، فاضل ۽ مڪمل انسان ھو. ھي بزرگ عالم ھر شيءِ کي پنھنجي منفرد انداز سان
ڏسندو پسندو ھو. مولانا دين محمد وفائي صاحب، مخدوم محمد معين متعلق پنھنجي ڪتاب
”تاريخ مشاھير سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم صاحب بعض مسئلن ۾ وقت جي عالمن کان جدا
مسلڪ رکندڙ ھو. مثلاً:
1. ٻين اصحابين تي حضرت علئَ
جي فضيلت جو قائل ھو.
2. امام حسين جي ماتم کي
جائز سمجھندو ھو.
3. صوفين جي ڪشف کي شرعي حجت
وانگر ھڪ شرعي دليل سمجھندو ھو.
4. صحيح حديث جي مقابلي ۾
ڪنھن به امام جي تقليد يا پيروي کي ڪجھ به نه ڄاڻندو ھو.
5. ٻارنھن امامن ۽ اھل بيت
جي عصمت جو قائل ھو.
6. وحدت الوجود جي مسئلي ۾
تشريح ڪرڻ وارن الفاظن سان ماڻھو ھن کي دھريو ڪري سمجھندا ھئا.
7. ان وقت جي عام عالمن جي
برخلاف ھُو ڏاڙھي کي ڪترائڻ ۽ ڪاري رنگ جي خضاب ڪرڻ جو قائل ھو.(۱۲)
حقيقت
۾ ڏٺو وڃي ته مخدوم معين رڳو مٿيان مسئلا نه اٿاريا ھئا پر اصل ۾ ڪي مسئلا ٻيا به
ھئا. جيئن ھو انسان ذات ۾ رنگ، نسل، مذھبن جي فرقن جي بنياد تي انسان کان نفرت ۽
ويڇي کي غلط سمجھندو ھو. ھي ظاھري مسئلن کي گھٽ اھميت ڏيندو ھو. ھندن سان خراب
سلوڪ ڪرڻ کي غلط سمجھندو ھو. تصوف ۽ محبت جي راھ جو راھي ھئُ بزرگ، انسان ذات جي
مساوات جو قائل ھو، راڳ کي جائز سمجھندو ھو، شاھ عبدالطيف ڀٽائئَ جو گھرو دوست ھو.
مخدوم
صاحب کي صوفي شاھ عنايت سان گھرو لڳاءُ ھو. مخدوم معين وحدت الوجود ۽ انساني
مساوات جي نظريي کان متاثر ٿي صوفي شاھ عنايت الله کي فڪري طرح ويجھو ٿيو. جڏھن
شاھ شھيد دھلئَ مان موٽي آيو ۽ ھتي ڪجھ وقت رھڻ کان پوءِ سندس ٺٽي جي ظاھري ۽
درٻاري عالمن ۽ ملن مخالفت شروع ڪئي، تڏھن مخدوم صاحب، صوفي شاھ عنايت جي حمايت ۾
آواز بلند ڪيو ۽ شاھ شھيد سان دلي محبت جو اظھار ڪيو. انھئَ ڪري ڪيتريون ئي
مخالفتون برداشت ڪرڻيون پيس. قانع ٺٽوي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوئَ جو ذڪر ڪندي ھڪ ھنڌ
لکي ٿو ته: ”مخدوم معين وغيره جھڙن وقت جي عالمن سان مخالفت ھوندي ھيس.“(۱۳) سنڌ جو ناميارو تاريخدان پير حسام الدين راشدي ھڪ
ھنڌ لکي ٿو ته: ” مخدوم محمد معين جي محبت شاھ شھيد سان ٿي ته نه فقط سندس مرشد
ابوالقاسم ساڻس ناراض ٿي پيو. بلڪه مولوي محمد ھاشم جي خاندان، جڏھن مخدوم معين جي
مخالفت شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اھو به الزام مڙھيائون ته ھو شاھ عنايت
جو معتقد ھو.“(۱۴) مختلف ڳالھين ۽ واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم معين جا شاھ شھيد
سان تمام گھرا تعلق ھئا. ھي شاھ شھيد ۽ سندس سٿ سان بنھ ويجھو ٿي ويو ھو. صوفي شاھ
اسماعيل ۽ عبداللطيف صوفئَ وٽ به اچڻ وڃڻ ٿيندو ھوس.(۱۵)
سندس
شاگرد سيد نجم الدين عزلت (وفات ۱۱۶۰ھ) علامه جي عقيدت بابت ھڪ رسالو لکي ڪن ماڻھن کي ڏيکاريو. قبوليت جي
بجاءِ ماڻھو علامه جا دشمن ۽ مخالف بڻجي پيا. سندس خيالات بابت ٺٽي جي ڪن عالمن
مدينه شريف ڏانھن ھڪ سوال موڪلي ڏنو، جتان حرمين شريفين جي عالمن جي ترديد اچي
ويئي، جنھن کان پوءِ عوام ۾ سندس خيالات رائج ٿيڻ کان رھجي ويا.(۱۶)
مطلب ته ھن حق تي ھلندڙ
سچي صوفي ۽ فلسفئَ جي واٽ تي ناحق، حسد، ساڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل مخالفت جا ڪنڊا وڇايا
ويا. مخالفت ايتري قدر وڌي جو سندس پيارو استاد ابوالقاسم به کائنس رٺل رھيو.
