Tuesday, September 3, 2013

دؤر جديد ۽ سنڌي سماج (Sindhi Society and The Modern World)

دؤر جديد ۽ سنڌي سماج

(Sindhi Society and The Modern World)


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي      

  انساني سماج ۾ تبديلئَ جو عمل فطري آھي. غار جي دؤر کان وٺي اڄ جي دؤر تائين جو سفر ڪنھن پل گھڙئَ جو نه پر صدين جو آھي. جنھن اڄ انسان کي معاشرت جا نوان لاڙا ۽ نوان ماڻ ماپا ڏنا آھن. وقت سر شين ۾ تبديلئَ جو اچڻ بنھ غير متوقع نه آھي، ان ڪري انسان انھن شين کي پنھنجي پرک جي ڪسوٽئَ تي پرکي، جيڪي چڱيون موچاريون شيون ھيون انھن کي قبول ڪيو ۽ جيڪي ھاڃيڪار، بي لاڀ ۽ غير ضروري ھيون انھن کي ختم ڪيو. جن کي قبول ڪيو، انھن کي ريت رسم جي چادر ۾ ويڙھي وڌايو ۽ پوءِ اھو سلسلو ھڪ پيڙھي کان ٻئَ پيڙھي تائين ھلندو رھيو، جيڪو اڄ سوڌو جاري آھي. اسان جي سماج ۾ اھڙا سڄاڻ شخص تمام گھٽ آھن جيڪي وقت جي تبديلين ۽ ان جي نزاڪتن کي سمجھي، پنھنجي ايندڙ نسل جي رھبري ڪري انھن کي پنھنجي گھر ۽ سماج ۾ ھڪ ڪارگر فرد بنائيندا آھن. سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي عظيم، ڏاھي ۽ رھبر سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جو سڌاتورو شاگرد ۽ اسان جو بزرگ اديب رحيم خان جوکيو ”جرس“ انھئَ لحاظ کان گھڻُ اڳڀرو آھي. منھنجي ھٿن ۾ سندس ڪتاب ”دؤر جديد ۽ سنڌي سماج“ آھي. جيڪو نئون ۽ با مقصد آھي. کيس وقت جي تبديلئَ ۽ اڄ جي سماج جنھن نموني سان متاثر ڪيو آھي، ان جو ذڪر ئي ھن ڪتاب جي عملي صورت آھي.


 ھي ڪتاب انھن معاشرتي تبديلين ۽ موجوده دؤر ۾ جديديت جي نالي ۾ پيدا ٿيل ناقابل قبول لاڙن ۽ رحانن جي نندا ڪري ٿو ۽ صحتمند لاڙن جي واڌ ويجھ لا ھمٿائي ٿو. اڄ جڏھن اسان اخبارن جو مطالعو ڪريون ٿا ته ڪيترائي واقعا سامھون اچن ٿا، جن کي ”پريمي جوڙن“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اھو عمل محبت جي نالي تي ھزارين سالن جي قدرن کان فراريت جي برابر آھي. ھتي منھنجو مقصد پيار جھڙي جذبي تي پابندي ھرگز ناھي، ڇو ته پيار انساني زندگئَ لاءِ ضروري آھي، پر ڇڙواڳي کي پيار جو نالو نٿو ڏيئي سگھجي. ھن ڪتاب ۾ ڪچي ذھن، ننڍي عمر جي نينگرن ۽ نينگرين جي شادي، سماج کان ڪم عقلئَ جي بنياد تي بغاوت يا فراريت جو ذڪر آھي. ھن ڪتاب اھڙين ٻين ڪيترين ئي سماجي براين کي ننگو ڪري ٿو. اھو ئي ھن ڪتاب جو بنيادي مقصد ۽ موضوع آھي.

ھن ڪتاب ۾، موضوع سان انصاف ان حوالي سان به ڪيو ويو آھي ته ڪتابي مثالن بجاءِ عام زندگي ۽ حقيقي ڪردارن کي مثال بنائي پيش ڪيو ويو آھي ۽ انھن سمورين وٿن کي جيڪي معاشري ۾ ٽوڙڦوڙ جو سبب بنجن ٿيون، انھن کي واضع طرح سان بيان ڪيو ويو آھي ۽ انھن جي سدباب ۽ حڪمت کي بحث بنايو ويو آھي.

