Tuesday, September 3, 2013

بحر الفت ۾ سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ جو اڀياس

بحرِ الفت ۾  سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ جو اڀياس


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

 فطرت ڏاڍي سھڻي آھي، سندس سُونھن، سندرتا، سُرھاڻ، سچ سُھائي، رنگ سُرنگ ۽ سڀني موھيندڙ لقائن جي ڇُھائن جو احساس جھڙي شاعر ۽ اديب ڪندا آھن، تھڙي طرح سارو لوڪ محسوس ڪري نه سگھندو آھي ۽ شاعري ئي آھي جيڪو فطرت جي سُونھن ۽ مڌر موسيقئَ کي گھَرائئَ سان محسوس ڪندي پنھنجي پسند، لڳاءُ، موھ، محبت، سُک سَھَنجَ ۽ لذتن جون لاتيون لَوَندي ھن ڌرتئَ جي اَھنجن ۽ اوکن جو رچاءُ ڪري سگھي ٿو. اھو رچاءُ جيترو گھرو ھوندو، اوترِي ئي شاعري به وڌيڪ سھڻي رچيل ھوندي. شاعر فطرت ۽ فطرت جي سُونھن سان پيار ڪندا آھن، پر ڪن شاعرن سان فطرت به پيار ڪندي آھي، ھا بلڪل سيف ”تنھا“ سان فطرت پيار ڪيو، تڏھن ئي ته سيف تنھا بنھ ننڍڙئَ عمر ۾ ايڏي سھڻي ۽ ايتري گھڻي شاعري ڪئي، نه ته اوڻيھن سالن جي عمر ۾ ايتري پختي شاعري ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي، پر سماج ۾ ڪي ڪي فرد پنھنجي عمرن کان به وڏا ڪم ڪندا آھن.

ماھرن جي حساب سان انسان جون ٻه عمريون ھونديون آھن. ھڪ  Clronological Age ۽ ٻي Mental Age ۽ اھي ٻئي عمريون تمام ٿورن فردن جون ھڪ جيتريون ھونديون آھن. گھڻو ڪري   Clronological Age کان Mental Age گھٽ ھوندي آھي، پر ڪن بنھ ٿورن ڀاڳوَندن فردن جي Clronological Age کان Mental Age آڳاھين ھوندي آھي ۽ اُھي ئي دنيا ۾ غير معمولي فرد ثابت ٿيندا آھن. آئون سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ جو ڪتاب ”سرس آھي سُونھن ۾“ پڙھڻ کان پوءِ پَڪ سان چئي سگھان ٿو ته سيف ”تنھا“ جي  Clronological Age کان Mental Age ڪافي آڳاھين ھئي. سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ ۾ ھڪ وڏو رچاءُ آھي، جيڪو شاعرئَ جي وڏي رياض کان پوءِ ئي سمائبو آھي.

جان سيبٽن شاعرئَ ۾ موسيقئَ تي ڳالھائيندي ھڪ ھنڌ چيو ته: ”شاعري مسلسل ھڪ وڏي مشق کان پوءِ ئي رچي سگھندي آھي“ ۽ اڳتي چئي ٿو ته: ”شاعر جڏھن فطرت جا بنھ جِھيڻا سُر فضائن مان جھٽي پنھنجي سِٽن ۾ سمائيندو آھي، تڏھن ئي شاعرئَ ۾ موسيقي سمائبي آھي.“

”تنھا“ جي شاعرئَ ۾ مٿيون ٻئي ڳالھيون موجود آھن. سچ پچ ته سيف ”تنھا“ جي اندر ۾ فطرت ھڪ سھڻو شاعر پيدا ڪيو ۽ شيخ اياز ڪيڏو نه سھڻو چيو آھي:

ڪنھن جي ڪنھن جي روپ مان ڪوري ڪا ليداسَ
آندي آھي شڪنتلا، جنھن ۾ سندس سواسَ
ھر ڪنھن نارئَ آسَ، آئون به شل اھڙي ٿيان.
                                                              (شيخ اياز)
سيف ”تنھا“ سھڻي فڪر جو ھڪ پختو شاعر آھي. سندس شاعرئَ جي مطالعي کان پوءِ محسوس ٿيندو ته سندس شاعرئَ ۾ فطرت جي سُونھن، سُندرتا، سُرھاڻ سان گڏ پختگي به اھڙي آھي جو کيس نئين ٽھئَ جي سُٺن شاعرن ۾ آڻي بيھاريو، سندس سچن موتين جھڙي شاعرئَ ۾ فڪر ڏاڍو گھَرو آھي. لفظن سان رانديون کيڏڻ جي عمر ۾ ھن شاعر لفظن کي فڪري رچاءُ سان ٽمٽار ڪري سِٽون سِرجيون. جنھن ڳالھ کيس مٿڀرو ڪري بيھاريو.