مولوي محمد ھاشم ٺٽوئَ ته مخدوم محمد معين (جيڪو سندس استاد به ھو) جي سخت مخالفت ڪئي ۽ علامه
محمد معين جي ڪيترن ئي ڪتابن جا رد لکي انھن کي غير اھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
انھئَ مخالفت ۾ سندس فرزند عبداللطيف ٺٽوي، سندس خاندان ۽ ٻيا به شامل ھئا. حڪومت
سان لاڳاپيل، قاضي ۽ ڪارندا به مٿس ڪاوڙيل رھيا. عام ماڻھن کي سندس خلاف ڀڙڪايو ويو.
اسان جي تحقيق موجب مخدوم صاحب جي جيڪا وقت جي عالمن ۽ ملن مخالفت
ڪئي ھئي، انھئَ جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس روشن خيالي، انسان دوستي، سچ گوئي، ناحق، نا
انصافي، ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ، مختلف موضوعن ۽ حقيقتن متعلق فلسفيانا نقطه
نظر ۽ صوفي شاھ عنايت جھڙي وطن دوست ۽ انسان دوست بزرگ سان تعلق ھو. شاھ شھيد جي
شھادت وقت به مخدوم محمد معين سخت احتجاج ڪندي، رت جا ڳوڙھا ڳاڙيا ھئا. شاھ شھيد
جي شھادت کان پوءِ، جڏھن وقت جي ظالم حاڪمن شاھ شھيد جي سر مبارڪ کي نيزي ۾ ھڻي
وڌيڪ ڏھڪاءُ ۽ ڊپ ڦھلائڻ خاطر ٺٽي جي شھر ۾ گشت ڪرايو ھو، تڏھن مخدوم معين کي سخت
صدمو پھتو ھو. چون ٿا ته انھئَ واقعي جو مٿس ايترو اثر ٿيو جو پوءِ اڪثر ڏکاري
ڪيفيت ۾ رھندو ھو. ”انيس المساڪين“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”سر مبارڪ کي گھمائيندي
جڏھن مخدوم ٺاري (محمد معين) صاحب جي جاءِ وٽ آيا، (تڏھن) مخدوم صاحب سندن حياتئَ
۾ ڏانھن ھيٺيون بيت ڏياري موڪليو ھو. فرمايو ھئائون ته ان جو جواب مخدوم ٺاري کي
روبرو ڏبو. بيت ھي ھو:
جگر
شير نداري سفر عشق مڪن
سدته تيغ مداري قصد جنگ
مڪن
يعني: ”جي شينھن جھڙو جگر نه ڌارين ته عشق جي ميدان ۾ مسافري نه ڪر.
ھٿ ۾ ھٿيار ڪونه اٿئي ته جنگ جو ارادو نه ڪر.“(۱۷) اڳتي مانوارو مصنف لکي ٿو ته: ”اتفاق الاھي مخدوم
ٺارو به ان وقت پنھنجي جاءِ جي دروازي وٽ بيٺو ھو. سر مبارڪ کي گوھر افشان سان ھي
بيت فرمايو:
ســـــر
در قدم يار فدا شد چه نجا شد
اين
بار گران بود ادا شد بجا شد.(۱۸)
فاضل مصنف وري به ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”پوءِ پاڻ (شاھ شھيد)
فرمايائون ته: ”اي مخدوم ٺارا! عشق ھمين شو نه دگرست“ يعني: ” مخدوم ٺارا! عشق ھن
کي چئبو آھي نه ٻي کي.“ مخدوم ٺارو اھو حال ڏسي ڪجھ عرصو بي ھوش ھو پوءِ ھوش ۾
آيو.“(۱۹)
حقيقت ۾ ته اھو بيت وغيره چوڻ وارو واقعو درست نٿو چئي سگھجي، البت
ايترو ضرور آھي ته مخدوم معين جڏھن شاھ شھيد جو سر مبارڪ ڏٺو ته سخت صدمو رسيس ۽
ھو بي ھوش ٿي ويو ۽ ڪيتروئي وقت بي ھوش رھڻ بعد جڏھن ھوش ۾ آيو ته مسلسل ڳوڙھا
ڳاڙيندو رھيو ۽ ڪيترائي ڏينھن ڪوبه کاڌو نه کاڌو ھئائين. انھئَ کان پوء ڪيترو وقت
دنيا کان دل کٽي ٿي ويس ۽ ھو گوشه نشينئَ ۾ گذاريندو ھو. راڳ ٻڌڻ ۽ غور و فڪر ۾
گذاريندو ھو.(۲۰) ان وقت به ڪي سچائئَ جا سوداگر صوفي ساڻس عقيدت ۽ پيار ڪندا ھئا.
ڪجھ عرصي بعد ھن انھئَ صدمي کي پنھنجي علمي سگھ ۽ سچائئَ ۾ تبديل ڪيو. روشن خيال،
حقيقت پسند، انسان دوست ۽ صوفي منش ھئڻ جي ڪري ساڻس وقت جي ظاھري عالمن ۽ ملن
طرفان سخت مخالفتون رھيون.
