اعتراف
آئون اعتراف ٿو ڪريان ته...
(ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)
آئون اعتراف ٿو ڪريان ته ’سنڌ سنواريون‘ نالي ٺاهيل تنظيم مان هٿ ڪڍڻ منھنجي
وڏي غلطي هئي، مون ۽ ڪجهه دوستن 1987ع ۾ پھرين مرحلي تي ٺٽي ضلعي جي حد تائين ’سنڌ
سنواريون‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي هئي، جنھن جو مقصد نياڻين جي تعليم کي ٻهراڙين ۾ ڦهلائڻ
هو. اڳتي هلي ان تنظيم کي پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سڄي سنڌ ۾ ڦھلائڻو هو، ان
تنظيم جو مقصد هو ته شھرن جي ماسترياڻين (Female
Teachers)کي قائل ڪجي ته اهي ڳوٺن ۾ وڃي پڙهائين، اُتي تيستائين
پڙهائين جيستائين ان ڳوٺ مان ڪا هڪ نياڻي ماسترياڻي نٿي ٿئي. اسان جي ٿوري ڪوشش
سان اهو سلسلو سٺي نموني هلي پيو ۽ ڪيتريون نياڻيون رضاڪاراڻي نموني پنھنجون بدليون
ڪرائي، ڳوٺن ڏانھن ويون ۽ انھن جي وڃڻ سان 12 ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم شروع ٿي.
ڪيترائي ڇوڪرين جا اسڪول وري کلي ويا پر ٻن سببن جي ڪري اهو سلسلو ڪجهه سال اڳتي
هلي بند ٿي ويو. هڪ ته گهڻي ڪم ۽ صحت جو خيال نه ڪرڻ ڪري مون کي السر جي بيماري ٿي
پئي، ٻيو ته (سڀ کان وڏو سبب) نياڻين جي تعليم دشمنن رنڊڪون وڌيون، نتيجي ۾ اسان
مايوس ٿي ويھي رهياسين ۽ هڪ انتھائي اهم ڪم مان هٿ ڪڍيوسين. سو آئون اعتراف ٿو
ڪريان ته اهو رضاڪاراڻو تنظيمي ڪم ڇڏڻ غلط هو. تعليم دشمنن سان مقابلو ڪرڻ گهربو
هو، جيڪڏهن اهو سلسلو هلي ها ۽ ان جو دائرو سنڌ تائين ڦھلجي وڃي ها ته سنڌ ۾
ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان قابل قدر ڪم ٿي چڪو هجي ها.
(اربع 9 جولاءِ 2014ع تي ’عوامي آواز‘ اخبار ۾ ڇپيل)
-----