Saturday, August 31, 2013

مخدوم محمد معين ٺٽوي - Makhdoom Muhammad Moin Thattvi

مخدوم محمد معين ٺٽوي

Makhdoom Muhammad Moin Thattvi

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

           
سنڌ ساڻيھ جو ٺٽو ننگر، علم، ادب، شاعري، فن، فڪر، شعور، حب الوطني، تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ جي اُڀ تي روشن ستاري وانگر چمڪندو رھيو آھي. ھتي جي عالمن، اديبن، استادن، فنڪارن، فلسفين، دانائن، ڏاھن ۽ ڏات ڌڻين سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. ھتي جي عالمن جا لکيل شاھڪار ڪتاب دنيا جي لائبريرين ۾ شاھدين لاءِ موجود آھن. انھن پھرين صف جي عالمن ۽ اديبن ۾ جامع العلوم، محقق، مختلف فنن جي ڄاڻو، شاعر ۽ ڏاھن ۾ مخدوم محمد معين جو نالو ۽ حيثيت بنھ نمايان آھي. مخدوم معين ٺٽوي، جنھن کي ھتي جا رھواسي پيار، پاٻوھ ۽ لاڏ مان مخدوم ٺارو سڏيندا ھئا سو بلند مقام رکندڙ شخصيت جو مالڪ رھيو آھي. مخدوم محمد معين بن محمد امين بن طالب الله، ذات دَل ٺٽي جي ھڪ علمي خاندان ۾ ۱۰۹۳ھ/۱۶۱۷ع ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ پٽ باران جي ڳوٺ دالي(۱) تعلقي روپاھ جا ھئا. مخدوم محمد معين جو والد مخدوم محمد امين لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو. مخدوم معين جو ڏاڏو طالب الله وڏو عالم ۽ فاضل ھو. مشھور شخصيت فاضل خان(۲) جنھن جو نالو ملا عثمان ھو، سو به سندس شاگرد ھو.

Sunday, August 25, 2013

قاسم پٿر - Qasim Pathar

قاسم پٿر - Qasim Pathar

The Great Nationalist of Thatta Sindh


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



ھونئن ته سڄي سنڌ، چيٽن جا کيٽ، سرنهن ڦلار، ڪنول، موتيا، چنبيلي ۽ گلاب آھي. پر سنڌ ساڻيھ جي علائقي ميرپور بٺوري جي خوشبوءِ ۽ سواد ھر علائقي کان ٿورڙو مختلف آھي. بلڪه جيڪڏھن سوايو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. انهئَ جو سبب رڳو اھو به نه آھي ته بٺورو ڪنهن زماني ۾ خوبصورت درياھي بندر ھو،  يا ڪنهن زماني ۾ ھي گھرو صنعت جو ڳڙھ ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي علائقو سنڌ جو ويٽنام ھو، يا ھتي گھڻي زماني کان علمي، ادبي ۽ سياسي پروگرام ملھائبا رھيا آھن، يا ھتي سائين غلام حسين رنگريز (ھڪ ادبي اداري جي حيثيت ۾) رھي ٿو، پر اُن جو وڏو سبب ھئُ آھي ته ھتي ميران پور/ جھوڪ جو ماڳ آھي. جتي صوفي شاھ عنايت شھيد پيدا ٿيو، پڙھيو، پنهنجو نئون نظريو (کيڙي، پوکي، محنت مزدوري ۾ سڀ شريڪ ٿين ۽ شيون ضرورتن جي بنياد تي ھر ماڻھوءَ کي ڏنيون وڃن) ڏنو، ھڪ عظيم صوفياڻي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي ھلي، جاگيردارن ۽ وقت جي ملڪ لٽيندڙ حاڪمن جي حملي ۾ پنهنجي سماج ۽ صوفي فقيرن جي بچاءَ جي جنگ وڙھندي عظيم شھادت ماڻي.