مخدوم معين نه فقط حقيقت
پسند، حق پرست، عالم فاضل ھو، پر موسيقي جو ماھر، ھندي ۽ فارسئَ جو ھڪ تمام وڏو
شاعر به ھو. فارسئَ ۾ ”تسليم“ ۽ ھندئَ ۾ ”بيراڳي“ تخلص ڪتب آڻيندو ھو. مير علي شير
قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ھو محققانا شعر چوندو ھو.“(۲۱)
عربئَ ۽ فارسئَ ۾
ڪيترائي ڪتاب لکيائين. انھن مان ڪجھ ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا:
فارسي:
1. رساله اويسيه (تصوف بابت،
حقيقت ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائئَ ھڪ خط لکي، مخدوم صاحب کان اويسيه سلسلي متعلق
علمي ڄاڻ وٺڻ چاھي. مخدوم معين انھن پڇيل سوالن جا عالمانا جواب لکي شاھ لطيف کي
ڏياري موڪليو، ھي ڪتاب انھن سوالن جي جواب تي مشتمل رسالو آھي.)
2. اثبات رفع اليدين في
الصلوات
3. شرح رموز عقائد صوفيه
4. حل اصطلاحات صوفيه
5. وحدت الوجود ولموجود
(فلسفه تصوف)
6. الجود الثمين (دنيا جي
پيدائش ۽ ان جي فنا ٿيڻ تي فلسفانه رنگ ۽ بحث.
عربي:
1. اثبات رفع اليدين في
الصلوات
2. الحجت الجليلت جي قضاء
الحڪم بالا فضيلت
3. ايقاظ الوسنان
4. قرت العين جي البڪاءِ علي
الامام الحسين
5. غايت الفسخ لمسئله النسخ
6. ابرازالضمير المصنف
الحبير
7. مواھب سيدالبشر في حديث
الائمت الائمت الاثنى عشر
8. انوار الوجد من مخ المجد
9. غايت ماظھر لا ضعف الانام
10. دراسات اللبيب في الاسوت
الحسنت بالحبيب
11. رساله في تحقيق اھل البيت
12. رساله في اثبات اسلام ابي
طالب
13. رساله في بحث تناسخ
14. رساله بالاجوبت الفاضلت
الاسئلت العشرت لاڪالمه
15. رساله في انتقاد المؤمنين
من فتح القدير
16. رساله في بحث حديث
المصرات
17. رساله في تحقيق معني
الحديث لا نورث ما ترکنا صدقت
18. الحق الصريح
مولانا دين
محمد وفائي صاحب ۱۹۱۷ع ۾ مٿين ڪتابن مان گھڻا ڪتاب پير سيد ابو تراب محمد رشدالله شاھ
جھنڊي واري جي ڪتب خاني ۾ ڏٺا ھئا. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته: ”ٻيا به سندس
رساله ۽ تحريرون آھن جيڪي ھن وقت ناياب ٿي چڪا آھن.(۲۲) جڏھن ته مٿين ڪتابن مان ڪي ناياب قلمي نسخا اسان ۱۹۹۸ع ۾ مٽيارين جي مولوي
عبدالله ميمڻ جي ڪتب خاني ۾ ڏٺا ھئا ۽ سندس ھندي شاعري جو ھڪ نسخو ٺٽي جي بزرگ
محترم محمد صديق پکيئڙي جي خاندان وٽ موجود ھو، جيڪو سندس چوڻ موجب انھن ويھارو
سال اڳ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ھو. سندس ڪتابن مان دراسات اللبيب في الاسوت
الحسنت بالجبيب (عربي) سن ۱۹۸۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آھي.
مخدوم معين
۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي پاڻ ۾ دلي دوست ۽ ھم خيال ھئا. ”تحفت الڪرام“ جو مصنف لکي
ٿو ته: ”سيد عبداللطيف تارڪ (ڀٽائي) سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو رستو اختيار
رکيائين. سندس ۽ حاجي محمد ھاشم ٺٽوي جي وچ ۾ ھميشه بحث مباحثو جاري رھندو ھو.“(۲۳) سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائئَ جي مخدوم
معين سان تمام گھري دوستي ھئي. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته: ”شاھ عبداللطيف
ڀٽائي ۽ مخدوم معين جو پاڻ ۾ تمام گھاٽو رستو ھو. ڪڏھن مخدوم صاحب، شاھ صاحب وٽ
وڃي رھندو ھو ۽ ڪڏھن شاھ صاحب، مخدوم وٽ اچي ٺٽي ۾ ٽڪندو ھو ۽ پاڻ ۾ حال ۽ قال جون
طول طويل صحبتون ٿينديون ھيون.“(۲۴) شاھ ڀٽائي ھن کان ايترو ته متاثر ھو جو اڪثر پنڌ ڪري ھلي وٽس ايندو
ھو ۽ اچي راتين جون راتيون رھي روح رھاڻيون ڪندو ھو. اھو مخدوم معين جي وڏائئَ جو
وڏو ثبوت آھي ته ڀٽائئَ جھڙو عظيم ۽ آفاقي شاعر به وٽس ھلي ايندو ھو ۽ ڏينھن جا
ڏينھن وٽس رھيو پيو ھوندو ھو. تصوف، موسيقي، علم، ادب، تاريخ، ثقافت، فلسفي ۽
سياسي، سماجي حالتن ۽ ٻين به نه ڄاڻ ڪھڙن ڪھڙن موضوعن تي ڪچھريون، علمي بحث مباحثا
ڪندا ھوندا. لطيف سرڪار وٽانئس تصوف، وحدانيت ۽ ويدانت جا ڳجھا راز سکيا ۽ حقيقتون
معلوم ڪيون.(۲۵) انھئَ جو وڏو ثبوت رساله اويسي آھي، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائئَ، مخدوم معين کي خط لکي
اويسي سلسلي متعلق سادي فارسئَ ۾ معلومات وٺڻ گھري آھي. مخدوم معين انھن سوالن جو
ڀرپور علمي جواب ڏنو آھي. ايئن به نه ھوندو ته شاھ لطيف ڪو فقط اھو ھڪ ئي خط مخدوم
معين کي لکيو ھوندو ۽ مخدوم معين به فقط اھو ئي جواب موڪليو ھوندو.
