ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
(شمارو
جون 2020ع)
هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ ۽ عملي قدم کڻڻ؛ صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم؛ سنڌيءَ ۾ دفتري/ سرڪاري لکپڙهه ڪرڻ؛ جديد دور جي گهرجن مطابق سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وغيره شامل آهن. ان سلسلي ۾ گهڻن سالن کان هن اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي قديم لکت، ان جي ڀاڃ؛ جديد لکت؛ تاريخ؛ قديم لفظي ذخيري جي بچاءَ؛ مختلف لھجن؛ جديد دور جي گهرجن پٽاندر واڌاري؛ سنڌيءَ کي ٻولين جي عالمي درجي تائين رسائڻ وغيره بابت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.