Monday, August 19, 2013

ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake

ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

  سنڌ ساڻيهه جي سدا سائي ڪِنجهر هڪ قديم ۽ تاريخي ڍنڍ دنيا ۾ مشهور رهي آهي. ڪنجهر جي تاريخ، تهذيب، تمدن، قدامت، جاگرافي، ثقافت، جيوت، پاڻي، هتي جي زندگي، هتي جا تاريخي، نيم تاريخي، رومانوي ۽ ٻيا داستان، قصا، ڪهاڻيون، ٻولي، لوڪ ادب، شاعري ڌنڌا، هُنر وغيره الڳ الڳ  وڏا موضوع آهن. ڪنجهر سوين بلڪِ هزارين سالن کان سنڌ  ۽ دنيا جي ماڻهن لاوڏي دلچسپي رهي آهي. شاعر، اديب، ليکڪ، فنڪار ۽ ٻيا ماڻهو ڪنجهر سان جذباتي لڳارکن ٿا ۽ اُهي مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان هتي اچي سلامي ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي عظيم ڪردار نوري ۽ ڄام تماچي ٻين تاريخي، نيم تاريخي، عشقيه ۽ لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين کي جنم ڏيندڙ ڪنجهر اسان لاءِ تاريخ، تهذيب، ثقافت، محبتون، عشق، تشبيهون ۽ استعارا رهي آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي نئين ٽهئَ جا شاعر، اديب ۽ فنڪار هتان کان اُتساهه وٺندا  پنهنجي تخليقن ۾ ڪِنجهر جا عڪس چٽيندا رهيا آهن. هي سمورا الڳ موضوع آهن.  هتي منهنجو مقصد فقط ڪِنجھر لفظ جي معنيٰ، مقصد ۽ ڪِنجھر جو درست اُچار بيان ڪرڻ آهي.

Thursday, August 15, 2013

دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ (Sindh in The View of Alexander Hamilton )


دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ

 (Sindh in The View of Alexander Hamilton)



اليگزينڊر هيملٽن/ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي




   (مشهور واپاري ۽ سياح، اليگزينڊر هيملٽن 1699ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هو لاهري بندر کان ٺٽي آيو هو. هن اهو مختصر پر جامع احوال پنهنجي ڪتاب An Account of the East Indies ۾ ڏنو  آهي).   
                
       سنڌ مغل بادشاهت جي انتهائي اولهه ۾ سمنڊ سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ لاهري بندرهن جو بندرگاهه آهي، جيڪو سمنڊ کان 5 يا 6 ليگ، سنڌؤَ جي هڪ شاخ تي آهي. هن بندرگاهه تي 200 ٽنن جا جهاز اچي سگهن ٿا. اُن سان گڏ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ گهر آهن، جيڪي مٽئَ جي گاري مان جڙيل آهن، پر اُتي پٿرن سان جڙيل هڪ قلعو به آهي، جنهن تي چار يا پنج توبون رکيل آهن، جيئن هتي جي تجارتي سامان جو بلوچ ۽ مڪراني ڦورن کان بچاءُ ڪري سگھجي. سرحدي علائقن ۾ رهڻ جي ڪري کين چوري چڪاري ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪي هن جي ويجهڙائئَ جا رهاڪو آهن. هي هر اُن شخص کي ڦرين ٿا جيڪو سندن ور چڙهي ٿو.

Sunday, August 4, 2013

آسيلئَ جو دڙو (Aaseeli jo Darro)


  آسيلئَ جو ڌڙو

(Aaseeli jo Darro)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                            
  سنڌ ساڻيهه آڳاٽي تهذيب جي لحاظ کان گھڻو اڳڀرو ۽ دنيا جي مکيه عظيم تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿو. اڄ جيڪي ملڪ اسين ترقئَ جي منزل تي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي اڃان وڏا جھنگ ۽ ويران علائقا هئا يا اهي اڃان ظاهر ئي ڪونه ٿيا هئا، جيڪڏهن ٿيا هئا ته اُتي انساني آبادي جيڪا هئي سا اڃان ارتقا جي اوائلي دور ۾ هئي.