مخدوم معين راڳ جو تمام
وڏو شائق ھو، تنھن ڪري لطيف سرڪار وٽس اھڙيون محفلون اڪثر ڪندو ھو. جيئن ئي راڳ
ڇڙندو ھو تيئن ھن جي وجداني ڪيفيت ٿي ويندي ھئي. سندس وفات به عجيب نموني سان ٿي
جو ھڪ ڀيري شاھ عبداللطيف پنھنجي مريدن ۽ فقيرن سميت وٽس ٺٽي ۾ آيل ھو. سماع جي محفل
منعقد ٿي. محفل جڏھن عروج تي پھتي ته اوڏي مھل عين سرمستي ۽ وجد جي ڪيفيت ۾ مخدوم صاحب ڪمري اندر وڃي چادر مٿان ويڙھي، ويھي رھيو. انھئَ ڪيفيت ۽ حالت ۾ سندس
روح پرواز ڪري ويو. معمول موجب ساڀائئَ مھل راڳ ختم ڪري جڏھن سندس خبر چار لڌي
ويئي ته معلوم ٿيو ته علم، ادب، شاعري، موسيقي، تصوف، فلسفي، تحقيق ۽ ٻين علمن جو
تمام وڏو عالم ھن دنيا کان ھميشه لاءِ موڪلائي چڪو ھو. مير علي شير قانع پنھنجي
ڪتاب ”تحفت الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: ”اَسماع معراج الاوليا (سماع ولين جو معراج آھي)
جي مقولي مطابق، سماع کي پسند ڪندڙ ۽ علم موسيقي کان واقف ھو.ھن دارالفنا مان
دارابقا ڏانھن سندس رحلت به رڳو راڳ ٻڌڻ ڪري ٿي.“(۲۶) اڳتي لکي ٿو ته: ”سيد عبداللطيف ڀٽائي، پنھنجي ڳوٺ
خادمن کي فرمايو ته ھلو يار جو آخري ديدار ڪرڻ ھلون. ايئن چئي ٺٽي آيو ۽ راڳ جي محفل
برپا ڪيائين. مخدوم پڻ انھئَ صحبت ۾ شامل ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت
اٿي اندر ويو ۽ جھٽ ۾ ساھ ڏنائين. مٿيين سيد (لطيف) جنازي سان شموليت ڪري، ڳوٺ
ڏانھن موٽندي چيو ته: ”ٺٽي جو ڏسڻ سندن ڪري ٿيندو ھو. بس اڄ کان پوءِ بند آھي.“(۲۷) مطلب ته مخدوم صاحب انھئَ حالت ۾ (۱۱۶۱ھ - ۱۷۴۷ع) وفات ڪئي.(۲۸) مٿين لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي
پاڻ پنھنجي دلي دوست جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ۽ ھن ڀيري جڏھن ٺٽي مان روانو ٿيو،
تڏھن چيائين اسان جو اچڻ جنھن دوست جي ڪري ٿيندو ھو سو ھاڻي نه رھيو تنھن ڪري ھاڻي
اسان جو ھتي اچڻ نه ٿيندو. بس پوءِ ڀٽائي ٺٽي ننگر ته ڪڏھن به نه آيو پر اسان جي معلومات موجب انھئَ
کان پوءِ شاھ لطيف سير سفر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو.
مخدوم معين
جا، فقيرالله علوئَ سان گھرا تعلقات ھئا. ساڻس خط و ڪتابت ھلندي رھندي ھئي. ”تحفت
الڪرام“ جي حاشيي ۾ لکيل آھي ته: ”ھو (فقيرالله علوئَ) باوجود وحدت الوجودئَ جي
عقيدي جي باني شيخ محي الدين ابن عربئَ جو حامي ۽ مخدوم معين جھڙي ھمه اوست جي
نعري بلند ڪرڻ واري بزرگ جو يارِ غار ھو.“ (۲۹)
مخدوم معين
جا مخدوم جلال محمد (ڪڪرالي واري) سان به سندس سٺا تعلقات ھئا. ”تحفت الڪرام“ جو
مصنف لکي ٿو ته: ”مخدوم معين ٺٽوي ھن کي اڪثر عالمن تي فوقيت ڏيندو ھو.“(۳۰)
مخدوم محمد
معين کي سندس وصيت موجب سندس استاد ابوالقاسم نقشبندئَ جي پيراندي کان رکيو ويو،
جتي سندس تمام سادي قبر موجود آھي. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن وصال جون تاريخون
(شعر ۾) چيون. جن ۾ ميان نعمت الله(۳۱) مخدوم معين ”تسليم“ ٺٽوئَ جي تاريخ وفات ھئَ چئي:
اي دريـــــغ از قضــــيه
وحشــــت اثر
رحــلت آن جــــان
نثـــــار اھـــل بيت
آن معيــــن الحــق
مخـــدوم الانــام
بــاد ورحـــش درجــوار
اھـــــــل بيت
ســــال فوتـش راچنين
گفتـــار خرد
وه چـــــه بود او
دوستــدار اھل بيت
محسن ٺٽوئَ جي چيل تاريخ
وفات(۳۲):
عـــارف ديــن معيــن حق
مخدوم
آنکه در عشق جمله تن دل
شــد
نـور ذھنــش بمشکلات
عــــلــــوم
در شب جھل بـــدر
کامـــــل شد
بــا کمــــالات
ظــاھـــري از فـــــکـر
بـــا طنـــــش مظھـــر
فضائــل شد
بنگاھـــي که کـرد
شاھــــد غـيـــــب