اڄڪلھ نئين ٽھئَ جا گھڻا شاعر سَوَلي صنف سمجھي (جيڪا سندن غلطي آھي) گھڻو ڪري آزاد نظم ئي لکي مطمئن ٿي ويھي رھندا آھن ۽ پابند شاعرئَ کان وَنءُ ويندا آھن پر تنھا جي شاعرئَ جو بنھ وڏو حصو نه فقط پابند شاعرئَ تي مشتمل آھي پر گھڻي شاعري ته اڃان به وڌيڪ پابند صنف غزل تي مشتمل آھي. سندس غزل ۾ رڳو ڪا علم عروض واري فُٽ پٽي ناھي پر انھئَ جو ھڪ سُٺو استعمال ڪندي مختلف ۽ دلچسپ موضوعن سان گڏوگڏ ھڪ صحتمند فڪر به آھي، تشبيھن ۽ استعارن جو ھڪ انوکو انداز به آھي، نوان، ننڍڙا ۽ وڻندڙ محاورا به آھن، جيڪي به ھڪ غزل گو شاعر لاءِ گھربل ڳالھيون ھونديون آھن. تِن سمورين ڳالھين جي ”تنھا“ وٽ کوٽ ناھي. سندس عمر کي مدِنظر رکندي غزل جو مطالعو ڪندي سندس فڪر، پختگي ۽ ڏانءُ ڏسي چئي سگھجي ٿو ته سيف ”تنھا“ پنھنجي عمر کان ڪافي اڳتي نڪري لکيو. ھن سھڻي تصورن جي شاعر جر محسوسات جو انداز ۽ اُنھئَ جي اُپٽار جو ھڪ بھترين ڏانءُ آھي. ڪيڏي ته سادگئَ ۽ بي ساختگئَ سان چوي ٿو ته:

دل چوي ٿي پيار مان ڏسندو رھا تنھنجا ھَٿَ
خلقيا آھن خدا ڇا ڇا منجھان تنھنجا ھَٿَ.

توڙي جو سندس شاعرئَ جا موضوع ٻيا به آھن پر سُونھن، پيار، ميلاپ ۽ ميلاپ جي تڙپ وڌيڪ آھي ۽ اکيون به سندس شاعرئَ جو ھڪ موضوع آھي، سو سندس اکين ۾ ڪنھن جي اکين جا اولڙا پَون ٿا ته ڏاڍي پاٻوھ مان چئي ٿو ڏي:
تنھنجي نگاھن ۾ جي خماريون
ويٺو لکان تن تي گيت ۽ وايون
يا
تنھنجي حسن جي جَلون مون کي موھي وڌو آ
تنھنجي ڪارن نيڻن مون کي موھي وڌو آ

۽ سندس من جڏھن موھ ۾ منڊجي ٿو پئي ته پاڻ پنن تي اُھي احساس اِجھو ھيئن ٿو اوتي:
نانگ ڏنگي وڌو آ عشق جي
قاتل زھر وڌي رھيو آ.

۽ سندس نگاھون چيچ سان جڏھن چلولايون ڪن ٿيون ته سندس اندر جي سرسوتي ديوي سينگار ڪري سِٽون خلقي ٿي:

پاتل مُنڊي چيچ ۾ تنھنجي دلبر
ڪيڏي سُندر آھ ڪيڏي پياري

سيف ”تنھا“ جي  شاعرئَ ۾ ڪي آسمان جي اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٿيئڻين ڳالھين جو ذڪر ناھي پر ڌرتئَ تي رھندڙ انسانن، انھن جي سُونھن، عشق، محبت رنج رُساما ۽ ميلاپ جا آلاپ بنھن اوچا آھن، تنھا پاڻ ئي چِٽو چئي ٿو ته:

محبت جا مزا ئي خوب ورتاسين
جڏھن تنھائي تنھا پاڻ ملياسين

سندس شاعرئَ ۾ شڪايت جو اظھار ۽ انداز به ڏاڍو سھڻو آھي:

پُڪار دل جي ٻُڌين نٿو ڇو، ڪٺور ايڏو ٿيئن ڪڏھن کان
منٿ ۽ زاري سُڻين نٿو ڇو، ڪٺو ايڏو ٿيئن ڪڏھن کان.

سندس شاعرئَ ۾ رومانس جون روح رَچنديون ۽ سُونھن ديوي جي سارھ آھي:
ناز تنھن جو پيار تنھن جو واعدو ۽ آسرو
تن سڀن جي ڏانءُ ۽ انداز کي ساراھيان پيو.

