Tuesday, August 10, 2021

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو ڊسمبر-2020

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 

(شمارو ڊسمبر 2020ع)

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪتاب، لغتون، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ٻيا اهم ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. اداري طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي فن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جي اشاعت پڻ 1994ع کان وٺي جاري آهي، جنھن جو تازو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل شمارو جون-2020

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب جوڇھ ماهي رسالي “سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل) ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 

(شمارو جون 2020ع)

 سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي مقرري کي آئون اعزاز سمجهان ٿو. هيءَ ذميواري هڪ اهم قومي فرض سمجهندي، خلوص ۽ سچائيءَ سان نباهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪبي

 هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ ۽ عملي قدم کڻڻ؛ صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم؛ سنڌيءَ ۾ دفتري/ سرڪاري لکپڙهه ڪرڻ؛ جديد دور جي گهرجن مطابق سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وغيره شامل آهن. ان سلسلي ۾ گهڻن سالن کان هن اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي قديم لکت، ان جي ڀاڃ؛ جديد لکت؛ تاريخ؛ قديم لفظي ذخيري جي بچاءَ؛ مختلف لھجن؛ جديد دور جي گهرجن پٽاندر واڌاري؛ سنڌيءَ کي ٻولين جي عالمي درجي تائين رسائڻ وغيره بابت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.

Sunday, August 8, 2021

THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN (Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi)

THE FORTRESS AND COURTYARD OF DOOLAH DARYA KHAN

(DOOLAH DARYA KHAN JO KOT AEEN HAVELI)

Research Paper By: Dr. Muhammad Ali Manjhi


Owing to his valuable capabilities and political vision, the true son of soil, an intellectual as well as great warrior Shaheed Doolah Darya Khan alleviated from his status Commander-In-Chief and Ameer-ul-Umrah (Prime minister) of Sindh during the tenure of highly reputed Emperor of Sama dynasty Jam Nizam-ud-Din alias Jam Nindo Samoo. 

Wednesday, August 4, 2021

Monday, May 10, 2021

Sunday, May 9, 2021

اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم (ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب) مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

(ڪتاب؛ گيڙوءَ رَتا خواب)   اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم 

مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي ”مانجھي

 

    نوجوان شاعر واحد ’سوز‘ ملاح ڪجهه وقت اڳ` مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو. مون کيس ڪنھن ٻئي دوست کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ گهڻو ئي چيو پر پاڻ نه مُڙيو. هڪ ڏينھن نيٺ اچي مسودو منھنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به کڻي هائوڪار ڪئي. جنھن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ’سوز‘ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ’سوز‘ سنڌ ساڻيھه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنھنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي. 

Tuesday, February 2, 2021

ايران جي مشهور شاعر، محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر محمد حسن حسيني پاران 30 ڊسمبر 2012ع تي ڊاڪٽر مانجھئَ تي لکيل تعريفي نظم

 ايران جي مشهور شاعر، محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر محمد حسن حسيني پاران 30 ڊسمبر 2012ع تي ڊاڪٽر مانجھئَ تي لکيل تعريفي نظم

Sunday, October 25, 2020

ماهوار ڪلچرل هيريٽيج، مئي - جون 2011ع ۾ مشهور سنڌي گلوڪار، فنڪار ۽ اديب زرينا بلوچ تي ڊاڪٽر جو ڇپيل مضمون (زرينا بلوچ جي ورسئَ جي مناسبت سان)

ماهوار ڪلچرل هيريٽيج، مئي - جون 2011ع ۾ مشهور سنڌي گلوڪار، فنڪار ۽ اديب زرينا بلوچ تي ڊاڪٽر جو ڇپيل مضمون، زرينا بلوچ جي ورسئَ جي مناسبت سان

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


Sunday, October 11, 2020

صحبت جا سندِيان (بشير ٺينگي جي ياد ۾)

صحبت جا سندِيان
(بشير ٺينگي جي ياد ۾)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


          ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ ۾ ايڏيون ته ڪرشماتي خاصيتون ۽ خوبيون هونديون آهن، جو هر ماڻهو ڏانهنئس ڇڪجي ويندو آهي. ساڻس ناتي تي فخر محسوس ڪندو آهي. بشير سچ پچ انهن ئي شخصيتن مان هو  جنھن ۾ اُهي خوبيون به هيون ۽ جنهن جي  ناتي تي فخر به ڪري سگهجي. هو منهنجي ننڍپڻ جي خاص دوستن مان ھو. فهم، فضيلت، نهٺائي، نوڙت، پيار، پنهنجائپ ۽ سچائي ته وٽس ڪمال جي هُئي. هن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ جيڪي يادون ڇڏيون سي وسارڻ جهڙيون ئي ناهن. ڪاش! هو پنهنجي ڄمار اڃا ڪجهه ماڻي سگهي ها. اسان جي دوستي هاءِ اسڪول جي زماني ۾ تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو ھُئس ۽ بشير اچي ڇھين ۾ داخل ٿيو. با اخلاق، محنتي، ڪچهرين جو ڪوڏيو، سدائين مُرڪي ملندڙ ۽ ڳالهائيندڙ، بشير ننڍڙي ڄمار ۾ ئي ميچوئر ھو. شايد غربت ۽ حالتن کائنس ٻاراڻو تڪڙو ئي کسي ورتو ھو.

سچ سوديندڙ آريسر

 سچ سوديندڙ آريسر

ڊاڪٽرمحمد علي مانجھي

سنڌ جيڪي وڏا ۽ غير معمولي انسان پيدا ڪيا آهن، عبدالواحد آريسر انهن مان  هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نٿو سگهجي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو مثال ئي ڏيئي نه  سگهجي، آريسر  انهن مان  هڪ  هو. هو  هڪ گهڻ خوبيو ۽ منفرد انسان  هو. سچائي ۽ ثابت قدميءَ سان  قومي سياسي جدوجهد، فڪر، دانش، اڏولپڻو، منڊي وجھندڙ تقرير، اندر ۾ پيهي ويندڙ تحرير،  وسيع مطالعو، ڏاهپ،  سادگي، سچائي، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جو خزانو هجي يا انهن سون سريکن لفظن کي بنھ نفاست ۽ احترام سان استعمال ڪرڻ جو فن،  اهي سموريون خوبيون آريسر ۾ سمنڊ جي گهيرائي وانگر سمايل هيون. ها هُو هڪ قومي سياسي اڳواڻ هو، ان چٽي حقيقت کي هڪ پاسي رکي ڏسبو ته آريسر صاحب هڪ تاريخدان ۽ مفڪر هو.