عين او گشت سوي منــزل
شد
لا جـرم ســال فـــوت او
گفتـــنـــد
قطـــر.....در بحـــــر
واصل شـــــد
ميان پناھ
رجا ٺٽوئَ مخدوم معين جي تاريخ وفات ھن ريت چئي:
مخدوم بس که بـود به دنيا
معيــــن ديـــــــــــن
درماتـــش دل ھمه مؤمن
حزيــن اوســــت
واحسر تاچه ماتم يڪ حضــر
آفـــت اســـــــــت
ھريک جدا جدا دلش
اندوھگيــن اوست
مـــي سوخت از تب غم
وميکرد فکر ســال
يعنـي دل رجا که محبت
گزين اوســـــت
آمــــد ســــــال
رحلــــت اوايـــن نـــدا ز غيـــــب
ناجـي شداو که آل محمد
مڪين اوست
ذڪر ٿي چڪو
آھي ته مخدوم معين، فارسي ۽ ھندئَ جو تمام وڏو شاعر ھو. آخر ۾ سندس شاعرئَ مان ھڪ
غزل نموني طور پيش ڪجي ٿو:
علـي
ولي چو امام حبين ما شده بود ماشده بود
برون
زتوســـن افـــلاک زميـــــن ماشــــده بود
که
گفت بـــــــــادف ونـــــــي درس اينمـــــــــا امروز
که
شکــــل سجده به ھرسو جبيـــــن ماشده بود
بــــــه
بـــــزم ميــکـــــده راز ازل عــــيـــان ديــــــدم
که
چشــــم ساقــي ما دوربيــــن ماشـــــــــــــده بود
جھــــان
ھـــــوش بخـــــود بـــــرده آن پــــــــــريـــزادي
سحـــــر
که يــــک دمگــــــي ھمنشين ماشده بود
بــــه
زور بـــازوي مستي چو ھستيم بشکســـت
کرشــمه
ات کمکــــي در کمــيـــــن ماشـــــده بود
بـــه
شھـــــر عشــــق زفــــتــــوى بربــــط و طنبـــــور
ســجـود
کـــــوي خرابـــات ديــــــن ماشــــــده بود
برائـــــي
نقــــش خـوش دين جعفــــري تســــــليـــــم
زجوھـــــر
يمــــن دل نگـــــين مــاشـــــــده بود(۳۳)
حوالا ۽ حاشيا:
1. ساڳئي نالي سان ڳوٺ /
مڪان، ميٽنگ اسٽيشن ۽ لوڻي ڪوٽ جي وچ ۾ به آھي، جتي اڄ تائين دل ذات جا ماڻھو رھن
ٿا ۽ اُتي ھن ذات وارن ماڻھن جون ئي ٻنيون ۽ ٻارا آھن.
2. فاضل خان، اصل نالو ملا
عثمان، رھندڙ ڳوٺ کلي، ذات جو سميجو، مخدوم محمد معين جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو
مريد ھو. جيئن سمجھ سان ٿيو اچي ٺٽي رھي، علم جي تحصيل چڱئَ طرح پوري ڪيائين، تنھن
کان پوءِ جھان آباد ھليو ويو. قابل خان مير منشئَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ صدرالصدور ۽
مير منشئَ جي درجي تي ترقي ڪري، نھايت عزت ۽ احترام سان وقت گذاريائين. (تحفت ص ۵۸۷)
3. قدوسي، ”اعجازالحق تذڪره
صوفيائي سنڌ“ اردو اڪيڊمي سنڌ ڪراچي 1959ع ص 23.
4. وفائي دين محمد ”تذڪره
مشاھير سنڌ“ ڀاڱو پھريون سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1985ع ص 159.
5. عبد اللطيف مخدوم ٺٽوي
السنڌي ”ذب ذبابات الدراسات عن المذاھب الاربعت المتنا سَبات“ سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي، 1957ع ص 292.
6. مولانا محمد عاشق ڦُلتي
”القول الجَلي في ذڪر آثار الوَلِي“ اردو ترجمو مولانا محمد تقي انور علوي، مسلم
ڪتابوي، لاھور 1999ع ص 149.
7. وفائي دين محمد مولانا
”تذڪره مشاھير سنڌ“ ڀاڱو پھريون ص 159.
8. ساڳيو ص 159.
9. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1994ع ص 563.
10. ساڳيو ص 568.
11. شيخ محمد سومار ”لطيف
سائين جا لاڙ تان ڀيرا“ تنظيم، فڪر و نظر سنڌ سکر 1986ع ص 29.
12. وفائي دين محمد ”تذڪره
مشاھير سنڌ“ اڳيون حوالو ص 160.
13. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 565.
14. راشدي حسام الدين سيد
”ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون“ انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي 1981ع ص 342, 343.
15. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 574.