اديب رحيم خان جوکئي ”جرس“ جنھن محنت سان ھن ڪتاب کي لکيو آھي، ان مان سندس سماجي ڀلائي واري جذبي جي اپٽار ٿئي ٿي ۽ اھو ھڪ بھتر عمل آھي. خاص طور تي ڪتاب ۾ ڳوٺن کان شھرن طرف لڏپلاڻ ڪري ايندڙ خاندانن ۾ موجود ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مسئلن کي جنھن نموني سان بيان ڪيو ويو آھي اھو قابل ذڪر آھي. اھي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪھڙي طرح پنھنجي ڳوٺاڻي زندگي کي خيرباد چئي شھري زندگئَ جي طور طريقن کي پاڻ تي مڙھڻ شروع ڪن ٿا. ٻھراڙين جا رسم و رواج ھن جي تعليم و ترقي جا مخالف بنجي ھنن لاءِ عذاب بنجن ٿا. نه صرف نوجوان نسل لاءِ اذيت مگر ھنن جي والدين لاءِ به ڪشمڪش جو باعث بنجن ٿا. پوءِ جديد ۽ قديم رسم و رواجن جو ٽڪراءُ ھنن جي زندگي ۾ مزيد مسئلا پيدا ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري اھا مصنوعي تبديلي اڳتي ھلي سندن سماجيات کي بگاڙيو ڇڏي ۽ ھو اھڙي طرح جي عمل کي به ترجيح ڏين ٿا، جيڪو ڪنھن به طرح سان اسان جي تھذيب ۽ ثقافت جو نه ته حصو رھيو آھي ۽ نه ئي اسان جون ريتون رسمون کين قبولين ٿيون.

اسان جي ھن بزرگ اديب رحيم خان جوکيو ”جرس“ صاحب اھڙن معاملن کي جنھن باريڪ بينئَ سان ڏٺو، پرکيو ۽ مشاھدو ڪيو آھي ۽ نھايت خلوص سان انھن جي حل طرف به ڌيان ڇڪايو آھي، جنھن عمل ھن ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. جرس صاحب جي اھڙي فڪر ۽ عمل مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪتاب ڇپائي وڏو نانءَ ڪرڻ ئي ڪافي ناھي، نه ئي وڏي نانءَ وارن جا ڪتاب ئي ڪا وڏي ڳالھ ٿي سگھن ٿا. وڏو ماڻھو ۽ وڏو اھم ڪتاب اھو آھي، جيڪو سماج جي بھترئَ جي دڳ لائي ۽ ان کي پنھنجي ريتن رسمن، تھذيب ۽ ثقافت کان آگاھي ڏي، ڪيجي ھڪ ڪامل انسان ۽ ھڪ لائق معاشري جا بنياد آھن.

جرس صاحب گھڻي زماني کان لکندو رھيو آھي. سندس رفتار سست آھي پر سندس لکڻيون بنھي با مقصد آھن. ھن گوئٽي جي مشھور ڊرامي ”فائوسٽ“ جو آب حيات جي عنوان سان خوبصورت منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ننگر ادبي گھر ٺٽو پاران ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي. جيڪو پڻ سندس نه وسارن جھڙو ڪم آھي.


آءُ ذاتي طور تي ھن ڪتاب کي ننڍڙي ڪوشش ئي صحيح پر جيڪڏھن اھا صحيح رخ ۾ ڪئي وڃي ته ھڪ شاندار معرڪو سمجھان ٿو، جيڪو اسان جي دوست رحيم خان جوکئي ”جرس“ فتح ڪيو آھي. جدت ۽ قدامت جو مقابلو روز ازل کان جاري آھي ۽ اھو تيستائين ھلندو رھندو، جيستائين انسانذات ھن ڌرتئَ تي موجود آھي. ھر دؤر جون ڪجھ چڱيون ڳالھيون به ھجن ٿيون ته ڪجھ لڱيون به. ھن ڪتاب کي پڙھڻ کان پوءِ مون کي ذاتي طور تي ان ڳالھ جو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو آھي ته ٻين معاملن تي سوچ ويچار سان گڏوگڏ اسان جي معاشري ۾ ٿيندڙ اھڙي نوعيت جي تبديلين کي محسوس ڪرڻ گھرجي ۽ ھميشه جيا جيئن انسان ڪندو آھي ته بھتر روايتن کي ساڻ کڻي ھلجي ۽ اجائي روايتن کي ھميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏجي ته جيئن وري ھڪ پيڙھي ايندڙ پيڙھئَ کي ھڪ بھتر ۽ اھڙو معاشرو ڏئي سگھي، جنھن حقيقي معنى ۾ جديد يعني پھرين کان بھتر ۽ شعور جي ڪسوٽئَ تي پرکيل چئي سگھجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ھي ڪتاب سنڌ جي موجوده نوجوان سنڌي نسل ۽ ايندڙ نوخيز سنڌي نسل لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

No comments:

Post a Comment