سيف ”تنھا“ مون کي سندس شاعرئَ جي دنيا ۾‌ڪڏھن ڀنڀورين پويان ڊوڙندي نظر آيو آھي، ڪڏھن سانوڻ مند ۾ ڪنھن بانوري بادل سان چلولايون ڪندي ته ڪڏھن برکا رُت ۾ باک کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ ٻانھون ڦھلائيندي نظر اچي ٿو ته وري ڪڏھن بنھ سنجيده ٿي سُرت ونڊيندي نظر آيو آھي.
سيف ”تنھا“ وٽ جماليات جي جلون ۽ محبت جي مامرن جون ته ڳالھيون گھڻيون ئي آھن پر ھن ننڍڙي عمر واري وڏو ذھن رکندڙ ڪوئَ وٽ دنيا جي تلخ حقيقتن جو ذڪر به آھي، جنھن مان ئي سندس اوچي ۽ صحتمند فڪر جي سُڌ پئي ٿي. جيئن چوي ٿو ته:

ڪُپت ڪوڙ سان پئي رڳو دنيا ھلي
حق ۽ سچ مان ھرڪو آ بيزار ھِت.
يا ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:
آ لوڪ سارو لالچ ۾ ڦاٿل
رھڻ ھوس ۾، ڇا ڪا سادگي آ.
۽ ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:
حياتئَ جو نالو جدوجھد بيشڪ
مگر اڄ ڏٺي سون حقيقت سياڻا.

 وٽس رڳو ھن ڀُونء جي رھواسين جي سُونھن، پيار، عشق وغيره جون رھاڻيون  نه پر ھن ڌرتئَ سان پيار ۽ ڌرتئَ ڌڻين جي آزارن ۽ آھنجن جي اُپٽار موجود آھي:
سون سريکي ڌرتي، پر ماڻھو ڏکياراآھن سچارا، ڪوڙا ٿين نه ڪڏھن

سيف ”تنھا“ کي فطرت ۽ ڌرتي ٻنھي سان پيار ھو، تڏھن ئي مٿس ڏات جي ديوي ڏاڍو مھربان ھئي. سيف ”تنھا“ جي اندر ۾ ھڪ اھڙو شاعر موجود ھو، جنھن ڪيئي رنگ رچايا ۽ پاڻ ڪا اڃان به وڌيڪ سُندر ۽ سُھڻي سِٽ ڪڪورڻ پئي چاھي، جنھن جو ذڪر پاڻ ھيئن ڪري ٿو:

لک تون ”تنھا“ گيت ڪو
جنھن مان دل جو اظھار ٿئي.

شايد اھائي ڳالھ ھئي جنھن ”تنھا“ کي ايترو لکايو ۽ ”تنھا“ لڳي ٿو ته ڏاڍو گھڻو ۽ سُٺو اڃان به سُٺو لکي ھا پر وقت ھن شاعر کي تڏھن کسي ورتو جڏھن ھِن جي اڃان ٽڙڻ جي مُند ھئي، چوڏھينءَ جي چانڊوڪئَ ۾ اُڏرڻ جي مُند ھئي ۽ انھئَ اُڏرڻ کان اڳ ۾ ھن سھڻي شاعر کي ڪنھن ظالم ھوا جو جھُوٽو ڦُلاريل وڻ مان ڇاڻي اُڏائي ويو.

آئون بنھ پڪ سان چوان ٿو ته ”تنھا“ کي وقت اڃان به ٿوري ڪجھ مھلت ڏي ھا ته ھئُ نوجوان ڳڀرو شاعر ڪوتا جي ڪلين جي وڏي برسات وسائي ھا.
ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي ته:‌ ”شاعر ڌرتئَ جي موسمن جي بدل سدل کي سڀ کان اڳ ۾ ايندي محسوس ڪندا آھن.“ پر منھن جي خيال ۾ ڪي شاعر اندر جي پور کي به پرکي وٺندا آھن، جنھن لاءِ سيف ”تنھا“ چئي ٿو:

چيو ڇا به تنھا سچ چيو
لڪل غير تو ۾ ھو مٺا.

ڪنھن کي ڪھڙي سُڌ ھئي ته سيف ”تنھا“ جي اندر ۾ ڪو اھڙو سھڻو شاعر آھي، جنھن وٽ سانوڻين جون صدائون ۽ پيڙھين جون ڀيڙائون آھن، اُھا فقط اُنھن کي سُڌ ھئي جن لاءِ لطيف چيو آھي ته:

ڪتين سي ئي ڪڍن، ڪچايون ڪپاھ مان
ٻيون ڪوھ ٻُجھن، جن تند ۾ تاڻي ھيڪڙي
                                                                  (لطيف)

ڪاش سيف ”تنھا“ کي اڃان کڙڻ ڏنو وڃي ھا، مھڪڻ ڏنو وڃي ھا ته ھي شاعرئَ جي دنيا ۾ سَوين سرھاڻون اوتي ھا ۽ وقت کيس ايتري مھلت ڏي ھا جو پچي راس ٿئي ھا ته شايد شاعرئَ جي بُلندين کي ڇُھي ھا. پر افسوس جو ھو کڙڻ کان اڳ ئي چيپاٽجي ويو:
بھرحال سندس ئي لفظن ۾:
بحر الفت ۾ غم ئي غم آھي

     
                                           ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
                                          ڪينجھر ، سيپٽمبر ۱۹۹۷ع ۾ ڇپيل


No comments:

Post a Comment