16. وفائي دين محمد ”تذڪره
مشاھير سنڌ“ اڳيون حوالو ص 161.
17. قاضي غلام ھادي ”انيس
المساڪين“ قلمي نسخو مملوڪه ڊاڪٽر نواز علي شوق ص 23.
18. ساڳيو ص 23.
19. ساڳيو ص 23.
20. ڏسو بيدار عمرالدين
”اڳوڻا ناميارا سنڌي“ سنڌ اڪيڊمي ڪراچي ص 13.
21. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 564.
22. وفائي دين محمد ”تذڪره
مشاھير سنڌ“ ص 163.
23. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 564.
24. وفائي دين محمد مولانا
”تذڪره مشاھير سنڌ“ ص 161.
25. وفائي دين محمد ”لطف
اللطيف“ وفائي پبلشنگ ھائوس ڪراچي 1951ع ص 76-77.
26. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 564.
27. ساڳيو ص 564.
28. قدوسي اعجازالحق ”تاريخ
سنڌ“ جلد دوم اردو سائنس بورڊ لاھور 1958ع ص 56.
29. قانع ٺٽوي مير علي شير
”تحفت الڪرام“ ص 344.
30. ساڳيو ص 438.
31. ميان نعمت الله ابن ميان
عبدالجميل، مخدوم محمد ضياءُ الدين جو ڏھٽو ھو. ھي بزرگ اصل ٺٽي جو ھو، درس و
تدريس ۾ مشغول رھندو ھو. ٺٽي ۾ سندس مدرسو به ھو. سنڌ جو مشھور و معروف مورخ مير
علي شير قانع، ميران الصرف کان شرح ملا تائين سمورا ڪتاب ھن بزرگ وٽ پڙھيا. ھي
ڪڏھن ڪڏھن شعر به چوندو ھو پنھنجي ناني ضياءُ الدين ۽ محمد صادق جو شاگرد ھو. ھئُ سن 1765 / 1769 ۾ حج تي ويو جتي 18 ذوالحج تي وفات ڪيائين.
32. ٺٽوي محسن ”ديوان محسن
ٺٽوي“ ترتيب ۽ تصحيح محمد حبيب الله رشدي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1993 ص 480.
33. بيگ عباس علي مرزا
”خدايار خاني ميان سرفراز خان“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو 1980ع ص 190.
مخدوم محمد معين ٺٽوي
Makhdoom Muhammad Moin Thattvi
انھئَ زماني ۾ ٺٽو علم جو وڏو مرڪز ھو. ڪٿان ڪٿان کان ماڻھو اچي، ھتي علم پرائيندا ھئا. مخدوم معين جو خاندان به علم ۽ فضل جو صاحب ھو کيس ننڍپڻ ۾ ھڪ ڀرپور علمي ماحول نصيب ٿيو. ھن ابتدا ۾ پنھنجي والد ماجد محمد امين کان تعليم حاصل ڪئي. جيڪو انھئَ دور جي اڪابر عالمن ۾ شمار ٿيندو ھو.(۳) پوءِ مخدوم عنايت الله بن فضل الله ٺٽوي (وفات ۱۱۱۶ھ) کان گھڻو وقت تعليم حاصل ڪيائين. مشھور عالم ۽ صوفي بزرگ ابوالقاسم نقشبندي کان تصوف ۾ بيعت ورتائين.
مخدوم معين جيڪو اُتي جي اڪابر عالمن مان ھو، ڪتاب ۽ صنعت جي سمورن علمن، فنن، معقول ۽ منقول جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ ھو. کانئس فيض جي شرف سان مالا مال ٿيو.“(۶) انھئَ احوال مان چٽئَ ريت ظاھر ٿئي ٿو ته مخدوم معين جي شاھ ولي الله سان ملاقات دھلئَ ۾ نه پر ٺٽي ۾ ئي ٿي ھئي ۽ پڻ پڌرو ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب سموري تعليم ٺٽي ۾ حاصل ڪري، علم جي اوچائي تي رسيو. شاھ ولي الله جي لکيل خطن وغيره مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ ولي الله پاڻ به مخدوم معين جي علمي حيثيت کان گھڻو متاثر ھو. مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”بعض مسئلن جي تحقيق ۾ ھو شاھ ولي الله جي خدمت ۾ نئون رستو اختيار ڪندو ھو ۽ نرالي ڍنگ ۽ مجتھدانه انداز ۾ راءِ پيش ڪندو ھو، جنھن ڪري شاھ ولي الله کيس چوندو ھو ته: ” ومن الرديف فقد رکبت غضنفرا“ يعني ”بيشڪ تون (تحقيق ڪرڻ ۾) شينھن تي سوار ٿيو آھين.“(۷) مطلب ته شاھ ولي الله کيس علم جي دنيا ۾ تسليم ڪيو. شاھ ولي الله جيڪي علامه محمد معين ڏانھن خط لکيا آھن، تن ۾ شاھ صاحب کيس وڏن لقبن سان مخاطب ٿيو آھي ۽ اھو به انھئَ مان چٽئَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته مخدوم معين ٺٽوي ڪيڏي وڏي درجي تي پھچي چڪو ھو.
مخدوم معين، ٺٽي جي سيد علي رضا جيلانئَ کان شيخ محي الدين ابن عربئَ جو مشھور رسالو ”فصوص الحڪم“ سبق سبق ڪري پڙھيو. ان کان پوءِ ابن عربئَ جي صوفيانا مسلڪ جو سخت حامي ٿي رھيو. ھي ابن عربئَ جو ايڏو دلدادو ٿي چڪو ھو جو پنھنجن تصنيفات ۾ ھن بزرگ جو نالو نھايت ادب سان لکندي حظ ۽ لطف حاصل ڪري ٿو.(۸)
ناميارو تاريخدان ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو سندس ننڍو معاصر، ڳوٺائي ۽ کيس گھڻو ڄاڻندڙ سڃاڻندڙ ھو، سو پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”تحفت الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: ”خدا تعالى ھن ذات ستوده صفات کي پنھنجي وقت ۾ ڪمال جي سڀني فنن ۾ جامع پيدا ڪيو ھو. معقول خواھ منقول ۾ وقت جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب ھو. ھيترين علمي ڪماليتن ھوندي به سلوڪ جي رستي کان واقف ھو، ڪيترن ئي بزرگن سان صحبتون ڪيون ھئائين.“(۹)
مخدوم محمد معين علم ۽ فن جو سرچشمو ھو. ٺٽي ۾ پاڻ ھڪ ڪتب خانو ۽ عاليشان مدرسو به قائم ڪيو ھئائين، جنھن ۾ پاڻ مختلف علمن ۽ فنن جي تعليم ڏيندو ھو ۽ شاگردن جو سڄو خرچ پکو پاڻ ئي برداشت ڪندو ھو. انھئَ مدرسي جي ڪري سنڌ ۾ علم ۽ فضل خاص ڪري روشن خيالئَ کي گھڻي ترقي ملي. ھتي جا تعليم ۽ تربيت يافته شاگرد مختلف علائقن ۾ ڦھليا. انھن جتي ڪٿي درسگاھون قائم ڪري، علم جي نور کي ڦھلائي معاشري ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. مخدوم محمد معين جي شاگردن ۾ مير نجم الدين عزلت، مشھور مدرس مولوي محمد صادق، علامه، محدث محمد حيات سنڌي (وفات ۱۱۶۳ھ) جعفر شيرازي، شرف الدين علي ۽ مير مرتضى سيوستاني گھڻو مشھور آھن. ميان عنايت الله طالب علم جھڙو مدرس به سندس شاگرد ھو. مير علي شير قانع ٺٽوي، ميان عنايت الله طالب علم جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم معين جي مدرسي ۾ نائب ھو. ھن جي وفات کان پوءِ ڪيئي سال شاگردن جي خدمت ۽ درس ۾ حياتي پوري ڪيائين.“ (۱۰)
مخدوم معين نھايت ھردل عزيز بزرگ ھو. وٽس امير، غريب، پڙھيل، اڻ پڙھيل، شاگرد، عالم، سني، شيعه، مسلمان توڙي ھندو ايندا، تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رھندا ھئا. سڀئي ھن جي آستاني جي حاضري ڀرڻ کي پنھنجي لاءِ فخر جو باعث سمجھندا ھئا. ٺٽي جو گورنر مھابت خان (۱۱۳۲ - ۱۱۳۵ھ) جيڪو اڪثر وٽس عقيدت سان حاضر ٿيندو ھو، انھئَ جي استدعا تي پاڻ ھڪ ڪتاب ”حل اصطلاحات صوفياء“ لکيائين.
مخدوم معين ھڪ اعلى درجي جو عالم، فاضل ۽ مڪمل انسان ھو. ھي بزرگ عالم ھر شيءِ کي پنھنجي منفرد انداز سان ڏسندو پسندو ھو. مولانا دين محمد وفائي صاحب، مخدوم محمد معين متعلق پنھنجي ڪتاب ”تاريخ مشاھير سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم صاحب بعض مسئلن ۾ وقت جي عالمن کان جدا مسلڪ رکندڙ ھو. مثلاً:
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته مخدوم معين رڳو مٿيان مسئلا نه اٿاريا ھئا پر اصل ۾ ڪي مسئلا ٻيا به ھئا. جيئن ھو انسان ذات ۾ رنگ، نسل، مذھبن جي فرقن جي بنياد تي انسان کان نفرت ۽ ويڇي کي غلط سمجھندو ھو. ھي ظاھري مسئلن کي گھٽ اھميت ڏيندو ھو. ھندن سان خراب سلوڪ ڪرڻ کي غلط سمجھندو ھو. تصوف ۽ محبت جي راھ جو راھي ھئُ بزرگ، انسان ذات جي مساوات جو قائل ھو، راڳ کي جائز سمجھندو ھو، شاھ عبدالطيف ڀٽائئَ جو گھرو دوست ھو.
مطلب ته ھن حق تي ھلندڙ سچي صوفي ۽ فلسفئَ جي واٽ تي ناحق، حسد، ساڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل مخالفت جا ڪنڊا وڇايا ويا. مخالفت ايتري قدر وڌي جو سندس پيارو استاد ابوالقاسم به کائنس رٺل رھيو. مولوي محمد ھاشم ٺٽوئَ ته مخدوم محمد معين (جيڪو سندس استاد به ھو) جي سخت مخالفت ڪئي ۽ علامه محمد معين جي ڪيترن ئي ڪتابن جا رد لکي انھن کي غير اھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انھئَ مخالفت ۾ سندس فرزند عبداللطيف ٺٽوي، سندس خاندان ۽ ٻيا به شامل ھئا. حڪومت سان لاڳاپيل، قاضي ۽ ڪارندا به مٿس ڪاوڙيل رھيا. عام ماڻھن کي سندس خلاف ڀڙڪايو ويو.
سدته تيغ مداري قصد جنگ مڪن
ســـــر در قدم يار فدا شد چه نجا شد
اين بار گران بود ادا شد بجا شد.(۱۸)
فاضل مصنف وري به ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”پوءِ پاڻ (شاھ شھيد) فرمايائون ته: ”اي مخدوم ٺارا! عشق ھمين شو نه دگرست“ يعني: ” مخدوم ٺارا! عشق ھن کي چئبو آھي نه ٻي کي.“ مخدوم ٺارو اھو حال ڏسي ڪجھ عرصو بي ھوش ھو پوءِ ھوش ۾ آيو.“(۱۹)
حقيقت ۾ ته اھو بيت وغيره چوڻ وارو واقعو درست نٿو چئي سگھجي، البت ايترو ضرور آھي ته مخدوم معين جڏھن شاھ شھيد جو سر مبارڪ ڏٺو ته سخت صدمو رسيس ۽ ھو بي ھوش ٿي ويو ۽ ڪيتروئي وقت بي ھوش رھڻ بعد جڏھن ھوش ۾ آيو ته مسلسل ڳوڙھا ڳاڙيندو رھيو ۽ ڪيترائي ڏينھن ڪوبه کاڌو نه کاڌو ھئائين. انھئَ کان پوء ڪيترو وقت دنيا کان دل کٽي ٿي ويس ۽ ھو گوشه نشينئَ ۾ گذاريندو ھو. راڳ ٻڌڻ ۽ غور و فڪر ۾ گذاريندو ھو.(۲۰) ان وقت به ڪي سچائئَ جا سوداگر صوفي ساڻس عقيدت ۽ پيار ڪندا ھئا. ڪجھ عرصي بعد ھن انھئَ صدمي کي پنھنجي علمي سگھ ۽ سچائئَ ۾ تبديل ڪيو. روشن خيال، حقيقت پسند، انسان دوست ۽ صوفي منش ھئڻ جي ڪري ساڻس وقت جي ظاھري عالمن ۽ ملن طرفان سخت مخالفتون رھيون.
فارسي:
عربي:
مولانا دين محمد وفائي صاحب ۱۹۱۷ع ۾ مٿين ڪتابن مان گھڻا ڪتاب پير سيد ابو تراب محمد رشدالله شاھ جھنڊي واري جي ڪتب خاني ۾ ڏٺا ھئا. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته: ”ٻيا به سندس رساله ۽ تحريرون آھن جيڪي ھن وقت ناياب ٿي چڪا آھن.(۲۲) جڏھن ته مٿين ڪتابن مان ڪي ناياب قلمي نسخا اسان ۱۹۹۸ع ۾ مٽيارين جي مولوي عبدالله ميمڻ جي ڪتب خاني ۾ ڏٺا ھئا ۽ سندس ھندي شاعري جو ھڪ نسخو ٺٽي جي بزرگ محترم محمد صديق پکيئڙي جي خاندان وٽ موجود ھو، جيڪو سندس چوڻ موجب انھن ويھارو سال اڳ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ھو. سندس ڪتابن مان دراسات اللبيب في الاسوت الحسنت بالجبيب (عربي) سن ۱۹۸۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آھي.
آنکه در عشق جمله تن دل شــد
در شب جھل بـــدر کامـــــل شد
بـــا طنـــــش مظھـــر فضائــل شد
عين او گشت سوي منــزل شد
قطـــر.....در بحـــــر واصل شـــــد
درماتـــش دل ھمه مؤمن حزيــن اوســــت
واحسر تاچه ماتم يڪ حضــر
آفـــت اســـــــــت
ھريک جدا جدا دلش
اندوھگيــن اوست
مـــي سوخت از تب غم
وميکرد فکر ســال
يعنـي دل رجا که محبت
گزين اوســـــت
آمــــد ســــــال
رحلــــت اوايـــن نـــدا ز غيـــــب
ناجـي شداو که آل محمد مڪين اوست
ناجـي شداو که آل محمد مڪين اوست
علـي
ولي چو امام حبين ما شده بود ماشده بود
برون
زتوســـن افـــلاک زميـــــن ماشــــده بود
که
گفت بـــــــــادف ونـــــــي درس اينمـــــــــا امروز
که
شکــــل سجده به ھرسو جبيـــــن ماشده بود
بــــــه
بـــــزم ميــکـــــده راز ازل عــــيـــان ديــــــدم
که
چشــــم ساقــي ما دوربيــــن ماشـــــــــــــده بود
جھــــان
ھـــــوش بخـــــود بـــــرده آن پــــــــــريـــزادي
سحـــــر
که يــــک دمگــــــي ھمنشين ماشده بود
بــــه
زور بـــازوي مستي چو ھستيم بشکســـت
کرشــمه
ات کمکــــي در کمــيـــــن ماشـــــده بود
بـــه
شھـــــر عشــــق زفــــتــــوى بربــــط و طنبـــــور
ســجـود
کـــــوي خرابـــات ديــــــن ماشــــــده بود
برائـــــي
نقــــش خـوش دين جعفــــري تســــــليـــــم
زجوھـــــر
يمــــن دل نگـــــين مــاشـــــــده بود(۳۳)
No comments:
Post a Comment